مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2010۔

  1. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔


    ادا طاهر جيڪڏهن ادو مست کي ان روايت جو ثبوت نٿو ڏيئي سگهي ۽ صحيح ثابت نٿو ڪري سگهي ته پوءِ ان روايت جي حقيقت خود بخود واضح ٿي ويندي

    ادا عمران ڪنهن روايت جي ڪوڙي ۽ سچي هجڻ جي بحث ان جي ثبوت کان پوءِ ڪئي ويندي آهي پهريائين مست سائين ثبوت ته پيش ڪري باقي انهيءِ واقعي ۾ شرعي خرابين کي واضح ڪري چڪو آهيان
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔

    ادا بشير اوهان عربيءَ ۾ جيڪا روايت لکي آهي مهرباني ڪري سنڌي ۾ ٿوري ان جي وضاحت به ڪندا۔
    ڇو ته هت سڀ دوست نه عالم آهن نه سڀ عربيءَ کان واقف
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔

    [justify]

    ادا بشير! مون فقط هن ۾ اها ڳالهه ڪئي آهي ته جيڪو مسئلو مولا علي عليه السلام وٽ آيو، ان جو فيصلو مولا علي ڪهڙي ريت ڪيو۔۔ جيڪڏهن روايتن جي ترازو کي سامهون رکي مون کي پوسٽ ڪرڻي هجي ها ته پوءِ هن سيڪشن ۾ پوسٽ‌ نه ڪيان ها بلڪه اسلام واري سيڪشن ۾ ڪيان ها۔۔۔ توهان هڪ مخصوص فقهه جا عالم آهيو، ٿي سگهي ٿو هي روايت ۽ وصيت جا مسئلا ٻئين ڪنهن فقهه ۾ مختلف هجن، ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ فقهه جي عالمن ۾‌ئي مختلف ڳالهين تي اختلاف هوندو آهي۔ ان ڪري اهڙي موضوعن کي تڪراري نه بڻايو! بهرحال هن موضوع جي اندر مان ميراث جي قانون جي مخالفت يا ڀڃڪڙي جهڙي ڪا ڳالهه نه ڪئي آهي، نه ئي وري ڪنهن کي نشانو بڻايو آهي مطلب ته روايت کي مون تڪراري نه بڻايو آهي، جيڪڏهن روايتن جي صحيح غلط هجڻ‌ ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ تي ويهجي ته پوءِ ته هڪ ٻه ڏينهن نه پر مهينن جا مهينا به ڳالهيون هلي سگهن ٿيون، عام ماڻهو جيڪو دين کان اڳئي لهرائي ٿو، پوءِ جڏهن اهڙين ڳالهين کي اختلافي ٿيندي ڏسندو ته پوءِ‌ ته دين اسلام تي عمل ڪرڻ‌وارن جو الله حافظ آهي۔
    [/justify]
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔

    ادا مون حسان حل ڪرڻ واري دانائي لاء لکيو ضرور آهي، ته وڏي دانائي آهي، باقي اهيو قصو مان نندپڻ کان پڻ ٻڌندو پيو اچان، ( اهيو ضروري نه آهي ته ڪا ڳالهه اسان نندپڻ کان وٺي يا گذريل 100 سالن کان وٺي ٻڌندا پيا اچون اهو صحيح به هجي، ) باقي اهيا ڪيتري قدر درست آهي اهيو علم مون جهڙي علم جي اڃايل ماڻهون جي علم ۾ نه آهي، باقي توهان جي ڳالهه درست آهي ته قرآن ۾ وراست لاء واضع قانون موجود آهن، پر ادا مان توهان کان اهيو سوال ضرور پڇندس ته بشير صاحب توهان اهيو ٻڌايو ته ڇا والد کي اهيو اختيار نه آهي ته اهو پنهنجي ملڪيت مان حصو ڪنهن کي ڏئي يا نه ڏئي، نمبر ٻه ته خاص طور تي اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڪافي اهڙا خاندان موجود آهن جنهن ۾ پنج پٽ آهن مگر انهن ۾ هڪ پٽ اهڙو هوندو آهي جيڪو موالي شرابي جواري هوندو آهي ۽ ان کي ان ملڪيت مان حصو ناهي ڏنو ويندو، اهو ان لاء ته ان ڏنل حصي جو غلط استعمال نه ٿئي، ڇا اهيو شريعت جي حساب سان درست آهي يا نه، توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔

    [justify]
    سنڌ سلامت جي سلڇڻن ۽ سمجهدار دوستن کي عرض آهي ته، جڏهن کان حضرت علي رضي الله تعالا عنهه سان منسوب ٿيل هي قصو بيان ٿيو آهي ته، ڪجهه دوستن حضرت عليءَ جي ڏاهپ کي سلام ڪيو آهي ته ادي بشير احمد حضرت عليءَ جي ڏاهپ کي ته سلام ڪيو آهي پر هن قصي ته اعتراز ڪيو آهي ...

    ٻنهي طرفن جي دوستن جا خيال ۽ رايا پڙهندي دل چاهيو ٿي ته آءُ به پنهنجي ناقص راءِ ڏيان پر سوچيم ته مذهبي ڳالهه ۾ هروڀرو پوڻ پاڻ ڏٺو ڪرڻ هوندو آهي، انڪري خاموش رهيس، پر اڄ وري به پنهنجي صبر کي ختم ڪري هي ڪجهه لفظ لکانٿو ... پنهنجي سمجهه آهر ...

    هن ليک ۾ ٻه ڳالهيون آهن؛
    1. حضرت علي ڪرم الله وجهه ڏانهن منسوب هي قصو
    2. شريعت مطابق وراثت جو معاملو

    پهرين ڳالهه جي مطلق منهنجا ڪجهه هي خيال آهن؛

    • حضرت علي ڪرم الله وجهه سان منسوب ان قصي مطلق ٿورڙو ڳالهائجي ته دوستن کي ياد ڏياريندو هلان ته اهڙي قسم جا ڪئي ٻيا به قصا اسانجي پيغمبرن، ولين ۽ ڏاهن ماڻهن سان منسوب ڪيا ويندا آهن، صرف انهن جي ذهانت کي ثابت ڪرڻ لاءِ .... دوستو! بيشڪ اسانجا پيغمبر، ولي ۽ اصاحبي ۽ ٻيا ڏاها انسان پنهنجي پنهنجي وقت جا عالم ۽ تمام گهڻا ذهين ۽ ڏاها هئا جن مليل قدرتي ڏات سان ڪيترائي مسئلا حل ڪيا ۽ انهن جا حل ڪڍيا. هاڻ جيڪڏهن ڪو اهڙو قصو جو زبان در زبان هلندو ته آيو آهي پر انجي ڪا سند نه آهي ۽ اهو قصو هجي به دين جي قانون جي خلاف ته ان قصي ته بحث ڪرڻ اجايو آهي ...

    • حضرت علي ڪرم الله وجهه جا ڪيترائي هزارين مستند قصا موجود آهن جنهن سان سندس ڏاهپ، عقلمندي ۽ سندس علمي وڏائي ظاهر ٿئي ٿي ... انڪري صرف اهو هڪ قصو ناهي جنهن تي ويهي زور ڏجي ته اهو قصو ناهي ته بس سمجهو ڪجهه به ناهي ... نه ائين ناهي ...

    • پر جي اهو چئجي به ته اهو قصو ٿيو هوندو ته سوال اٿن ٿا ته اهو قصو ڪڏهن جو آهي، جڏهن شرعي احڪام آيا هيا يا نه؟ ٻيو سوال اهو آهي ته اهو واقعو مسلمانن سان ٿيو يا وري ڪنهن ٻي مذهب وارا اهو معاملو کڻي آيا هئا ... هاڻ جي ڪي ماڻهون جيڪڏهن مسلمان نه هجن ۽ اهي حضرت عليءَ وٽ فيصلو ڪرائڻ اچن ته پوءِ اسلامي شريعت جو سوال نٿو ٿئي، ٻيو جيڪڏهن عرصو اهڙو هيو جنهن ۾ اڃان شريعت لاڳو نه ٿي هئي ته به سوال نٿو ٿئي ته انکي شرعي قانون سان تور تڪ ڪجي ... وغيره وغيره

    ٻي ڳالهه شريعت جي آهي ته؛

    • حضرت علي ڪرم الله وجهه جي سڄي ڄمار اسلامي قانون ۽ اسلامي شريعت جي لاڳو ڪرڻ ۽ ان تي عمل ڪرائڻ ۾ گذري آهي، انڪري اهو ممڪن ناهي ته حضرت عليءَ وٽ جيڪڏهن مسلمان ڌر اهو فيصلو کڻي آئي هجي ته حضرت عليءَ شريعت کي ڇڏي، پنهنجي عقل سان فيصلو ڪيو هجي ...
    • ادي بشير احمد جيڪا رسول اڪرم جي حديث ٻڌائي آهي ” لاوصية لوارث “ اها هڪ مستند حديث آهي، جنهن جو مقصد آهي ته وراثت ۾ ڪا وصيت ناهي، صرف شرعي قانون لاڳو ٿيندو، قرآن شريف ۾ پڻ وراثت جو قانون صاف لفظن ۾ بيان ٿيل آهي، انڪري جڏهن اسلامي حڪومت ۾ مسلمان جي وراثت ڪئي ويندي ته شرعي قانون مطابق ڪئي ويندي جنهن ۾ وصيعت جو ڪو عمل دخل ناهي، بيشڪ اولاد نافرمان هجي يا گهر کان نڪتل هجي پر جڏهن پيءُ مرندو ته ان جي ملڪيت ۾ هو برابر جو شريڪ ٿيندو ...
    • هڪ اڌ مسلمان ملڪ ۾ 1/3 پيءُ کي حق آهي ته هو ايتري ملڪيت پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن به طرف ڏياري سگهي، جئين مصر وغيره پر سڄي يا سموري ملڪيت تي هو پنهنجي مرضيءَ سان وصيعت نٿو ڪري سگهي ... سعودي عرب ۾ ته اهو 1/3 به حق ناهي، بس شرعي قانون ئي لاڳو ٿيندو ... ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته شرعي قانون ان ملڪ ۾ لاڳو ٿيندو جت اسلامي شريعت لاڳو هجي، پر جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن ٻي غير مسلم ملڪ ۾ رهي ٿو ته شريعت ته مسلمان تي هر هنڌ تي واجب آهي پر ملڪي قانون ان جي وارثن کي پنهنجي قانون مطابق حق ڏيندو ...

    دوست بشير احمد کي عرض آهي ته هو جڏهن به ڪنهن مسئلي ته ڪا ڳالهه ڪري ته انکي ڪجهه اخلاقن جي اندر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ته سٺو لڳندو ... هڪ ئي ڳالهه ترش لهجي ۾ به ڪري سگهجي ٿي ته ساڳي ڳالهه پيارن ۽ حضم ٿيندڙ لفظن ۾ به ڪري سگهجي ٿي ... ڏٺو ويو آهي ته بشير احمد جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته سڌو لٺ هڻڻ واري انداز ۾ ڪندو آهي جنهن سبب اها قبول نه پوندي آهي، مثال جيڪڏهن بشير احمد منهنجي ڀر ۾ هجي ۽ مونکي ڪا شئي سندس جهلڻ لاءِ چئڻي آهي ۽ کيس هڪدم چوان ” وٺ ۽ جهلي بيهه“ پر اها ساڳي ڳالهه جيڪڏهن آءُ سلام ڪندي، دوستيءَ واري انداز ۾ چوان ته ؛ ”منهنجا ڀاءُ مهرباني ڪري هي ٿوري دير لاءِ جهلي بيهو“ ته اي دوست! اوهانکي ڪهڙي ڳالهه سٺي لڳندي ..،؟ پهرين يا پوئين ... وڌيڪ راز جا راڻا آهيو ... اسين هڪ ڀاءُ يا دوست جي حيثيت ۾ حجت ڪئي آهي ...

    دوستو! مون پنهنجي سمجهه آهر هي ڳالهيون لکيون آهن، ۽ اميد اٿم ته اوهان دوست جيڪڏهن ڪٿي آءُ غلط هجان ته درست ڪندا ...

    الله ڏاهي م ٿيــــــان، ڏاهيون ڏک ڏســــن،
    مون سين مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.

    دعائن ۾ گڏ[/justify]
     
  6. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: مولا علي جي رياضي ۾ مهارت۔۔

    رسول اڪرمﷺ ۽ اهل بيت ۽ پاڻ ﷺ جن جا صحابه ڪرام اهي پاڪ باز هستيون آهن جيڪي دنيا وارن جي لاءِ هڪ نموني جي حيثيت رکن ٿيون انڪري انهن جي لاءِ سواءِ ڪنهن ثبوت جي ڪا ڳالھ منسوب ڪرڻ نه صرف انساني ، اخلاقي ۽ قانوني جرم آهي بلڪه شرعي طور تي هڪ گناھ جو ڪم آهي
    انڪري توهان دنيا جي آن لائن يا آف لائن ڪنهن به فورم تي يا سيڪشن تي انهن پاڪباز هستين جي حوالي سان ڪوواقعو يا انهن جو ڪو فرمان بيان ڪريو ٿا مهرباني ڪري ٿوري تحقيق ڪندا ڪريو سيڪشن جي تبديلي سان حقيقتون ۽ ذميداريون ختم نه ٿينديون آهن
    سائين نثار جي پوسٽ ڏسڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪجھ لکڻ ضرورت محسوس نٿو ڪريان
    سائين نثار جن کي نماڻو عرض آهي اختلاف راء منهنجو ذاتي حق آهي پر مون ڪڏهن به ڪنهن رڪن سان بداخلاقي جو مظاهر نه ڪيو آهي پر جڏهن ڪو انسان ڪنهن مخصوص ذهن ۽ سوچيل سانچي مطابق ڪنهن ڳالھ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪندوآهي ته ان کي اختلاف راءِ به بداخلاقي لڳندي باقي آئون توهان وانگر ڪو اديب نه آهيان جو منهنجي ڳالھ ادب جي اعلي معيار مطابق هجي بس سائين منهنجا اهي ڳٺل پيٺل لفظ آهن ۽ جملا آهن جيڪڏهن ڪنهن ساٿي جي اصلاح ٿي ويئي تمام خوشي پر جيڪڏهن ڪنهن جي دل آزاري ٿي آهي آئون ان ساٿي کان معذرت خواھ آهيان ........................والسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو