فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 نومبر 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    منهنجا اڪثر اهي دوست جيڪي سنڌ سلامت سان گڏو گڏ فيس بوڪ تي پڻ فعال آهن ۔۔۔ اڪثر مٿيون عنوان وارو سوال ڪندا آهن۔۔۔ کين جواب ڏيڻ سان گڏو گڏ انهن سڀني دوستن کي ٻڌائجي جيڪي فيس بوڪ تي پنهنجو ڪافي وقت گذاريندا آهن۔۔۔ ۽ چاهين ٿا ته سندن پروفائيل تي سندن طرفان جيڪي وڊيوز، تصويرون يا وري وال تحريرون اپلوڊ ڪيل آهن وري انهن تي سندن دوستن طرفان کوڙ سان ڪمينٽس ۽ پسنديدگي جا اظهار ڪيل آهن۔۔۔ اهي ڪنهن بيڪ اپ طور سندن ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ ۾ محفوظ رهن ته اهڙن دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته تازو ئي فيس بوڪ وارن هڪ نئين فيچر جو اضافو عمل ۾ آندو آهي جنهن جي ذريعي توهان پنهنجي پروفائيل جي معلومات، اپلوڊ ڪيل وڊيوز، تصويرن يا توهان ڏانهن ايندڙ پيغامن يا جوابي پيغامن کي بلڪل فيس بوڪ ڊسپلي وانگر پنهنجي ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ تي رکي آف لائين رهي ڪري ڏسي ۽ دوستن کي ڏيکاري سگهو ٿا۔۔۔۔
    ان جي لاءِ توهان پنهنجي فيس بوڪ کاتي تي لاگ ان ٿيو ۽ مٿي ساڄي پاسي ڏانهن موجود Account تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هاڻي کلندڙ مينو منجهان My Account setting تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔ ٿوري ئي دير ۾ توهان جي اڳيان My Account setting صفحو کلي ايندو۔۔۔ هتان Download Your Information بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ فيس بوڪ سيڪيورٽي توهان کي انتباهه ڪندي ته توهان پنهنجي معلومات کي ڊائونلوڊ ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيو۔۔۔ پروسيڊ بٽڻ تي ڪلڪ ڪرڻ سان فيس بوڪ انتظاميه توهان کان پاسورڊ ويريفڪيشن طور پڇندي جيڪو ڏيڻ کان پوءِ توهان جي اي ميل اڪائونٽ منجهه هڪ لنڪ موڪليو ويندو۔۔ (ڪجهه سببن ڪري اي ميل اچڻ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين دير ٿي سگهي ٿي ۔۔۔ وڌيڪ لاءِ توهان اسپيم فولڊر پڻ چيڪ ڪري سگهو ٿا۔۔)
    اي ميل تي موجود لنڪ تي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي اڳيان فيس بوڪ پروفائيل ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ ڊائونلوڊ بٽڻ ظاهر ٿيندو جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجو مڪمل فيس بوڪ کاتو ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ ياد رهي ته ڊائونلوڊ ٿيندڙ فائيل ڪمپريسڊ فارميٽ ۾ هوندي جنهن کي ون رار سافٽويئر ذريعي ايڪسٽريڪٽ ڪري پنهنجي قيمتي کاتي کي آف لائين ڏسڻ کان سواءِ بيڪ اپ طور پنهنجي ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ ۾ پڻ محفوظ رکي سگهجي ٿو۔۔۔

    اهو ساڳيو عمل توهان جي سهولت سان سمجهڻ خاطر فيس بوڪ وڊيو طور پڻ لڳائي رهيو آهيان ۔۔۔ اميد ته فيس بوڪ يوزر هن ٽپ مان ڪافي محظوظ ٿيندا۔۔۔۔

    [FV]10150292657680484[/FV]​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    ادا رشيد مهرباني

    اوهان پنهنجو 500 نمبر موضوع جيڪو زبردست ٿريڊ آهي اسان سان ونڊ ڪري آساني ڪري ڇڏي۔ مونکي ڪافي دوستن اطلاع ڪيو هو ته هنن جا فيس بوڪ اڪائونٽ ڪن ماڻهن جي رپورٽ ڪرڻ ڪري بند ٿي ويا جنهن سان هنن جو اپلوڊ ٿيل سمورو مواد ، وڊيوز ۽ فوٽوز به ختم ٿي ويا۔

    اوهان هي ڄاڻ ڏئي اسان لاء آساني ڪري ڇڏي آهي۔ اميد ته اوهان جون ايندڙ پوسٽون به ايتريون ئي ڄاڻ واريون ۽ قيمتي هونديون۔

    هڪ دفعو ٻيهر اوهان جا قرب
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    ادا رشيد اوهان جي هن ونڊ ڪيل سافٽ ويئر جي مدد سان فيس بوڪ جا ديوانا پنهنجي قيمتي فائلن کي بنا ڪنهن تڪليف جي آسانيءَ‌سان پنهنجي ڪمپيوٽر تي محفوظ‌ڪري سگهن ٿا۔۔۔ خاص ڪري ادا سليمان وساڻ جهڙي جاکوڙي دوستن جو ڀلو ٿي ويو، جيڪي سنڌ سلامت سان گڏ فيس بوڪ جهڙي انٽرنيشنل مڃيل ويب سائيٽ تي پنهنجي خوبصورت ڊزائين ڪيل شاعري جي تصويرن ذريعي سنڌيت جو پرچار ڪري رهيا آهن۔۔۔ تمام بهترين اهڙا ونڊ جاري رکو
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    واه سائين واه ادا تمام بهترين .
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    ادا رشيد توهان جي هر ٿريڊ ۾ هڪ نئي معلومات هوندي آهي توهان جي اهڙين معلوماتي ٿريڊن بابت جيترو به لکجي سو گهٽ ٿيندو اڄ توهان سنگت کي فيس بوڪ جي هڪ اهم فيچر بابت ڄاڻ ڏئي اصل قرب ڪري ڇڏيا

    ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا

    ها ها ها ..

    سدائين گڏ
     
  6. jamot

    jamot
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2009
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    388
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    واه سائين استاد رشيد صاحب واه

    مهرباني توهان جي جو توهان ان ڳالهه کان به اسان کي آًگاه ڪري ڇڏيو۔۔۔

    الله توهان کي خوش رکي ۔۔۔۔آمين۔۔۔
     
  7. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    واه ادا واه ڪم آسان ٿي ويو... مهرباني ادا
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: فيس بوڪ پروفائيل ڪيئن ڊائونلوڊ ڪجي۔۔۔۔؟

    ادا هڪ بهترين اسٽيپ ڏسڻ لاءِ ٿورا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو