1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    25000

شگر جو مرض: احتياط ئي علاج آهي

'صحت سرير جي' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏24 آڪٽوبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,391
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شگر جو مرض: احتياط ئي علاج آهي​

    ڊاڪٽر امتياز ايس ميمڻ
    شگر هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو انسان کي ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن انساني جسم ۾ موجود لبلبو صحيح طرح سان ڪم نه ڪندو آهي. قدرتي هارمون ”انسولين“ انهي لبلبي ۾ ٺهندو آهي ۽ انسولين جسم جي سليز ۾ رت مان شگر کڻڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
    شگر جو مرض 3 قسمن جو ٿيندو آهي:
    Type one : اهو قسم گيسٽيشنل آهي جيڪو حمل دوران ٿئي ٿو، ٽائيپ ون اڪثر ڪري ٻارن ۾ ٿيندي آهي پر وڏا متاثر ٿي سگهن ٿا.
    Type Two : گهڻو ڪري تڏهن ٿيندي آهي جڏهن انسان جي جسم ۾ موجود لبلبو رتوبت ته ٺاهيندو آهي پر جسم جا جيو گهرڙا/سيلز ان جو صحيح استعمال نه ڪري سگهندا آهن. انهي قسم جي شگر جي مرض کي انسولين ريزيسٽ شگر به چوندا آهن.
    Type Three: اها شگر گيٽيشنل آهي. اها ڪجهه حاملا عورتن ۾ ٿيندي آهي تقريبن 4 سيڪڙو حاملا عورتون انهي شگر کان متاثر ٿينديون آهن. انهي قسم جي شگر هئڻ جي صورت ۾ عورتن کي حمل ۽ ڊليوري دوران جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. انهي شگر جي حاملا عورتن ۾ تشخيص آخري مهيني ۾ ٿيندي آهي. اڳتي هلي اهڙي قسم جون حاملا عورتون ٽائيپ ٽو جو شڪار ٿي وينديون آهن. اسان وٽ پاڪستان ۾ ٽائيپ ٽو شگر جي مريضن جي گهڻائي آهي ۽ ڪنهن کي ڪنهن به وقت ٿي سگهي ٿي. ٽائيپ ٽو ۾ اهڙي قسم جا ماڻهو مبتلا ٿي سگهن ٿا جيڪي پنهنجي کاڌو خوراڪ جو مناسب ڌيان نٿا رکن، کاڌو گهڻو کائين ٿا، سگريٽ پيئن ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي ورزش نٿا ڪن ۽ هاءِ بلڊ پريشر ۽ هاءِ ڪوليسٽرول جا مرض آهن اسان پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي طريقي ۾ ٿوري تبديلي آڻي ۽ احتياطي طريقا اختيار ڪري انهن شگر تي 58 سيڪڙو ڪنٽرول آڻي سگهون ٿا پر ڪجهه فيڪٽر اهڙا آهن جن تي اسان شگر جي حوالي سان ڪنٽرول نٿا ڪري سگهون انهن ۾ خاندان ۾ شگر جو مرض هجڻ. حاملا عورتن ۾ شگر جو مرض هجڻ ۽ ايٿنڪ (نسلي) گروپ شامل آهن.
    علامتون: ٽائيپ ٽو شگر جو مرض ٿي وڃڻ جي صورت ۾ اُڃ گهڻي لڳندي آهي. بک گهٽ لڳندي آهي. پيشاب گهڻوايندو آهي. جڏهن ته زخمن جو دير سان ڇٽڻ به هڪ علامت آهي. اهڙيون علامتون ظاهر ٿيڻ کانپوءِ رت جي چڪاس ڪرائبي ته ان ۾ شگر جي سطح وڌيڪ نظر ايندي. شگر جي چڪاس لاءِ رت جا 2 سيمپل وٺبا آهن. هڪ ماني کان اڳ ۽ ٻيو ماني کائڻ جي ڏيڍ يا 2 ڪلاڪن کان پوءِ وٺبو آهي. ماني کائڻ کان اڳ شگر جي سطح/ليول 60 ۽ 110 ملي گرام/ڊائيلوشن وچ ۾ هجي ته اها نارمل آهي. جي ان کان وڌيڪ آهي ته پوءِ انهي شخص کي شگر جو مرض لاحق ٿي ويو آهي. ماني کائڻ جي ڏيڍ يا 2 ڪلاڪن کان پوءِ شگر جي چڪاس لاءِ ورتل رت ۾ شگر جي سطح 110/ 160 ملي گرام/ڊائليولش وچ ۾ هجي ته اها نارمل آهي. جيڪڏهن انهي کان وڌيڪ هجي ته اهڙي قسم جي مريضن کي سمجهيو وڃي ته شگر ٿي وئي آهي. شگر ۾ مبتلا ماڻهو جيڪڏهن شگر کي مختلف دوائن ۽ احتياطي تدبيرن سان ڪنٽرول نه رکيو ته ڪيترن ئي قسمن جا خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا، جن ۾ هاءِ بلڊپريشر، هارٽ اٽيڪ، اکين جا مسئلا، گڙدا فيل ٿيڻ، ڪمزور ٿيڻ ۽ ٻيا مرض لڳي سگهن ٿا، ٻيا به ڪيترن ئي قسمن جا انفيڪشن به سگهن ٿا. انهي لاءِ سڀ کان پهريان اسان کي شگر تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ احتياطي طريقا استعمال ڪرڻ گهرجن. مريضن کي مناسب دوائن سان گڏ هلڪو کاڌو کائڻ کپي. ورزش ڪرڻ کپي. شگر چيڪ ڪرائڻ کي جاري رکيو وڃي. شگر جي مريض جو علاج سندس زندگي جي رهڻي ڪهڻي جي معيار ۾ تبديلي ۾ آهي. جنهن ۾ غذا هلڪي ڦلڪي ۽ ٿوري کائڻ کپي. هونئن به پاڻ سڳورن جو فرمان آهي ته 2 حصا ماني کائو ته هڪ حصي پيٽ جو خالي ڇڏيو. شگر/ذيابطيس جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن کي هر صورت ۾ ورزش ڪرڻ گهرجي. انهي سان جسم ۾ موجود قوت جون ڪيلوريز گهٽجنديون ۽ هاضمي جو نظام درست ٿيندو، دوائن جو استعمال وقت سر ۽ باقائده هئڻ گهرجي. انهي سڀني ڳالهين جي ڪرڻ کانپوءِ به شگر ڪنٽرول ۾ نٿي رهي ته پوءِ اهڙي مريضن کي انسولين تي رکبو آهي. شگر جي مريضن کي هر قسم جو فورٽ کائڻ کپي پر انهي جو مقدار فروٽ جي قسم تي آهي. جيئن هڪ ئي وقت 2 کان 4 کجورون يا وچولي درجي جو انب کائي سگهجي ٿو پر وڌيڪ کجي يا انب کائڻ به ٺيڪ نه آهي، انهي سان شگر وڌيڪ سگهي ٿي ڇو ته کجور ۽ انب ۾ مٺاس هوندي آهي. شگر جي مريضن کي ماني گهٽ کائڻ کپي. ماني يا ڊبل روٽي جي هنڌ تي چانور يا آلو کائي سگهجن ٿا. پر اهي به گهڻا نه کائڻ کپن، اڌ ڪوپ چانور ۽ هڪ ننڍو آلوهڪ ننڍي ماني يا ڊبل روٽي جي سلائيس برابر هوندو آهي. جيتوڻيڪ اهو چيو وڃي ٿو ته ڪريلا ۽ ڄمون رت ۾ شگر جي سطح کي گهٽائيندا آهن پر اڃا تائين تحقيق ۾ اهو ثابت نه ڪيو ويو آهي ته اهو ڪيتري حد تائين شگر کي گهٽ ڪن ٿا. انهي ڪري انهي ٻنهي جو استعمال صرف ڀاڄي ۽ فروٽ طور ڪرڻ گهرجي. دنيا ۾ اڄ تائين شگر جو ڪوبه حتمي علاج ناهي. انهي جو صرف ڪنٽرول ممڪن آهي جنهن لاءِ تجويز ڪيل دوائن استعمال ڪرڻ ضروري آهي. مرض تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بازارن ۾ موجود شگر فري مٺائين آئس ڪريم ۽ ٻين شين کان به پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇو ته انهن شين ۾ ڪيلوريز ته موجود هونديون آهن مٺاس نه رکندڙ جوس استعمال ڪرڻ گهرجي پر جن تي شگر فري لکيل هوندي آهي انهن جوسز ۾ قدرتي طور مٺاس هوندي آهي انهي لاءِ شربت يا جوس احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي.

    بشڪريه روزانه عبرت
     
    الھي بخش ۽ نثارابڙو هيء پسند ڪيو آهي
  2. ھمايون سنڌي

    ھمايون سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر

هن صفحي کي مشهور ڪريو