فيس، بڪ، جو نئون، پروفائيل، پيج، تيارين، جي، مرحلي، ۾،

'فيس بوڪ' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏9 ڊسمبر 2010۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    روزاني ڪاوش جي ٿورن سان.....
    دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ پنهنجي پروفائيل پيج کي نئين انداز ۾ متعارف ڪرڻ لاءِ مڪمل تياريون ڪري ورتيون آهن، جيڪو ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ سڀني صارفين جي استعمال لاءِ رکيو ويندو، نئين ڊزائين تحت پروفائيل پيج تي فيس بڪ جي ميمبرن بابت وڌيڪ معلومات هوندي ۽ تصويرن جي وڌيڪ استعمال جي سهولت پڻ ڏني ويندي. سڄي دنيا ۾ فيس بڪ جا 500 ملين ميمبر آهن، جن جي نئين پروفائيل پيج کي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ متعارف ڪرايو ويندو. فيس بڪ جي باني مارڪ زڪر برگ آمريڪا جي هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت دوران پروفائيل پيج تي ڪيل تبديلين جو نماءُ ڪيو، ٻئي پاسي فيس بڪ جي انجنيئر جوش وائيز مين پنهنجي بلاگ ۾ لکيو آهي ته نئين پروفائيل پيج ذريعي ميمبرن کي پنهنجي بابت وڌيڪ معلومات ڏيڻ آسان ٿي پوندو، نئين پيج ذريعي هو اهو به ٻڌائي سگهندا ته سندن ڪرت يا پيشو ڪهڙو آهي ۽ انهن لاءِ ڪير اهم آهي ۽ ڪير غير اهم آهي. نئين پروفائيل پيج تي ميمبرن جي تصويرن جو هڪ نئون ٽيب هوندو، جنهن ۾ فيس بڪ ميمبرن کي سندن دوست يا گهر وارن طرفان ٽيگ ڪيو ويو آهي، نئون پروفائيل پيج ان ڳالهه جي اجازت ڏيندو ته ميمبر اهو طئه ڪري سگهن ته انهن جا خاص دوست ڪهڙا آهن ۽ اهي انهن دوستن کي فيچرڊ فرينڊ جي کاتي ۾ رکي سگهن ٿا. مسٽر وائيز مين جو چوڻ آهي ته پروفائيل پيج تي ڪيل اهي تبديليون آهستي آهستي شايع ڪيون وينديون ۽ 2011ع تائين سمورا ميمبر اهو پروفائيل پيج استعمال ڪري سگهندا. هن چيو ته جيڪي ميمبر نئون پروفائيل پيج استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ترت پنهنجو پراڻو پيج بدلائي سگهن ٿا.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيس، بڪ، جو نئون، پروفائيل، پيج، تيارين، جي، مرحلي، ۾،

    ادا منهنجي خيال ۾ ته نئون پروفائيل پيج متعارف ٿي ويو آهي۔
    هي ڏسو۔۔۔؟​


    [​IMG]
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: فيس، بڪ، جو نئون، پروفائيل، پيج، تيارين، جي، مرحلي، ۾،

    جي ادا بلڪل توهان جي ڳالهه به بلڪل صحيع آهي مون کي به ائين پيو لڳي پر اهو موضوع ڪلهوڪي اخبار ۾ آيو هيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو