غزل (آٿت مان ايذاوَ)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سجاد سرور طرفان آندل موضوعَ ‏18 آڪٽوبر 2010۔

  1. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    واه سائين واه، وقت اچڻ تي ڪي انسان به وحشت جو دا ٿي پوندا آهن ۔۔۔ ڏينهن هوندي به رات جون تاريڪيون نظر اينديون آهن، جاڳندي به ننڊ ۾ هجڻ جا احساس اڀرندا آهن ۔۔۔

    سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ حقيقتون بيان ڪري، اوهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيـــان، ڏاهيــون ڏک ڏســــــن،
    مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    عشق ڇڏيندو آهي نهوڙي ڏاهپ کي
    ديوانا داناو به بڻجي پوندا هن

    عجيب انداز بيان اوهان جي شاعري جو، اوهان جي لفظن جو ۽ اوهان جي سوچ جو۔ اوهان جا ٿورا جو سنڌ سلامت جي هن اڱڻ تي پنهنجي خوبصورت خيالن کي بيان پيا ڪريو
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    واه سائين واه، لاجواب توهان جي ڊزائين ڪيل شاعريء جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    بهترين آ ادا
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    ڊاڪٽر شاعر صاحب۔۔۔ توهان جي هي شاعري تمام بهترين آهي ان سان گڏ ڊزائين به لاجواب آهي
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    آٿت مان ايذا به بڻجي پوندا آهن،
    خُواب ٽُٽِي گها به بڻجي پوندا آهن!​

    پيارا سائين سجاد سرور، شال جُڙيو هُجين، توهان جي خُواب ٽٽڻ جي شاعري وارِي سٽ تي عظيم چيني اڳواڻ مائوزي تنگ جي هڪڙي ڳالهه ياد پئي اچيم ته خواب لهڻ جي جرئت ڪريو! بيشڪ مائوزي تنگ جي اها خوبصورت ڳالهه حقيقت ۾ وڏي ڳالهه رکي ٿي،پر اسان وٽ وري سدائين خواب ٽُٽي گها بڻجي پوندا آهن، اهو انهي ڪري ته اسان جو معاشرو، سدائين تضادن جي مٽي تي پير رکي هلندو آهي، ٻي ڪنهن جي خبر ڪانهي پر مون جهڙا ڀلي ريت ڄاڻن ٿا ته هتي خواب ڏسڻ تي پابندي آهي، خواب ڏسڻ کي به عظيم ڏوهه سمجهيو ويندو آهي۔ انهي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي هن دور جي شاعري جو امام محترم ايوب کوسو پنهنجي آيل تازي نثر جي ڪتاب ”سنڌ اُداس آهي“ ۾ لکي ٿو ته ”هتي جيڪي به اکيون پنهنجي زمين ۾ خُواب پوکن ٿيون، تن کي رهزنيون ڀيلي ڇڏين ٿيون ۽ خُواب مڪلي جون مزارون ٿي وڃن ٿا، جن تي حسرتن جا گُل چاڙهيا وڃن ٿا، ۽ بلڪل انهن خوبصورت ڳالهين سان ملندڙ تنهنجي هن غزل جي بند جي مطلعي جي ٻي سِٽ خواب ٽُٽي گها به بڻجي پوندا آهن ملي ٿي۔ زبردست۔ لڳي ٿو توهان کي به وقت جي ڌارا کي ڪنٽرول ڪرڻ جو فن ايندو آهي، اهڙين ڳالهين کي ايڪسپوز صرف شاعر ئي ڪندا آهن ، ماشاالله توهان پنهنجي ڪويتائن ۾ اهڙا خوبصورت هُنر سجائي ڄاڻو ٿا، محترم ايوب کوسي جي انهي ڪتاب ۾ ڪنهن جا تي ايوب کوسو لکي ٿو ته جڳ مشهور انگريزي شاعر شيلي هڪ هنڌ چيو آهي ته شاعر دنيا جا اڻ مڃيل قانون ساز آهن، جيڪي دنيا تي حُڪمراني ڪن ٿا۔ مان وري شيلي جي انهي خوبصورت ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوان ٿو ته واقعي شاعر حُڪمراني ڪن ٿا پر صرف دنيا جي ماڻهن جي دلين تي چاهي اهي دلون عورتن جون هُجن يا مردن جون، سائين سجاد سرور توهان به هاڻي اسان جي دل تي حُڪمراڻي ڪرڻ لڳا آهيو، توهان جي هن غزل جي هڪڙي اهم ترين بند ۾ توهان جو تخيل چوي ٿو ته
    عشق ڇڏيندو آهه نهوڙي ڏاهپ کي،
    ديوانه دانا به بڻجي پوندا آهن ۔۔۔۔۔!​
    اهي شعر لکي توهان اسان جي مشهور سنڌي محاوري،ته
    بُکَ بڇڙو ٽول ۔
    دانا ديوانه ڪري!​

    جي بلڪل اپوزٽ ويا آهيو، پر مون ڪم تر ۽ ناقص کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه آئي ته جڏهن عشق ڏاهپ کي نهوڙي ڇڏيندو آهي ته هُونئڻ ته اهو کپي ته دانا به ديوانه بڻجي پوي، بلڪل بُک بڇڙو ٽول دانا ديوانه ڪري جي محاوري وانگر، اسان جو سنڌي غزل هاڻي ماشاالله پنهنجي خوبصورتين جي بلندين کي ڇُهي پيو،غزل جي هر بند ۾ هڪڙو نئون خيال هڪڙي نئين ڳالهه ته سنڌي غزل ۾ انڊلٺ جا ستئي رنگ سميٽي ۽ ڀري ڇڏيندو آهي ، پر توهان جي هن بند، عشق ڇڏيندو آهه نهوڙي ڏاهپ کي، ديوانا به دانا بڻجي پوندا آهن ۾ پهرين سٽ جي مقابلي ۾ ٻي سٽ ۾ تضاد ڇو؟ خير اسان اڻ ڄاڻن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي پر انهي ڪري به اها ڳالهه ڇيڙي ويٺس ته ٿي سگهي ٿو توهان جي غزل جي بند جي انهي سمجهاڻي ۽ وضاحت سان ڪو نئون نقطو ڪا نئين ڳالهه مون سان گڏ سڀني سنڌ سلامت جي دوستن سان شيئر ٿي وڃي جنهن مان اسان سڀ لاڀ حاصل ڪري سگهون۔ پيارا ڊاڪٽر سجاد توهان جهڙن ڪتاب ڌڻين سان ڳالهيون ڪندي دلي سڪون ملندو اٿم، ۽ گهڻو ڪجهه سکڻ لا ملندو اٿم۔ شال توهان جي ڏات توهان سان سدائين شامل حال رهي جو اسان کي اهڙا خوبصورت غزل پڙهڻ لا سدائين ملندا رهن ۽ سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ سدائين مهڪندو رهي مسڪرائيندو رهي۔ شال جُڙيو هُجين۔
     
  8. محمد رمضان منڌرو

    محمد رمضان منڌرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    762
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڀڳڙاميمڻ بدين
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    ادا بهترين شاعري سان گڏوگڏ ڊزائين به پياري آهي
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    واھ سائين لاجواب شاعري......۽ سهڻي ڊزائين.ونڊڻ جي مهرباني.
     
  10. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    محترم نثار ناز، ڊاڪٽر صاحب کان جيڪو سوال ڪيو آهي، ان تي مونکي حضرت محترم عشق جي اهڃاڻ جناب ”قيس“ جنهنکي اسان ”مجنون“ جي نالي سان سڃاڻون ٿا جو هڪ واقعو ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي پاڻ ڪنهن رستي تان ٿي گذريا، رستي تي هڪ همراهه نماز ٿي پڙهي، جيئن ته نمازيءَ جي سامهون گذرڻ منع ٿيل آهي، پر مجنون ان نمازيءَ جي سامهون گذري ويو، ٿوري دير ۾ اهو نمازي سلام ڦيري ڊوڙندو آيو ۽ اچي مجنون کي ڇنڊ پٽيندي چيائين ته توکي ڪو خيال ئي ناهي جو نمازيءَ جي سامهون گذري ويو آهين ۔۔۔ مجنون حيران پريشان ٿيندي ان نمازي همراهه کان معافي وٺندي سوال ڪيو ته؛

    ” اي محترم! آءُ ته عشق مجاز ۾ ايترو مهو هيس جو اوهانتي نظر ئي نه پئي پر اوهان ته عشق حقيقي ۾ هئا، الله جي بارگاهه ۾ هئا پوءِ اوهانجي مونتي نظر ڪيئن پئي ۔۔؟؟؟“

    ڏسو دوستو! قيس جو سوال، جنهنکي دنيا وارا مجنون، چريو، پاڳل چئي پٿر هڻندا هئا، اهو مجنون اهڙي ڏاهپ جي ڳالهه ڪري ويو ۔۔۔

    ادي ساجد سرور صاحب به شايد اهڙن ئي ديوانن جي ڏاهي ٿيڻ طرف اشارو ڪيو هجي ۔۔۔ ڪي انسان ڏسڻ ۾ ته ڏاها لڳندا آهن پر سندن اندر کوکلو هوندو آهي ته ڪي انسان وري ڏسڻ ۾ سادا ۽ ڀورا هوندا آهن پر اندر ۾ ڏاهپ جا سمنڊ کڻي پيا هلندا آهن ۔۔۔

    باقي شاعر ته آهن ئي حڪمران (بادشاه) سو بادشاه سمجهن بادشاهن جي زبان ۔۔۔ ناز سمجهي ” سجني“ جي زبان ۔۔۔ اسين ته ان معاملي ۾ ڀورا ڀوڪ آهيون ۔۔۔

    ڪيترو نه سٺو لڳندو آهي جڏهن سنڌ سلامت تي اهڙا ڏاها اچي پنهنجي ڏاهپ جا ڏس ونڊ ڪندا آهن ۔۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔۔۔
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    پر سائين نثار ابڙا، لطيف سائين ته ڪڏهن ڪو چئي ڇڏيو ته

    عقل، مت، شرم ٽيئي نينهن نهوڙيا !​

    جڏهن اهي ٽيئي اهم ترين شيون نينهن ڌوئي ڇڏي ته ديوانا دانا ٿيندا يا، دانا ديوانه ٿيندا، فيصلو سائين سجاد سرور کان وٺي توهان تائين ۽ توهان کان وٺي ساري سنڌ تائين ، ساري سنڌ کان وٺي سنڌ سلامت جي تمام سنڌي دوستن تائين ڇڏيان ٿو۔باقي قسم سان هي ٽي درجي وارو شاعر نثار ناز جنهن جا سدائين توهان جي حُڪم موجب هٿ مٿي(هينڊز اپ) هوندا آهن، اسان اڻ ڄاڻن کي ڪا خبر ئي ڪانهي ..................
     
  12. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    سائين نثار ابڙو ۽‌ ناز صاحب، توهان جي خوبصورت لفظن ۽ پيار جي لا مهرباني! جيڪا سٽ توهان نوٽ ڪئي آهي، ان کي جيڪڏهن غور سان پڙهجي، ته ان مان ٻئي مطلب ڪڍي سگهجن ٿا!
    ديوانا داناوَ به بڻجي پوندا هن!
    بلڪل ائين جيئن کڻي لکجي ته،
    ناز صاحب شاعري به ڪندو آهي، يا
    شاعري ناز صاحب به ڪندو آهي!

    سو مصرعي جو مطلب ساڳيو آهي يعني عشق جڏهن ڏاهپ کي نهوڙي ڇڏيندو آهي، ته داناوَ به ديوانا بڻجي پوندا آهن، شعر جي بحر جي حساب سان ”ديوانا“ اڳ ۾ آيو آهي، ليڪن ان جي باوجود نامناسب ناهي! پر جيڪڏهن ان جو ابتڙ ڪري سمجهجي ته به غلط ناهي جو ڪڏهن ڪڏهن ديوانا به ڪا اهڙي ڳالھ ڪري ويندا آهن جيڪا داناون کي به شھ ڏئي ڇڏيندي آهي!
     
  13. سلمان ڪلمتي

    سلمان ڪلمتي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏31 جولائي 2010
    تحريرون:
    158
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    خوبصورتي سان ڊزائين ڪيل بهترين شاعري۔
     
  14. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    مهرباني سلمان صاحب!
     
  15. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    پيارا سائين ڊاڪٽر سجاد شال سدائين جُڙيو هُجين۔ منهنجا سائين، مان شاعر آهيان توهان جي سمجهاڻي وارِي ڳالهه کي شاهه سائين جي انهي لازوال بيت ته
    عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا،
    منجهان سڪ سبيل لعنتي لال ٿيو!​

    هاڻي چاهي لال لعنتي ٿئي يا چاهي لعنتي لال ٿئي ڳالهه هڪڙي ٿيو پوي، سمجهي ويو آهيان پر هڪڙو عام ماڻهو توهان جي هن شاعري کان وٺي لطيف سائين جي مٿي ڄاڻايل بيت ۾ سئو فيصد نه تڏهن به نوي فيصد ضرور منجهي پوندا، ته جي ديوانو آهي ته دانا ٿئي پيو ۽ جي دانا آهي ته ديوانو ٿئي پيو وري لال لعنتي ٿئي پيو يا لعنتي لال واري ذومعنى لفظن جي انتهائي ڳوڙهي سحر ۾ ضرور گم ٿيندا ، توهان انهن عام ماڻهن کي انهن لفظن جي جادوگري جي باري ۾ ڪهڙي طرح وضاحت ڪندا ته جيئن هُو شاهه سائين جي مذڪوره بيت ۽ توهان جي هن شاعري جي اصلي منطق کي سمجهي سگهن۔ ان سلسلي ۾ هن سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان عام سڌي ساڌي سنڌي ماڻهوءَ کي ڪو پيغام ڏيڻ چاهيو ته سنڌ سلامت جي سمورين ساٿين سميت مون ٽي درجي واري شاعر کي پڻ ڏاڍي خوشي ٿيندي۔ باقي بقول توهان جي ته ڪڏهن ڪڏهن ديوانا دانائُن کي واقعي شهه ڏئي ڇڏيندا آهن پر ڳالهه وري به ڪڏهن ڪڏهن تي ايندي آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ديوانا مجنون وانگر پنهنجي محبوبائن جي ڪُتين کي چُميون ڏيندا آهن، ۽ وري ڪڏهن ڪڏهن حمل فقير وانگر پنهنجي محبوبا جي ڪاري ڪُتي کي پنهنجي قوم وارن مٿان يا پنهنجي قوم کي محبوبه جِي ڪارِي ڪُتيءَ مٿان قربان ڪرڻ جي به ڳالهه ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  16. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    ادا بهترين شاعري آهي.
     
  17. سجاد سرور

    سجاد سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    208
    ڌنڌو:
    ڊاڪٽر
    ماڳ:
    سکر
    جواب: غزل (آٿت مان ايذاوَ)

    مهرباني ادا رياض!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو