”ڪالاباغ ڊيم هر حالت ۾ ٺهڻ گهرجي“ پنجاب ۾ پ پ سميت سڀ پارٽيون متفق، مهم شروع

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ حاڪم طرفان آندل موضوعَ ‏23 آڪٽوبر 2010۔

  1. حاڪم

    حاڪم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    187
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڪراچي(رپورٽ: مجيد عباسي) پنجاب ۾ سڀني سياسي جماعتن پنهنجي پارٽي پاليسين جي قطع نظر ڪالاباغ ٺاهڻ جي خاموش مهم شروع ڪري ڏني آهي. انهيءَ مهم ۾ هڪ وڏو اشاعتي ادارو نواءِ وقت گروپ هن سلسلي ۾ پيش پيش آهي، پنجاب سان تعلق رکندڙ سمورين سياسي جماعتن ۾ هڪ اڻ تحرير ٿيل هڪ مفاهمت انهيءَ حوالي سان ٿي چڪي آهي ته ڪالاباغ ڊيم هر حالت ۾ تعمير ٿيڻ گهرجي. پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ پنجاب جو گورنر سلمان تاثير پڻ انهيءَ مهم ۾ سڀ کان اڳرو آهي. پنجاب اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪرڻ جي حق ۾ جڏهن ٺهراءُ پيش ڪيو ته ان ۾ حڪومت ۾ شامل پ پ پڻ ان جي حمايت ڪئي ۽ پنجاب جو سينئر وزير راجا رياض جنهن جو تعلق پ پ سان آهي تنهن به هن جي ڀرپور حمايت ڪئي. انهيءَ ميڊيا گروپ تازو ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪرڻ جي حوالي سان گروپ طرفان شايع ٿيندڙ اخبارن وسيلي سروي ڪرائي هئي ۽ سندس دعويٰ مطابق ته سڄي ملڪ ۾ سندس پڙهندڙن ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ 99 سيڪڙو حمايت جو واضح اظهار ڪيو آهي. اها به خبر پئي آهي ته انهيءَ اخباري گروپ جي مالڪ ۽ سينئر صحافي مجيد نظامي انهيءَ نام نهاد سروي جي نتيجي کي آڏو رکندي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني کي خط موڪلي کيس عوام جي راءِ کان واقف ڪيو آهي ته پوري ملڪ جو عوام ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪري ٿو ان ڪري بنا ڪو وقت وڃائڻ جي ان جي تعمير شروع ڪئي وڃي. گورنر سلمان تاثير پڻ 100 نقطن تي ٻڌل سفارشي شيٽ وزيراعظم کي موڪلي آهي، جنهن جو بنياد سروي رپورٽ کي بنايو ويو آهي. اهي به اطلاع آهن ته سيد يوسف رضا گيلاني مجيد نظامي طرفان موڪليل خط نه صرف وصول ڪيو آهي پر ان تي مجيد نظامي کي سندس اداري پاران ڪيل سروي واري عمل کي ساراهيو آهي. انهيءَ مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته پنجاب ۾ سڀ سياسي پارٽيون چاهي انهن جو ڪنهن به پارٽيءَ سان تعلق ڇو نه هجي اهي انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿي ويا آهن ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. انهيءَ سلسلي ۾ هو تازو ملڪ ۾ آيل ٻوڏ جي تباهيءَ کي به جواز بڻائي رهيا آهن. آ
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ”ڪالاباغ ڊيم هر حالت ۾ ٺهڻ گهرجي“ پنجاب ۾ پ پ سميت سڀ پارٽيون متفق، مهم شروع

    بس ادا ............. اهي اسان کان زور آهن پنجابي.
     
  3. aghatahirpathan

    aghatahirpathan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2010
    تحريرون:
    88
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ”ڪالاباغ ڊيم هر حالت ۾ ٺهڻ گهرجي“ پنجاب ۾ پ پ سميت سڀ پارٽيون متفق، مهم شروع

    نه کپي ڪالاباغ ڊيم نه کپي نه کپي نه کپي نه کپي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو