خراج عقيدت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو؛

    ڇا اوهانکي خبر آهي ته ڪالهه جيتوڻيڪ ڀيڻ بينظير جو جنم ڏينهن هو، جنهن لاءِ اسانجي دوست سائين رشيد سمون صاحب هڪ پوسٽنگ ڪئي به هئي پر اهو ساڳيو ڏينهن 21 جون، اسانجي هڪ محترم شخصيت، سنڌ جي حقيقي اڳواڻ، غريبن ۽ هارين جي همدرد سائين حيدر بخش جتوئيءَ جو مرڻ ڏينهن به هو ...

    افسوس جو اسين دوست سندس مرڻ جي ڏينهن تي کيس ڪو خراج عقيدت پيش ڪري ڪون سگهياسون، پر چوندا آهن ته دير آيد درست آيد، سو دوستو آءُ، سنڌ سلامت جي پوري ٽيم پاران سائين حيدر بخش جتوئيءَ کي خراج عقيدت ٿو پيش ڪريان ... ۽ ممڪن ٿيو ته سندس زندگي ۽ جدوجهد تي ڪو سٺو ليک هڪ ٻن ڏينهن اندر اوهان آڏو پيش ڪريان ....

    دوستو، جي اوهان وٽ ڪو سٺو ليک آهي ته مهربان ڪري ونڊ ڪندا ...

    الله اسانکي سنڌ جي حقيقي اڳواڻن جي راه تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي ... آمين

    سدائين گڏ

    نثار ابڙو
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    محترم سائين حيدر بخش جتوئي جو هڪ يادگار فوٽو

    [​IMG]
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    محترم سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جا لکين ٿورائتا آهيون جو اوهان اسان سنڌ جي حقيقي اڳواڻ محترم حيدر بخش جتوئي جي مرڻ واري تاريخ تي سنڌ سلامت جي دوستن کي آگاهي ڏني...... خراج عقيدت ۾ اسان فقير به شامل آهيون... جتوئي صاحب جون خدمتون اسان سنڌين جي لاءِ مثال آهن...

    اوهان جي دعا کي نمايان ڪندي ايترو ضرور چوندس ته (آمين).........

    shal judy hujeen
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو
    هڪ غلطيءَ جي معافي ته سائين محترم حيدر بخش جتوئيءَ جي لاڏاڻي جو ڏينهن 21 مئي آهي جا مون غلطيءَ ۾ 21 جون سمجهي اوهان دوستن کي ياد ڏياري ... ڪافي عرصي گذري وڃڻ ڪري ... خيال ۾ جڏهن 21 تاريخ آئي ته سائين ياد اچي ويو ... بهرحال واعدي مطابق سائينءَ جي جدوجهد تي هڪ ليک تيار آهي بس ٿورڙي ايڊيٽنگ رهيل آهي ... جلد اوهانجي هٿن تائين پهچائبو ..
    هڪ دفعو ٻيهر معافي
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين انسان خطا جو گهر آهي. پر توهان جي اهڙي ناياب شيئرنگ ۾ اسان جو ڌيان غلطيءَ طرف ويو ئي ڪانه.
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم سائين
    هر ڀيري جيان توهان جي هي پوسٽ پڙهي يقين ڪريو دل خوش ٿئي وئي مون پاڻ ان طرف ذهن ئي نه هيو ته ڪو اهو اهڙو وڏو ڏينهن هو جو محترمه جو ڄمڻ جو ڏينهن ۽ وري ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي مرڻ جو ڏينهن تي اسين سندس کي ڪو به خراج عقيدت پيش ڪري نه سگهيا سون سو ان جو ڏک هيشه لا۽ دل ۾ رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو