صفائي ايمان آهي! سنڌ سڄڻو؛ اوهانکي خبر آهي ته 5 جون، ”دنيا جي ماحول“ جو ڏينهن آهي، هن ڏينهن تي دنيا جا انسان پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ مختلف تنظيمن يا ادارن ذريعي يا ذاتي طور تي ماحول کي خوبصورت ۽ خوشگوار ٺاهڻ لاءِ اپاءَ وٺندا آهن ... سنڌ سڄڻن کي ان عمل ۾ حصو وٺي ڪار خئير ڪرڻ گهرجي ... صفائي دين جو حصو ۽ اخلاقي قدرن ۾ پڻ شامل آهي ... ڪو هڪ عمل!، پاڻيءَ جي بچت، بجليءَ جي بچت، پئٽرول ۽ تيل جي بچت، وڻن جو لڳائڻ، گهر يا پاڙي ۾ ڪچرن جي ڍير کي کڻائڻ ۽ ٻين اهڙي قسم جي ڪمن ڪرڻ سان اسين پنهنجي ڌرتيءَ جي ماحول کي انسان دوست ٺاهي سگهون ٿا ... اسپتالن، اسڪولن، ڪاليجن، جيلن ۽ ٻين اهڙن ادارن ۾ ان ڏينهن کي زور شور سان ملهائجي ته جيئن آگاهي به ٿئي ۽ ماحول ۾ ڪجه بهتري اچي سگهي ... دوستو نڪ واري گندگي ڪڍي ڳل ته لڳائڻ سان صفائي نه ٿيندي، گهر جو ڪچرو گهر مان صاف ڪري گهٽين ۽ رستن تي اڇلائڻ سان صفائيءَ جو مقصد پورو نه ٿيندو ... اچو ته پنهنجو پاڻ سان انصاف ڪرڻ جي شروعات ڪريون .... اهو ڪو ٻيو فهم،جنهن سان پسجي پرينءَ کي