جڳهه ياد رکڻ هاڻي ڪو مسئلو نه آهي۔۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    عمر وڌي وڃي ته ياداشت هڪ مسئلو بڻجي ويندو آهي۔۔۔۔ پارڪنگ لاٽ ۾ پهچي اهو ياد نه رهي ته ڪار ڪاٿي پارڪ ڪئي هئي؟۔۔۔ مارڪيٽ ۾ ٻيهر وڃڻ ٿئي ته جنهن دڪان تان پهريان سامان خريد ڪيو هيو ان دڪان کي جانچڻ ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي۔۔۔۔ اهڙي موقعي تي شرمندگي کان بچڻ لاءِ نيون شيون ٺاهڻ وارن هڪ نئين شي Way Back جي نالي سان ايجاد ڪئي آهي جنهن جي مدد سان توهان پارڪنگ لاٽ ۾ بيٺل کوڙ سارين گاڏين مان پنهنجي گاڏي تائين پهچڻ انتهائي آسان آهي ۔۔۔۔ ڪنهن دوست جي گهر جي درست ڳلي ۾ داخل ٿي سگهو ٿا۔۔۔ مطلب ته ڪابه اهڙي جڳهه جتي توهان ٻيهر وڃو اتي بغير ڪنهن پريشاني جي پهچي سگهو ٿا، بيشڪ توهان کي ياد هجي يا نه۔۔۔۔
    هي آلو ٽن قسمن جا مقام پاڻ وٽ محفوظ رکي توهان جي درست رهنمائي ڪري سگهي ٿو ۔۔۔۔ وَي بيڪ ظاهري طور طرفن جي رهنمائي ڪندڙ ڪمپاس وانگر نظر ايندو آهي پر حقيقت ۾ هي هڪ طاقتور GSP (گلوبل پوزيشننگ سسٽم) جي طور تي ڪم ڪندو آهي۔۔۔۔ هي ايترو ته ننڍو ٿيندو آهي جوآساني سان پنهنجي کيسي يا ٻٽون ۾ اچي سگهي ٿو۔۔۔ هن جي موجودگي ۾ توهان ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي گمشده محسوس نه ٿا سمجهي سگهو۔۔۔۔۔
    وَي بيڪ کي توهان ڪاٿي به پيدل ويندي استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔ شاپنگ مال، اسٽيڊيم، شهر جو وچ، ڪو پراڻو ڳوٺ، ڪا اجنبي جڳهه۔۔۔ ڪاٿي به هي توهان کي مايوس نه ڪندو۔۔۔۔
    هن آلي جي قيمت 95۔89 آمريڪي ڊالر آهي۔۔۔۔
     
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    واه ادا رشيد واه

    تمام پياري شيئرنگ ڀا٪ءُ۔۔۔ اهڙيون ناياب لکڻيون الائي ته ڪٿان ته ڳولهي کنئيون ٿا اچو۔۔۔ اهڙي شي ادا علي علي جي لاءِ بهتر رهندي۔۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    واه ادا رشيد واه ....
    مهربانيون سائنس جون ... اصل ٻيڙا ئي پار ڪري ڇڏيا اٿس ... اسانجا وڏا ڏاڏا آسمان کي ڏسي پيا تارن جي ذريعي وقت ۽ جڳهون ڳولهيندا هئا ۽ جي ڪو وڃائجي ويندو هو ته... پڙهي واري کي گهرائڻو پوندو هو ...
    سٺي خبر آهي پر ٿورڙو ترسو جڏهن سستو ٿيندو ته خريد ڪبو ڀلا 100 ڊالر به پنهنجا ته ڏهه هزار روپيا کن ٿيا نه ... ڏسئون ته ڪڏهن ٿو سستو ٿئي ...
    مهربانيون
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا رشيد مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته توهان کي اهي خبرون پون ڪيئن ٿيون ۽ توهان وري شيون به اهڙيون ٿا ٻڌايو ٿا جيڪو مون جي ڪافي دوستن کي انهي جي ضرورت آهي
    بهترين شيئرنگ آهي ادا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو shal judy hujeen


    lajwab-sharing




    sindhsalamatsaathsal
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ادا رشيد ڪجهه گهٽ ڪر يار قيمت گهڻي آهي. پرين ڊالر جو ريٽ اڄ ڪلهه اٺ هزار تي وڃي پهتو آهي ياد اٿئي نه اردو بازار وارن ٺڳن جي جڏهن پاڻ به ڊالر تبديل پي ڪرا يا سين. ادا ڏَسن هڪڙو ريٽ ۽ ڏين ٻيو پيا. ادا بس اهي ٿئي حال پهنجي پاڪستان جا. ادا اوهان مون کي ان بابت تڏنهن ٻڌائجو جڏهن 50 ڊالر تي وڃي پهچي پوء منهن ڏئي ويندا سيس
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو