ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

'راءِ شماري' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [justify]ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين قومن کي شايد اها گهٽ ڄاڻ هئي ته سنڌي ڪو ايترا باغيرت آهن ۽ پنهنجي ثقافت سان عقيدت جي حد تائين محبت ڪندڙ آهن، انهن قومن ان مغالطي ۾ هجڻ سبب ته سنڌي ماڻهون جيئن گهاڻي جي ڏاند جيئان پاڪستان جي چڪيءَ ۾ ڦيريون پائي رهيا آهن ۽ پنهنجا سڀ مالي وسيلا ڦرائي ويٺا آهن ته هو پنهنجي ثقافت تي آيل حرف کي پڻ خاموشيءَ سان برداشت ڪري ويندا ... انڪري پاڪستان جي ميڊيا جي ڪجهه ماڻهن کي اها جرئت ٿي ۽ هو محترم آصف زرداريءَ جي ٽوپي پائڻ واري عمل تي تنقيد ڪري ککر ۾ کڙو هڻي ويٺا ۽ سندن اهو کڙو کين ايترو ته ڏکيو پيو جو اڄ هو سنڌ جي ثقافت آڏو جهڪڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ...

    بيشڪ سنڌين گذريل سال هن سال به ثقافت تي آيل حرف تي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي، ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين، ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڏينهن، سنڌي ايڪتا ڏينهن ملهائي دنيا وارن کي ڏيکاري ڇڏيو ته هو سنڌ جي پٽڪي ۽ ٽوپيِءَ کي پنهنجي عزت سمجهنٿا ۽ انجي بچاءَ ۾ هو ڪجهه به ڪري سگهنٿا ...

    گذريل سال سنڌي ٽوپيءَ تي ڪيل حملو تازو هيو ۽ قوم ان حملي جي بچاءَ ۾ پاڻکي ٽوپي اجرڪ سان سنواري ان حملي جو ڀرپور جواب ڏنو هو، ڳالهه آئي وئي اسين خوش ٿياسون ته قوم پنهنجي غيرت جو مظاهرو ڪيو آهي ... هن سال وري سنڌ سڄڻن ان ڏڻ کي متڪبر سمجهندي سنڌي قوم جي ڀلي ۾ سمجهندي، سنڌي قوم جي ٻڌي ۽ ايڪي جي مفاد ۾ سمجهندي وري ان ڏينهن کي ورجائڻ جو سوچيو، سوال اٿيو ته 6 ڊسمبر ممڪن محرم مهيني جي شروعات ٿئي ۽ هي مهينو سنڌ ۾ غم جو مهينو هوندو آهي ۽ ثقافتي ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن انڪري ان ڏينهن کي ٿورڙي ڦير گهير ڪري ملهائڻ جو سوچيو ويو ... پر هت اچي اسين پنهنجي روايتي ناچاڪائيءَ ۽ غير اتفاقائيءَ جو مظاهرو ڪندي ٻن تاريخن ۾ ورهائجي وياسون، هڪڙن ثقافتي عيد کي 4 تي ته ٻين وري ايڪتا جي نالي ۾ 5 کي صحي سمجهي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ...

    سنڌي قوم جي عوام هن ڏينهن کي پنهنجو ڏينهن ٿي سمجهيو تن انهن ٻنهي اعلانين ڏينهن کي قبول ڪندي اهو چيو ته سنڌ لاءِ سمورو مهينو ملهائيندا ته به ملهائبو ... ۽ الحمد الله سنڌي قوم انهن ٻنهي ڏينهن کي ڀرپور طرح سان ملهائي ثابت به ڪيو ته سنڌ سان اهڙي جند اڙي جو ٻيا سڀ ناتا وسري ويا ... پر هت اچي اهو سوال اڀري ٿو ته ڇا اسين هاڻ اڳتي هن ثقافتي ڏينهن کي ملهائيندا سون يا نه ... جي ملهائينداسون ته ڪهڙي تاريخ تي ملهائينداسون يا وري هن سال جيئان به 4، 5 ۽ 6 جي چڪر ۾ ۽ پنهنجن ڏاهن جي انا جي ڀيٽ چڙهي اڃان به ڪنهن ٻي ڏينهن تي ملهائينداسون ...؟ مٿان وري ايندڙ سال اهي سڀ ڏينهن محرم جي ڏينهن ۾ هوندا ته پوءِ وري اسان اهو ڏينهن ڪڏهن ۽ ڪيئن ملهائينداسون ...؟

    سنڌ سلامت جي هن اوطاق معرفت آءُ سنڌ جي ڏاهن کي هڪ صلاح ڏيندس ته اهو ڏينهن سنڌي تاريخن يا چنڊ جي تاريخن سان ملهايو وڃي ؛ مثال گذريل سال اهو 6 ڊسمبر ڪهڙي سنڌي تاريخ تي آيو هو؟ اهو ڏينهن گذريل سال شايد 18 يا 19 ذوالحج تي آيو هوندو ... ان تاريخ کي پنهنجو ڪجي ۽ چنڊ جي تاريخ سان ملهائجي ته محرم جي تاريخن کان به هميشه لاءِ نڪري وڃبو ۽ قوم کي ڪا هڪ تاريخ به ملي ويندي ...

    سنڌ سلامت جو ڪم ۽ نعرو آهي سنڌ ۽ سنڌيت انڪري سنڌ سلامت جي هر هڪ رڪن جو اهو فرض آهي ته هو ان طرف پنهنجي سوچ جا گهوڙا ڊوڙائي ۽ سنڌ جي ڏاهن کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ته سنڌ جو ثقافتي ڏينهن هڪ مقرر ڏينهن تي ملهايو وڃي ۽ اهو ڏينهن هاڻ ئي طع ڪيو وڃي ....

    هي ڏينهن ضرور ملهائڻ گهرجي، هن ڏينهن سان سنڌ جي ثقافت اجاگر ٿئي ٿي ۽ خوشين جو ماحول پئدا ٿئي ٿو، سنڌ جي ثقافت سان لاڳاپيل ڪاروبار ترقي ڪنٿا ۽ قوم ۾ ايڪتا جو تصور روشن ٿئي ٿو، انڪري هن ڏينهن کي هميشه ملهائڻ خاطر هڪ مقرر تاريخ لاءِ سوچڻ به ضروري آهي ته جيئن مستقبل ۾ به واٽون ويهه نه ٿين ۽ ٻڌيءَ ۽ ايڪتا جو احساس وڌيڪ اڀري سامهون اچي ... اميد ته هن ڳالهه ته دوست ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ۽ جي منهنجي هن اڻ تڻ کي صحي سمجهن ٿا ته انجي تشريح ٿئي ۽ قوم جي ٻين ادارن تائين ان ڳالهه کي پهچايو وڃي ...

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ....

    ٿورائتو
    نثار ابڙو
    [/justify]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    ڪي ٽي اين:
    ڪي ٽي اين، ڪشش ۽ ڪاوش گروپ جي سڏ کي مانُ ڏيندي ۔۔۔۔۔
    ڌرتي ٽي وي :
    ڌرتي ٽي وي جي سڏ کي مانُ ڏيندي ۔۔۔۔۔
    آواز ٽي وي:
    آواز ٽي وي جي سڏ کي مانُ ڏيندي ۔۔۔۔۔
    سنڌ ٽي وي:
    سنڌ ٽي وي جي سڏ کي مانُ ڏيندي ۔۔۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    سائين نثار مهرباني

    سائين اوهان جون سڀ ڳالهيون ڀليون لڳيون۔ اوهان جي ڳالهين سان مان مسڪين به سهمت آهيان۔

    دعا ٿو ڪيان ته شال اسان جي ڏاهن ، ڏات ڌڻين ، صحافين ۽ دانشورن کي الله پاڪ هڪ صف ۾ بيهاري ۽ ثقافت جو ڪو هڪ ڏينهن مقرر ٿئي۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    سائين بهترين ڳالهه ڪئي آهي اوهان۔۔۔ منهنجي خيال سان ته 18 ذوالحج تمام بهترين ڏيهاڙو آهي، جيڪڏهن اسان سنڌي ڪيلنڊر جي حساب سان ان تاريخ تي هر سال ثقافتي ڏيهاڙو ملهايون ته واهه جو ڪم ٿي وڃي۔۔۔
    ڏينهن جي ٻن يا ٽن ڏينهن ۾‌ورهائڻ‌سان ڪو فرق نه ٿو پوي۔۔۔ ڇو ته ٻنهيءَ‌ تاريخن تي ساڳيا سنڌي پروگرام ملهائيندا رهيا۔۔ ان سان اتحاد جي ٽٽڻ‌جو ڪو سوال ئي نه ٿو پئدا ٿئي۔۔۔ بلڪه هڪ تاريخ کان ڳالهه وڌي ٻن ڏينهن تي پڄي وئي، اڃان به جيڪڏهن 3 ڏينهن ٿي وڃي ته سنڌين جي خوشي ٻيڻي ٿي ويندي
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    ادا بيشڪ هيء جيڪا ايڪتا ء ٻڌيء جي جوت جلي آهي
    اها شل هميشه ائين جلندي رهي،

    مان توهان جي هن ڳالهه سان متفق آهيان

    سنڌ سلامت جي هن اوطاق معرفت آءُ سنڌ جي ڏاهن کي هڪ صلاح ڏيندس ته اهو ڏينهن سنڌي تاريخن يا چنڊ جي تاريخن سان ملهايو وڃي ؛ مثال گذريل سال اهو 6 ڊسمبر ڪهڙي سنڌي تاريخ تي آيو هو؟ اهو ڏينهن گذريل سال شايد 18 يا 19 ذوالحج تي آيو هوندو ... ان تاريخ کي پنهنجو ڪجي ۽ چنڊ جي تاريخ سان ملهائجي ته محرم جي تاريخن کان به هميشه لاءِ نڪري وڃبو ۽ قوم کي ڪا هڪ تاريخ به ملي ويندي ...


    شال اسان جي ڏاهن ، ڏات ڏڻين ، صحافين ۽ دانشورن کي الله پاڪ هڪ صف ۾ بيهاري ۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    ها سائين بلڪل ثقافتي ڏينهن جي هڪ تاريخ هجي ته تمام بهترين ٿيندو.
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    اوهان سڀني دوستن جا لک ٿورا جو مثبت موٽ ڏني اٿوَ، مطلب ته اوهين دوست هن راءِ سان سهمت آهيو ته اهو ڏينهن چنڊ جي تاريخن سان ملهائيو وڃي ته جيئن آئينده سال ۽ انکانپوءِ به ان جي ڦير گهير جو ڪو مسئلو نه ٿئي ۔۔۔

    ادي مست جي ڳالهه جيئان ڀل ڪيترا ڏينهن به ّّخوشيءَ جا ملهائجن ته سٺو آهي هڪ کان ٻه ڀلا ٻن کان ٽي ۽ ٽن کان ۔۔۔۔؟؟؟ پر دوست اهڙن ڏهاڙن جو ڪو مقرر ڏينهن هوندو آهي ته انکي بغير ڪنهن اعلان جي قوم پنهنجو ڏينهن ڪري ملهائيندي آهي، هاڻ ته اسين صرف ميڊيا جي يا ڪنهن ٻي گهڻ گهريي جي اعلان جي انتظار ۾ هوندا آهيون ته ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڏينهن جو اعلان ٿو ٿئي ۔۔۔

    اسين دوستن کي پنهنجن پنهنجن حلقن ۾ دوستن ۾ ۽ وس پڄي ته ميڊيا تائين ۽ انکان به اڳتي ٿي سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن تائين سنڌ سلامت جي اڱڻ تان ان تي بحث ڪرائجي ان ڏينهن کي يقيني ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙجي ۔۔۔ جن دوستن جا اخبارن سان ناتا آهن سي هن ليک کي ٿوري لفاظي ڦير گهير سان سنڌ سلامت طرفان اخبارن ۾ ڏيارن ته جيئن قومي طور ان جو ادراڪ پئدا ٿئي ۔۔۔

    دوستو! سنڌين ۾ ايڪتا جي پئدا ڪرڻ لاءِ اسانکي، توکي ۽ مونکي سڀ کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ عملي دنيا ۾ ان ڳالهه کي يقيني ڪرڻو پوندو ۔۔۔ اچو ته حق ۽ سچ جي پرچار ۾ اڳتي وڌون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    سائين ابڙا صاحب جڙيا هجو!
    اوهان جو هي مضمون ڇنڇر 11 ڊسمبر 2010 تي عوامي آواز اخبار ۾ به ڇپيو آهي.

    http://www.awamiawaz.com/2010/December/11th/Articls/AAF_01.htm
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    سائين محترم طاهر صاحب، رب اوهانکي به جڙيو رکي ۽ ڪو ڪوسو واءُ نه ڏيکاري ۔۔۔ لک ٿورا جو اوهان هي قرب ڪري اصل دل خوش ڪري ڇڏي، پر اها خبر نه ٻڌائي ته ان ڪم ۾ اسانجي ڪهڙي دوست يا اوهان پاڻ سرانجام ڏنو ۔۔۔ مقصد عوامي آواز تائين پهتو ڪيو ۔۔۔؟

    ٻي ڳالهه ته منهنجو هڪ ٻيو مقصد هو ته هي ليک نثار ابڙو جي جاءِ تي جيڪڏهن سنڌ سلامت۔ڪام جي پاران هجي ها ته اڃان وڌيڪ مزو اچي ها، ڇاڪاڻ ته پنهنجو خواهش آهي ته هن اوطاق کي سنڌين جي آواز جي اوطاق هجڻ جو شرف پڻ حاصل ٿئي، جيئن سنڌي سٻاجهڙا هن اوطاق کي سنڌ جي سڄڻن جي اوطاق طور سڃاڻڻ شروع ڪن ۔۔۔

    خئير نينگر به ننڍي جمع به گهڻا ۔۔۔ مون سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي اهو عرض ڪيو هو ته سنڌ سلامت تي اهڙا ليک جيڪي دوست خاص سنڌ سلامت لاءِ لکن ٿا ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ ۽ بهتري ۾ لکنٿا ته انهن لکڻين کي ٻين ادارن ّذريعي پڻ عوام تائين پهچائجي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي معرفت سان ۔۔۔ هڪ ڪم ٻه ڪاج جي مصداق، سنڌ جي ڀلي جي ڳالهه به عام ٿيندي ۽ سنڌ سلامت کي پڻ فائدو رسندو ۔۔۔

    اوهان دوستن جا لک ٿورا جو سنڌ سلامت جي اڱڻ کي ڏينهن ۽ رات محنت ڪري سجائيندا رهو ٿا ۔۔۔ قومي خدمت ۾ پاڻ ملهايو ٿا ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔@};-@};-

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    مٺا سائين مونکي اها خبر ته نه پئي آهي ته هي ڪم ڪنهن سر انجام ڏنو آهي، بس خبرون پڙهندي نيٽ گردي ڪندي نظرن اڳيان گذريو، سوچيم ته هي مَضمون پهريون به منهنجي گنهگار نظرن اڳيان گذريو آهي پوءِ ياد اچي ويو، اخبار واري پيج تي اوهان جو نالو به ڏٺو ته پڪ ٿي وئي۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    مون کي پڪ آهي ته هي مضمون ڪنهن عوامي آواز تي ونڊ‌ ڪيو آهي۔۔۔ بس ٿورا مڃون ٿا انهيءَ‌ جا۔۔
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    دوست طاهر، هي ڪم جنهن به دوست ڪيو آهي، ڀلو ڪيو آهي، خئير پاڻ دوست خبر ضرور ڪندو، اوهان جا لک ٿورا ۔۔۔ پڙهڻ کانپوءِ ليک ۾ هلڪيون غلطيون پڻ رهجي ويون آهن، جيڪر ڏيڻ وارو دوست ايڊٽ ڪري ها ته اڃان بهتر ۔۔۔ خئير مقصد جي ڳالهه ٻين تائين پهتي اهو سٺو ٿيو ۔۔۔

    دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    سائين نثار مان سمجهان ٿو درويش کان معلوم ڪجي ته بهتر رهندو جو هن جا اخبار وارن سان سٺا واسطا آهن۔ ٻيو ته ٿي سگهي هن پاڻ ئي هي ليک موڪليو هجي۔
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    [​IMG]

    سائين توهان جي هن صلاح کي ايترو ڀلو سمجهيم جو هڪ ٻن دوستن کي چئي ساڳي صلاح اخبارن ذريعي سمورين سنڌين تائين پهچائڻ چاهيم۔۔۔ اهڙا ڪجهه دوست سنڌ سلامت جا فعال رڪن پڻ آهن۔۔ جواب لکڻ ۾ ڍر ان لاءِ ڪيم ته اهي پاڻ ئي اها ڳالهه هتي ٻڌائين پر شايد مصروفيت کين ان ڳالهه جي اجازت نه ڏني۔۔۔
    حقيقت ۾ جڏهن ثقافتي ڏينهن بابت هن دفعي ٻن ڏينهن ملهائڻ جا اطلاع مليا ته مون اڳ ئي ان ڳالهه کي ڀلو نه سمجهندي سنگت سان اظهار ڪيو هيو ۔۔۔ پر توهان ان بابت چنڊ جي تاريخ ٻڌائي اصل مسئلو ئي حل ڪيو۔۔ هاڻي وڏي سوچ رکندڙ ڌرين کي به ان بابت سوچي عمل ڪرڻ بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي۔۔۔
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    راڻا رشيد، مونکي ٿورڙو شڪ هيو جو هاڻ واضح ٿيو ته اهو ڪم اوهانجي معرفت ضرور ٿيو هوندو ۔۔۔ هون ته اوهان هميشه سنڌ ۽ سنڌيت لا پاڻ پتوڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ ۾ اڳ کان اڳرا هوندا آهيو پر هن دفعي اوهان منهنجي عرض کي ايتري سهڻي موٽ ڏئي، ٿورائتو ڪيو آهي ۔۔۔ جيتوڻيڪ هي اسان سڀني جي دل جي ڳالهه هئي ته سنڌ جي ثقافتي ڏڻ جي ڪا هڪ تاريخ هجي ته جيئن اڳتي بغير ڪنهن اعلان جي ان ڏينهن جي ملهائڻ جو تياريون ٿي وڃن ۔۔۔ جيئن ته سنڌي تاريخن ۽ انگريزي تاريخن ۾ هر سال لڳ ڀڳ 10 ڏينهن جو فرق ٿئي ٿو ۽ اسين سنڌي پنهنجا ديني ۽ ثقافتي ڏڻ به تقريبن سنڌي تاريخن تي ملهائيندا آهيون، هاڻ جيڪڏهن اسين اهو ڏڻ انگريزي تاريخ تي پڪو ڪنداسون ته ڪڏهن نه ڪڏهن اهو ڏڻ اسانجي ڪنهن مقدس ڏينهن تي اچي ويندو ۽ پو اسانکي تاريخ اڳي پو ڪرڻي پوندي انڪري ان ڏڻ کي به ڪنهن سنڌي تاريخ سان ملهائبو ته ان مسئلي کان نڪري وڃبو ۔۔۔

    اوهان جا لک ٿورا ۽ ان دوست جا به جنهن ان ليک کي اخبار تائين پهتو ڪيو ۔۔۔ آ هن ليک ۾ ٿوري ڦير گهير ڪري اوهان سان ونڊ ڪندس ته جيئن آئينده به ٻين اخبارن تائين به ساڳي ڪاپي پهتي ڪئي وڃي ۔۔۔ ڳالهه جيترو عام ٿيندي اوترو اثرائتي ٿيندي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔ مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  16. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    ادامنهجي خيال مطابق 18 ذوالحجه تي حضرت ذوالنورين مظلوم شهيد عثمان غني رضي الله تعالى عنه جي شهادت جي تاريخ آهي جيڪر ٻي ڪا تاريخ تي اتفاق راء ٿي وڃي ته بهتر رهندو۔ باقي پاڻ وس واهر اهيو۔
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    [justify]
    ڀاءُ افتخار، بشڪ جيڪڏهن هي تاريخ ڪنهن به اصحابي ۽ اها به عثمان غنيءَ جي شهادت جو ڏينهن هجي ته ان ڏينهن خوشيءَ جو ڏينهن ملهائڻ نه گهرجي ۔۔۔

    باقي مون هي ليک سنڌ جي ڏاهن ۽ سنڌ جي سڄڻن جي سوچ کي هڪ ڪرڻ لاءِ لکيو آهي، ته جيئن اسين سڀ ملي جلي سنڌ جي ثقافتي عيد جو ڏهاڙو مقرر ڪريون ۔۔۔ ظاهر آهي ته جڏهن ڏاها ويهندا يا ان ڳالهه کي قبول ڪندا ته پوءِ سوچي سمجهي ئي ڪو ڏينهن مقرر ڪندا ۔۔۔ باقي اڃان تائين هن آواز کي ڪا خاص موٽ ناهي ملي ۽ اڃان هڪ بي آواز پڙاڏي جيئان آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته جڏهن ڪڏنهن سنڌ جي ڀلي جي ڳالهه ٿيندي آهي ته سنڌ جي ڏاهن جا ڪن بند ٿي ويندا آهن ۽ پڙاڏا هوا ۾ ئي ڪٿي گم ٿي ويندا آهن ۔۔۔۔يا وري اسان سنڌي مغلن جي آخري بادشاه جيئان دلي دور است واري مصداق هر ڪم جڏهن ڳاٽي ۾ اچي پوندو آهي تڏهن ڪندا آهيون ۔۔۔ ؟ مستقبل بابت سوچ پئدا نه ٿي آهي ۔۔۔

    خئير رڙيون ڪرڻ پنهنجي وس آهي سو ڪندا رهنداسون ۔۔۔

    رب اوهانکي خوش رکي، تاريخ جي اهميت کان واقف ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/justify]
     
  18. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته
    محترم ۽ مڪرم سائين نثار ابڙا صاحب جڙيا هجو شال ۔
    سائين دوستن کي هڪ نماڻو عرض ڪيان ٿو ته تاريخ ڪهڙي به مقرر ڪيو پر مهينو ربيع الاول هئڻ گھرجي ته بهتر آهي وڌيڪ راز جا راڻا آهيو۔ دوستو منهنجي راءِ تي ڪنهنکي به اعتراض آهي ته معصوم سمجهي معاف ڪندا ۔ منهنجي دعا آهي ته رب العالمين اسان سڀني دوستن تي رحمتون نازل فرمائي ۔ آمين اللهم آمين ۔
     
  19. شبانه امتياز سمون

    شبانه امتياز سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    ادا توهان جي ڳاله ۽ سوچ بهترين لڳي مان به اهيوئي چوندس ته تاريخن ۾ اٽڪڻ کان بهتر آهي ته اسان مقصد تي اچون ۽ اسان جو مقصد آهي ٻڌي ۽ ايڪتا جنهن ۾ اسان جي سنڌڙي امڙ جي خوشي آهي جڏهن اسان سڀ اجر ڪ ٽوپي جو ويس پائي عيد ملهائيندا سين ته امڙ پهنجن ٻچن کي خوش ڏسي ڪيڏي نه خوش هوندي باقي تاريخ ڪهڙي به هجي مهينو واقعي حج جوحجڻ کپي۔
     
  20. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: ڇا ثقافتي ڏينهن جي ڪا هڪ تاريخ پڪي ڪجي ؟؟؟

    ادا انهي تاريّخ تي اسان سنڌين سنڌي هجڻ سان پنهنجو فيصلو را ۾ ڏينداسين ته بهتر رهندو ۔
    باقي تاريخ 18 ذي الحج جو اگر غور سان مطالعوڪيو وڃي ته بهتر رهندو۔
    باقي اسان به هڪ ڏينهن تي ٻڌي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏئي سگهون ٿا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    انهي ڪري اسان جي نظر هڪ ڏينهن سڀ ۾ بهتر آهي۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو