ڇا سنڌوءَ تي انهن جو حق آهي..؟

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسد علي ميرجت ڄامشورو

    اڄ هڪ خبر پڙهندي مونکي عجب لڳو!. پنجاب جي صوبي جي ڪسان (هاري) اتحاد چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ واري وزير اعظم جي فيصلي تي احتجاج جو اعلان ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته اهو فيصلو سراسر ناانصافي آهي، انهيءَ سان سندن فصلن جي پيداوار متاثر ٿيندي.. مان انهن کان اهو پڇان ته توهان فصلن جي پيداوار متاثر ٿيڻ جي ڳالهه پيا ڪيو، ٿورو سنڌ ۾ ته اچي ڏسو، ڀلا سنڌ ۾ چانورن جي فصل تي پابندي ڇو آهي؟ ڇا سنڌ سرڪار کي ڪو شوق آهي پنهنجي صوبي جي پيداوار گهٽائڻ جو؟؟؟ سنڌ ۾ هاڻي ڀلا ڪهڙو فصل آهي جيڪو رڪارڊ بمپر فصل ٿيندو هجي، جيئن اڳي ٿيندا هئا؟ جيڪڏهن رڪارڊ بمپر فصل نه ٿا ٿين ته انهن جو ڪهڙو سبب آهي؟ ڇا هارين جي دلچسپي گهٽجي وئي آهي؟ نه فقط انهيءَ ڪري ئي ڪوبه فصل سٺي تعداد ۾ اُپت نه ٿو ڏئي جو ان جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻي نه ٿو ملي. اهڙي مند ۾ جڏهن پنجاب نئين نئين وارياسين زمينن کي سيراب ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪري چڪو آهي، اتي سنڌ جون وسندڙ زمينون بنجر ڇو پيون ٿين؟ ڪهڙو سبب آهي جو ڪوٽڙي بئراج جي هيٺئين پاسي درياءِ جي پاڻي جي آسري ۾ ويٺل ماڻهو آبڪلاڻي جي مند ۾ درياءِ ۾ پاڻي ڏسڻ ته ٺهيو پاڻي جي ڦڙي جي لاءِ سڪن ٿا. انهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي نه آهي، لڏ پلاڻ معمول بڻجي وئي آهي..
    پنجاب جي ڪسان اتحاد جي هڪ ٻئي ڳالهه ته مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو، انهن جي موجب، ته هڪ صوبو (سنڌ) جتي صرف 2 لک ايڪڙ زمين پيداوار جي قابل هجي ان کي ان صوبي (پنجاب) جي برابر پاڻي ڇو ٿو ڏنو وڃي جنهن جي قابلِ پيداوار زمين جي ايراضي ڏيڍ ڪروڙ هجي..؟
    ڀلا هٿ ادب جا ٻڌي اوهان پنجابي ڀائرن کان اها ڳالهه به پڇڻ جي جرئت ڪيان ته توهان اهڙي ڳالهه ته ڪيو ٿا پر سنڌو درياءِ تي توهان جو اخلاقي حق ڪهڙو آهي.؟ جو توهان سنڌو جي پاڻي تي قبضا پيا ڪريو ۽ ان جي پاڻي جي غصب ڪرڻ لاءِ سينازوري خلاف ٿيندڙ احتجاج کي غير قانوني سڏو پيا..؟ توهان پنج آب مان ٺهندڙ پنجاب جي وڏن ته شروع ۾ ئي پنهنجا دريا غيرن کي وڪڻي ڇڏيا هئا، هاڻي پرائي جياپي جي وسيلي تي اک ڇو اٿوَ...
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڇا سنڌوءَ تي انهن جو حق آهي..؟

    ادا اسان کي بس پنهنجي حڪومت ماري وڌو آهي جيڪڏهن صدارتي ايوانن ۾ سنڌي نه هجن ها ته پنجاپ سان هڪ هڪاڻ ٿي چوڪي هجي ها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو