سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 ڊسمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چپل ۽ سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر


    ارم ضيا


    · لباس وانگر بوٽ، چپل ۽ سينڊل جو به توهان جي شخصيت تي اثر ٿئي ٿو، اسان توهان کي هتي اهو ٻڌائينداسين ته پير ۾ پائڻ جون اهي شيون توهان جي شخصيت کي ڪيترو متاثر ۽ تبديل ڪن ٿيون.

    · ڊگهي کڙي واريون جتيون پائڻ واريون عورتون مغرور ۽ اڪيلائي پسند هونديون آهن.

    · اسپورٽس شوز ۽ جوگر پائڻ واريون عورتون زندهه دل ۽ فراخ دل هونديون آهن ۽ راند روند ۾ دلچسپي به وٺنديون آهن.

    · هلڪي چپل استعمال ڪرڻ واريون عورتون انسان دوست ۽ خاموش طبيعت جون مالڪ هونديون آهن.

    · رنگ برنگي چپل استعمال ڪرڻ واريون عورتون ڊراما شوق سان ڏسنديون آهن. اهي ڳالهيون به ڊرامي جي ڪردارن وانگر ڪنديون آهن.

    · ڳري ۽ بند جتي پسند ڪرڻ واريون عورتون سير تفريح جون شوقين هونديون آهن، اهي محنت وارو ڪم ڪرڻ کان گهٻرائينديون ناهن، هي عورتن جو ناياب قسم آهي.

    · جيڪي عورتون ڪڏهن هلڪو ۽ ڪڏهن ڳرو سينڊل استعمال ڪنديون آهن، اهي هڪ ئي وقت باهه ۽ پاڻي مثل آهن.

    · وچولي کڙي پسند ڪرڻ واريون عورتون جهيڙي ڪار هونديون آهن، جهيڙي جهڳڙي مان ئي انهن کي سڪون ملندو آهي.

    · اڳيان ۽ پٺيان سبز ۽ کليل چپل پائيندڙ عورتون شاطر ذهن جون مالڪ هونديون آهن.

    · اڇي رنگ جي چپل وڌيڪ استعمال ڪندر عورتون فراخ دل ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکنديون آهن.

    · سرخ رنگ وارا سينڊل استعمال ڪرڻ واريون پرجوش ۽ جذباتي هونديون آهن. اهي هر وقت ڪاوڙيل نظر اينديون آهن.

    · جيڪي عورتون تڪڙ ۾ سينڊل تبديل ڪنديون رهنديون آهن، اهي بي چين طبيعت جون مالڪ هونديون آهن انهن جي دل ڪٿي به نه لڳندي آهي ۽ گهر وارن لاءِ تڪليف جو ڪارڻ بڻجنديون آهن.

    · هميشه هڪ ئي رنگ جو سينڊل استعمال ڪرڻ واريون عورتون سٺي مزاج واريون ليکيون وينديون آهن، اهي ڪجهه ڪرڻ چاهينديون آهن. اهڙيون عورتون انتهائي امن پسند هونديون آهن.

    · چمڙي واريون جتيون استعمال ڪندڙن گهڻيون عورتون سياستدان ٿينديون آهن.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين تان ورتل
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عورت جي شخصيت تي اثر

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي .
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    ڀائو سليمان تنهنجون اهي ڳالهيون لکن جون پر انهن عورتن جي مُئن سينڊلن جو اثر قسم سان مردن تي به گهرو ۽ گهڻو ٿيندو آهي۔ اسان آزمائي ڏٺو آهي عشق جو ڀوت اصل بُنڊَ پٽائي ڀڄي ويندو آهي۔ منهنجي دنيا جي هر عورت کي وينتي آهي ته هُو ڀلي سينڊل پائين پر خُدارا نوڪدار ۽ وڏين کُڙين وارا سينڊل نه پائن، گهٽ ۾ گهٽ مردن جي مُنهن ۽ نازڪ مٿي جو ته خيال ڪن۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    سائين نثار ناز سلام

    اسان ونڊ ڪيو باقي تجربا ۽ ڪنهن سان ڇا وهيو واپريو اهو ته دوست ٻڌائيندا

    اوهان جا قرب جو ڀينرن کي نوڪدار ۽ وڏين کُڙين وارا سينڊل نه پائن جو مشورو ڏنو آهي۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    مطلب ته تون انهن ڳالهين جي معاملي ۾ پرديسي آهين يار جيڪڏهن ائين آهي ته سليمان تون واقعي درويش آهين۔ ۽ اسان اهڙن درويشن کان سدائين دعائون وٺندا آهيون ، سائين محمد سليمان وساڻ درويش جو خير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    ادا وساڻ توهان اهيو ڪم ڀلو ڪم کنيو آهي ​
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    سائين نثار ناز سلام

    سائين اسان وٽ اڳيئي هڪ درويش آهي (عمران درويش سومرو ) ، فقير به آهن ، مست به آهن ، عاشق به آهن ، جادوگر به آهن ۔ اوهان کي دعائون وٺڻيون آهن ته انتر نيشنل فقيرن کان وٺو۔ اسان اڃان ان ڪيٽيگري ۾ ڪونه آيا آهيون۔ باقي اوهان لاء دعائون گهربيون اسان جا وڏا آهيو
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    يار واقعي تون وري به درويش آهين۔ جونيئر درويش به ٿي سگهين ٿو، عمران درويش سومرو به اڄڪلهه الائي ڪٿي پيو درويشي ڪري، مست ، عاشق ۽ جادوگر جي مون ڳالهه ڪانه ڪئي آهي انٽرنيشنل فقيرن ته پاڻ مونکان دعائون وٺي وٺي انٽرنيشنل فقيري ورتي آهي، تو لکيو هو جاتي ته توهان اڃان اهڙن تجربن کان پري آهيو ان ڪري مون توهان کي لکيو هو ته سليمان وساڻ درويش آهين، خير جتي به هُجين سدائين خوش هُجين اهڙا کوڙ سارا کُڙين، وارن سينڊل وارا مضمون کڻي اچين اسان جا مٿا حاضر آهن ، نٿو مڃين ته پو ڇا ڪبو، عورت جي سينڊل جو رُخ سدائين مردن جي مٿن ڏانهن ۽ مردن جا مٿا سدائين سينڊل لا ڇا ڪجي ويچارو عاشق مجبور آ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر


    ادا عورتن جي معاملي ۾ اسان ڇا چئون بس اهو ته الله ڪري انهن جي سينڊل جو رخ ڪڏنهن مرد ڏي نه ٿئي نه ته ڏسندي ئي ڏسندي ڪاراي وارن واري جڳه ميدان بڻجي ويندي۔
    ادا اسٺو لباس انسان جي شخصيت جي عڪاسي ڪندو آهي ان ڪري اٺو انتخاب تمام بهترين شي آهي ۽ ادي ارم ضيا جا ان پسند جي باري ۾ خيال ٿي سگهن ٿا ته ڪنهن حد تائين درست هجن ڇو ته انسان پهنجي فطرت مطابق ئي ڪا آشي پسند ڪندو آهي جهڙي پر مهنجي خيال ۾ تمام وڏي کڙي واريون عورتون مغرور نه پر گهڻو ڪري مردن ۾ دلچسپي رکڻ واريون هونديون آهين ۽ بلڪل بنا کڙي جي جوتو پائڻ واريون عورتون فيملي عورتون هونديون آهين
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    ادا علي علي مهرباني

    مطلب ته هاڻي سينڊلن تي به نطر رکڻي پوندي۔ اوهان به ڀلي ڄاڻ ڏني باقي سائين نثار ناز ته ڳالهين کي پيو ڦيرائي ۔ اسان سڀني جو وڏو آهي سائين اسان کي درويش ٿيڻ جي دعا ڪئي آهي سو قبول ڪئي آهي۔
     
  11. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    سائين سليمان وساڻ! اوهان تمام بهترين موضوع ونڊ ڪيو آهي، اميد آهي ته انهن مضمونن مان اسان جون ڀينرون سنڌي سرتيون تمام سٺي معلومات حاصل ڪنديون۔۔۔۔
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    اد هن جي ڳاله وانگر شينهن جي مرضي آنا ڏئي يا ٻچا ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ سو سائين ناز جي مرضي آهي باقي سائين کي خبر سڄي اٿو تڏنهن ته اوهان کي دعا ڏني اٿائين ته الله اوهان کي درويش ڪري مطلب ته اوهان به ۔ ۔ ۔ ۔ شادي ڪيو ته پوء اوهان کان به حال احوال و ٺجي ته گهڻي ويهين سوو آهي پڙهڻ ۽ پريڪٽيڪل ۾ ڪيترو فرق آهي \:d/\:d/\:d/
     
  13. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    ادا ڳالهه ته پتي جي آهي نه پنهنجي جا تي ڇو جو هيڏي ساري معلومات ملي هاڻي ته خاص ڪري مون جهڙا شادي شده خيال رکندا خريداري مهل به۔
    ادا وساڻ بهترين ڳالهيون ونڊيون اٿئو۔
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    يار علي علي مڙس ٿي منهن ڏبو

    باقي سائين اسان کي گهڻو نه ڊيڄاريو۔ اڄ ئي فيس بوڪ واري ٿريڊ ۾ گهڻو ڪجه پڙهڻ لاء مليو آهي

    باقي سائين نثار وڏو آهي ضرور رهنمائي ڪندو
     
  15. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    هڪ ڳالهه ته مان به ڪندس هن ٿريڊ ۾ ته اڄ ڪلهه ڀلا اهو اسان جو ادو سليمان ڪڏهن بيوٽي پارلر ته وري ڪڏهن سينڊلن جي باري ۾ ٿو وتي کوجنا ڪندو ........................؟
    اڄان ترس ڀائو سليمان هي ته شروعات آهي ..

    ها ها ها ها .............


    سدائين گڏ
     
  16. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    بلڪل اها ڳالھ درست آهي، پر مرد جي به شخصيت تي چپل يا بوٽ جو وڏو اثر پوندو آهي۔
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    فقير سائين۔۔۔ هو چوندا آهن نه ته آگي آگي ديکهيئي هوتا هي ڪيا۔۔۔ ته پاڻ‌به انتظار ڪيو ۽‌ ڏسو واري پاليسي ڪنداسين جيستائين ادو سليمان شادي ڪري ۽‌ پوءِ‌ سندس خيالات ٻڌنداسين
     
  18. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    عاشق يار تون به درويش آهين پڪ سان هڪڙو ته پاڻ سڀئي مرد ٿِي زناني گاڏي ۾ سوار ٿي پيا آهيون، ڳالهيون هلن پيون وڏين کُڙين نوڪدار سينڊلن جون مٿان تون وري چپل ۽ بوٽ جو ذڪر ڪٿان کڻي آئين۔ بُري بات
     
  19. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    سائين ڀلي ڳالھ بُري هجي۔۔۔پر مڃڻو پوندو اوهانکي۔۔۔۔:)):))
     
  20. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سينڊل جو عورت جي شخصيت تي اثر

    يار عاشق ڳالهه ته هرڪنهن جي مڃندو آهيان پر اسان مردن لا سينڊل سي ڊگهين هيل وارا ڪافي آهن تون وري بوٽ ۽ چپل جو اثر وڌيڪ ٿو ڏيکارين ويچارا مرد وڃن ته ڪاڏي وڃن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو