هاڻي ڪنهن به ڪتاب کي ٽي وي تي پڙهو۔۔۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    جيڪڏهن توهان جي نظر ڪمزور آهي ۽ توهان عينڪ کان بغير اخبار، ڪتاب يا رسالو پڙهڻ ۾ ڏکيائي ٿا محسوس ڪريو ته هاڻي وڌيڪ پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي ڇو ته Ez Read جهڙي ٽيڪنالاجي اچي چڪي آهي۔۔۔۔۔
    هن ڪمپيوٽر جي مائوس نما آلي کي مواد تي رکي پنهنجي ٽي وي سڪرين تي وڏن لفظن جي صورت ۾ ڏاڍو آساني سان پڙهي سگهجي ٿو۔۔۔۔ ان جي لاءِ هن آلي سان ڳنڍيل هڪ وڊيو ڪيبل کي جيڪا آلي سان گڏ ملندي آهي۔۔۔ ٽي وي جي Input ۾ پلگ ان ڪرڻو پوندو آهي۔۔۔
    في الحال هي آلو وڏن ترقي يافته ملڪن ۾ وڪري لاءِ موجود آهي جنهن جي قيمت 95۔99 آمريڪي ڊالر آهي۔۔۔۔۔
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا تمام بهترين يار اسان جهونن لاء يقينن تمام بهترين خبر آهي ادا هوئن به مينهن جو گاه ڪري ڪري اکين ۾ پگهر پئجو وڃي مرڳو نظر ئي ڪمزور ٿي وئي آهي ادا وهان جي مهرباني اهڙي خوشخبري لاء سهڻا پر ادا اها گهڻي ۾ ملندي ڪٿي مون کي اها وٺڻ لاء مينهن ته ڪونه کپائڻي پوندي نه مان اها ڪونه کپائيندس يار
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا علي علي سائين رشيد سمون خبر اصل معشوقڙي ڏني اٿس، اصل اوهانجي لاءِ ته تمام مفيد ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي۔۔۔

    علي مٺڙا مينهون مينهون ٿي پونديون، کير پيا کائبا پر يار جهونو آهين، اهڙو آلو وٺي ڇڏ۔۔۔ اڄڪلهه ته اصل عينڪون به مهانگيون لڳيون پيون آهن۔۔۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا زاهد تهنجي ڳالهه برو بر پر يار ٻچن کان وڌ پهنجي جان پياري ڪانهي
    ادا اوهان سچ ٿا چئو عينڪون تمام گهڻيون مهانگيون ٿي ويون آهين ادا ٽيون ڏينهن منهنجي پوٽي مهنجي عينڪ جي به ٽنگ ڀڃي وڌي سو پاڻ واري لاهوتي يار الهرکئي وٽ فريم ٺهرائڻ کڻي ويس چيو مانس ته يار عينڪ جي ٽنگ مٽائي ڏي جڏهن يار قيمت ٻڌايائين ته مون کي دورا پوڻ لڳا ادا مان چيو مانس ته ان ٽنگ کان بنا مان اڳڙي ٻڌي ڪم هلائي ويندس ادا مون کي ٽنگ ڪونهي وجهرائڻي سو هاڻي مڙئي اڳڙيون ٻڌيون پيو وتان ادا ائين ٿو لڳي ته مون واري عينڪ عينڪ نه پر ڪنهن الله جي پياري جي قبر آهي جنهن مٿان ايترا پڙ چڙهيل آهن
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا رشيد توهان تمام سٺي خبر ٻڌائي آهي ادا علي علي وانگر اسان کي ان جي ضرورت ضرور پوندي
    ادا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان اسان کي وقتن به وقتن اهڙِيون معشوقڙيون خبرون ڏيندا رهندا آهيو
    توهان جس لهڻو .

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  6. احسان علي جانوري

    احسان علي جانوري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ميهڙ سنڌ
    تمام زبردست شئيرنگ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو