شاگرد

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شاگرد

    شاگرد دير سان ڪلاس ۾ آيو ته ماستر کائنس پڇيو
    ” دير ڇو ڪئي اٿئي؟“
    شاگرد؛
    ”سائين ٻاهر سخت مينهن پئي وسيو، انڪري دير ٿي وئي“
    ماستر؛
    ” هي ٻيا شاگرد جو وقت تي اچي ويا آهن، ڇا مينهن تولاءِ ٿي وسيو“
    شاگرد؛
    سائين، مون واري گهر کان ايندڙ رستو ڪچو آهي انڪري ترڪڻ ٿي پئي هئي، سو هڪ ورانگهه اسڪول ڏانهن ٿي کنيم ته ٻه ورانگهون گهر ڏانهن ٿي ترڪيس“
    ماستر؛
    هڪ ورانگهه اسڪول ڏانهن ته ٻه ورانگهو گهر ڏانهن! ته پوءِ پهتي ڪيئن؟
    شاگرد؛
    سائين، مون منهن ڪيو گهر ڏانهن ۽ پٺي ڪيم اسڪول ڏانهن، وڃان پيو گهر ته ترڪان پيو اسڪول ڏانهن، سو ايئن ڪندي پهچي ويس ...

    .........

    استاد، شاگرد کي چيو؛
    دير سان ڇو آيو آهين؟
    شاگرد؛
    سائين، امي ۽ ابو جو جهيڙو ٿي پيو هو
    استاد؛
    وڙهي امي ابو رهيا هئا ته تون دير ڇو ڪئي؟
    شاگرد؛
    سائين، مون واري جوتي جو هڪ پادر ابو جي هٿ ۾ ته ٻيو امي جي هٿ ۾ هيو ...
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ها ها ها ها
    تمام بهترين سائين نثار ابڙو صاحب توهان جي اهڙين تحريرن جو انتظار رهندو .
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين نثار ابڙا شال جڙيو هجين، مرڪون وکيرڻ جون مهربانيون مولا شاد رکئي آباد رکئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو