هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، جڏهن سنڌ جي سُونهن جي ڳالهه ڇيڙبي آهي ته سنڌ جي هر وستي سنڌ جو هر واهڻ، سنڌ جو هر ڳوٺڙو، سنڌ جو هر شهر ، سنڌ جي هر گهٽي ۽ سنڌ جو هر چوڪ ماشاءالله آهي مون پنهنجي جيجل سنڌ ڌرتي جي سُونهن حيدرآباد شهر جي مشهور چوڪ حيدر بخش جتوئي چوڪ ، حيدر چوڪ حيدرآباد کان مٺي سنڌ کي اجهو هينئن ڏٺو آهي هڪڙي وائي لکي اٿم، توهان ساري دنيا جي سنڌين سميت سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي پنهنجي هي وائي ارپيان ٿو۔ ڪمپيوٽر جي چترڪاري جي روپ ۾

    [​IMG]

    هَلُ ته حيدر چوڪ کان !
    سُونهن ڏيکاريانسنڌ جِي!
    ڄامشوري ۽‌المنظر کان،
    روڪ بنا ڪنهن ٽوڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي!
    ڪينجهر کان ڪشمور ڪنڌِي،
    نينهن نرالي لوڪ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    بيتَ ڀِٽائِي جا ٿا پڙهجن،
    شوقَ وڏي ۽ ذوقَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    صُوفِي شاهه عنايت فلسفو،
    جڳمڳ جرڪي جهوڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    واکاڻ نه سنڌ جِي روڪبِي ،
    روڪيندڙ جي روڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    الا! سنڌ اڱڻَ تي انقلابَ ،
    ايندا قلمَ جي نوڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    ٿِي ”ناز“ گُهري بس آجپو،
    هي سنڌ غلامِي طوق کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    هَلُ ته حيدر چوڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي


    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔
     
  2. علي منير پاٽائي

    علي منير پاٽائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    السلام عليڪم ورحمة الله وبرڪاته

    الا! سنڌ اڱڻَ تي انقلابَ ،
    ايندا قلمَ جي نوڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !

    سائين نثار ناز صاحب جڙيا هجو پنهنجي محبوبن سان ۔
    ادا اِن شاءالله حياتي رهي ته ضرور ڏسندس سونهن مٺڙي سنڌ جي ۔
    زبردست زبردست شئرنگ آهي سائين نثار قلم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار
     
  3. Rashid

    Rashid
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    السلام عليڪم
    سا ئين نثار ناز صاحب اوهان ماشا الله ڏاڍو سٺو لکيو آهي ، ۽ اوهان جي وائي ۽ چترڪاري ڏاڍي خو بصورت آهي ۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    ادا نثار ناز ماشا الله توهان جي شاعري جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي ...
    توهان جي هر شاعري تمام بهترين هونڊي آهي .
    دل ته چوي ٿي ته توهان سان هيئنر ئر ملي توهان کي داد ڏجي ..
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    ادا تمام بهترين شاعري توهان پيش ڪئي آهي۔​
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    منهنجا پيارا سائين علي منير وعليڪم السلام، توهان جون محبتون ۽ پيار ڪڏهن اندر کي جهوري وجهندا آهن، توهان جون چاهت ڀريون ڳالهيون بلڪل ياد اينديون آهن الا ڪنهن مجبوري سبب مان اسڪائپي يوز ڪونه پيو ڪريان، ان ڪري ڳالهه ٻول ئي ڪانه ٿِي ٿئي پر چوندا آهن ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان شال مَ مِلان هوت۔ ڀلي توهان سان ملڻ جو سرور اندر پچي پڪو ٿئي۔ باقي توهان کي منهنجي هي شاعري زبردست لڳي ، توهان جي همت افزائي لا مون مولائي مسڪين ٽي درجي واري شاعر وٽ ته لفظ ئي ڪونهن ۔ الله سائين توهان کي ۽ توهان جي پيارن کي سدائين آباد رکي آمين۔
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)
    هل ته ريس واھ مدئجي کان سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي (عاشق سولنگي) :>:>

    سائين سنڌ سموري سون۔۔۔۔سنڌ جي هڪ گلي گلي سونهن سان ڀري پئي آهي۔۔۔اوهانجي شاعري هميشه جيان لاجواب
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    ادا راشد صاحب توهان جي مهرباني جو منهنجي هي غريباڻي لکڻي ۽ چترڪاري توهان کي خوبصورت لڳي۔ لک لائق سائين۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جا لک قرب جو اوهان سنڌ جي سونهن پيا ڏيکاريو ۽ حيدر چوڪ پيا گهمايو۔

    الا! سنڌ اڱڻَ تي انقلابَ ،
    ايندا قلمَ جي نوڪَ کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !
    ٿِي ”ناز“ گُهري بس آجپو،
    هي سنڌ غلامِي طوق کان !
    سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !

    سائين انقلاب ضرور ايندو ، پر اسان کي ان لاء تياري ڪرڻي آهي۔ اوهان جا ٿورا جو سنڌي قوم جي ضمير کي پيا جهنجهوڙيو
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    [justify]پيارا رياض ڪافي ديرکان توهان ۽ توهان جي داد جو انتظار ڪري ڪري ٿڪي پيو آهيان ته توهان ايندا ته دال ڀت گڏجي کائينداسين ماسات سڳوري به پهريون دفعو مون بنا اڪيلي اڪيلي دال ڀت کائي وڃي سياري ۾ بستري ڀيري ٿِي آهي، تو جو چيو ته تون ايندين سو تون نه آئين هاڻي اڪيلو دال ڀت کايان ٿو۔باقي منهنجي شاعري توکي بهتر لڳندي ان ڪري جو تون خود بهترين آهين تمام پيارو آهين ۔ الله سائين توکي سدائين آباد رکي آمين۔[/justify]
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    مهرباني ادا وگهيا جو اسان جي هي شاعري توهان کي بهترين لڳي۔
     
  12. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    آيم حيدر چوڪ کان، سونهن ڏٺي مون سنڌ جي۔۔۔
    روڪ بنا ڪنهن ٽوڪ کان، سونهن ڏٺي مون سنڌ جي۔۔۔

    سنڌ جي فڪري سياست جي باني سائين ڪامريد حيدر بخش‌جتوئي جي نالي سان منسوب ٿيل هن حيدر چوڪ کان شروعات ڪندي توهان جيڪو سنڌ جو هي سهڻو منظر پنهنجي شاعري وسيلي ڏيکاريو آهي، اهو لاجواب آهي، محسوس ٿئي ٿو ته اسين به اوهان سان گڏ انهيءَ‌ سفر ۾ شامل آهيون جنهن جو ذڪر اوهان پهرين ڪيو هو۔۔۔ مولا توهان جي ڏات کي اڃان وڌائي​
     
  13. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    تمام بهترين چترڪاري ۽ تمام بهترين شاعري الله اوهان کي حياتي ڏئي جو اوهان سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪريو پيا۔۔
    اسان جون دعائون اوهان گڏ آهن۔۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: هَلُ ته حيدر چوڪَ کان، سُونهن ڏيکاريان سنڌ جِي !(نثارناز)

    پيارا مست سنڌ جي سونهن پهرين ڄامشوري ۽ المنظر کان روڪ بنا ڪنهن ٽوڪ جي ڏسي پو حيدر چوڪ تي اچين ها ڇو ته توکي پهرين ڄامشورو ۽ المنظر ويجهو آهي مونکي وري ٽنڊو محمد خان کان حيدر چوڪ ويجهو آهي ان ڪري مان پهرين حيدر چوڪ جي ڳالهه ڪندس پر وري به سنڌ سموري اصل رابيل ۽ گُلابن سان ڀري پئي آهي ۔ لک لائق توهان ڏات ديوي کي اڃان وڌڻ جون دعائون ڏنيون اسان جي همت افزائي ڪئي ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو