پٺاڻستان بڻجندڙ سنڌ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سوجهرومنگي طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2009۔

  1. سوجهرومنگي

    سوجهرومنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    پٺاڻستان بڻجندڙ سنڌ ۽ حاتم طائي کان به گوءِ کڻندڙ حڪمران

    رڪ سنڌي

    برصغير جي ورهاڱي کان پوءِ انسانن جي ٻي وڏي ٻوڏ سنڌ ۾ تيزيءَ سان داخل ٿي رهي آهي، 62 سالن کان پوءِ ٻيهر سنڌ جون سرحدون نه فقط پناهگيرن جي آمد لاءِ دهل ۽ شرنايون وڄائي کوليون پيون وڃن، پر غير سنڌين جي لوڌ کي هتي رهائش سميت کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ سرڪاري سطح تي خزاني جا درکوليا ويا آهن. سنڌ جو وڏو وزير مانوارو سيد قائم علي شاهه سرحد صوبي جي قبائلي علائقن مان ايندڙن جي مهمان نوازيءَ لاءِ ايڏو ته بيتاب نظر اچي ٿو، جو کيس سندن آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ اجلاسن مان واندڪائي نه ٿي ملي. سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي آيل حڪومت سنڌ جي مهمانوازي ۽ سخاوت جو دهل کڻي پڙهو ڏئي رهي آهي. اڄ بلڪل ساڳي صورتحال آهي جيڪا اسان جي وڏڙن 1947ع جي ورهاڱي وقت سنڌ جي ان وقت جي حڪمرانن جي ڏٺي هئي. 1947ع جي ورهاڱي بعد سنڌ م جيڪا انساني ٻوڏ داخل ٿي هئي، ان جو ڪيتو 62 سال گذرڻ باوجود به سنڌ ڀوڳي رهي آهي. سنڌ جا شهر سنڌي ماڻهن لاءِ اوپرا بڻجي ويا آهن، گادي واري شهر جي مالڪي جي دعويداري تي اهي ماڻهو ڄنڊاپٽ ۾ مصروف آهن، جن جي هن ديس سان محبت ۽ پنهنجائپ جو ماپو فقط ئي فقط سندن مفاد آهن. هو نه مورڙي جا وارث آهن ۽ نه وري شاهه لطيف جي ٻولي، سچل ۽ ساميءَ جي ثقافت کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پر جڏهن هاڻي لکين ماڻهن جي هڪ ٻي وڏي ٻوڏ سنڌ ۾ داخل ٿي رهي آهي ته پوءِ سنڌي ماڻهن جا اهي انديشا پڪ ۾ تبديل ٿيڻ گهرجن ته کين ويجهي مستقبل ۾ پنهنجا اجها اڏڻ لاءِ خيرات طور به ڪو زمين جو ٽڪرو ملي نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سرحدن کان پار ڪوبه اهڙو سڄڻ نه ٿو سُجهي جيڪو هن مسڪين ديس جي ماڻهن کي وقتي طور تي پناهه ڏيڻ ته ڇا پر فقط کين سکڻو آٿت ڏيڻ لاءِ به تيار هجي.
    سرحد صوبي جي قبائلي علائقن مان ڪٽڪ داخل ٿيڻ کان اڳ ئي سنڌين کي پٺاڻن جي هڪ تنظيم طرفان اهي ڌمڪيون ملنديون رهين آهن ته جيڪڏهن هو ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن جي وجود کي برداشت نه ٿا ڪري سگهن ته پاڻ ڪراچي مان نڪري وڃن. ڇاڪاڻ ته ان نسل پرست تنظيم جي چئي مطابق ڪراچي کي سنڌين نه پر پشاور، سوات ۽ وزيرستان جي ماڻهن آباد ڪيو آهي. ڪراچيءَ تي سندن اوتروئي حق آهي، جيترو باقي ٻين ماڻهن جو آهي. سرحدي گانڌي جو لقب ماڻيندڙ خان غفار خان جي فڪر جو وارث سڏائيندڙ اسفنديار ولي تازو ئي ڪراچي ۾ اهڙا اعلان ڪري چڪو آهي ته نه فقط سنڌ تي پٺاڻن جو مالڪي وارو حق آهي پر هن ته سرحد صوبي جي ٻين پٺاڻن کي به سنڌ اچي رهڻ ۽ روزگار ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي. انهن اعلانن بعد هاڻي سوات، مالاڪنڊ، بونير ۽ ٻين علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي لوڌ کي ڪو اتفاقي واقعو يا حادثو قرار ڏئي نه ٿو سگهجي، پر هيءَ ڪوشش سنڌ کي مڪمل طور تي پٺاڻستان بڻائڻ جي سازش آهي.
    سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مان واري وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ سندس پارٽيءَ کان اهو پڇڻ جو حق رکن ٿا ته ڇا هتان جي ماڻهن کين ان لاءِ مينڊيٽ ڏنوهو ته هو سنڌ جا در ڌارين لاءِ کولي ڇڏين. سنڌي ماڻهن جي رت ۽ پگهر مان سرڪاري خزاني ۾ جمع ٿيل پونجي ٻاهران آيلن جي آبادڪاريءَ تي خرچ ڪري ڇڏين. سنڌي ماڻهن کي سخاوت جو جيڪو ڦل مليو آهي، ان جو اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهن، شهر وڃائي ويٺا آهن. سندن وجود خطري هيٺ اچي ويو آهي. تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿيندا پيا وڃن. سنڌ ۾ اڳ ئي موجود ڌاريا نه فقط سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿي ڌرتي ڌڻين کي بي دخل ڪري چڪا آهن پر هاڻي ته سنڌين جون حياتيون به داءَ تي لڳل آهن. تازو ڪراچيءَ ۾ ٿيل رتوڇاڻ دوران سنڌين تي حملا ڪري کين ڪُٺو ويو، معصوم ٻارڙن کي باهه جي اوڙاهن ۾ اڇلايو ويو. سندن گهرن تي قبضا ڪيا ويا، دڪان ۽ هوٽلون ساڙي رک ڪيون ويون. پر افسوس جو سنڌي ماڻهن جي ووٽ تي چونڊجي آيل حڪومت جي وڏي وزير سميت ڪنهن وزير کي اها به توفيق نه ٿي جو هو ڪراچي جي بلاول ڪالوني ۾ وڃي ڌرتي ڌڻين کي سکڻو آٿت ڏئي ها، سندن مٿي تي شفقت جو هٿ رکي ها، کين نقصان جي ازالي جي ڪا نويد ٻڌائي ها. ڪراچيءَ ۾ تازو سنڌي ماريا ويا، ڦريا ۽ لٽيا ويا، سندن گهر ۽ ڪاروبار ساڙيا ويا. پر ان وقت سنڌ حڪومت کي فقط ئي فقط انساني ناتي به اهو ڪهڪاءُ نه آيو ته سندن واهر ڪري. پر هاڻي هزارين ميلن کان ڪهي ايندڙن جي درد ۾ ڳوڙها ڳاڙيندڙ ۽ سندن سهائتا لاءِ خزاني جا درکوليندڙ ڪهڙي طرح سنڌ جي حق حڪمراني جا دعويدار بڻجي سگهن ٿا.
    سنڌ تي ڪيئي ڀيرا قدرتي آفتون آيون، زلزلي سبب هزارين خاندان تباهه ۽ برباد ٿيا، سندن روزي ۽ روٽي جا وسيلا کسجي ويا. سامونڊي طوفان سبب ماضيءَ ۾ سنڌ جا 2 ضلعا سخت متاثر ٿيا. سوين ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو، فصل لڙهي ويا، ڍور، ڍڳا سمنڊ جي پيٽ ۾ هليا ويا. پر پياري پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امدادي ڪيمپون نه لڳيون. ڪنهن صوبي جي وڏي وزير اهو به سکڻو اعلان نه ڪيو ته سنڌ جي مصيبت ماريل ڀائرن لاءِ اسان جي دلين نه پر صوبي جا درکليل آهن. ان وقت نه ڪنهن کي مسلمان ڀائر ياد آيا ۽ نه وري پاڪستاني هئڻ جي ناتي سنڌين کي پنهنجو ڀاءُ تسليم ڪيو ويو. پر اسان ته سخي حاتم طائي جا به ڏاڏا آهيون. هتي کير ۽ ماکيءَ جون نديون پيون وهن، جو سخاوت جا هوڪا ڏيندا ٿا وتون. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پاڻ نه پالي، ڪتا ڌاري“! سو سنڌي ماڻهو پنهنجي پيٽ قوت ۾ پريشان آهن، ماڻهو روزگار نه ملڻ سبب خودڪشيون پيا ڪن، بک ۽ بدحالي سبب مائرون بازارن ۾ پڙها ڏئي پنهنجا جگر جا ٽڪرا وڪڻي رهيون آهن. پر سندن دردن جي درمان لاءِ ڪنهن به خزاني جو در نه ٿو کلي، ڪنهن به حڪمران جي دل م ڪهڪاءُ پيدا نٿو ٿئي. ڪنهن جي اک ۾ ڳوڙهو نه ٿو اچي. شايد سنڌ جا ماڻهو هن ملڪ جا باشندا ناهن، هو مسلمان ڀائر نه آهن ۽ پاڪستاني ڀائر به نه آهن.
    اڄ سوات مان ايندڙ پناهگيرن جي آمد خلاف سنڌ سراپا احتجاج آهي. اڄوڪي ڏهاڙي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌ جا ماڻهو رستن تي نڪري مظاهرا ڪري پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار ڪري رهيا آهن. سڀاڻي جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ 23 مئي 2009ع تي هڙتال جو سڏ ڏنو ويو آهي. جڏهن ته جسقم آريسر گروپ 25 مئي تي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي. اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي ٿو ته سنڌ حڪومت جون پاليسيون سنڌي عوام جي مفادن جي ترجماني نه ٿيون ڪن. سنڌ جا ماڻهو پ پ جي حڪومت جي پاليسين سان اختلاف ڪن ٿا. انهن کي سنڌ جي قومي مفادن خلاف تصور ڪن ٿا. خدا جي خلق ته اهو به چئي ٿي ته سنڌ جي موجوده حڪمرانن جي وڏي اڪثريت سواتي پٺاڻن جي سنڌ آمد خلاف آهي. سنڌ حڪومت جا ڪيترائي وزير پهريان نجين ڪچهرين ۽ هاڻي کلم کلا پريس آڏو اهو چئي رهيا آهن ته سنڌ ڪنهن به ڌارئي جو بار برداشت نه ٿي ڪري سگهي. پ پ جو عام ڪارڪن به پارٽي جي حڪمرانن جي موجوده سوچ سان سهمت نه آهي. جڌهن ته پ پ سنڌ جي اندر به ان راءِ تي اختلاف موجود آهن. ته پوءِ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي بنا ڪنهن رک رکاءَ جي عوام سميت پنهنجي دل جي ڳالهه وفاق آڏو پڌري ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ڪنهن به ڌارئي کي داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن پ پ حڪومت فقط اقتدار خاطر سنڌ جي قومي مفادن کي نقصان رسائڻ تي سندرو ٻڌي بيهي رهي ته سڀاڻي وري به کيس ان ئي عوام طرف اچڻو آهي، جنهن جي سهاري تي هو اڄ اقتدار جي ايوانن ۾ موجود آهن. وڏ وزارتون ۽ اقتدار اچڻو وڃڻو آهي. پر قومي مفاد ان کان مٿانهان هجڻ گهرجن. ائين نه ٿئي جو سڀاڻي سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ جي سنڌي ميمبرن بدران سوات ۽ بونير ڄاوا اوپرا ماڻهو ويٺل هجن. ان سڄي صورتحال جي ذميوار به پاڻ پ پ هوندي، جيڪا اڄ سواتين ۽ مالاڪنڊين لا سنڌ جا درکولي رهي آهي. ڇو جو ماضي جي تجربن ثابت ڪيو آهي ته ملڪي محبت ۾ پراون کي پنهنجو ڪرڻ جي شوق ۾ پ پ ڪجهه حاصل ڪرڻ بدران هميشه وڃايو آهي. اڄ سنڌ اسيمبلي ۾ جيڪي اوپرا چهرا آهن ۽ خود سنڌ حڪومت کي هر سطح تي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن. اهو به پ پ جي ماضيءَ جي غلطين ۽ غلط فيصلن جو نتيجو آهي.
    اڄ جڏهن سنڌ جي وجود کي خطرا وڪوڙي چڪا آهن، ان وقت دوست ۽ دشمن جي پرک ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي محبت جون دعوائون ڪندڙ متحده قومي موومينٽ جو موجوده صورتحال تي جيڪو خاموش ڪردار آهي، ان کي به حساب هيٺ آڻڻ گهرجي، جيڪي سنڌي ماڻهو ايم ڪيو ايم سان محبت جون دعوائون ڪندي نه ٿڪبا آهن ۽ سندن موقف کي سنڌ دوست ثابت ڪرڻ لاءِ دليلن جي ڌوڙ اڏائيندا آهن. انهن کان سنڌ پڇي ٿي ته اڄ شاهه لطيف جي ڌرتيءَ سان محبت جي دعويٰ ڪندڙ ڪٿي بيٺل آهن؟ جيڪڏهن سنڌ سندن به امڙ آهي ته ان جو کين ڇو ڪهڪاءَ نٿو اچي. سنڌ جا ماڻهو چريا کريا ضرور آهن پر سڄاڻن سڀني کي ٿا. هو پنهنجي جدوجهد رستي پنهنجي ديس کي بڇايل مڙني هچائن جو بندوبست ڪرڻ جو نه صرف اختيار رکن ٿا پر ان لاءِ سندرا ساهي ميدان ۾ به لهڻ لاءِ تيار آهن. هي 1947ع وارو دور ناهي جو اسان ديڳيون پچائي پنهنجا گهر خالي ڪري ٻين جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ وڻن تي رهڻ لاءِ وتئون آکيرا جوڙيندا. ٻيلي! هاڻي شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ديس سان وڌيڪ ويساهه گهاتيون ڪنهن کي جڳائي نه سگهنديون. سنڌ جا چار ڪروڙ وارث ۽ مالڪ پنهنجي ڌرتيءَ کي بڇايل مڙني هچائن جو حڪمت عملي سان مقابلو ڪري پنهنجو وڃايل وقار حاصل ڪندا. ڇاڪاڻ ته کين به عزت سان جيئڻ جو ڪائناتي حق حاصل آهي.
    (چپيل، روزاني سنڌ، حيدرآباد، روزاني تعمير سنڌ، ڪراچي، روزاني هلچل حيدرآباد، 20 مئي 2009ع)
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    پتي جي ڳالهه ڪئي اٿئي منگي صاحب، بس اسان کي صرف دعائون ئي نه ڪرڻ گهرجن پر پنهنجي آواز کي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعي ادا رڪ سنڌي وانگر اخبارن ۾ ضرور اٿارڻ گهرجي
    توهان جي مهرباني
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا، نثار، لڳي ٿو هاڻي اسان سنڌين کي پنهنجا ڪن ۽ ڳن کڙا ڪرڻا پوندا، ڇو جو اڳ ۾ به ته ايئن ٿيو هو ۽ اسان جي پاڙيسرين هندستان کان آيل مهمانن کي چيو هو ته پاڪستان آگي هي "
    ٻيلي هوشيار ٿيو، هوشو ۽ هيمو اڄ به اسان وٽ موجود آهن رڳو مڙسي ڪرڻي آهي۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    امن نالي ڪربلائون ڌارين جُون سنڌ مٿان
    روز تبرا ۽ سزائون ڌارين جُون سنڌ مٿان
    نيچ نظرون، بد نگاهون ڌارين جُون سنڌ مٿان
    مُون ڏٺيون هرروز ڪاهُون ڌارين جُون سنڌ مٿان
    هڪ هڪاڻي نيٺ ٿيندي بد گُمانۡ ٿيندا ڀسم
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين مُنهنجو هر ڌرم
    سوچ مُنهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم​
     
  5. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته اسان خود پناهگير بڻجي وينداسين. پٺاڻن سان ڀريل ٽڪون ۽ بسون ڏسي دل ته گهڻو ئي رت جا ڳوڙها روئي ٿي. حيف اسان جي سنڌي ليڊرن تي آهي، جيڪي پاڻ ئي کين دعوتون ڏئي اسان جي مٺڙي سنڌ ۾ سندن آبادڪاري ڪن ٿا.
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا اسان به ته انهن ليڊرن جا سور روئيندا پيا آهيون۔
     
  7. نثار منگي

    نثار منگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2009
    تحريرون:
    110
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دل ته گهڻو ئي رت جا ڳوڙها روئي ٿو.................
     
  8. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ

    نثار ڀاءُ، توهان جو ٿورائتو آهيان، اسان اڃان سيکڙاٽ آهيون. مهرباني ڪري اصلاح ڪندا رهو.

     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جا دوستو
    وارو ڪيو ته دشمن سان هڪ هڪاڻي ڪجي ... جي وقت نڪري ويو ته اسانجا ٻچا وڻن تي ۽ زمين تي قبضو ڌارين جو هوندو ، ٻاهرين دشمنن ۽ هي سنڌ جا حڪمران جي پڻ سنڌ دشمنيءَ ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن کي روڪڻو پوندو ... هر صورت ۾ اسان سنڌين کي اهو فرض نڀائڻو آهي ...
    اڄ ڀٽائي گھوٽ جو هي شعر اسان جي رهنمائي لاءِ ڪافي آهي
    سورهيه مرين سوڀ لئه ته دل جا وهم وسار
    کڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال م ڍار
    مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿئين
    الله سنڌ ۽ سڌين کي پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار صاحب بلڪل سچ ٿا چئو، بس توهان جون دعائون کپن
     
  11. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا عبدالوهاب،
    دعائن سان گڏوگڏ همت به ڪرڻي پوندي. رڳو دعائن سان ڪم نه هلندو.
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا ابو زين توهان بلڪ سچ ٿا چئو، همٿ وارا آهيون تڏهن ٿا صرف دعا گهرايون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو