ڪوهستاني جبلن جا نالا شاعريءَ ۾

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪوهستاني جبلن جا نالا شاعريءَ ۾​


    امير بخش رند ڪوهستاني سُگهڙ

    ساراهيم سچو آ ڌڻي پالڻهار پرور

    جنهن ڏنو آهي ، ساه انهيءَ جو اهي نگاهه آهيون انهيءَ جي آڌر

    لطف جنهن جو لولاڪ تي آهي مالڪ سندو مهر

    هاڻي پچار پڙهان ٿو، پهاڙن جو حاضر مان هينئر

    شروع ڪريان ٿو شمال کان ڦري اڄ اتر

    ڀت ڌونڪ، نئينگ، ناغول آهن بڊي جي ڀر

    جنهن مان سردار يار محمد خان جي واهي ڪري وهڪر

    بارگ ڪانڌي ساٺي ٺوٺ سندا ٺلر

    ڦنگ ڏهرنگ سندو ٻيو ڪري من اندر مڪر

    گري گانوري لاهوت ۽ ڪيرو خاشو جبل کيرٿر

    منهن ۾ جنهنکي ملهاڙ اٿس، بنڊڪ ۾ برابر

    بن جنهنجي ڀر ۾ ، مولڙيءَ کان مٿي ڪلهي سندس ڪسر

    گزبيلي دنبار جتي آهي، ميهي جبل مشهور

    لوپ شاڪر سوايا آهن، جنهن جو اوبئين مٿي اثر

    گرو، گڏو، جنهن جو گهر ڦوڙ منجهان گذر

    پٻ، هنڱور هاڙو، ٻيو ٻٽو ڪ آهي پڌر

    همليگ توج آنڌار، چاپار وڃن لاهوت ڏي لشڪر

    ٻه چار جبل بلوچستان جا تن جو به ظاهر ڪيم ذڪر

    منڱڙي مري ڪارو ميهر سنڱ لسسر

    هنڊري روئيس کوٿار جي به اٿم خبر

    اٺ پلڻ، ڦنگ سري، مول سندا ٻيو بينيسر سامهون آڏو اٿن الر

    سورجاڻ، ايري، سبڪ سٺو جن جو سفر

    ڪانڀو، روئڻو، قرب ۾ اڳيان اٿن ڏاڦڙي جو ڏهڪر

    هوٿياڻو، پوئڙي، رني ڪوٽ، موهڻ اوکو سيڙهه سندو سفر

    چٽينگ، ڪارو، اڇو ڀڳو ٺوڙهو، ڪيو ميرڻ مشر

    ڦري ٽيشن فنا ڪيائين، ايڏو هو جماليءَ ۾ جهنور

    ننگ ڪندو هو نياڻين جو داڙيل هو دلبر

    گڏو لڙو بولاخان، احمد خان وچ ۾ ڪيئي ٽڪن موڙهي منجهه مسافر

    ٻه لنڊا جبل ڀنڌڙي ۾ اڳيان اٿن ڏلهه سندو ڏڪر

    مون ڪجهه ڪسا به جبل لکيا جئين ڪنهن جا هجن ننڍا نيننگر

    ڪوئي رهجي ويو مون کان رند چئي تنهنجي آهي خاوند کي خبر

    اڻ پڙهيل امير سان يار ضد نه ڪجو ظاهر

    جن جهليو عربيءَ جو آڌر، تن سان حامي ٿيندو حشر ۾

     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ڪوهستاني جبلن جا نالا شاعريءَ ۾

    تمام سٺي ونڊ آهي مهرباني
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪوهستاني جبلن جا نالا شاعريءَ ۾

    بهترين ونڊ آهي سائين
     
  4. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    بهترين ادا منهنجو تعلق به ڪوهستان سان آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو