هـــــن دنـيـا ۾ اي ديــس هُـيـا نــادان هــزاريــن مــان نــه رڳــو. جــي راهــهِ اجــل ڪــنــهــن ورتـــي آ ، هــن ڀـــونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ، هيءَ ڌرتــي تو کــي پرتي آ ، مـهــمــان هــزاريــن مــان نـــه رڳـــو. اک ســاري رات نـــه جھــپـڪي آ ، ۽ شبنم شبنم ٽَپڪــي آ، جي باک گُهري ٿي بُک ، ته اي زنــدان ! هــــزاريـــن مـــان نـــه رڳــــو. ٿـــو ســــاري ڪـــو بــه نــه سُــــڃ مُـئا، هُو رُڃ مُئا جي اُڃ مُئا ڇا پاپِي پَـر کــي پُــڃ مُــئــا ، ارمــــان هـــزاريــن مــان نــه رڳـــو . ڇو چنڊ اسان کي رات ٺري ، ڏي چــانـــڊوڪــيءَ جــــو زهـــر ڀَــــري؟ آ ڪـــيڏو پـــويــــون پَـــهر پـــري ! حــيــران هـــزاريــن مــــان نــه رڳـــو. تون چئه نه ڪُڇان، تُون چئه نه لُڇان، پر تونکان هڪڙي ڳالهه پڇان؟ تُون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندين، اعلان هزارين مان نه رڳو. هـــــي دؤر ” ايــاز گُــذرڻــو آ ، ۽ پــنــهـــنـــجــو وارو ورڻـــــو آ، ڪــــــــو ٻـــارڻُ ته ٻرڻو آ ، امڪــــــان هزارين مــان نــه رڳـــو.
جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي سائين سنڌ جي سرموڙ شاعر جي اهڙي سهڻي شاعري ونڊ ڪرڻ تي اوهان کي جس هجي۔۔۔
جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي بيشڪ سنڌ جي سهڻي شاعر شيخ اياز جو هو انقلابي گيت، ٻڌڻ سان هڪ نئون جذبو ۽ قومي غيرت جو روح ڦوڪجي وڃي ٿو ۔۔۔ سنڌ سلامت جي اڱڻ تي به ڪڏهن چانڊوڪي ٿي هئي، افسوس جو اهو چنڊ به 14 تاريخ تائين ته آب تاب سان رهيو پر پو اوچتو ئي اوچتو منهن موڙي ويو ۽ هيٺ واري مصرع جيئان چانڊوڪي جو زهر ڀرجي ويو۔۔۔ الله الله ڪري ان زهر کي ختم ڪيو آهي ۔۔۔ سو دوستو چانڊوڪي جو زهر به عجيب آهي ۔۔۔ !!! لڳي ته دوا جي نه لڳي ته سر کڻي ۔۔۔
جواب: تون ڪنهن ڪنهن کي خاموش ڪندي ادا ڪاشف توهان شيخ ايا ز جي شاعري ونڊ ڪري اسان جي دلين ۾ جنون پيدا ڪيو آهي۔