قوم اڄ به توکي ساري پئي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جن جي سالگره جي ڏينهن تي ادا ساگر سهندڙو جو ڪالم ساٿين جي نظر

    قوم اڄ به توکي ساري پئي
    ساگر سهندڙو

    روشنيون ڪري، ڪهڙي منهن سان تنهنجي ڄمڻ جو ڏينهن ملهايان، سوچيان ٿو ڪراڙ ڪپ تي وڃي ڀٽائي ۽ اياز سان گڏجي هڪ محفل سجايان جنهن ۾ درازن مان سچل کي گهُرائي وٺان پر وري خيال اچي ٿو ته استاد، سن جي سيد، ايلسا قاضي، علڻ فقير، سرمد سنڌي، هوشو، ڦاپل ۽ جيجي زرينا سميت سمورن مهربانن کي ساڻ ڪري تنهنجي آرامگاهه تي اچي هڪ ميڙاڪو ڪوٺايان، پر اچانڪ ذهن ۾ هڪ سوچ اُڀرندي آهي ته سنڌ جي ڪنهن ڪچي ڪکائين گهر ۾ وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪي ميڻ بتيون ٻاري انهن جي وچ ۾ گلابن سان سينگاريل هڪ ڪيڪ رکي تنهنجي ڄمڻ جو ڏڻ ملهايان جنهن ۾ سنڌ امڙ جي هر ان ماڻهوءَ کي گهرايان جيڪو مون جيان بي يارو مددگار آهي پر الائي ڇو ائين به نٿو ڪري سگهان..!!؟؟

    پر ٻڌ! مون تنهنجي برٿ ڊي پارٽي پنهنجي دل جي ڪکائين گهر ۾ سجائي آهي جنهن ۾ اهي سڀ ماڻهو شامل آهن جيڪي ڪڏهن به، ڪنهن به سالگرهه پارٽي ۾ نه ويا هئا، ها اهو معصوم ٻار به آهي جنهن توکي پهريون ڀيرو 27 ڊسمبر جي شام ٽي وي اسڪرين تي هوائن ۾ هٿ لوڏيندي ڏٺو هو، اها ماءُ به آهي جنهن توکي 18 آڪٽوبر تي مدتن پڄاڻان سنڌ ڌرتيءَ تي ان وقت ڏٺو هو، جڏهن تون مٽيءَ ماتا ۽ اباڻن کي ڏسي بي اختيار ٿي روئي پئي هئينءَ، اهو جوان به آهي جنهن ڪڏهن به تنهنجي ڪنهن جلسي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي، ها اها ناري به آهي، جيڪا تنهنجي وجود ۽ شخصيت کي ڏسي فخر وچان ڪنڌ مٿي ڪري چوندي هئي ها اها بينظير ئي منهنجي وجود جو تسلسل آهي، اهو پيءُ به آهي جيڪو توکي مٿي تي اجرڪ اوڍيل ڏسي دل ئي دل ۾ خوش ٿي مرڪي پوندو هو، ها ان پارٽي ۾ ناهين ته صرف تون ناهين پر آئون ڄاڻان ٿو تون هتي ئي ڪٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ موجود آهين پر نه ڄاڻ ڇو منهنجون اکيون تنهنجو عڪس نه ٿيون ڏسن، مون کي احساس آهي ته تون روپ مٽائي منهنجي دنيا ۾ هڪ دلفريب احساس جي روپ ۾ موجود آهين، جنهن کي منهنجي ساهه جون هٻڪارون محسوس ڪري رهيون آهن، آئون ڄاڻان ٿو ته تون منهنجي هزارين باغي ۽ مزاحمتي جوانن جي دلين ۾ آئيڊيل جي روپ ۾ موجود آهين، مون کي خبر آهي ته تون سنڌ جي سمورين جواڻ ۽ سُندر غيور نارين جي ذهنن ۾ سوچ جي روپ ۾ موجود آهين پر پوءِ به الائي ڇو اڄ برٿ ڊي جي ڪيڪ ڪاٽڻ جي ڪري تنهنجي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، ڇو جو آئون ڪيتري دير کان ميڻ بتيون ٻاري سنڌ جي گلابن سان گڏ ان آس تي تنهنجون واٽون نهاري رهيو آهيان ته تون ايندينءَ ۽ پنهنجن هٿن سان ڪيڪ ڪاٽي مايوس چهرن تي مرڪون ڦهلائي ڇڏيندينءَ پر ڏس! آئون به ڪيڏو پاڳل آهيان هڪ اهڙي وجود جون راهون تڪي رهيو آهيان جيڪو اتي ئي ڪٿي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن خوبصورت عڪس ۾ موجود آهي. آئون ڄاڻان ٿو ته اڄ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان طويل ڏينهن آهي جنهن کي دنيا جي ڪابه طاقت چاهڻ باوجود گگ انڌيرن ۾ تبديل نٿي ڪري سگهي اڄوڪي ڏينهن جي دير تائين روشن رهڻ جو هڪ سبب شايد تنهنجو ڄمڻ به هجي ڇو جو هن ڪائنات مٿان ڪاري رات جي پڄاڻي ان وقت ئي ايندي آهي جڏهن ڪي سج جهڙا روشن شخص ڌرتي ۾ پير پائيندا آهن ۽ هڪ سچ اهو به آهي ته تون ان روشن سج جو عڪس آهين جيڪو ڌرتيءَ مٿان گُگ اونداهيون راتيون ختم ڪندو آهي، ها مون کي خبر آهي ته اڄ 21 جون جو گرم ۽ تيز ڏهاڙو آهي، بلڪل تنهنجي مزاحمت ۽ بغاوت جهڙو، تنهنجي روپ ۽ تنهنجي حوصلي جهڙو، تنهنجي اُڌمن ۽ تنهنجي تڙپ جهڙو تنهنجي جذبي ۽ جوش جهڙو.....!!؟؟

    ڄاڻان ٿو تون هڪ پڙاڏو آهين، جنهن کي صحرائن ۾ به ٻُڌي وٺبو آهي، تون اها چيخ آهين جيڪا صدين تائين ستل انسانن کي جاڳائيندي آهي پر پوءِ به تنهنجي ڪمي محسوس ٿي رهي آهي، جيڪا لڳي ٿو منهنجو دم موڪلائيندي، منهنجي پڄاڻي آڻيندي ۽ آئون اڌورين منزلن جيان ڪٿي به نه پهچي سگهندس. خبر اٿئي ته تنهنجي هن ديس ۾ جتي تون ٻالڪپڻ ۾ ڪيئي رانديون رهي هئينءَ اتي اڄ ڪو به ٻار ڪا به راند نٿو رهي انهن کان اهو ڏڪر اها اِٽي الائي ڪٿي گم ٿي وئي آهي جيڪا انهن وٽ ان ويل هوندي هئي جڏهن تون هن ڌرتيءَ مٿان اجرڪ اوڍي گهمندي هئينءَ انهن اڄ راند رهڻ ان ڪري ئي وساري ڇڏي آهي جو تون ناهين رهي، خبر اٿئي ته توکان پوءِ تنهنجي هن ڌرتيءَ تي سنڌ راڻين سان ڇا ڇا ٿي رهيو آهي، وحشتن ڀري هن دنيا ۾ انهن کي ڪهڙا ڪهڙا عذاب ارپيا پيا وڃن، شايد تون اهو ڄاڻي مايوس ٿي وڃين ته هن ڌرتيءَ جي پاڪ ۽ پوتر نياڻين کي موت جي ننڊ سمهارڻ باوجود ناهي بخشيو ويندو، انهن جي رت رڱيل بي ڪفن دفن ٿيل لاشن کي ڪڍي ڪري انهن جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، الميو ته اهو آهي جو انهن جي لاشن کي نه رڳو ڪڍيو وڃي ٿو پر سياسي ۽ دولتي مفادن خاطر انهن جي بيجان ميسارجي ويل جسمن تي ڪات ڪهاڙن جهڙا اوزار هڻي انهن جو بار بار پوسٽ مارٽم ڪيو ٿو وڃي ۽ دنيا جي سڀ کان عجيب خاموشي ته اها آهي جو ان تي انسانن جي خدمت ڪرڻ وارا ادارا ۽ خود عورتون جيڪي پاڻ سان ٿيندڙ ٿورڙي ظلم ۽ ناانصافي تي سراپا احتجاج ٿي وينديون آهن، اهي طويل ۽ ڪڏهن نه کُٽندڙ خاموشي ۾ وڪوڙجي وينديون آهن، انهن کي هڪ مري ويل عورت جي تذليل ڪا به تڪليف نٿي پهچائي. ها پر مون جهڙا ڪيترائي ڪجهه نه ڪري سگهندڙ غير اهم انسان تڙپي اٿندا آهن، خبر اٿئي ته توکان پوءِ تنهنجي هن ديس ۾ مائرن سان ڪهڙا ڪهڙا ڪلور ٿي رهيا آهن، شايد تون اهو ڄاڻي طويل اداسي ۾ هلي وڃين ته تنهنجي هن ديس جي مائرن هاڻي تاريخ جي مڙهيل عذابن سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو آهي، انهن لاءِ ڳڀرو پٽن جو مارجي وڃڻ يا جواڻ نياڻين جو لُٽجي وڃڻ روز جو معمول ٿي ويو آهي، هو هاڻي ڄاڻي چڪيون آهن ته هو هڪ اهڙي ديس جون مائرون آهن جتي ڪنهن کي به آزاد جيئڻ جو حق ناهي ۽ تون اهو ڄاڻي ڪري غمگين ضرور ٿيندينءَ ته هتي تنهنجا پنهنجا ئي پنهنجن پنهنجن کي لٽي، اجهي ۽ ڳڀي کان محروم ڪري رهيا آهن، يقين ڄاڻ مون توکي اهو سڀ ڪجهه نه پئي ٻڌائڻ چاهيو پر ڇا ڪيان توکي تنهنجي ڄمڻ واري ڏڻ تي ڪجهه نه ڪجهه ٻڌائڻو ته هيو، چاهيو هيم ته توکي تنهنجي ديس جون اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندس جيڪي توکي تنهنجو بابا ننڍي هوندي ٻڌائيندو هو پر ڇا ڪيان تنهنجي اباڻن جي ديس جي حالت ئي اهڙي ٿي وئي آهي جو ٻُڌائيندي به شرم ٿو اچي، ڀلا آئون به ڇا ڪيان توکي ڪوڙ ته نه پئي ٻڌائي سگهيس ڇو جو مون کي خبر آهي ته توکي ڪوڙ ۽ ڪوڙي ماڻهو کان سخت نفرت آهي ۽ آئون تنهنجي نفرت نه پئي ڏسڻ گهري....!!؟

    امڙ توکي اهو به ٻڌائيندو هلان ته اڄ به تنهنجي ديس جون عورتون توکي ساري لڙڪ هارين ٿيون، تنهنجون تصويرون ڏسي بيتاب من کي آٿت ڏين ٿيون، اڄ به تنهنجي اباڻي وطن جا ڳڀرو جوان تنهنجي اباڻي گهر اچي توسان ۽ تنهنجي بابي ۽ ڀائرن سان ڪيل واعدي کي پوري ڪرڻ جون ڪوششون ڪن ٿا پر انهن کي انهن جي زندگي ۽ انهن جا نه کُٽندڙ عذاب انهن کي ڪجهه نٿا ڪرڻ ڏين، اڄ تنهنجي سنڌ جي نئين نسل کي هڪ سازش تحت راهه اجل کان ٿيڙهيو پيو وڃي، ان جي ڪچي ذهن ۾ مفادپرستين ۽ قوم پرستين جا بارود ڀري ان کي انسانيت کان ڏور ڪيو پيو وڃي، انهن جي تعليمي ادارن ۾ سياسي ۽ ڪاپي ڪلچر کي عام ڪري انهن کي مستقبل جا بيڪار سنڌي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته سنڌ ۽ سنڌي صدين کان نااهل ۽ دهشتگرد آهن پر وقت ڄاڻي ٿو ته اسين صدين کان ان راهه جا مسافر آهيون جنهن راهه تي هلندي هلندي تنهنجي بابي ۽ ڀائرن تو سميت پنڌ ڪيو، پر پِنڪي آئون توکي اهو ٻڌائيندي ڏاڍو شرمسار ٿي رهيو آهيان ته هاڻي تنهنجي ڌرتي جي جوانن اهي راهون ڇڏي ڏنيون آهن جن تي تو سفر ڪري منزل ماڻي، سچ ته اهو آهي ته آئون اڄ توکي سنڌ ڌرتي جا احوال ٻڌائيندي ڏاڍو پشيمان ٿي رهيو آهيان ڇو جو مون سميت هر سنڌي جوان لڪل هٿن هٿان استعمال ٿي رهيو آهي پر پوءِ به هر جوان اهو ئي سمجهي رهيو آهي ته سندس جهڙو غيور سنڌي ڪوئي به ڪونهي، ڪاش اهي سوين سنڌي جوان ۽ آئون انهن لڪل هٿن کي سڃاڻون ها، ائين انهن جي چاهڻ تي استعمال نه ٿيون ها پر افسوس جو اسان جي اکين تي اعتبار جي ڪاري پٽي چڙهيل آهي ۽ اسين ڪنهن به منظر کي سچائيءَ جي نظرن سان ڏسڻ کان قاصر آهيون، اسين اهو ڪجهه نٿا ڏسون جيڪو اسان جي اکين اڳيان سرعام غلط ٿي رهيو هوندو آهي پر اسين اهو سڀ ڪجهه ڏسندا آهيون جيڪو اسان کي استعمال ڪندڙ اکيون ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ اهوئي اسان لاءِ دنيا جو سڀ کان وڏو سچ هوندو آهي، اسان لاءِ اهي لفظ ئي دنيا جا سڀ کان وڌيڪ سچا لفظ هوندا آهن جيڪي اسين انهن ئي غدارن جي زبانن مان ٻڌندا آهيون، ڄاڻين ٿي اهو سڀ ڪجهه اسان سان ڇو ٿي رهيو آهي؟ شايد تون ڄاڻين چُڪي هجين ته هاڻي تنهنجي اباڻي ڌرتي جا اهي قومپرست سڏائيندڙ وجود وڪامجي چڪا آهن، جيڪي ڪڏهن سنڌ امڙ جي ماڻهن جي اکين ۾ هڪ لڙڪ به نه ڏسي سگهندا هئا، پر اڄ دنيا ڏسي رهي آهي ته سنڌي مائرون ماتم ڪري رهيون آهن، سنڌي پيئر پٽڪا ڪري رهيا آهن، جواڻ خودڪشيون ڪري رهيا آهن، ناريون حالتن سان سمجهوتا ڪري زندگيءَ جا ڏيئا اُجهائي رهيون آهن پر اسان جا قومپرست وجود جيڪي اها دعويٰ ڪندي نه ٿڪجندا آهن ته سنڌ جا سڀ کان وڏا وارث اسان آهيون اهي پنهنجن مفادن ۾ پورا آهن، ڀلا ان ڳالهه کان وڌيڪ انهن جي مفادپرستي ٻي ڪهڙي هوندي جو هرسال سنڌ ۾ هڪ نئين قومپرست تنظيم جو قيام ٿئي ٿو.

    ها پنڪي! اڄ تنهنجي ماروئڙن جي ديس تي تنهنجي ئي پوئلڳن جي حڪومت آهي اڄ تنهنجي پنهنجا ئي هن ديس جا رکوالا آهن پر پوءِ به تنهنجي ئي ديس جي اها جهور پوڙهي ماءُ جنهن تنهنجي پرديس مان اچڻ تي سالن کانپوءِ اکيون سانوڻ جيان وسايون هيون اها اڄ تنهنجن وارثن جي حڪومت هوندي ئي لاوارثي واري زندگي گذاري رهي آهي، ان جي جواڻ ڌيءَ ساڳي ئي خوبصورت جسم هئڻ باوجود ڪنوارن هٿن تي ميهڙ جي مهندي نه سجائي سگهي آهي ۽ هن جو ڳڀرو پٽ اهو ئي هٿن ۾ ڊگريون ۽ فائيل کڻي آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيو آهي، اڃا تائين تنهنجي هن ديس ۾ ڪو به فرق ڪونه ٿيو آهي، سواءِ دردن جي ناسور ٿي وڃڻ جي ڪري، سواءِ عذابن جي وڌي وڃڻ جي ڪري، سواءِ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي پنهنجن جي ڏاڍ جي ڪري بي گهر ٿي وڃن جي ڪري، ها اڄ به تنهنجي وطن ۾ ناريون بي ڏوهه ماريون وڃن ٿيون ۽ ها اڄ تنهنجي ديس ۾ هڪ نئين رسم هلي آهي، اڄ تنهنجي ديس ۾ روشن خيالي ۽ آزادي جو جنون ايترو وڌي ويو آهي جو بيگناهه مارجي ويل ناريءَ جي لاش کي هر هر ڪڍرائي ان جي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي فرمائش ڪئي وڃي ٿي. پر تون انهن ڳالهين کي ڇڏ ڇو جو سنڌ جي ظلمن ۽ ستمن جي تاريخ جي توکي چڱيءَ ريت ڄاڻ آهي تون انهن انيائن ۽ ڪلورن کان به واقف آهين جيڪي وقت اسان سنڌين سان ڪندو آيو آهي، ان ڪري توکي اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ فضول آهي پر ضروري اهو آهي ته اڄ اسين سڀ تنهنجي سالگرهه تي هڪ نئين جوش ۽ جذبي سان سنڌ جي خدمت ڪرڻ ۾ اڳتي وک وڌايون، آخر ۾ آئون توکي اهو ئي چوندس ته هيل به سنڌ جون مائرون، پيئر، ڀينرون، ڀائر ۽ ٻار توکي تنهنجي ڄمڻ واري ڏڻ تي ساري روئي رهيا آهن.

    روزاني عبرت جي ٿورن سان
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه سائين تمام بهترين ، سا به محترمه جي باري ۾ مٺا توهان جي شيئرنگ سا به محترمه جي باري ۾
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي ادا رشيد سمون صاحب محترمه جي باري ۾ اهڙي شيئرنگ لا۽ توهان جا ٿورائتا آهيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو