امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏6 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اچو ته هڪ آدرشي سنڌ جو رستو کوٽو ٿيڻ کان بچايون!




    ڇنڇر 4 جولاءِ 2009ع



    ”جيئن ڪڪڙ سير وجهي ڦٿڪڻ لاءِ ڇڏبو آهي، تيئن انهن ظالمن منهنجي شازيه کي قسطن ۾ ماريو. پهرين گولي هنن شازيه کي ڪک ۾ هنئي، هوءَ ڦٿڪندي رهي ته ٻين عورتن کي ڪمري کان ٻاهر ڪڍيو ويو...پاڻ بچائڻ لاءِ هُن پنهنجو هٿ آڏو ڏنو ته ٻي گولي هن جون ٽي آڱريون چيري ڇڏيون هيون...هوءَ اڃا ڦٿڪي پئي ته اوڙي پاڙي مان ڪنهن گولين جو آواز ٻڌي رڙ ڪئي ته ڪنهن کي ٿا بيگناهه ماريو...جوابدار وري ڪمري کان ٻاهر نڪري شازيه کي ڦٿڪندو، لڇندو ڇڏي پاڙي واري کي ڇڙٻ ڏيندي چيو ته، ڀڄ هتان نه ته توکي نه اُن سان ڪارو ڪريان ۽ هو واپس آيو، شازيه کي اڃا ساهه هو...هن ٽئين گولي سندس اک ۾ هنئي، جيڪا اک جو تارو ڇليندي ٻئي پاسي کان نڪري ويئي....“ هوءَ شازيه جي بدنصيب ماءُ هئي، سندس اکين جا ڳوڙها خشڪ هئا، سندس ٻوليءَ ۾ باهه ۽ سندس اندر ۾ ٽانڊن تي لمحو لمحو پچندڙ وجود هو. هن جو سڄو وجود ڦٿڪي ۽ لڇي رهيو هو، جڏهن هوءَ سوشل سائنس جي فائنل ايئر جي پنهنجي خوبصورت ڌيءَ شازيه ابڙو جي قتل جي واردات بيان ڪري رهي هئي. ”توهان جوان آهيو، توهان کي خبر آهي ته جواني جو نور ڇا هوندو آهي، جواني جي روشني ۾ ڪيڏي نه چٽائي هوندي آهي، قاتل قهاري، ان نور جو نشانو وٺي گولي چٽي.“ هن ماءُ جي دانهن عرش هلايو ٿي يا نه، پر اسان جا روح ڏڪيا ٿي ته جن عورتن جا معصوم ٻار ائين ڪٺا وڃن، سي ڪيئن نه ٻه اڌ ٿي زندگي گهارينديون آهن. هن دانهن ڪندي، پيٽ تان ڪپڙو مٿي ڪندي چيو، ”هن پيٽ ۾ مون کيس ڏهه مهينا پنهنجي رت سان جوڙيو هو، مون اوجاڳن سان، پيٽ بکيئي سان، ڏک سور سان کيس پاليو هو. منهنجي مالڪي، هڪ ڏينهن ۾ بندوق جي فائرن سان ختم. هنن منهنجو آنڊو وڍي، منهنجو پيٽ چيري ڇڏيو آهي، هنن منهنجي ارمانن جو خون ڪيو آهي، هنن ”ڪارنهن“ جي ٽڪي سان منهنجي کير جهڙي اجري ڌيءَ ڪٺي آهي.“ هن وڌيڪ دانهيون ته، ”هنن رات جي ماني لاءِ کين سڏايو هو، سئو رپين جو ڪڪڙ ڪهي هنن منهنجي ٻارن جي دعوت ڪئي هئي ۽ پوءِ هنن بندوق جي فائرن سان منهنجي ڌيءَ ڪهي حرام ڪئي ۽ پنهنجو سئو رپئي جو ڪڪڙ حلال ڪيو. منهنجي چوويهه سالن جي ڌيءَ جي ڄمار، منهنجي رت خون جا اوجاڳا انهن هڪ رات ۾ لاهي پورا ڪيا.“

    هن هڪ ماءُ جو آنڊو ئي نه وڍيو ويو هو، پر هن جو روح به سير هڻي ڦٿڪڻ لاءِ ڇڏيو ويو هو. هن جي سموري ڄمار جا سور، ٿڪ، اوجاڳا، ذلتون ۽ زماني جا ڏنل زخم ٻيهر ساوا ٿي پيا هئا. ماضي ۾ هن بدقسمت ماءُ لاءِ نه ڪي وڏا سک هئا ۽ نه ڪي گهڻيون خوشيون هيون، شازيه هن جي سموري درد جي دوا بنجڻي هئي. ڪي اٺٽيهه سال اڳ هن ڳوٺ ملان ابڙو ڇڏيو هو، باقراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ لاڙڪاڻي جي ان ئي ڳوٺ ملان ابڙو ۾ اهو قهر جو پهريون واقعو هو، جنهن ۾ ”ڪارنهن“ جي الزام هيٺ هن ماءُ جي معصوم ڌيءَ کي خون ۾ وهنجاريو ويو. ”شازيه ڦٿڪي ڦٿڪي دم ڏنو هو، رت جو تلاءُ هو، جنهن کي ”ڍاڪون“ ۾ ڀري چانڊڪا اسپتال کڻي ويا...ڍاڪون ۾ ڀريل اهو خون، جيڪو شازيه جي بت مان نڪتو، سو منهنجو خون هو، منهنجي ٻچي جو خون...چانڊڪا وارن پوسٽ مارٽم نه ڪيو....منهنجو خون انهن به حرام ڪيو.“ هن ڳوٺ ملان ابڙو ڇڏيو، ان ئي نسوري ناحق کان، جتي ٻارن تي ماءُ کان وڌيڪ مالڪي ٻئي راڄ جي هئي. سليمان ابڙي (نامزد جوابدار) جي ڀيڻ جڏهن شازيه جي چاچي سان لائنون ٿي لڌيون، تڏهن وڏن پاڻ ۾ ويهي اها ڏي وٺ ڪئي ته ان سڱ بدلي شازيه جيڪا اُن وقت اڃا ٻن چئن سالن جي ٻار ئي هئي، تنهن جو سڱ سليمان جي ڀاءُ قمبر کي ڏنو ويندو. ”منهنجي شازيه، تنهن وقت راند پئي کيڏي ته ڇوڪري جي ماءُ اچي شازيه مٿان لٽو وڌو. مون ان وقت ڇرڪ کاڌو، اٿيس ۽ لٽو مٿانئس لاهي پٽ تي اڇليو ته ائين ڪيئن منهنجي ڌيءَ جو سڱ/مڱڻو ٿيندو، منهنجي شازيه عيبيل ۽ کريل ته نه هئي جو ساهيڙين، ماساتين جي وچ ۾ ويهي مڱڻو نه ڪري ها...مون اهو لٽو وجهڻ نه ڏنو، مون اهو سڱ نه قبوليو، مون سندن اها مالڪي نه قبولي. شازيه ننڌڻڪي نه هئي، ماءُ پيءَ واري هئي.“

    ائين به نه هو ته ڪو باقراڻي ٿاڻي تي درج ٿيل ايف آءِ آر ۾ شازيه جي والد، جيڪو پاڻ آمريڪا، انگلينڊ جو پي ايڇ ڊي هولڊر، ٽنڊي ڄام جو پروفيسر، اعليٰ تعليم يافته هو، تنهن شازيه جي خوني جو نالو وٺڻ کان لنوايو هجي ۽ ائين به ڪو نه هو ته هن شازيه جي خون کي راڄوڻي دٻاءَ ۾ لکئي جو ليک سمجهي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هيءُ قتل جنهن جو فريادي سندس والد هو ۽ اکين ڏٺي شاهدن ۾ سندس ڀيڻ ۽ ڀاءُ عظمت ابڙي جو نالو آهي.

    سنڌ ڪارين جو ديس آهي. قومپرستن لاءِ ڪارين ڪهڻ جو ڪاروبار غلامي جي نشاني ڀل هجي، پر ان غلامي ۾ جيڪڏهن ڪهاڙي عورتن تي ڳاڙهي ٿئي ته سوال ضرور اٿندو. هيءُ ته عجب ڪاروبار هو، جنهن ۾ ”ڪاري“ جو ٽڪو لڳائيندڙ نه ماءُ، نه ڀيڻ، نه پيءُ، نه ڀاءُ....ڪو پري جو مائٽ مالڪي ڪندي اچي ڪنهن ماءُ پيءُ جي ٻچي کي بنا ڏوهه، بنا ڪنهن حد حساب جي ”ڪارنهن“ جو نانءُ ڏيئي ائين خون ڪري وڃي. هيءُ ڀڳل ٽٽل سنڌ جو آئينو آهي، جنهن ۾ ماءُ پيءُ پنهنجي جگر گوشن جا لاش ائين کڻن ٿا، ڄڻ ننڌڻڪا هجن...سنڌ جي هن آئيني ۾ رڳو رياست جي قانون ۽ اختيار جو مهانڊو بگڙيل ناهي پر سماج جي هر فرد ۽ رشتي جو روح کريو پيو آهي. سنڌ هاڻ فقط سياسي تبديلي لاءِ نه، پر هڪ اهڙي همه گير سماجي انقلاب لاءِ پڻ واجهائي رهي آهي، جنهن ۾ رياست ۽ سماج جي هر خانه خرابي جو علاج ممڪن ٿي سگهي.

    لاڙڪاڻي ساهه سيباڻي جو ڪچو چٺو کولجي ته معلوم ٿيندو ته اسپيڪر سنڌ اسيمبلي ۽ ٻه صوبائي وزارتون رکندڙ هن ضلعي ۾ هن قهر کي ڪيترائي مهينا گذريا آهن، پر ڪارروائي واري پاڇي ۾ اڄ به ٻڙي لڳل آهي. هيءُ توقير فاطمه جو ضلعو آهي، جيڪا عورتن جي ڀلائي واري وزارت جون واڳون سنڀاليندڙ آهي. پتو ناهي ته اها ذاتي طور تي ڪيتري بااختيار آهي، جو هن ڪيس جي پوئواري ڪري، هڪ ماءُ جي اڌ سڙيل جگر تي ڪو ڇنڊو وجهي سگهي. ها، هيءُ قانون جي وزير جو ضلعو پڻ آهي. ان ضلعي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اختيارين جو اهو ڪهڙو اختيار آهي، جو هڪ پڙهيل لکيل باشعور نينگري جو قتل ٿي وڃي ۽ مهينا گذرڻ بعد به ٿاڻي جي ڪارروائي ٻڙي نظر اچي. باقراڻي ٿاڻي تي فون ڪري، ان واقعي ۾ گهربل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس آفيسرن کان پڇا ته ڪري ڏسو، اتان هڪ ئي جواب هوندو ته ”ڏوهاري طاقتور آهي، مٿس پوليس مقابلن جا ڪيس آهن، توهان دعا ڪريو ته پڪڙجي.“ اها سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي آهي، جيڪا دعائن جي آسري ۾ ڏوهارين سان پڄڻ جا پلان رکي ٿي.

    سومهڻي جي ٻانگ ويل ڪٺل اها نياڻي شازيه ابڙو ان روايتي سڱ جي انڪار جي نتيجي ۾ موت جو کاڄ بڻي، جنهن ۾ کير پياڪ ٻارڙين کي بدي عيوض ڪنهن جي نانءُ ڪيو وڃي ٿو. اهو بدي جو سڱ هو، جنهن ۾ هڪ پاسي يونيورسٽيءَ جي گريجوئيٽ ڇوڪري هئي ته ٻئي پاسي آڱوٺي ڇاپ اميدوار هو. شازيه جي پروفيسر پيءُ ۽ ماءُ پاران جيتوڻيڪ اهو رشتو منڍ وٺي قبوليل نه هو، ان ڪري ان روايتي ماحول کان ٻاهر انهن ٻارڙين جي تربيت، تعليم ۽ ننڍپڻ ٽنڊي ڄام يونيورسٽي جي ڪيمپس جي آسپاس گذريو. چئن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ جي ان ڪٽنب جيترو ممڪن هو، ان روايتي ڪلچر کان پنهنجو پاڻ کي بچايو. ڇوڪرين جي تعليم ان پروفيسر پيءُ نه، پر اڻ پڙهيل پر انتهائي باشعور ۽ سمجهو ماءُ جي ڪري ممڪن ٿي. ان پنهنجي ڌيئرن کي ائين پڙهايو جو کيس پتو هو ته عورت جي خودمختياري سندس معاشي آزادگي ۾ هئي. هن اسان کي گهر ۾ آجيان ڪندي چيو هو، ”توهان ڏسو سڀ پڙهيل ڳڙهيل پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيو، پنهنجي مرضيءَ سان زندگي گذارڻ ۽ پئسو ڏوڪڙ خرچ ڪرڻ جهڙيون، نه ابي امڙ جي محتاجي، نه ئي اسان وانگي مڙس سميت سڄي راڄ جي غلامي...ٻه اکر جيڪڏهن پيٽ ۾ هجن ها ته اڄ ائين مون کي دانهون نه ڪرڻيون پون ها.“ عورت جي محتاجي جو احساس ۽ ان جي خودمختياري جي خواهش ئي هئي، جنهن ڪري شازيه جي ماءُ نياڻين جي تعليم ۾ پنهنجي مڙس کان گهڻا دفعا اڳڀري هئي. ”مون هن جا خواب ڏٺا ته پڙهندي، لکندي، نوڪري ڪندي ڪنهن جي محتاجي نه ڪندي...ٻن ٽڪن لاءِ راڄ جي غلامي نه ڪندي.“ هوءَ عورتن جي حقن واري فلسفي کان واقف نه هئي، ڪنهن تنظيم جي عورتن سندس شعور ۾ اهي ڳالهيون نه وڌيون هيون، عورت جي معاشي آزادگي ان عورت جو خواب هئي، جيڪا ڳوٺ ملان ابڙي ۾ ٻه اکر به پڙهي نه سگهي. اهو هڪ عورت جو تجربو هو، اها سندس زندگي جي حاصلات هئي ته هن جي ڌيءَ پڙهي لکي، نوڪري ڪري. ”هي ڏسو، منهنجي ڌيءَ جون مارڪون، منهنجي ڌيءَ پوزيشن کنئي هئي، هينئر ان جي سهيليءَ مارڪن جي لسٽ موڪلي هئي. شازيه ته امتحان ڏيئي ماماڻن جي شادي کائڻ ويئي، ڪنهن کي پتو هو ته کيس اتان دوکي ۽ دولاب سان پنهنجي گهر گهرائي چاچاڻا کيس ائين قسطن ۾ ڦٿڪائي ماريندا.“

    شازيه جي رزلٽ اڃا هاڻ آئي هئي، هوءَ پوزيشن هولڊر هئي ۽ يقينن جڏهن هوءَ نوڪري ڪري ها ته سندس ماءُ جون رڳو اکيون ئي ٿڌيون نه ٿين ها، پر هن جي ان سپني جي تڪميل ٿئي ها، جنهن ۾ هن پنهنجي ڌيءَ کي لال ڪنوار ٿيڻ کان اڳ ۾ نوڪري ڪندي ڏسڻ چاهيو هو. هن جي ماءُ وٽ ڌيءَ جي زندگي جي پل پل جو داستان هو. پنهنجي ڀوڳنائن جي طويل سفر جو لمحو لمحو هن ورجايو ٿي...هن پنهنجي ماريل ڌيءَ جي ڄمڻ کان وٺي تڏي وڇائجڻ جو ذڪر ان درد سان ٿي ڪيو، جو اسان ستن ڄڻن لاءِ اهو ممڪن نه هو ته ڪو پنهنجا لڙڪ پنهنجي اکين ۾ قابو رکي سگهون. سڀ سڏڪندا رهيا هئاسين ۽ هوءَ پنهنجي ڪٺل ڌيءَ لاءِ پار ڪڍندي رهي هئي. ”هنن منهنجي ڌيءُ ڪاري ڪئي، اتي هنن ڪو ”ڪارو“ به ڪيو، جنهن کان هنن چار لک ورتا. منهنجي حصي ۾ ته قبر آئي، ڌيءَ جي رت ۾ ڀريل لاش آيو. هنن منهنجي ڌيءَ شهيد ڪري، ان جي رت کي وڪڻي عياشي ڪئي. هاڻ ميڙ منٿ راڄ وٺيو اچن ته نبيرو ڪريون، راڄوڻي ڪريون. هوءَ نياڻيون ٿا وٺي اچن، پاڪ ڪتاب ۽ ميڙ ٿا کڻي اچن، ان مهل اهي نياڻيون ڪٿي هيون، جڏهن منهنجي بيگناهي ڌيءَ تي ٽڪو هڻي شهيد ڪين. مان نبيرو ڪنديس هڪ صورت ۾ ته خون جو بدلو خون ٿيندو، باقي ايف آءِ آر ۾ داخل انهن عورتن جا نالا مان تڏهن ڪڍڻ ڏينديس، جڏهن هوءَ منهنجي شهيد ڌيءَ تي لڳايل الزام جا چار لک ڪاري ڪيل گهر کي واپس ڏيندا. ڪي ٽي اين جي خبرن ۾ ڏيندو ته منهنجي ڌيءَ ڪاري نه هئي، اخبارن ۾ بيان ڏيندا ته منهنجي ڌيءَ تي اها ڪوڙي تهمت هئي.“

    کيس ڏک هو، ارمان هو ته سندس ڌيءَ کي ڪاري ڪري ماريو ويو، سندس عزت تي تهمت هڻي ماريو ويو، ان ڪري هن هڪ عام کري انسان جيان رڪارڊ صاف رکڻ ٿي چاهيو ته اخبارن، ٽي وي تي خبر اچي ته سندس ڌيءَ ”شهيد“ ٿي. هي سچ پچ به سنڌ جي اها پير چمڻ جهڙي ماءُ هئي، جنهن پنهنجي ڌيءَ کي ڪاري نه پر ”شهيد“ ٿي ڪوٺيو، ۽ سندس حقيقي لڄ جو ائين پي انصاف جو نبيرو ڪيائين ته مئي پڄاڻان به مٿس تهمت هڻندڙ ڌر کيس اعلانيه ڪارنهن جي تهمت مان آجو ڪري. نه رڳو اها ماءُ، پر شازيه جو اڪيلو ڀاءُ عظمت به حقيقي سنڌ جي جديد معاشري جي آمد جي علامت هو. جنهن ڀيڻ جي قتل کان ڪي ڏينهن پوءِ اچي منهنجي آفيس ۾ چيو هو ته ”ڪاري نه، منهنجي ڀيڻ بيگناهه هئي ۽ مان پنهنجي ڀيڻ جو خون لوڙهڻ نٿو چاهيان، منهنجي ڪيتري مدد ڪندئو.“ عظمت، نئين سنڌ، جديد سنڌ جي علامت آهي. اهڙي سنڌ، جنهن ۾ تهمت جي بازار لڳائي ڀينرن جون ڳچيون لاٿيون وينديون آهن. سنڌ يونيورسٽي جي جيالاجي ڊپارٽمينٽ جي ٻي سال ۾ پڙهندڙ عظمت نئين ۽ آدرشي سماج جي اميد بڻجي مون ڏي آيو هو. هن کي هن جي سموري ڪٽنب کي ”قاتل“ پاران اڄ به مارڻ جون ڌمڪيون آهن. هن جو والد پروفيسر غلام حسين ابڙو، چيف جسٽس افتخار چوڌري، صدر پاڪستان، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو سميت سڀني کي انصاف جي اپيل ڪندي پنهنجي ڪٽنب جي ضمانت جي گهر ڪري چڪو آهي.

    جنهن شازيه کي ملان ابڙو ڳوٺ ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ ڪارو ڪيو ويو، ان جو سمورو ڪٽنب ان کي شهيد سڏيندي هن رياست جي انصاف واري هر اداري مان انصاف جا گهرجائو آهي. هو ”شهيد“ جو ڪيس عدالت ۾ کڻڻ تي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ تي قاتل ٽولي پاران عدم تحفظ جو شڪار آهن. صدر پاڪستان، وزير اعظم پاڪستان، وزير اعليٰ سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو لاءِ ممڪن آهي ته هيءُ هڪ عام ڪيس هجي، پر عورت حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن سميت سنڌ جي هر باشعور فرد ۽ سول سوسائيٽي تي لازم بڻجي ٿو ته اهي ڪاري ڪري ڪٺل شازيه جي ڪيس ۾ کيس شهيد سمجهي فريادي ٿي بيٺل سندس شاگرد ڀاءُ، سندس پروفيسر پيءُ ۽ سندس باشعور ماءُ سان ڌر ٿي ان جو ساٿ ڏي، ڇو ته اپريل ۾ ٿيل هن قتل کانپوءِ هنن جي گهر ۾ رڳو ڏک، رڳو ڳوڙها نه، پر هڪ مسلسل خوف پڻ پلجي رهيو آهي، جنهن ۾ وڌيڪ گهر ڀاتين کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون به آهن. سڄي سنڌ کي هن ڪيس ۾ هن ڏکويل ڪٽنب سان حقيقي مدد لاءِ اڳتي اچڻ کپي، ڇو ته شازيه جو حق تي بيٺل ڪٽنب نئين آدرشي سنڌ جي علامت آهي. هن خاندان کي وڌيڪ ڪو به پهتل نقصان دراصل ان نئين سنڌ جي خواب جي تڪميل جو رستو کوٽو ڪندو.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عدالتي ايڪٽوازم ۽ آئين ۾ ڪيل واعدا!




    جمع 24 جولاءِ 2009ع



    اڄوڪو پنن تي اڪري آيل هيءُ مواد نه ڪنهن وزير، ڪنهن باادب ۽ باملاحظه مشير لاءِ آهي ۽ نه وري ڪا نصيحت، ڪا تنبيهه ۽ نه ئي ڪا ٽوڪ ۽ ڪا طنز بازي...بس ڪي اکر، ڪي لفظ، اندر جي دانهن، ڪا صدين جي صدا...بس هڪ وينتي، هڪ نظرِ ڪرم جي درخواست...آزمايل ۽ بار بار آزمايل سياستدانن لاءِ نه، پر اڄوڪو هيءُ مواد ان ڏانهن، جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو بيشڪ ته هڪ وڏو ڪردار آهي. اهڙو انوکو ڪردار، جنهن ۾ هن رياست جي ڏتڙيل، سدائين هيسايل، سدائين چيڀاٽيل، سدائين ڌڪاريل، سدائين لتاڙيل، سدائين ذلتن جي شڪار خلق پنهنجي نئين ويساهه جو جنم ٿيندي ڏٺو. اهڙو ڪردار جنهن پاڻ سان لاڳاپيل اداري تي تهمتن جا لڳل سڀئي داغ پنهنجي اصولي موقف ۽ ثابت قدمي سان ڌوئڻ جي شروعات ڪئي. ها منهنجي اڄ جي لکڻيءَ جو موضوع پاڪستان جي تاريخ ۾ سرڪاري عهدي تي رهندي ”حرفِ انڪار“ ۽ ”جرئت مزاحمت“ جي علامت جناب چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري آهي. اڄ جڏهن هو ڪروڙين پاڪستانين جي لاءِ اميد جي واحد علامت بڻجي ڪنهن نئين سج جيان اڀريو آهي، تڏهن ڪروڙين پاڪستانين سميت هيءَ قلمڪار به پنهنجي ڌرتي ڌڻين جي دل جي دانهن ساڻن ٿيندڙ طويل ناانصافين جي داستان جو دفتر کڻي درخواست جي صورت توهان وٽ عرض ڪرڻ چاهي ٿي. ان ڪري به ته هن ڌرتي جي ڌڻين جو رت به انهن سڙڪن تي وهيو آهي، جن توهان کي انصاف جي علامت طور سربلند ڏسڻ خاطر، وقت جي آمر سان ٽڪر کاڌو. شايد توهان کي اها يادگيري دهرائڻ لاءِ ڪو گهڻو وقت درڪار نه ٿيندو ته ڪراچي جي هر سڙڪ سندن خون سان رنگين ٿي هئي، جڏهن هو توهان جي آجيان لاءِ 12 مئي تي گڏ ٿيا هئا. هو پنهنجي مٿن تي ڪفن ٻڌي نڪتا هئا، هڪ اهڙي شخص لاءِ، جيڪو وٽن انصاف جي علامت ۽ آئين جي حقيقي نگهباني طور اڀري سامهون آيو هو.

    آمر جي ڌمڪي باوجود توهان جي انڪار سالن/ڏهاڪن جي الزامن ۾ آلود عدالتن جو مان بلند ڪري ڇڏيو هو. انهيءَ انڪار مڳي ۾ متل، ٺڳي سان ٺاهيل طاقت جي ايوانن ۾ ڏار ته بيشڪ نه وڌا هئا، پر هڪ ٿرٿلو ضرور مچايو هو. هنن جڏهن جڏهن به عوامي اقتدار تي قابض غير جمهوري آمرن کي ڪمزور ٿيندي ڏٺو آهي، بوکلائجندي، وائڙو ٿيندي ڏٺو آهي، تڏهن تڏهن هنن پنهنجي پاڻ کي سگهارو ٿيندي محسوس ڪيو آهي. بيشڪ ان آمر کي انڪار جي پهرين بازگشت ان ئي چيف جسٽس کان ٻڌڻي پئي هئي، جنهن کي هو ٽيهه جون ٻه هزار پنج تي چيف جسٽس جي عهدي جو قسم کڻائي چڪو هو. ليفٽ رائيٽ ڪري ايندڙ هر آمر کي چونڊيل وزير اعظمن کي هڪ ٺوڪر جيان اقتدار تان تڙڻ جا حڪم ڏيڻ واري فيصلي کي جيڪڏهن ڪنهن قانوني جواز بخشيو آهي ته يقينن اها پنهنجي عدالت عاليه هئي. پاڪستاني تاريخ ۾ اها عدالت سدائين آمرن سان تعاون ڪندي رهي آهي. آئين جي محافظ هن عدالت جو ڪردار آئين جي خالق کي ڦاهي چاڙهڻ ۾ جيڪو رهيو، پاڪستان جي جمهوريت پرست شهري جي دل اڄ به ان سانحي جي ذڪر تي ٻه اڌ ٿي پوي ٿي. پيرزادن جي لاٽ به سدائين ڪارا ڪوٽ اوڍي فوجي آمريتن کي ”نظريهءِ ضرورت“ جا ڊوز پياريندي رهي آهي.

    ها، پر توهان جو ”حرفِ انڪار“ ۽ ”جرئتِ مزاحمت“ عدالتن جي ويجهي توڙي پراڻي ماضي کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو. نائين مارچ کان هڪ نئين تاريخ رقم ٿيڻ لڳي هئي. انصاف ۽ آئين جي سربلندي لاءِ سربراهي توهان جي هئي، لکين ماڻهن جا هجوم ڪفن ٻڌي اوهان جي پويان نڪتا هئا. ستهتر جي خوني مارشل لا کانپوءِ هڪ نئين تاريخ رقم ٿي رهي هئي. هٿياربند ٽولن کي مڪمل اختيار هو ته هو سڙڪن تي توهان جي پويان نڪتل هجومن سان خون جي راند ڪيئن کيڏن، هنن کي پيٽرول سان جلائي زنده انسانن کي رک ڪرڻ کان وٺي نشانو چٽي پکين جيان شڪار ڪرڻ جا مڪمل اختيار هئا. پر توهان جي عاشقن جو قافلو هو، جيڪو آئين جي سربلندي لاءِ، انصاف جي سربلندي لاءِ نڪتو هو. هن رياست ۾ جهڙي ريت چور دروازن کان اقتدار تي قابضين جي اقتدار جي لالچ لامحدود آهي، بنهه ساڳي ريت هن ديس ۾ جمهوريت جي شيدائين جو قافلو به بي انت وسيع آهي. ها پر کين قيادت گهربل هئي، جيڪا آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجي ذات کان مٿاهين هجي. بيشڪ ته انهن رستن تي سربراهي توهان جي هئي، پر آئين جي بالادستيءَ لاءِ شهر شهر مان ڳوٺ ڳوٺ مان هجوم هئا. شايد انهن لاءِ اوهان نئين دور جا مسيحا هئا. شايد توهان کي اهو ياد ڏيارڻ جي ضرورت ناهي ته جتي توهان جي آجيان گلاب پتين، نعرن، تاڙين سان ٿي، اتي اتي رت ڦڙن ۽ پگهر ڦڙن به توهان جي هر رستي کي روشن پئي ڪيو. رڳو سياست جو اقتدار ئي نه، پر شايد هي پهريون موقعو هو ته ملڪ جو اعليٰ سرڪاري ادارو عوام جي سياسي اتساهه مان نئون جنم وٺي رهيو هو. هيءُ سچ پچ ته اعليٰ عدليه جو نئون جنم هو، جنهن ۾ عوام جي شرڪت، شموليت ۽ رت جي خراج سميت هر قرباني شامل هئي. هن اعليٰ عدليه جو نئون جنم خيرات ۾ نه مليو هو، پر هن جي بنياد ۾ عوام جي رت ۽ بم ڌماڪن ۾ ذرڙن جي صورت ۾ اڏامجندڙ انساني گوشت جي ٽڪرن جي قرباني شامل آهي. عدالتِ عظميٰ جو اهو نئون جنم، آئين جي پاسدار اداري جي ان نئين تشڪيل ۾، توهان جي جرئتِ انڪار جي سموري اڏاوت ۾ ڪير چوندو ته هن ملڪ جي عوام جو رت شامل نه هو، ڪير انڪار ڪندو ته آمرن کان آزاريل ۽ سياستدانن جي موقعي پرست سياست کان بنهه بيزار عوام توهان جي شڪل ۾ ٻيهر انصاف ۽ آئين جي بالادستي جو خواب نه ڏٺو هو.

    توهان جي بحالي ملڪ جي سياسي قيادت لاءِ هڪٻئي کي مات ڪرڻ جي بازي هئي، پر عوام ئي هو، جنهن اونهاري جي سج هيٺان ٽامي جيان تپندڙ ڌرتي تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ توهان جي آجيان لاءِ نيڻ وڇايا هئا. هيءَ انصاف ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڄمي بيهندڙ ان عوام جي جدوجهد جي فتحيابي هئي. اهو ئي ملڪي افسر شاهي/انتظامي ڍانچو هو، جن جي اهلڪارن هڪڙي مارچ ۾ توهان کي وارن کان جهلي سپريم ڪورٽ وڃڻ کان روڪيو هو ۽ اها ئي عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ ٻي مارچ هئي، جنهن جي ساڳي افسرشاهي جي اهلڪارن پنهنجا وار وڇائي سرڪاري اعزاز، پروٽوڪول سان توهان کي سپريم ڪورٽ تائين پڄائڻ لاءِ سئو سئو سليوٽ ٿي ڪيا. هيءُ 1973ع جو آئين هو، جنهن جي پاسداري جو قسم توهان کي کنيل هو، جنهن ۾ چيل آهي ته ”آئون اسلامي جمهوريه پاڪستان جي دستور کي برقرار رکندس ۽ ان جو تحفظ ۽ دفاع ڪندس.“ 73ع جو آئين پنهنجي سمورين غير آئيني آمراڻا ترميمن ۽ پنهنجي جوهر ۾ لاڳو نه ٿيڻ ڪري ئي اڄ رياست اهڙي بحران ۾ ورتل نظر اچي رهي آهي، جنهن ۾ هڪ پاسي پنهنجون عسڪري قوتون پاڪ-افغان سرحد جي بحالي واري ويڙهه ۾ مشغول آهن ته ٻئي پاسي بلوچستان جون حالتون ڪنهن به ريت اطمينان بخش نه ٿيون چئي سگهجن. اهڙي ريت سنڌ ۾ به ڏسجي هر سياسي احتجاج، مرڪز وٽان اختيارن ۽ وسيلن جي اڻ برابري تي شروع ٿئي ٿو. وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ ۽ اختيارن جي ڏس ۾ مرڪزي ڍانچي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي اهو مک سبب چئي سگهجي ٿو، جنهن جي ڪري ملڪي ايڪي کي مسلسل ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي.

    توهان جي بحالي بيشڪ ته عوام جي حقيقي خواهشن جي آئينه دار هئي، پر ڇا توهان جي بحالي جي اعلان کانپوءِ ائين نه ٿيو هو ته ننڍن صوبن جو ردِ عمل ڪنهن قدر ماٺو هو، ان ۾ اها گرمجوشي، اهو اتساهه نه هو؟ حقيقت ۾ ننڍن صوبن ۾ آئين جي بالادستي جو مفهوم فقط چيف جسٽس جي بحالي سان مشروط نه هو. انهن وٽ چيف جسٽس جي بحالي فقط سياسي تبديلي جي آئينه دار هئڻ بجاءِ حقيقي طور تي ان آئين جي مڪمل بحالي سان واڳيل هئي، جنهن ۾ مرڪز کان صوبائي کاتن جي واپسي کان وٺي، وسيلن تي اختيار ۽ مڪمل سياسي اختيار جي واپسي جو واعدو ٿيل آهي. ٻارهين مئي وارو رت جو ريج يقينن ان انصاف جي بحالي لاءِ هو، جنهن ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غريب جي ڪيهه ۽ ڪوڪ تي ڪن ڌري انهن لاءِ انصاف جي فراهمي ممڪن بنائي هئي. اهو پهريون ڀيرو هو، جو منو ڀيل کان ويندي گهر ۾ ڪٽجندڙ عام ناري کي به چيف جسٽس جي انصاف جو آسرو ٿي پيو هو.

    انصاف جي بحالي تي ٿيڻ ته ائين کپي ها ته سڀ کان پهرين ان ڪيس تي ئي عدالت پاڻمرادو ايڪشن کڻي ها، جيڪو ٻارهين مئي جي صورت ۾ هن تحريڪ توڙي سياسي تاريخ ۾ هڪ سانحي جيان نمودار ٿيو هو. نائين اپريل تي به وڪيلن جي جسم جو گوشت ميڻ ڪري ڳاريو، ٻاريو ۽ ساڙيو ويو، انهن کي به چيف جسٽس جي بحالي واري تحريڪ جي پاداش ۾ ساڙيو ويو هو. انصاف جي سربلندي لاءِ پاڻ ٻاريندڙن جي خون رائگان جا فائيل ڪهڙن دفترن ۾ دفن ٿيا، ان جو حساب ڪتاب وٺڻ ۾ جيڪڏهن جمهوري حڪومت جا هٿ ٻڌل ڏٺا ويا، اتي سپريم ڪورٽ جي ماٺ به مهڻي جيان آهي. مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ جي خاتمي جو ڪم عدليه جو هو يا انتظاميا جو؟؟ سچ پچ ته هن ملڪ ۾ غير جمهوري آمرن جي آمد جو خوف جهڪو کڻي ٿيو هجي، مئو هرگز ناهي ۽ آمرن جي آمد سان جيڪو ادارو چونڊيل نمائنده اسيمبلي سان گڏ لتاڙ ۾ اچي ٿو، سو يقينن ٻيو ڪو نه، پر اها ئي سپريم ڪورٽ آهي، جنهن کي غير معمولي دٻاءَ هيٺ آمرن جي من پسند تشريح تحت آئين ۾ ڦير ڦار ۽ چير ڦاڙ جي اجازت ڏيڻي ٿي پوي. سپريم ڪورٽ کي يقينن اها يادگيري ڏيارڻ جي ضرورت ناهي ته اها آئين جي محافظ آهي، ان جي نگهبان ۽ ان جي دفاع جو ادارو آهي ۽ آئين هن ملڪ جي وفاق ۾ موجود ايڪن جي ضمانت ڏيندڙ آهي. ملڪ جو جمهوري سرشتو صدر جي اختيارن هيٺ هجي يا وزير اعظم کي بااختيار سربراهه جا اختيار هئڻ کپن؟ 17 هين ترتيم وسيل ٻه دفعا چونڊيل وزيراعظم کي ٽيون دفعو به وزيراعظم بنجڻ جو حق ڏيئي سگهجي ٿو يا نه؟ بيشڪ ته اهي ٽي انتهائي اهم سوال آهن، جن لاءِ سپريم ڪورٽ ڏانهن نظرون ڪري سگهجن ٿيون. بيشڪ ته ان ڏس ۾ هڪ وک اڳتي وڌندي سپريم ڪورٽ پارليامينٽ کان جواب دهي ڪري سگهي ٿي. اهو بحث وڪيلن ۽ سياستدانن ۾ ضرور ملندڙ آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ مان ڪنهن کي وڌ ۽ مٿاهين اداري طور مڃجي. بئريسٽر اعتزاز احسن ڪي ڏينهن اخباري بيان وسيلي سپريم ڪورٽ کي پارليامينٽ مٿان بالادست اداري طور بيان ڪيو هو.

    سپريم ڪورٽ حڪومت کان پيٽرول جي اگهن تي پڇاڻو ڪيو. اهو اکين تي پر سنڌ توڙي سڀني ننڍن صوبن ۾ اها عوامي راءِ عام آهي ته ملڪ ۾ صدارتي نظام/پارلياماني نظام، سترهين ترميم جي خاتمي يا اين آر او کي ٻيهر عدالت ۾ بحث لاءِ آڻڻ کان اڳ جنهن ڳالهه لاءِ سپريم ڪورٽ کي ڪميشن ويهاري ترت نوٽس وٺڻ کپي اهو آئيني مامرو صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽين ۽ وفاق پاران 73ع جي آئين موجب صوبن کي اختيار منتقل نه ڪرڻ وارو آهي. آئين جي بحالي ۽ آئين جو دفاع ۽ ان جي تشريح ئي دراصل سپريم ڪورٽ جو اولين فريضو آهي. رڳو ائين نه پر جتي جتي انتظامي طور تي آئين جي اصل ڳر جي پائمالي ٿيندي هجي، عدالت عاليه کي اتي اتي ائين ئي نوٽس وٺڻ کپي، جيئن انساني حقن جي پائمالي تي نوٽس وٺڻ واري عدالتي ايڪٽو ازم جي سٺي روايت وڌي وئي آهي. دراصل اهو آئين ئي ملڪ وحدت جو ضامن آهي ۽ يقين ڪريو ته هاڻوڪي سڀني رياستي بحرانن ۾ پڻ آئين جي پائمالي جو وڏو هٿ آهي. ڪهڙو پاڪستاني وفاق پرست آهي، جيڪو انڪار ڪندو ته 73ع جو آئين ملڪ جي سڀني قومي وحدتن جي اڪثريتي حمايت رکندڙ ناهي. جيتوڻيڪ قومپرست ڌرين کي سنڌ توڙي بلوچستان ۾ 73ع جي آئين مطابق ڏنل قومي/صوبائي خودمختياري جي سوال تي اعتراض هئا/آهن، پر اها پڻ حقيقت آهي ته محدود صوبائي/قومي خودمختياري، جنهن جي ضمانت 73ع جي آئين ڏني، اها اڄ 36 سال گذرڻ بعد صوبن جي حصي ۾ اچي نه سگهي آهي.

    ٽيهتر جي آئين ۾ ضمانت ڏنل آهي ته وفاق کي فقط چار کاتا يعني پرڏيهي، دفاع، ڪرنسي ۽ مواصلات ڏنا ويندا، ڪنڪرنٽ لسٽ جيڪا عارضي هئي، سا ختم ڪئي ويندي. اڄ 36 سال گذرڻ بعد به ان تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي. سيلز ٽيڪس، صوبائي ٽيڪس، ٻيو ته ٺهيو پر اڄ واهي پانڌي جي ٽول ٽيڪس جي مالڪي به مرڪز وٽ آهي، ته خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ جو روڊ به وفاقي هاءِ وي اٿارٽي جي ڪنٽرول هيٺ آهي. سنڌ جا اعتراض بجا آهن ته وفاق کي 60 سيڪڙو کان مٿي روينيو ڏيڻ کان پوءِ واپسي ۾ ٽيٽيهه سيڪڙو لاءِ به سڪندي رهي ٿي. ڇا اها آئين جي ڀڃڪڙي نه آهي. سترهين ترميم جي خاتمي تي اتاولي ٿيل سياسي ڌرين کي اها لتاڙ نظر نٿي اچي ته گذريل 36 سالن کان آئين ۾ ڏنل صوبائي حقن جي لتاڙ کي صوبن جو عوام ڪيئن ٿو ڀوڳي؟ منو ڀيل کي انصاف جي فراهمي ٺيڪ آهي، پر اسان جي سنڌ ۾ غربت ۽ بک وسيلي جيڪا نسل ڪشي ٿي رهي آهي، ان تي پڻ آئين جي نگهبان ڪورٽ کي ويچارڻ کپي. (سياسي دڪانداري ۾ ڌنڌو چمڪائڻ واري سياست عروج تي نه هجي ها ته اسان جون عدليه جي آزادي تي ٺينگ ٽپا پائيندڙ ڌريون قانوني ۽ آئيني حق لاءِ سنڌ جي دانهن کڻي عدالت سان رجوع ڪري به چڪيون هجن ها، جيئن احسن اقبال پيٽرول جي قيمت جي ڏس ۾ عدالت سان رجوع ڪيو، پاڻ وٽ ته ڏاهن وڪيلن ۽ آئين جي ڄاڻو وڪيل سياستدانن جي کوٽ به ناهي). ٽيهتر جي آئين جي دفاع جي حلف تحت ايندڙ سربراهه لاءِ ضروري هو ته جائزو وٺي ها ته جمهوري حڪومت پارليامينٽ جي موجودگي ۾ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ ۾ صوبائي نمائندگي جي حوالي سان گڏيل تڪرارن کي نبيرڻ ۾ ڇو ناڪام وڃي ٿي ۽ ننڍن صوبن وٽ جيڪا حقيقي نمائندگي نه هئڻ واري دانهن آهي، اها ڪيئن دور ڪري سگهجي ٿي. چيف جسٽس صاحب بين الصوبائي تڪرارن جو تازو ٽريلر توهان پنجاب اسيمبلي ۾ ڏسي چڪا هوندا، جڏهن پاڻي جي مامرن تي صدر جي بيان کي بنياد بنائي مامرو مچايو ويو. رڳو پاڻي ئي نه، پر گئس ۽ ٻين قدرتي وسيلن تي صوبائي تڪرار هاڻ سياسي نبيري کان مٿاهان ٿي چڪا آهن. آئيني طور عالمي قائدن قانونن تحت پڇڙي وارن جو درياهه تي حق تسليم ٿيل آهي. پاڻي جي ورڇ لاءِ ارسا پاران ٿيندڙ غير آئيني زيادتين جي تدارڪ لاءِ ڇا ملڪ ۾ ڪنهن قانوني/آئيني طور حل جي تشريح ناهي ٿيل؟ اهو نه وسارجي ته هي ملڪ قومي وحدتن جي چار ايڪن تي ٻڌل وفاقي سرشتو رکندڙ آهي ۽ جڏهن ان وفاقي سرشتي کي ئي غير آئيني، غير جمهوري، غير منصفاڻي، طور هلائي ننڍن صوبن جي قدرتي وسيلن/ سياسي مالڪي واري سوال ۽ خودمختياري کي ضربيندڙ سرشتي کي مضبوط ڪيو وڃي، تڏهن يقينن سپريم ڪورٽ جو آئين جي نگهبان ۽ آئين جي دفاعي اداري طور اولين فرض اهو ٿو بڻجي ته تڪڙي جوڊيشل ايڪٽو ازم بجاءِ، واقعاتي ناانصافين بجاءِ هن ملڪ جي انتظامي سرشتي ۾ موجود غير آئيني اختيارن جو جائزو وٺي ان کي درستگي ڏانهن وٺي وڃي. 1973ع جي آئين جي بحالي سان نئين سماجي معاهدي جي تشڪيل تائين جي عرصي ۾ اهو سپريم ڪورٽ جي فرضن ۾ شامل آهي ته انهن سڀني غير آئيني انتظامي اختيارن جي نشاندهي ڪري، جيڪي وسيلن جي ورڇ جي سلسلي ۾ توڙي سمورن رياستي مامرن ۾ ننڍن صوبن جي مساوي نمائندگي کانسواءِ هلندڙ آهن. 73ع جي آئيني جوهر جي بنهه ابتڙ وفاق جي سڀني ادارن ۾ هڪ صوبي کي بالادست حيثيت حاصل آهي. اختيارن توڙي وسيلن جي ورڇ جي اهڙي عدم توازن جي ڪري رياست حقيقي طور تي هڪ اهڙي بحران جو شڪار آهي، جنهن ۾ سڀئي وفاقي وحدتون غير يقيني صورتحال ۾ ورتل آهن، ان ڪري ئي بهتر اهو آهي ته انصاف ۽ آئين جي بالادستي جي اهڃاڻ سپريم ڪورٽ کي آئيني اختيارن ۽ انتظامي مامرن جي حقيقي مساوي ورڇ لاءِ موجوده نظام ۾ موجود سڀني غير آئيني بي ضابطگين جو نوٽيس وٺي پاڪستاني عوام کي حقيقي خوشخبري ڏيڻ گهرجي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عوامي اقتدارن تي آمريتن جا قبضا ۽ اسان جي عدليه!




    آچر 26 جولاءِ 2009ع



    ”اسان جي قومي سياسي تاريخ جو روح ڇليندڙ هڪ رخ ته اهو به آهي ته اسان جي عدالت ڄاڻي واڻي غير آئيني ۽ ناجائز ڪارروائي جي توثيق ڪئي آهي ۽ اڪثر ڪري آئين جي پائمالي ۽ مارشل لا جي نفاذ جي تائيد ڪئي. ان عظيم تر سانحي اسان جي معاشرتي توڙي تهذيبي زندگي ۾ اهڙو زهر وڌو آهي، جنهن جو ترياق ڪٿي نظر نٿو اچي.“ اهي سٽون صاحبزاده فاروق علي خان پنهنجي آتم ڪٿائي داستان ۾ لکيون آهن. ياد رهي ته فاروق علي خان ان ئي اسيمبلي جو اسپيڪر هو، جنهن قوم کي 73ع جو آئين ڏنو. فاروق علي خان نه رڳو ڀٽو حڪومت جو اکين ڏٺو شاهد هو، پر سياسي، جمهوري حڪومت ۾ عسڪري قوتن جي عمل دخل ۽ طاقت جي مرڪزيت تي ڪنٽرول جو پڻ گواهه آهي. هن پنهنجي ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي ته ”ملڪ تي مارشل لا جي بار بار لاڳو ٿيڻ ڪري اعليٰ سياسي، جمهوري ۽ اخلاقي قدر منڍ کان ئي ختم ٿي ويا آهن ۽ ملڪ ۾ اهڙو معاشرو جنم وٺي چڪو آهي، جنهن ۾ بدعنواني، دوکي ۽ فريب جو وهنوار عام آهي.“ هن پنهنجي ڪتاب ۾ مارشل لائي ۽ فوجي حڪومتن جي سياسي وهنوار جي ميڪنزم جا بليو پرنٽ ڪجهه هن ريت بيان ڪيا آهن ته ”مارشل لائي حڪمران پنهنجي پسند جي سياستدانن کي ملڪي سياسي منظر تي اڀارين ٿا ۽ پوءِ کين بدعنوان ۽ نااهل قرار ڏيئي ايوان اقتدار مان ٻاهر اڇلائيندا آهن...هو پهرين مٽي جا رانديڪا ٺاهيندا آهن، پوءِ انهن کي سياستدانن جو نالو ڏين ٿا. ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ انهن کي ٽوڙي، مروڙي نوان سياستدان گهڙي وٺن ٿا. چونڊيل رهنمائن جي حيثيت سندن آڏو رعايا جيان آهي، جنهن تي هو حڪمراني ڪن ٿا.“

    اڄوڪي پارليامينٽ مان چونڊيل هاڻوڪي وزير اعظم کان ويندي اپوزيشن جي بادشاهه ميان نواز شريف ۽ پارلياماني اپوزيشن جي جناب چوڌري نثار علي خان جي سياسي زندگي جي تانن بانن جي اڻت ۾ ان مارشل لائي فيڪٽري جو ئي ترتيب ڏنل ڊزائين شامل آهي. مارشل لا جي ڪک مان ئي انهن جو جنم ٿيو، کين قومي اڳواڻن جي رتبي تي پڄائڻ ان مارشل لائي فيڪٽريءَ مٽي جا گڏا ٺاهيا، پاڪستان ۾ حقيقي سياست کي خاصو ٽف ٽائيم ڏنو...مٽي جي گڏن کي جيستائين ۽ جيئن چاهيو تيئن استعمال ڪيو ويو. انهن وسيلي جمهوريت جي لتاڙ ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ تي ڏنڊا کڻي ججن تي حملا ڪرڻ کي به نظرانداز ڪيو ويندو رهيو، ڇاڪاڻ جو تيستائين انهن گڏن پنهنجي طاقت جو مرڪز ان مارشل لائي ڪک کي سمجهيو، پر ٺيڪ ان وقت جنهن وقت انهن پنهنجي پاڻ کي خودمختيار سياسي اڳواڻ سمجهي، پنهنجي سياسي فيصلن ۽ رستن کي پاڻ طئي ڪرڻ شروع ڪيو، ان وقت کين بدعنوان چئي نه رڳو بدنام ڪيو ويو، پر ٻيهر سياست ۾ سندن داخلا جي رستا روڪ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي.

    مٽيءَ جا ڪي گڏا اڄ به سياستدانن جي شڪل وٺي مارشل لائي محرڪن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهن، پر اها به حقيقت آهي ته گڏوگڏ پاڪستان ۾ اختيارن کان خالي سياستدانن به انهن ادارن جي طاقت تي عوامي طاقت کان وڌيڪ ڀروسو ڪيو آهي. اقتدار جون سڀ چاٻيون، خيال ڪيو ٿو وڃي ته ان ئي دروازي وٽان عطا ٿين ٿيون، پر اها به حقيقت آهي ته جنرل مشرف کان ميدان خالي ڪرائڻ جي مهم جوئي سياستدانن ئي سر ڪئي. اهي سنڌڙي انب هئا، بين الاقوامي سازش هئي، يا اندر ئي اندر ادارتي ٽڪراءَ جڏهن ملڪ تي اها طويل يارنهن سالا مارشل لا جو تخليقڪار جو جهاز بهاولپور جي فضائن ۾ ڦاٽي ذرا ذرا ٿي ويو هو. اٺاسي ۾ جيڪا حڪومت، جيڪو اقتدار بينظير ڀٽو جي پارٽي کي هينڊ اوور ڪيو ويو، ان جي سموري ڪهاڻي کي زاهد حسين هڪ جملي ۾ هيئن لکيو آهي، ”بينظير جي پاور جنهن کي جمهوريت جو نئون سج چيو پئي ويو، سو حقيقت ۾ فوج جي اڻ سڌي طرح حڪومت وارو عبوري دور هو.“ ضيا شاهي جي ان دور ۽ قبضاگيري کي عدالت بيشڪ ته قانوني تحفظ به فراهم ڪيو هو، پر حقيقت اها آهي ته پنج جولاءِ جي اونداهي رات عوامي اقتدار تي مڪمل فوجي گرفت کانپوءِ ضيا اڪڙيل آواز ۽ فاتحانه لهجي ۾ قوم سان هنن لفظن ۾ مخاطب ٿيو ته، ”مان هي بنهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته نه منهنجا ڪي سياسي مقصد آهن ۽ نه ئي فوج پنهنجي فرضن کان منهن موڙڻ چاهي ٿي. مان صرف ان خلا کي پر ڪرڻ آيو آهيان، جيڪو سياستدانن پيدا ڪيو آهي.“ تنهن وقت به ان فيڪٽري سان لاڳاپيل سياستدانن جي چڱي کيپ هئي، جن تاڙيون وڄائي ان آمر جي آجيان ڪئي. رڳو مخالف ڌر ئي نه پر ڀٽو ڪيمپ جا به ڪيترائي ساٿي وڃي جنرل ضياءَ سان مليا هئا. ان وقت به عوام کانسواءِ ڪيترائي ميڊيا پرسن، سياستدان، صنعتڪار هئا، جيڪي ضيا جي ان مارشل کي ويلڪم چئي رهيا هئا. بقول سندن ته ”اها مارشل لا ڀٽي جي آمرانه جمهوريت کان گهڻا درجا بهتر آهي.“ ان وقت مجيب الرحمان شاهي، ”ڀٽي تي مقدمو هلايو“ جي عنوان سان مارشل لا جو خير مقدم ڪندي لکيو هو ته، ”پاڪستان مارشل لائن جو ذائقو ڪيئي بار چکي چڪو آهي ۽ ان جا تلخ نتيجا پڻ اڃا تائين زائل نه ٿي سگهيا آهن، پر موجوده مارشل لا جو ذائقو ان لحاظ کان بهتر آهي ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر پهرين ئي ڏينهن صاف لفظن ۾ چئي ڇڏيو آهي ته هو آڪٽوبر ۾ عام چونڊون ڪرائيندو ۽ جنرل ضياءَ جي ان يقين دهانيءَ تي يقين نه ڪرڻ جو ڪو خاص سبب نظر نٿو اچي.“ ضيا جي مارشل لا جي اعلان فقط ان وقت جي حڪومت جو ئي تختو اونڌو نه ڪيو هو، پر اعليٰ عدالتي ڪارروائي جو ٽڀو اونڌو ڪرڻ سان گڏوگڏ آئين کي به معطل ڪيو هو. مارشل لا جي ڊرافٽ ۾ موجود شقن ۾ اهو واضح هو ته ”ڪا به عدالت توڙي هاءِ ڪورٽ هجي يا سپريم ڪورٽ، اها مارشل لا جي ڪنهن حڪم جي جائز هئڻ بابت سوال اٿاري نٿي سگهي.“ 17 هين سيپٽمبر تي جڏهن ڀٽي کي پنهنجي ٻين ساٿين سميت ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ته بيگم نصرت ڀٽو آئين جي آرٽيڪل 184 جي سب ڪلاز 3 تحت ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري کي عدالتن ۾ چيلينج ڪيو. سندس وڪيل يحيٰ بختيار پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 1973ع جي آئين مطابق چيف آف آرمي اسٽاف کي مارشل لا لڳائڻ جو ڪو اختيار ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اها مداخلت آئين جي آرٽيڪل نمبر 6 مطابق غداري جي مترادف آهي.

    ان وقت جي آمر پاران سندس کنيل قدمن جا وڪيل شريف الدين پيرزادو ۽ پنهنجي قائم علي شاهه جو سالو ۽ نفيسه شاهه جو مامو اي ڪي بروهي هئا. اي ڪي بروهي ۽ شريف الدين پيرزادي دليل ڏيندي چيو هو ته، مارشل لا جي حڪم سان ملڪ ۾ نئون نظام اچي چڪو آهي ۽ اهو نئون قانوني نظام عارضي طور تي پراڻي نظام کي رد ڪري ٿو. شريف الدين پيرزادي ان کي دليل ڏيندي چيو ته ”5 جولاءِ 1977ع تحت ايندڙ تبديلي ۽ اقتدار جي تبديلي چيف آف آرمي اسٽاف پاران ملڪ جي اقتدار کي غضب ڪرڻ ناهي، پر ان غاصب (ذوالفقار ڀٽي) کي ٻاهر ڪڍڻو هو، جنهن مارچ 1977ع ۾ ڌانڌلين واري چونڊن جي آڌار تي اقتدار سنڀاليو.“ نصرت ڀٽو ڪيس ۾ وڪيل يحيٰ ڀٽو پنهنجي آخري دليلن ۾ اهو واضح طور تي چيو ته، ”چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر غاصب آهي، ان ڪري عدالت کي کپي ته اها کيس هدايت ڪري ته هو چونڊون جلد از جلد ڪرائي.“ هن پنهنجي دليلن وسيلي عدالت عاليه کي اها تاڪيد ڪئي ته ”عدالت کي کپي ته اها جنرل ضياءُ الحق کي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي اجازت نه ڏي“. حقيقت ۾ اهو ان وقت عدالت کي فيصلو ڪرڻو هو ته پنج ڪروڙ عوام جي اقتدار تي قابض آمر کي آئين ۽ قانون جو ماتحت بنائي عوامي اقتدار تي قبضا گيري کان باز رکي. مولوي تميز الدين ۽ عاصمه جيلاني کانپوءِ شايد پاڪستاني عدليه جي تاريخ ۾ نصرت ڀٽو اهو ڪيس هو، جنهن حقيقتن عوامي اقتدار جي قبضا گيري کي چيلينج ڪيو. حقيقت ۾ هن رياستي تاريخ ۾ عوامي اقتدار تي قابض فوجي آمرن نه فقط آئين سان ڇيڙڇاڙ ڪري ان جي حقيقي جمهوري روح کي مسخ نه ڪيو، پر انهن سڄي معاشرتي جوڙجڪ کي ۽ سياسي بنيادن کي ائين تهس نهس ڪيو، جو اڄ چئن فوجي آمرن جي دور حڪومت جي نتيجي ۾ جيڪو رياستي ڍانچو بچيو آهي، ان ۾ حقيقتن نه جمهوري روح آهي ۽ نه ئي National Pride جو ڪو عنصر باقي بچايو ويو آهي.

    اسپيڪر قومي اسيمبلي جيڪو حقيقتن چونڊيل اسيمبلي جو نگهبان هوندو آهي، اسيمبلي معطل ٿيڻ باوجود اهو پنهنجي عهدي تي قائم رهندو آهي، هوءُ پنهنجي فرض کان تيستائين فارغ نٿو ٿئي، جيستائين هو نئين چونڊيل اسيمبلي جي اسپيڪر کان نئين اسيمبلي جي نگهبان طور قسم نٿو کڻائي، پر اها حقيقت آهي ته مولوي تميز الدين کان پوءِ ڪو اهڙو اخلاقي طور تي مضبوط اسپيڪر طور سامهون نه آيو آهي، جيڪو هڪ آمريت واري اقتدار کي چيلينج ڪري سگهي ها. اهو اسپيڪر ئي هوندو آهي، جنهن آئين جي تحفظ لاءِ ائين ئي حلف کنيو هوندو آهي، جيئن عدالت جو چيف جسٽس قسم کڻندو آهي. نه 77ع ۾ ميان فاروق علي خان، مولوي تميز الدين جا پير کنيا ۽ نه ئي ميان نواز شريف جي حڪومت کي ڌڙن تخته ڪندڙ جنرل مشرف خلاف ڪورٽ ۾ وڃڻ واري جرئت اسپيڪر قومي اسيمبلي الاهي بخش سومري کي ٿي. سپريم ڪورٽ جي ان بينچ جنهن نصرت ڀٽو ڪيس جي ڪارروائي هلائي، ان ۾ جسٽس دراب پٽيل سان گڏ چيف جسٽس شيخ انوار الحق، جسٽس وحيد الدين احمد (جسٽس وجيهه الدين جو والد) جسٽس شيخ انوار الحق، جسٽس محمد افضل چيمه، جسٽس محمد اڪرم، جسٽس قيصر خان، جسٽس غلام صفدر شاهه ۽ جسٽس نسيم حسن شاهه شامل هئا. جيتوڻيڪ ان بينچ مان پڻ ڪيترائي ججن بعد ۾ ضياءَ جي آئين ۾ ترميمن خلاف پنهنجي عهدن تان مستعفي پڻ ٿيا، پر حقيقت اها آهي ته جسٽس منير جي مولوي تميز الدين جي فيصلي جيان هن فيصلي پڻ پنهنجي عدالتي ساک مجروح ڪندي هڪ اهڙي نظام کي آئيني ۽ قانوني ڪور فراهم ڪيو، جنهن پاڪستاني معاشري کي تهس نهس ڪري ڇڏيو. بيشڪ ته عدالت جي ان فيصلي پاڪستاني عدالتن ۽ معاشرتي تقدير تبديل ڪري ڇڏي، سماج کي مذهب جي نالي ۾ فرقه پرستي ۽ انتهاپسندي جي ڦهلاءَ سميت شهري سياست ۾ هٿياربند سياسي تنظيمن جي سرپرستي سميت هر اهو ڪم ڪيو، جنهن قومي وحدت کي سياسي ڌارا کان الڳ ڪري ذاتين ۽ گروهي سياست کي فروغ ڏنو. نصرت ڀٽو ڪيس جي فيصلي دراصل آئين جي لتاڙ ڪندڙن آمرن لاءِ هڪ چور دروازي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. نه رڳو ايترو، پر فاضل وڪيل شريف الدين پيرزادي جي نوڪري ڄڻ ته اهڙن آمرن وٽ پڪي ڪري ڇڏي. ان محتاط فيصلي، جنهن ۾ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کي چونڊون ڪرائڻ جي هدايت ڪيل هئي، جيئن ملڪ ۾ آئين ۽ جمهوريت بحال ٿي سگهي، پر حقيقت ۾ ان فيصلي جو هڪ حصو اهڙو به شامل هو جنهن نه رڳو جمهوريت کي پنهنجي پٽڙي تان لاٿو، پر ان حصي ملڪ جي سموري سياسي ڪلچر کي ائين متاثر ڪيو، جو اڄ ڪا به جماعت، ڪوبه اڳواڻ ان آمر جي آمد جي خوف کان آجو ٿي نه سگهيو ۽ نه ئي موجوده عدالت اها يقين دهاني ڪرائي سگهڻ جي پوزيشن ۾ آهي ته هن هميشه لاءِ فوجي آمرن جي اقتدار تي قبضي جي خوف کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ عدالتي فيصلي 73ع جي آئين جي بالادستي کي سپريم مڃيو، پر گڏو گڏ ان فيصلي هڪ فوجي آمر کي اهو اختيار پڻ ڏنو ته چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر رياستي ضرورت ۽ عوامي بهبود لاءِ جائز طور تي اقتدار سنڀاليو آهي، ان ڪري هو اهڙا سڀ قدم کڻڻ يا حڪم جاري ڪرڻ جو اهل آهي، جيڪي عدالتي اٿارٽي هيٺ نظريهءِ ضرورت تحت ايندا هجن. جيتوڻيڪ هن فيصلي ۾ اي ڪي بروهي جي هن دليل کي رد ڪيو ويو ته ”ڪا به عدالت مارشل لا جي حاڪم جي ڪنهن به حڪم جي جائز هئڻ بابت سوال نٿي اٿاري سگهي. ان جي برعڪس فاضل عدالت پنهنجي تفصيلي ۾ اهو چيو ته اعليٰ عدالتون نظريهءِ ضرورت تحت ڪنهن به مارشل لا حڪم يا آرڊر جي جائز هئڻ بابت عدالتي نظرثاني جو اختيار رکن ٿيون. جيتوڻيڪ ان فيصلي جي حوالي سان بئنچ ۾ شامل لڳ ڀڳ سڀئي جج ان کي پنهنجي ضمير جو فيصلو قرار ڏين ٿا. جسٽس دراب پٽيل جو چوڻ هو ته هن عدالتي فيصلي ۾ مارشل لا جي آئين کان مٿانهن قدمن کي فقط ٻن سببن آڌار جائز قرار ڏنو ويو هو، (1) ملڪ ۾ امن امان ۽ قانون مڪمل طور ختم هو، جيڪو چونڊن ۾ ڌانڌلين جو ردعمل هو . (2) حڪومت طرفان عدالت کي حلفيه يقين دهاني ڪرايل هئي ته چونڊون هڪ معقول مدت اندر ٿي وينديون.

    85 جي چونڊن ۾ ان مارشل لائي فيڪٽري مٽي جي گڏن جي اها کيپ ضرور تيار ڪري ورتي هئي، جن جي سياسي تربيت ضياءُ الحق پاڻ ٿي ڪئي. سنڌ مان پيپلز پارٽي جي قيادت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ ان فيڪٽري جو ٽائيگر تيار هو. ٻئي پاسي جماعت اسلامي پنهنجي نظرياتي کيپ کي عدالتي سرشتي ۾ پڻ چڱي ريت ضم ڪري چڪي هئي. ضيائي مارشل لا ۾ عدالتن ڪيئن ڪم ڪيو؟ ۽ انهن قانون ۽ آئين بجاءِ پنهنجن فيصلن جي راهنمائي ڪٿان ٿي ورتي. اهو ”جوابده“ جهڙن پروگرامن ۾ رٽائرڊ جج سڀ ٻاڦي چڪا آهن. عدالتن جي اداري طور پائمالي جو جيڪو سفر ضياءُ الحق نصرت ڀٽو ڪيس ۾ شخصِ واحد کي آئيني ترميمن جي اختيار ڏيڻ سان شروع ٿيو، ان جي سڀ کان قبيهه صورت سپريم ڪورٽ تي حڪومتي پارٽي جي پارلياماني ميمبرن پاران ڏنڊن، لٺين، هٿيارن سان حملي ۾ ظاهر ٿي.

    نائين مارچ تي چيف جسٽس جي انڪار هن اداري کي نه رڳو معتبر ٺاهيو، پر ان پنهنجي ادارتي، اخلاقي زوال واري ساک کي پڻ بهتر بنايو. نائين مارچ کان چيف جسٽس جي هاڻوڪي بحالي تائين جي قصي کي ان جي قربانين، جرئت، استقلال ۽ ويندي ننڍن صوبن جي جائز آئيني حقن کي اوليت تي نه رکڻ وارن مامرن تي پاڻ پهرين آرٽيڪل ۾ ذڪر ڪري چڪا آهيون. اڄوڪي آرٽيڪل ۾ نصرت ڀٽو ڪيس جي فيصلن ۽ ان جي پاڪستاني رياست تي پيل سماجي ۽ سياسي اثرن کي پڻ پاڻ زير بحث به فقط ان ڪري آندو جو ملڪ جي عدالت جي تاريخ ۾ هڪ نئين تاريخ رقم ٿيڻ جون خوشخبريون هلي رهيون آهن، هڪ رٽائرڊ آمر جرنيل کي غير قانوني ۽ آئين کان ماورا حڪومتي قدمن تي پڇاڻي جي ابتدا ٿي آهي.

    بيشڪ عدالت ۽ هن قوم جو سياسي شعور مبارڪون لهڻي جو هڪ آمر نيٺ عدالتي ڪٽهڙي ۾ صفائي ڏيڻ لاءِ حاضري جو نوٽيس وٺڻ وارو آهي. بيشڪ هيءَ قوم مبارڪون لهڻي ته آئيني پٽيشن ۾ هن هڪ آمر جي طلبي ڪئي آهي. پنهنجي قومي ميڊيا خوشخبري نشر ڪئي آهي ته آمر جي بدترين انجام جي شروعات ٿي چڪي آهي. مشرف جو انجام پنوشي جي انجام سان ڀيٽيو وڃي پيو. خوش آئند آهي اهو عمل پر سئو ملين جو سوال اڃا به اڻ جوابيل آهي ته ”3 نومبر جي اختيارن تي جنهن آمر کي پڇاڻي لاءِ عدالت صفائي واري ڪٽهڙي ۾ طلبيو آهي، تنهن آمر کي 12 آڪٽوبر تي عوامي اقتدار تي قبضي واري عمل ۾ ڇو نه ڇڪيو ويو آهي؟

    amarsindhu@yahoo.com
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ حڪومت ۽ شهري ناظم جا تڪرار ڪيئن نبريا؟




    ڇنڇر 8 آگسٽ 2009ع



    اهو ڪهڙو ڊيڊ لاڪ آهي، جنهن لاءِ وزير اعظم، اسلام آباد کان ڪراچي جي گورنر هائوس تائين پنڌ پوي ٿو ۽ هر بار ويندي، ان ڳالهه جي ورجائي ورجائي تصديق ڪري ٿو ته شهري جماعت جيڪا حڪومت ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ۽ ڀاڱي ڀائيوار آهي، ان جا سندس حڪومت سان جيڪي سياسي مامرا آهن، سي سياسي ڏاهپ سان سلجهايا ويندا. اهو ئي ڀاشڻ اهي ڌريون به ورجائين ٿيون، جيڪي ايوان صدر جي تخت اعليٰ جا خصوي پيغام کڻي خصوصي طيارن ۾ سنڌ جي راڄڌاني ۾ گورنر هائوس جون سڌيون مهمان ٿين ٿيون. پاڻ پڇون ٿا ته نيٺ اهو ڪهڙو ڊيڊ لاڪ آهي، اهو ڪهڙو سياسي مامرو، اها ڪهڙي سياسي الجهن آهي، جيڪا نه پارليامينٽ ۾، نه ڪابينا جي اجلاس ۾، ۽ نه ئي ڪنهن اعليٰ سطحي سرڪاري گڏجاڻي ۾ نبيرجي ٿي. ها، پاڻ اهو پڇڻ جي نيٺ به جرئت ڪريون ٿا ته اهو ”ڊيڊ لاڪ“ اسان کي به ٻڌايو ته نيٺ ڪهڙو ۽ ڪٿي آهي؟ اسان جيڪي سنڌ جي سياسي مالڪي جو حق ئي نٿا رکون، پر اسان جيڪي اقتدار تي پهتل هن پيپلز پارٽي جا ووٽر، هنن جا جيالا، هن سنڌ جي وارثي جا دعويدار آهيون، اسان جيڪي بيشڪ ته هن جمهوري سرشتي جي بحالي لاءِ ملڪ جي ٻين سڀني وفاقي ايڪن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خون پسينو ڏيندڙ، پنهنجي هڏن جي مک ۽ بدن جي چم سان هن جمهوريت جي سرشتي جي آبياري ڪندڙ آهيون، تن جو پهريون ۽ جمهوري حق ٿئي ٿو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته نيٺ به اتحادي ڌر سان ”اختلافن“ جو بنياد ڇا آهي؟ اسان حق رکون ٿا ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته وزير اعظم جي آڌي رات جي آمد کان صدارتي محل جي مهمانن جي ڳالهين جي انت ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟

    ها، اسان پنهنجي حڪومت، بيشڪ ته اسان جي ئي ووٽن سان چونڊيل هن حڪومت کان اهو پڇي سگهون ٿا ته اهي جيڪي ستن ڪلاڪن اندر سڄي نظام کي ڊانوان ڊول ڪري ڇڏڻ واري بيان بازي جي جرئت ڪن ٿا ته هن کان پڇجي ته سندن ان ڌمڪي آميز سياست سان هو نيٺ به ڪهڙي قسم جو نظام چاهين ٿا؟ جاتي امراءُ کان صدارتي محل تائين جي قيادت نيٺ به پنهنجي سڀني سياسي معاهدن/مامرن کي پٺي ڀر اڇلائڻ ۾ ايتري اتاولي ڇو ٿي ٿئي؟ ڇا حقيقي عوامي اقتدار جي ڏاڪڻ ۾ اهو ڏاڪو لازم اچڻو آهي ته عوام جي مرضي خلاف سندن ووٽن جي سوديبازي ائين ٿئي، جو کانئن نه مرضي پڇي وڃي ۽ نه ئي سوديبازي واري سوداگري ۾ سندس ملهه جي ڪٿ جو ڪو پيمانو سندس مرضي سان مقرر ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن اهو ڏاڪو لازم اچڻو ئي آهي ته ٻڌايو وڃي ته جاتي امراءُ کان سنڌ جي پيپلز پارٽي جي قيادت ان سوداگريءَ جو مينڊيٽ نيٺ به ڪنهن کان ٿي Approve ڪرائي؟

    جاتي اُمراءُ ڏانهن اتحادي جماعت جا پنڌ يقينن خير جا آهن ۽ جاتي امراءُ واري قيادت جي پڇاڻي واري ڳالهه ۾ يقينن في الوقت مستقبل جو مامرو ٿو ڏسجي، پر سنڌ جي ٻهراڙين مان نوي سيڪڙي جو مينڊيٽ رکندڙ حڪمران پارٽي جي ”ڪمزور“ حڪمت عملي بهرصورت نه رڳو سمجهه کان ٻاهر آهي، پر حقيقتن اهو سياسي سگهه واري فيصلي جي عدم موجودگي جو ئي ثبوت آهي، جو هيءَ حڪومت پهرين ڏينهن کان پنهنجا پير سنڀالي توازن سان بيهي نه سگهي آهي. تازو هيءُ ڊيڊ لاڪ ۽ ان ڊيڊ لاڪ کان پوءِ نيٺ پنهنجي سنڌين جي سئو سيڪڙو ووٽ سان چونڊجي آيل حڪومت کان تازي صوررتحال ۽ ڪمزوري جي اظهار واري پاليسي سان گڏ ضلعي ناظم جي پٽيشن جي واپسي واري ڪهاڻي پڇجي ته ممڪن آهي ته اعليٰ قيادت کان وٺي صوبائي قيادت ان کي پڻ محترمه جي عظيم خواب سان ڀيٽين. پر اچو، پاڻ ساڻن ڳالهائڻ کان پهرين پاڻ ۾ هڪٻئي سان ته اهي احوال اوريون ته قصي جو اصل تت ڇا آهي.

    مصلحت واري پاليسي مطابق سنڌ سرڪار تڏهن ئي پنهنجي سگهه پڌري ڪري چڪي هئي، جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پاسيرو رکي ٻين ضلعي حڪومتن جي آڊٽ جا حڪم ڏنا ٿي ويا. پر هيءُ تازو قصو ڪراچي جي ڪُُن جهڙي شهر ۾ ان اڍائي هزار ايڪڙ زمين جو آهي، جيڪا پيپلز پارٽي جي اتحادي شهري سرڪار پنهنجي اختيار هيٺ رکي، ان کي وڪڻڻ، ليز ڪرڻ جا سمورا حق واسطا پاڻ وٽ رکڻ گهري ٿي. لڳ ڀڳ 28 ارب رپين جي ماليت جي اها زمين ڪراچي ۾ ڪورنگي، لانڍي، ملير، نيو ڪراچي، گلشن اقبال، اسڪيم 33 ۾ واقع آهي. سنڌ سرڪار جي اها اڍائي هزار ايڪڙ 28 ارب رپين جي ماليت واري اها زمين جيئن ته شهري سرڪار جي اختيار ۾ تڏهن کان نه رهي آهي، جڏهن کان سنڌ جي وزير اعليٰ پاران هڪ نوٽيفڪيشن جاري ٿيو. ان نوٽيفڪيشن ۾ سموري سنڌ اندر ضلعي حڪومتن کان زمينون ليز تي ڏيڻ جا اختيار کسي وزير اعليٰ حوالي ڪيا ويا. جنهن تان سندن اتحادي ڀاءُ ڪاوڙجي پيا. ست ڪلاڪن ۾ سموري صوبي جي ”ايسي ڪي تيسي“ ڪرڻ جهڙن تيش ڏياريندڙ بيان بازين سميت انهن همراهن کان جيڪو پڳو سو ڪين. پنهنجي سرڪار جي ترجمانن جي چئلينجن تي پٽي مٿان پٽي هجي ته ڪراچي ناظم اهڙي بيان تي معافي ورتي. ٻئي پاسي ترديد پئي اچي ته متحده ان تي معافي وٺي سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. تيش به ڪنهن کي آيو، اسيمبلي ۾ ڀنڀور واري سسئي مصلحت واري مامري کي في الحال وساري نيٺ سچ ضرور سليو....ٻه اکر ضرور ڳالهايائين ته هيءُ ڪهڙو لهجو آهي ۽ جن ماڻهن کان ووٽ وٺي آيا آهيون، سي اهڙي اتحاد تي پڇاڻو ڪن ٿا. ووٽر گونگا ٻوڙا ناهن...اهڙي اتحاد لاءِ پڇائون رڳو ڀنڀور واري سسئي کان نه، پر سڀني کان ٿيون هونديون. ان کي بينظير جي خواب جي تعبير چئي کين چپ ڪرائڻ جي ڪوشش به ڪئي وئي هوندي. ڪن ته پنهنجن به کيل پئي ڏٺو ۽ وزير اعليٰ جي ڪمزور پاسي کي ڏسندي پاڻ به ٻرندي کي ٻارڻ ڏنو هوندو ته جيئن جاءِ خالي ٿئي، جو متان ”وڏڙن جي نشاني“ کي پاسيرو ڪري کين وڌيڪ خدمت جو موقعو وٺرايو وڃي.

    ”ٻرندي کي ٻارڻ“ وارا گهڻا به هجن، پر اها ڳالهه فقط وزير اعليٰ جي گهٽتائي ڪرڻ نه هئي، ان سڄي نظام جي گهٽتائي ڪرڻ هئي، جنهن وٽ جمهوريت جي دعويٰ هئي. جمهوريت ۾ پارليامينٽ سڀ کان مٿڀرو، سڀ کان معتبر ادارو هجي ٿو، ان ڪري جڏهن شهري سرڪار جي ناظم عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي ته اهو وڏي وزير کي چيلينج نه هو، پر سموري پارليامينٽ کي چيلينج هو.

    ان کانپوءِ اعليٰ قيادت جون اسلام آباد کان سنڌ جي راڄڌاني ڏانهن اڏامون تيز ٿيون...صدارتي هائوس جي سڀني ويجهن وزيرن/صلاحڪارن سميت پنهنجو وزير اعظم به ان ڊيڊ لاڪ کي سلجهائڻ لاءِ سنڌ ڏانهن اسهيو. پاڻ ڏسندا رهياسين، نه ڪنهن پاڻ کان پڇيو ٿي ۽ نه ڪنهن پاڻ کي ڪڇڻ ٿي ڏنو. چوڏهين آگسٽ کان مڪاني ادارن جي نظام کي في الحال ختم ڪري، صوبن ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ جون خبرون آهن. ٽن صوبن ۾ خير آهي پر ان حوالي سان پاڻ وٽ رڌڻي ۾ رولو پوڻو آهي. چيو وڃي ٿو ته تيرهين آگسٽ تائين ناظمن جي جاءِ تي ايڊمنسٽريٽر اچڻا آهن. اتحادي ڌر سان جيتوڻيڪ طئي ٿي چڪو آهي ته سندن مفتوح علائقن ۾ نه ڇيڙ ڇاڙ ڪبي، ۽ نه ئي سندن ايڊمنسٽريٽرن کانسواءِ ٻي ڪنهن کي رکبو، پر ڪير نٿو ڄاڻي ته ناظمن جي لامحدود اختيارن آڏو ايڊمنسٽريٽرن جي محدود اختيارن تي پنهنجي شهري اتحادين جي اک ڪٿي ٿي ٻڏي. هاڻي شايد شهري حڪومت پنهنجي اختتامي ڏهاڙن ۾ سنڌ سرڪار سان سنئين سڌي متبادل حڪومت جيان ڊيل ڪرڻ جو طئي ڪري ورتو آهي. ٻه هزار پلاٽ هڪ ٺهراءَ وسيلي ليز ڪرڻ ۽ سنڌ سرڪار جي نوٽيفڪيشن خلاف پنهنجي کاتن کي ڪارروائي جا حڪم....نظام جي ستن ڏينهن ۾ ايسي ڪي تيسي ڪرڻ واري ٻولي جي استعمال تي چپ رهڻ واري پاليسي اسلام آباد کان برآمد ٿي به چڪي آهي. هن حڪومت جا ووٽر ٻڌي ڇڏين ته ان ڪور ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ طئي ٿيو آهي ته:

    (1) پنهنجي سنڌ حڪومت ٻن ڏينهن اندر زمين جي ليز ۽ نيلامي روڪڻ وارو نوٽيفڪيشن واپس وٺي، شهري سرڪار کي اڌو اڌ تي راضي ڪري ان ۾ ترميم آڻيندي.

    (2) ايندڙ مڪاني ادارن جي بدلي ۾ ايندڙ سيٽ اپ ۾ پڻ شهري سرڪار جي موجوده سيٽ اپ ۾ سواءِ نالن ۽ آفيسن جي ڦير ڦار جي ڪنهن به اختيار کي ڇيڙڻ کان گريز ڪيو ويندو.

    ڀنڀور جي سسئي کان جيڪا رڙ ٿي هئي ته ماڻهو پڇاڻو ڪن ٿا. ها، اسان رڳو سسئي، رڳو سنڌ سرڪار، رڳو پيپلز پارٽي سنڌ جي قيادت کان نه، پر صدارتي هائوس ۽ وزير اعظم کان پڇڻ گهرون ٿا ته سنڌ ۾ هي ٻٽو سسٽم نيٺ به ڇو آهي ته اتحادي جماعتن جي جائز و ناجائز مطالبن جي مڃتا لاءِ سنڌ جي سياسي مالڪي، سنڌ جي مستقل مفادن کي ڇيهو رسايو وڃي؟ وزير اعظم جڏهن پارليامينٽ کي سپريم ادارو سمجهي سڀئي تڪراري مسئلا اتي عوام آڏو پڌرا ڪري حل ڪرڻ تي زور ڏي ٿو ته هتي سندس پنڌ گورنر هائوس تائين ڇو پورو ٿي وڃي ٿو؟ ڇو اهو وزير اعظم پنجاب ۾ گورنر بجاءِ وزير اعليٰ سان وڌيڪ آرامي ٿي ڳالهائي ٿو؟ هتي سنڌ سرڪار کي پنهنجا مسئلا پاڻ طئه ڪرڻ تي زور ڇو نٿو ڀري؟

    وزير اعظم صاحب جڏهن پاڻ کي هن ملڪ جو چونڊيل سربراهه مڃي ٿو ته سنڌ اتحادين جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻ تي پنهنجو جمهوري موقف ڇو نٿو ظاهر ڪري. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو ووٽر اسلام آباد ۾ پنهنجي اعليٰ قيادت کي پڻ ميارون موڪلي ٿو ته نيٺ به سنڌ ۾ تعليمي بورڊ، يونيورسٽيون، پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ٻيا اعليٰ سطحي ادارا ٻين صوبن جي ابتڙ وزير اعليٰ بجاءِ گورنر جي ڪنٽرول هيٺ ڪيئن ۽ ڇو آهن؟ سنڌ هاڻوڪي ڪور ڪاميٽي جي ميمبرن پير مظهرالحق، اياز سومري، آغا سراج دراني سان گڏ مراد علي شاهه کان پڻ پڇڻ گهري ٿي ته ان ميٽنگ ۾ اتحادي جماعت سان ڇا طئي ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين چيو آهي ته: متحده پٽيشن واپس وٺندي، پر ڪو به ان معاهدي بابت نه ڳالهائيندو. سائين! هي سنڌ جي زمين جو معاملو آهي، توهان جا ووٽر توهان کان پڇڻ جو حق رکن ٿا ته توهان کين ٻڌايو ته 28 ارب جي ماليت واري ان اڍائي هزار ايڪڙ زمين جي ليز جو مامرو ڪيئن طئي ڪيو ويو آهي؟ ڇا اقتدار اعليٰ بدلي توهان اها زمين وڪڻڻ جا اختيار اسلام آباد جي اشاري تي شهري سرڪار حوالي ڪري ڇڏيا آهن؟ جيڪڏهن اها زمين ليز ٿئي پئي ته ڪنهن کي ۽ ڪهڙن شرطن تي؟ پاڻ ان مامي يوسف لغاري کان به اهو پڇڻ جو حق رکون ٿا، جيڪو قانوني طور تي پاڻ کي ٻڌائي سگهندو ته زمين ليز ڪرڻ جا اهي اختيار ڪنهن کي آهن؟

    گڏوگڏ انهن سڀني سنڌ دوست سياستدانن کي ڇا اهو عرض نٿو رکي سگهجي ته آزاد عدليه واري بهتي گنگا ۾ هو به اهڙي ڪنهن معاهدي کي پبلڪ ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪرائي سگهن، جيڪي سنڌ سرڪار لڪ ڇپ ۾ اتحادين سان طئي ڪري سنڌ جي آئيني مفادن کي ڇيهو رسائيندي پئي اچي. جيڪڏهن ڪا به سياسي پارٽي بورڊ ۽ يونيورسٽين جا اختيار گورنر وٽ هئڻ کي ئي جي عدالت ۾ چئلينج ڪرڻ جو جوکم کڻي ته سنڌي عوام کيس ڀرپور موٽ ڏئي سگهي ٿو.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سڀ بادشاهه جا گهوڙا آهن!




    آچر 6 سپيٽمبر 2009ع



    هنن پنهنجا پراڻا کرنڊ کرچي کرچي، ڀرجي ويل زخمن تي ڄمي ويل ڪڙين کي ٻيهر کولڻ شروع ڪيو. هنن ٽمندڙ زخمن جي داستان دهرائڻ ۽ وهندڙ ڳوڙهن سان ٻيهر تاريخ ۾ لٽجي ويل اهي دزيل داستان دهرائڻ شروع ڪيا آهن، جيڪي ممڪن آهي ته ڪنهن کي بي وقت راگني جيان ڪنن تي ڀاري به پيا هجن. ها، پر ياد رهي ان ڳوڙهن هاڻي تقريري داستان کي ٻيهر دهرائي ڏسجي ته هڪ واضح فرق اڳي جي مقابلي ۾ نظر ضرور ايندو. اچانڪ هڪ ڇرڪائيندڙ اعلان، هڪ دل ڌڪائيندڙ ڌمڪي، حڪومت کان عليحدگي جي نوٽس ۾ اجائي سجائي تبري بازي جي عين برعڪس هن دفعي سندن نشانو سندن آلين اکين جو ڪارڻ پردي پويان ويٺل اسٽيبلشمينٽ نه، پر اها سياسي ڌر آهي، جيڪا سندن چواڻي ته اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي. اسٽيبلشمينٽ هن ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن کي ڄڻي نپائي وڏو نه ڪيو آهي...”سڀ بادشاهه جا گهوڙا آهن“ ان سڄي مامري لاءِ فقط انگريزي جي اها چوڻي دهرائجي ته شايد ڪافي ٿيندو. عجب ڪهاڻي آهي هن ديس جي، جتي هتي جي گڏن کي سياستدان ٺاهي، سياسي ڪلچر کي اکاڙي جي شڪل ڏني ويندي آهي ۽ ان ٺونشي بازي ۾ هار ڪنهن جي به ٿئي، جيت ڪنهن مٽي جي گڏي جي، ڪنهن سياستدان جي هرگز ناهي ٿيڻي.

    وقت بيشڪ ته گهڻو گذري چڪو، ماضي کي مٽيءَ هيٺ پوري دفن ڪيو، پر ڪي ڏينهن ٿيا هوندا، اچانڪ پاڻ ٽي وي اسڪرين تي کين روئيندي ۽ رومال ڳوڙهن سان پسائيندي ڏسون ٿا. زخمن جا کرنڊ لهن ٿا، ٻوري ۾ بند لاشن جي ٽارچر سيلن جي، ڊرل مشينن جي ڪهاڻي دهرائجي ٿي. ڪنهن جي حصي ۾ ڪيترا لاش آيا، اهو حساب ڪتاب وقت جا سياستدان ملي لڳائين، پر ٻيا نوي کان اڳ جي آپريشن کان اڳ واري داستان کي ڇيڙڻ جي جرئت شايد ڪير به نه ڪري...ٻيانوي آپريشن جو ذڪر ڪري هن اڳواڻ پنهنجو رومال آلو ڪيو آهي ۽ هن جي رومال جي آلي ٿيڻ سان ڪيئي ڪهاڻيون، سيني ۾ دفن ڪيئي راز ۽ پاڪستان جي روايتي سياست جي ”اصلي تي وڊي“ ڪردارن سميت سڀني جي ڀڻ ڀڻ ۾ نه ڀلجو ته پنهنجي حصي جو سچ اڃا به دفن ٿيل، پنهنجي ڇاتين جا چاڪ اڃا به ڍڪيل، خون ۾ ڌوتل حيدرآباد جون گهٽيون اڃا به ساڳيون...حيدرآباد شهر جي ورهاڱي کان وٺي حيدرآباد ضلعي جي ورهاڱي وارا درد اڃا به اڻ ٻڌا، اڻ چيا رکيل...پنهنجا رومال نه...پنهنجي ته دامن کي تر ڪري نچوڙجي ته به پنهنجي داستانِ ستم جا سور سلجي پورا نه پون. وقت وڏو مرهم بيشڪ، پر تاريخ ۾ ٿيل ناانصافين جي درستگي ضرور آهي. پاڻ، پاڻ سان ٿيل ويڌنن جي حساب ڪتاب کي نٿا دهرايون، ها پر اهو جيڪو پٽڪو هن وقت هٿ وٺي ميڊيا ۾ شروع ڪرايو ويو آهي، ڏسون ته ان سموري ملامت بازي، ان سموري درد ڀري داستان ٻڌائڻ ۾ پوءِ تبري بازي لاءِ ميدان تيار ڪرڻ ۾ نيٺ به ڪير آهي جيڪو آخر ۾ پنهنجي ”ٽوپي“ بچائي فخر جو آخري ٽهڪ ڏيئي سگهندو؟ ٻيانوي جي فوجي آپريشن بابت سچ ڇا آهي؟ ڪوڙ ڇا آهي؟ خبر ۽ ڪوڙي خبر ڇا آهي؟ برگيڊيئر امتياز احمد کي اچانڪ ان سچ جو دورو ڪيئن پيو؟ ۽ جنهن اداري سان هو وابسته رهيو، ان اداري جي ”خفيه“ ڪاررواين/ڪارڪردگين جي باري ۾ ”سچ-ڪوڙ“ ٻاڦڻ جو هو مجاز آهي به يا نه ۽ جيڪڏهن هو ڪنهن جي مرضي/منشا کانسواءِ ڪوڙ ٿو ڳالهائي ته ڇا ادارتي ساک کي ڇيهو رسائڻ جي الزام هيٺ سندس پڪڙ نه ٿيڻ کپي ۽ جي ان ڪوڙ جي گهڙت ڪنهن منشا جو نتيجو آهي، ۽ رڳو ٻيانوي آپريشن ئي ڇو، اهو صاحب ته لکيل بندي کڻي هر پروگرام ۾ تشريف فرما ٿئي ٿو ۽ پوءِ اها سموري کچڙي جيڪا ڳجهن ادارن جي ڪارفرمائين جو نتيجو هئي، سا ٻيهر ٿيلهي مان ٻاهر ڪڍي هڪ هڪ ڪري ڪوڙ سچ ۾ پنهنجي ادارتي ميڪنزم جا پول کولي ٿو، جنهن ۾ ڪاغذي شين کان وٺي شيرِ پنجاب تائين جي هڪ هڪ ڪردار کي لوئڻ شروع ڪري ٿو. هن سموري شرارت پويان سبب ڪهڙا به هجن، پر هڪ ڳالهه ته بنهه واضح آهي ته ملڪ ۾ موجود سياسي منظرنامي تي سڀ کان وڌيڪ جيڪڏهن ڪنهن جو ايڪٽو رول آهي ته اهو سياستدانن جو نه، پر انهن ڳجهن ادارن جو آهي، جيڪي هاڻ نه ڳجها رهيا آهن، ”ڇا هيءُ سڄو تماشو فقط ان لاءِ آهي ته صدارتي محل جو مڪين پنهنجي مائنس ون واري ميڊيائي واويلا کي مات ڏيندڙ منڊ مچايو آهي؟“ يا وري هي ”سڄو کيل، ان کلاڙي کي بچائڻ لاءِ آهي، جنهن فوجي وردي جي طاقت تي سڄي قوم جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي، جيستائين چاهيو تيستائين ستايو.“

    رڳو پهاڙن جي باغي بگٽي جا ئي نه، پنهنجي بينظير تائين جي قتل جا تانا بانا سندس حڪومتي اقتدار جي ڪڙين سان ڪٿي نه ڪٿي ضرور ملن ٿا. جيتوڻيڪ امتياز ٻلي جي ميڊيائي گفتار جو في الحال شڪار جيئن ته مخالف ڌر سان تعلق رکندڙ آهن، تنهن ڪري ان جا پيرا صدارتي محل تائين کنيو ٿا اچن. آءِ ايس آءِ جو اهو ڪورٽ جو دستاويز هاڻي پنهنجي عدالتي تاريخ جو حصو بڻيل آهي، جيڪو آءِ ايس آءِ جي سابق سربراهه اسد دراني اصغر خان ڪيس ۾ جمع ڪرايو هو ته پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيڻ لاءِ تشڪيل ڏنل آءِ جي آءِ ٺاهڻ جي ڏس ۾ خفيه اداري پاران سياستدانن ۾ پئسا ورهايا ويا هئا. اڄ تائين سياستدانن مان ڪنهن به ان Affidavit کي چيلينج نه ڪيو آهي. اهي ئي آڌي رات وارا گدڙ هئا، جن ڪاغذي شينهن پئي ٺاهيا، نواز شريف جو نالو به ان لسٽ ۾ سرِ فهرست آهي.

    اڄ آڌي رات جا گدڙ ٻيهر اونايون ٿا ڪن، اهي آڌي رات جي گدڙن جا راتاها ئي هئا، جن هن ملڪ جي سياسي نقشي تي نه اميدِ جمهوريت جو ڪو سلو اڀرڻ ڏنو ۽ نه ئي ڪنهن قدآور سياستدان کي سک سان سياست ڪرڻ ڏني. آڌي رات جا گدڙ هئا، جن جي دامن تي نظير جي خون جا چٽا اڄ به سندس ساٿي غور سان ڏسن ٿا. اهي ٽي وي چينل ۽ اهي ميڊيا جا اينڪر پرسن آڌي رات جي گدڙن کي خوب عزت ڏيئي، ٻين جو پٽڪو لاهڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. ڇا تن مان ڪنهن هڪ کي به اها همت آهي ته نظير جي خون ۾ مبينا طور ملوث امتياز ٻلي جي سندس ڪامريڊ ساٿين سان ڏيٺ ويٺ ڪرائجي؟ ڪير ڪير آهي جو گواهي نه ڏيندو؟ سهيل سانگي، شبير شر، ڪمال وارثي ۽ هو جهونو جمال نقوي...جيڪي هڪ هڪ ڪري ان ئي آمريڪن ڪوارٽرس مان کنڀي کنيا ويا. سڀ تشدد سهي نيٺ به واپس آيا، پر ان امتياز احمد جي تشددخاني مان هڪ چچريل لاش آڌي رات جو کنيو ويو. ڪالهه هوءَ ڪامريڊ حميده اڪيلي هئي، جيڪا مٿس قتل جي ايف آءِ آر درج ڪرائڻ لاءِ آتي هئي ۽ اڄ ان آڌي رات واري ڪردار جا ويجها ساٿي سندس ساک تي داغ هڻن ٿا، کيس وڪائو مال ۾ ايجنٽ ۽ سازشي ڪوٺين ٿا.

    ”مشرف بچاءُ“ هن نئين تماشي جو عنوان بڻجي ته ڪو حرج ناهي، ڇاڪاڻ هن گيم جو پهريون نشانو مخالف ڌر جو نواز شريف ئي هو، جنهن هن وقت تائين وڏي هوشياري ۽ ڪمال چابڪدستي سان سڄي سياسي گيم تي ڪنٽرول پئي رکيو. عدليه جي آزادي واري ڀاري ڪريڊٽ کانپوءِ يقينن صدارتي محل جو مڪين پنهنجي عوامي شهرت جو گراف ڪيرائي چڪو هو. ججن جي بحالي واري جدوجهد ۾ وڏي آرام سان نواز ليگ ليفٽ/رائيٽ توڙي لبرلز کي پنهنجي پاسي بيهاري فتح جون ٻه آڱريون مٿي کڻي ٻه وکون اڃا به اڳتي وڌندي ايوان صدر تي پنهنجي ڇتي تنقيد جو نشانو تيز ڪندي کيس هڪ پاسي کان سوڙهو ڪندي ٻئي پاسي عالمي طاقتن سان پڻ لهه وچڙ ۾ ٿي آئي. ٻئي پاسي قاضي ۽ عمران کان به ڇڊو ٿيندي هڪ نئين مهم جوئي سترهين ترميم ۽ بعد ۾ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ نيٺ مشرف جي ٽرائيل تائين پهتي. مشرف جي ٽرائيل واري عوامي جذبات جو فائدو وٺڻ ۽ ٻئي پاسي پارليامينٽ ۾ حڪمران جماعت کي سوڙهو ڪرڻ واري حڪمت عملي بظاهر ته سندس حق ۾ نظر ٿي آئي، پر حقيقتن اهو سندس لاءِ مشڪل ان ڪري به هو ته هن وقت اپوزيشن ۾ هو اڪيلي جماعت ئي هئي. 31 جولاءِ واري عدالتي فيصلي تي جماعت اسلامي ۽ عمران خان به آزاد عدليه مان اين آر او ذريعي صدارتي ايوان مان صدر جي واپسي جو ڪو آسرو نه ڏسندي هڪ ٻي ”لانگ مارچ“ ۽ ”مڊٽرم چونڊن“ جي نعري سان پنهنجي نئين اسائنمينٽ ۾ جنبي ويا. رڳو اپوزيشن لاءِ ئي نه، پر هي ايوان صدر جو نئون مڪين به عوام ۾ ڪو گهڻو پاپولر ٿي نه سگهيو آهي، پر سندس لاءِ ناپسنديدگي جو ڪارڻ سندس عوامي غير مقبوليت بجاءِ اها رڪاوٽ آهي، جيڪا سندس صدارتي ايوان ۾ موجودگي جي صورت ۾ سينٽر پنجاب جي رولنگ اليٽ جي سنئين سڌي داخلا نه ٿي سگهڻ آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مرڪز ۾ پهرين حڪومت آهي، جنهن ۾ سينٽرل پنجاب جي عدم موجودگي واضح طور تي محسوس ٿئي ٿي. نه نواز ليگ ۽ نه ئي قاف ليگ جو ڪو حصو پتي آهي. هينئر مرڪز ۾ جيتوڻيڪ اختيارن جي ونڊ ورڇ تي صدارتي ايوان ۽ افسرشاهي جي ڏند چڪ هلندڙ آهي، پر تنهن هوندي به، اهو خاص مهرو جيڪو ماضي جيان، منظرنامي کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪم اچي سترهين ترميم جي موجودگي ۾ ان جا امڪان به ڪي خاص نظر نٿا اچن. سترهين ترميم جي خاتمي کانپوءِ زرداري لاءِ ايوان صدر کان وزير اعظم هائوس جو پنڌ به شايد گهڻو مشڪل ناهي. ان صورت ۾ مشرف ٽرائيل اهو واحد سياسي حربو ٿي سگهي ٿو، جنهن سان صدارتي طاقت کي دسي سگهجي ٿو. پارليامينٽ ۾ چوڌري نثار علي لاءِ گيلاني کي ناٽ آئوٽ ڪرڻ ڪو گهڻو مشڪل ته ناهي، پر مامرو وري به صدر جي اختيارن تي اچي دنگ ڪري ٿو. ان صورت ۾ ”مشرف ٽرائيل“ ۾ عوامي جذبن کي موبلائيز ڪرڻ بيشڪ آسان هو ۽ ان مهم جوئي وارو رستو نواز ليگ اپنايو.

    بينظير جي آمد، مشروط معاهدي تحت مشرف جي وردي لاهڻ ۽ کين باوقار exile ڏيڻ عوامي لحاظ کان ته بيشڪ پيپلز پارٽي جي شان مان وٽان بنهه نه هو. پر بينظري جي Reconciliation واري Doctrine ۾ مشرف سان ڊائلاگ به ممڪن هو ۽ ٻاهرين قوتن جي ٽياڪڙي به قابل قبول هئي. مشرف جي صورت ۾ فوج پڻ هن سڄي سياسي مفاهمت واري پيڪيج ۾ هڪ باضابطه ڌر طور شامل رهي ۽ جيئن ته مشرف ان جو نمائندو هو، ان ڪري خيال ڪيو پيو وڃي ته حڪمران پارٽي جي ٽرائيل کان ڪن لاٽار جو سبب به دراصل ان ممڪنه ٽڪراءَ کان بچڻ آهي، جيڪو ممڪن هو ته انهن قوتن سان ٿي پئي، جيڪي مشرف جون ضمانتي ڌريون هيون. پيپلز پارٽي اهڙي ڪنهن به امڪاني ٽڪراءَ کان بچڻ خاطر پارليامينٽ کي آڏو ڪيو، پر جيئن ته پارليامينٽ ۾ مشرف جي ماضي جي اتحادي ڌر ايم ڪيو ايم ويٺل هئي، ان ڪري اهو حقيقتن ناممڪن ٽاسڪ هو ته ڪا گڏيل قرارداد مشرف خلاف اچي. نه رڳو ايترو، پر پنهنجي سياسي طاقت ساريندي اي اين پي پڻ ان کي قصهءِ ماضي چئي وسارڻ گهريو.

    مائينس ون فارمولو اڳ ۾ انهن طاقتن پاران اچي چڪو هو، جن مرڪز ۾ سينٽر پنجاب جي عدم موجودگي گهڻي وقت لاءِ برداشت نه پئي ڪئي. نواز ليگ بيشڪ ته ججن جي بحالي واري سموري ڪاميابي سميت اندرين توڙي ٻاهرين قوتن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي چڪي هئي، جماعت اسلامي ۽ عمران خان جيان سنئين سڌي حڪومت خلاف ٿيڻ بجاءِ اٽڪل بازي سان کيس سوڙهو به ٿي ڪيو ته ٻئي پاسي سگهارين قوتن (اندروني توڙي بيروني) وٽ پنهنجو پاڻ کي قبوليت لائق بنائيندي انتهاپسندي کان به پاسو پئي ڪيو، ان ڪري ئي هنن آزاد عدليه کي تسليم ڪندي به کيس اهڙي مشڪل ۾ وجهڻ نٿي چاهيو ته ”مشرف جي ٽرائيل“ لاءِ عدليه پاڻ مرادو اڳتي اچي پنهنجي آزادي کي جوکم ۾ وجهي، ان ڪري ٻارهين آڪٽوبر واري عوامي حڪومت تي قبضي خلاف ان کي غير آئيني قرار ڏيڻ لاءِ سنئين سڌي درخواست ڏيڻ بجاءِ انهن اهو بار به وزير اعظم تي پي وڌو ته حڪومت ئي غداري جو ڪيس داخل ڪرائي. حقيقت ۾ غداري واري آرٽيڪل ڇهين جون ٻه ٻيون شقون به آهن، جيڪي رڳو صدر مشرف نه پر سندس ساٿارين کي پڻ غدارن جي ڪٽهڙي ۾ بيهارڻ جون مجاز ٿي سگهيون پئي. ان ڪري رڳو حڪومت نه، پر نواز ليگ پاڻ به ٻارهين آڪٽوبر واري قبضاگيري واري فيصلي کي چيلينج ڪرڻ جو جوکم کڻڻ لاءِ تيار نه هئي. اها خبر ناهي ته ڪنهن مهم جوئي هيٺ يا پارٽي سان صلاح مشاورت کانسواءِ جڏهن ظفر علي شاهه اهڙي آئيني درخواست کڻي سپريم ڪورٽ ڏانهن رجوع ڪري استدعا ڪئي ته اها پارليامينٽ کي هدايت ڪري ته آئين جي آرٽيڪل ڇهين جي تحت مشرف خلاف ڪارروائي ڪري ته يڪدم نواز ليگ ان آئيني درخواست جي حساسيت کي ڏسندي ان کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ سندن چواڻي ته اها سندن پارٽي جي هدايت تي نه، پر ظفر علي شاهه ذاتي طور تي درخواست جمع ڪرائي آهي.

    درخواست جمع ٿئي ته بيڪ فائير طور برگيڊيئر امتياز ٻيانوي جي آپريشن متعلق انڪشافن جي ڳنڍ کولي. سندس پهريون ٽارگيٽ نواز شريف ئي هو ته هن جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم خلاف جڙتو الزام هڻي آپريشن ڪرايو ويو ۽ اهو ته نواز شريف ان آءِ جي آءِ جي پيداوار آهي، جنهن کي ڳجهن ادارن فنڊنگ ڪري پيپلز پارٽي لاءِ مقابلي لاءِ ميدان ۾ آندو هو. نواز شريف کي سندس ماضي ياد ڏياريو ويو، حقيقت ته اها آهي ته نواز شريف ۽ ان وقت جي چيف آف آرمي اسٽاف آصف نواز جنجوعه جي هڪٻئي سان ناراضگي به ان آپريشن جي فيصلي تي ٿئي هئي، جيڪو سندس ڀاءُ شجاع نواز پنهنجي ڪتاب (Crossed swords) ۾ لکي چڪو آهي. برگيڊيئر امتياز احمد جو هڪ مخصوص وقت تي مخصوص ميڊيا آڏو اچي نواز شريف کي دفاعي پوزيشن ۾ وٺي وڃڻ...۽ پوءِ ميڊيا ٽرائيل وسيلي سندس ماضي کي بار بار دهرائڻ، ۽ ائين مشرف ٽرائيل بجاءِ پنهنجي دفاع ۾ ٻين سياستدانن جا ڪپڙا خراب ڪرڻ ۽ بيشڪ ته سندن بيڪ فائير به ٻيو ڪيڏانهن نه، پر وري به صدارتي ايوان جي مڪين ڏي وڃڻو آهي، پر هڪ تبصرو هي به نوٽ ڪرڻ جهڙو آهي ته ٻيانوي جي آپريشن ۽ تازي نواز شريف جي ميڊيا ٽرائيل مان اهو نتيجو بنهه آساني سان ڪڍي سگهجي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ يا خفيه ادارا جيڪي ڪاغذي شين کي حقيقي روپ ڏيڻ جو ڪشٽ ڪن ٿا، سي وقت پوڻ تي کين سائيز ۾ آڻڻ جو هنر به ڄاڻن ٿا ۽ اهي جيڪي مٽي جي گڏن مان عوامي ليڊر جو ڏيک ڏين ٿا، سي پڻ پنهنجا ڌاڳا ڇڪڻ جي وقت ۾ ذري برابر به ڇوٽ نٿا ڇڏين. برگيڊيئر امتياز اهو ڪنهن جو ٽاسڪ کڻي ميدان ۾ لٿو هو؟ شايد يقيني طور ڪير به نه ڄاڻي سگهي، پر ڏٺو وڃي ته سياستدانن جي ڪپڙن تي ٻوڙ هاريندڙ دراصل ايڪس سروس مين پنهنجن ئي لٽن جا داغ دنيا کي ڏيکاري ثابت ڪري رهيا آهن ته هتي ”سڀ بادشاهه جا گهوڙا آهن.“

    amarsindhu@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هيءَ سنڌ آهي!




    آچر پهرين نومبر 2009ع



    ”غير مقبول ليڊرشپ“ جي ليبلنگ سان جڏهن اکين ۾ ڪروڌ، وجود ۾ نفرت ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ ميڊيا پرسن جڏهن صدارتي محل جي مڪين ڏانهن اشارو ڪري باهه اوڳاڇين ٿا، تڏهن ڀل توهان جو به رت ٽهڪي، توهان ان کي سنڌين جي حڪمراني سان ازلي وير ۽ ساڙ سان ڀيٽي ڀل ته ان جو دفاع به ڪريو، سيڪيورٽي رسڪ چئي توهان ان جي عوامي رابطي جي تعطلي لاءِ ڀل کڻي هزار جواز به ڏيو ۽ ڪنهن سستي قوم پرستي کي جاءِ نه ڏيندي، صدر جي حمايت کي قوم پرستي جي خاني ۾ به ڀل فٽ ڪريو، توهان يقينن درست به آهيو، جڏهن توهان چئو ته چيف جسٽس جي بحالي دراصل اهي آرگنائيز مهم هئي، جنهن ۾ صدر جي غير مقبوليت جي مهر آخر لڳڻي هئي ۽ ڪيري لوگر بل پويان مخالفت واري مهم کي ته پاڻ ڪنهن به صورت ۾ پاڻمرادو اٿي پيل مخالفت چوڻ جي غلطي نٿا ڪريون. اسلام آباد ۾ موجود هاڻوڪي حڪمرانن جي گراف کي خودساخته بحرانن وسيلي ڪيئن اڀ تائين آڻي کيس غير مقبوليت جي ٽاپ تي ڏيکاري سگهجي ٿو. فقط هاڻي نه پر ماضي جا ڪيئي مثال توهان جي ان شڪ کي Justify به ڪندا ته ان غير مقبوليت جي گراف سان نالي ماتر حڪمراني کي ڪيئن پٺي ڀر ڪيرائڻو آهي.

    اسلام آباد جي منگلا پهاڙين جي گود ۾ کيڏندڙ سازشن کان وٺي لاهور جي تختِ حڪمراني تائين پردي پويان رابطن جي سلسلي ۾ جيڪڏهن توهان کي اسٽيبلشمينٽ وٽ پچندڙ کچڙي جي ڪا بوءِ اچي ته اها غير حقيقي هرگز نه هوندي. ان سموري منظر ۾ اسلام آباد ۾ لاهور جي جاتي امراءُ تائين جي سياسي چرپر ۾ سس پس وارين سرٻاٽن ۾ جيڪڏهن توهان کي هاڻوڪي حڪمراني جو رستو کوٽو ٿيندي نظر اچي ته ڪو غلط به نه چئبو. ”ڏکيائون، رڪاوٽو“ هٿ ٻڌل، محدود اختيار، بيوروڪريسي تي ڪنٽرول نه هئڻ ۽ محدود مينڊيٽ وارو جواز پيپلز پارٽي جي مرڪزي حڪومت جي اعليٰ حڪمراني واري سوال ۾ پيش ڪجي ته مڃجي به کڻي، پر هيڏانهن سنڌ ڏانهن نظر ڪجي ته اتي به جيڪڏهن توهان کي بهتر حڪمراني واري سوال جو ٽڀو اونڌو نظر اچي ته يقين ڄاڻجو ته ان ۾ اسلام آباد جي ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي بجاءِ مقامي سنڌي ليڊرشپ جو هٿ وڌيڪ نظر ايندو. ها، هيءَ سنڌ آهي، جتي لاقانونيت جي واڳ به دراصل انهن ئي ڀوتارن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي عوام جو رت تيل ڪرڻ لاءِ ائين ميدان ۾ لٿل آهن، جو سندن شڪار ٿيلن کي نه ڪنهن ٻئي در دانهن جي جرئت آهي. جهان خان جي هن جهان جو قصو تيل ٿيڻ ۾ بيشڪ ته ڪي گهڻا ڏينهن لڳڻا ناهن، پر اها حڪمران پارٽي، جيڪا هن ديس جي درد جو درمان ڄاڻي پئي، اها ئي عوام کي عذابيندڙن جي رکوالي ڪري ته....پوءِ هن قصي کي ختم ڪرڻ لاءِ نه رائيونڊ جي جاتي امراءُ جي محل نشينن کي ڪنهن ٻئي بهاني جو سهارو وٺڻو پوندو ۽ نه ئي تخت کي ڌڙن تخته ڪرڻ لاءِ ڪنهن ردِ عمل جو خوف پنهنجي اعليٰ صاحبن کي رهندو. پري ڇو وڃون، سنڌ جي حڪمراني جي ڀيٽ پنجاب جي حڪمراني سان ڪريون ته نتيجو ڪڍڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي پيش نه ايندي ته هتي جي حڪومت پنهنجي مقبوليت کان هيٺ ڪيئن آئي آهي ۽ ٻئي پاسي پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي پنجاب حڪومت مقبوليت جا پراڻا رڪارڊ ٽوڙي رهي آهي.

    ڪو ٻيو قصو نٿا کڻون...پنهنجي ڀيٽ ميان شهباز شريف سان به نٿا ڪريون...ها پر ڏسو ته هو ڪيڏي نه پڪائيءَ سان جڏهن گينگ ريپ جي ساٿارين جا ساٿي نظر اچڻ لڳن، جڏهن چور جا پيرا کڻڻ بجاءِ هو چورن جا پير ڊاهڻ واري ڊيوٽي ۾ مصروفِ عمل نظر اچن ته پوءِ سندن ليکا ۽ حساب ٻين لاءِ ڇڏڻ بجاءِ اهي به پاڻ کي گڏجي چڪائڻا پوندا.

    اهو ڀنگو بهڻ جو شرمناڪ واقعو آهي. ڀنگو بهڻ سنڌ جي وزير اعليٰ جو ضلعو، اهو ضلعو جتي ڀنگين وارا لاڏائو پڻ پيراڻي گدي بجاءِ سياسي طور تي اهڙي پارٽي جي چونڊ ڪندا رهيا آهن، جيڪا عوام لاءِ نعريبازي ۾ سنڌ ۾ سڀ کان مٿاهين جماعت آهي، ۽ هيٺ طاقت جي توازن کي ڏسجي ته پيرين اگهاڙن، خالي پيٽ ساري خلق سندن پويان پئي ڏسجي...ڀوتارن لاءِ نه پر ان انگ اگهاڙي خلقت جو محبتن جو مرڪز اها شخصيت رهي، جنهن ووٽ جو قرض خون سان لاهڻ جي روايت جو آغاز به ڪيو ته ان جي پاسداري به ڪئي. اهو ڀنگو بهڻ، جنهن جو ناظم عوام دوست جي ٽڪيٽ تي چونڊجي آيل...اهو ڀنگو بهڻ جنهن مشرف جي دور ۾ به پنهنجي وفاداري جو مرڪز ان کي ئي ٺاهيو، جيڪا عذابن ۽ عقابن ۾ جلاوطن هئي، اهو ئي ڀنگو بهڻ جنهن تي ڪڏهن ڪنهن خاتون به ناظم جي نالي ۾ حڪمراني ٿي ڪئي. اهو ئي ڀنگو بهڻ جتي استادي پيشي سان تعلق رکندڙ استادن جي اندر ۾ هوس ۽ طاقت جو نشو لهي ٿو، کين سياسي طور هڪ طاقتور گروپ جي پٺي ٺپرڻ جو آسرو به آهي، ان ڪري هو کيڏ کيڏين ٿا، هو سٽ سٽين ٿا، جيئن شڪاري سٽ سٽيندا آهن. هوءَ ٽيئي استاد آهن ۽ سندن اسڪول ۾ ڪي ٻه سئو کن ڇوڪريون تعليم پرائيندڙ آهن. سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي سراسري رپورٽ پيش ڪجي ته شايد اها پڻ حيران ڪندڙ حد تائين افسوسناڪ هجي ٿي ته سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي حوالي سان نه اسڪول آهن، نه ضرورت موجب ماسترياڻين جو تعداد مقرر ٿيل آهي. گذريل سال جي رپورٽ ۾ حڪومتِ سنڌ پڻ ڇوڪرين جي ڊراپ آئوٽ ريشو تي ڳڻتي ظاهر ڪئي هئي. انهن ماسترن کي، جن کي شڪارين جون اکيون آهن، سياسي پٺڀرائي حاصل آهي، ٿاڻي جي ايس ايڇ او کان ويندي، مقامي ڊاڪٽرن، راڄ جي چڱن مڙسن جا ڪارڊ به انهن جي هٿ ۾ آهن، تنهن ڪري سڄي منصوبابندي ۾ بهاني سان شاگردياڻي کي گهر ۾ سڏائي اتي واري واري سان جنسي تشدد جو نشانو بنايو ويو. ايشين هيومن رائٽس ڪميشن جي رپورٽ موجب ”اهو اختصار جٽ جو گهر هو، جتي مصطفيٰ راڄپر، امتياز راڄپر ۽ شوڪت جٽ پنهنجي شاگردياڻي کي گينگ ريپ جو نشانو بنايو. اها شام متاثر ڇوڪري جا والدين مقامي ٿاڻي تي رپورٽ ۽ ميڊيڪل رپورٽ ڪرائڻ لاءِ فريادي ٿين ٿا. ڇوڪري جو والد محض هڪ ڊکڻ آهي، نه اڳيان ڪا سياسي پٺ، نه ئي ٿاڻي ڪچهرين تي سندس ڪو ڪاروهنوار وارو اثر رسوخ...اسڪول جو هيڊ ماستر ڄڻ ته پيءُ، ڄڻ ته رهبر...پر اهو ڇوڪريءَ جي والد کي صلاحي ٿو ته پوليس سان رجوع نه ڪري ”عزت خراب ٿيندي“.

    ان عجيب منطق تي توهان پاڻ به شرمندا ٿي سگهو ٿا ته عزت ان جي خراب نه ٿيندي، جنهن ڪڌو ڪم ڪيو، عزت ان جي خراب ٿيندي، جيڪو ان جو شڪار بڻيو. اهو ان سماج جو منطق ته ٿي سگهي ٿو، جنهن عزت جي تصور کي هميشه عورت جي جسم سان لاڳو ڪري ڏٺو هجي، حقيقتن عزت ان ڪردار جي آهي، جيڪو عمل وسيلي ڪمائجي. عزت ڀلا انهن جي ڪيئن ۽ ڇو قائم دائم هجي، جن نه رڳو اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو، پر گڏوگڏ اهي به ڇو عزتدار سڏائجن، جن صلاحيو ۽ روڪيو ته پوليس ۾ ڪيس نه درج ٿئي. ايشين هيومن رائٽس جي رپورٽ انهن الزامن جو ذڪر پڻ ڪيو ته اهو هيڊ ماستر پاڻ به پنهنجي ڌيءَ جي مامري ۾ چپ رهيو، جيڪا پڻ ساڳين ماڻهن هٿان ساڳي ئي زيادتي شڪار ٿي هئي ۽ اهو جولاءِ جو مهينو هو، جڏهن هيڊ ماستر پاڻ ان ذهني عذاب منجهان گذريو هو. هن متاثر ڇوڪريءَ جي والڊ فيض کنڊ کي ته مقامي زميندارن جي سياسي پٺ کان به ڊيڄاريو. اها سورهين آڪٽوبر هئي، جڏهن شاگردن ۽ چند ٻين ماڻهن روڊ تي اچي ان واقعي خلاف احتجاج ڪيو. سورهين آڪٽوبر تي ان واقعي کي هڪ هفتو گذري چڪو هو ۽ ڪيتريون ئي شاهديون ضايع ٿي چڪيون هيون. ان ڏينهن تي متاثر ڇوڪري جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، ان ڏينهن تي ئي ايف آءِ آر درج ٿي، ريپ ڪنفرم ٿيو، پر ايف آءِ آر ۾ جوابدار ڄاڻايل ملزمن جي ضمانت منظور ٿي. هو هڪ ڏينهن به ٿاڻي تي لاڪ اپ ۾ نه رهيا، جڏهن ته شوڪت جٽ جي گرفتاري ڏيکاري ويئي. ياد رهي ته ريپ پاڪستان ۾ ضمانت جوڳو ڏوهه نه آهي.

    هيءَ پنهنجي سنڌ هئي، جتي متاثر شاگردياڻين سان يڪجهتي وارو انگ انتهائي قليل ۽ بنهه ڪمزور، جڏهن ته ملزمن کي بچائڻ لاءِ تعليم کاتي جا آفيسر، پوليس آفيسر ۽ سرڪاري تحقيقاتي ٽيم ڏاڍي سرگرم هئي. راڄوڻي دٻاءَ لاءِ سرڪاري مشنري جي هر پرزي به ڪم پئي ڪيو. جرڳي لاءِ راڄوڻي دٻاءُ بيشڪ وڌي رهيو هو، پر متاثر شاگردياڻي لاءِ نه تعليم کاتو، نه پنهنجي وومين منسٽري ۽ نه ئي ڪنهن ٻي سرڪاري ڌر مدد ڪئي. چيف منسٽر پاران جيتوڻيڪ تفتيش لاءِ ته بيان آيو پر پوءِ اڄ پندرهن ڏينهن گذرڻ تائين رپورٽ موجب جيڪو به زور رهيو، سو جوابدارن کي بچائڻ لاءِ هو. گينگ ريپ جا جوابدار ضمانت تي اڄ سوڌو آزاد آهن. هيءَ پنهنجي سنڌ ئي هئي، جنهن اسڪول جي ماسترن ائين پنهنجي پيشي جي تقدس کي لڄايو هو، پر ان ماستر پيشي جو هڪ به تنظيمي بيان توهان آڏو نه گذريو هوندو، جنهن ۾ هنن ڪنهن ندامت جو اظهار ڪندي ظاهر ظهور ملزمن خلاف ڪنهن مذمتي بيان جي پرچي ڏني هجي. ها، پر رپورٽس ٻڌائين ٿيون ته فيض گنج جي استاد تنظيمن جا همراهه اڃا تائين هيڊ ماستر مان هٿ نٿا ڪڍن.

    اها رپورٽ، جيڪا هاڻ سنڌ جي سرحدن مان نڪري دنيا ۾ پنهنجي سنڌ جي انهن ڪارين رڍن جو ٻوٿ ڏيکاري رهي آهي. ايشين هيومن رائيٽس رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته اهي ٽيئي نامزد جوابدار ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي شاگردياڻين سان جنسي ڏاڍائي ڪندا رهيا آهن، پر جڏهن کان اهو لوڪل باڊيز گورنمينٽ جو سرشتو قائم ٿيو، ان کين وڌيڪ سياسي پاور ڏيئي ڇڏيا ۽ اهو سياسي پاور ئي هو، جنهن کي پارٽي ڪڏهن به احتساب جي ڪٽهڙي ۾ کڙو ڪرڻ بجاءِ سندن پٺي ٺپرڻ وارو ڪم ڪندي آئي. نتيجي ۾ قانونن ۽ قاعدن، اخلاق ۽ روايتن کي انهن سدائين پي کڙين هيٺ لتاڙيو آهي. ٻئي پاسي ”جرڳي“ جي جهان به کين وڌيڪ ٿي مضبوط ڪيو، ڇو ته جرڳي ۾ سزا بجاءِ قتل، ريپ کان وٺي هر ڏوهه جي قيمت مقرر ٿيل آهي، قيمت چڪايو ۽ پوءِ ٻئي نشاني جي تلاش شروع ڪريو! جرڳي جي ڏنل پاور کي لاقانونيت جي ائين ور چاڙهي ڇڏجي جو نه ڪنهن غريب جو ٻار سلامت رهي، نه ڪنهن جي ننگ جي ڪا ضمانت هجي.

    جيڪڏهن سنڌ سجاڳ هجي ته هيءَ Test case به ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو وزير اعليٰ جي ضلعي ۾ پروٽيڪشن ۾ سڄي مست ٿي ويندڙن کي سبق سيکاري سگهي ٿو. ايشين هيومن رائيٽس جي ان رپورٽ جي آخر ۾ هڪ اي ميل به داخل آهي، جيڪا ملڪ جي وزير اعظم، سنڌ جي گورنر، سنڌ جي وزير اعليٰ، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، وومين منسٽر توقير فاطمه، فيڊرل منسٽر سرفراز يوسف سميت سپريم ڪورٽ کي پنهنجي نالي سان موڪلي، متاثر ڇوڪري سان انصاف جي اپيل ڪري سگهجي ٿي. پاڻ مان اهي سڀ جيڪي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ آهيون، هن اي ميل وسيلي انصاف جي گهر لاءِ ان معصوم شاگردياڻي سان گڏ بيهي سگهون ٿا. ياد رکو ته طاقت سرڪاري مشينري ۾ نه، پر عوامي راءِ سان جڙي سگهي ٿي، جيڪا سنڌ ۾ پاڙ ڪري ويل اهڙن ڏوهارين کي اڪيلو ڪري سگهي ٿي. سچ به سنڌ کي وڏي انقلاب جي خواب بجاءِ تبديلي جي ان ننڍڙي وک جي ضرورت آهي، جيڪا فيض گنج جي ڀنگو بهڻ جي جنسي تشدد جي شڪار شاگردياڻي کي انصاف ڏيڻ جي ڏس ۾ گڏجي کنئي وڃي، ۽ جيڪڏهن اهي سياسي ڀوتار اڄ ڀنگو بهڻ ۾ شڪست خورده ٿين ٿا ته يقين ڄاڻون ته سڄي سنڌ ۾ اهڙن جرڳي باز ۽ خلقِ خدا سان ڏاڍايون ڪندڙ ڀوتارن مان جان ڇڏائي سگهون ٿا. حڪمران پارٽي کي به ياد رکڻ کپي ته اسلام آباد ۾ کڻي اها ڪيترين ئي سازشن جو شڪار ٿي پنهنجي مقبوليت جو گراف ڪيرائي رهي آهي، پر سنڌ ۾ جيڪڏهن اها پارٽي پنهنجو گراف ڪيرائي ٿي ته ان ۾ ڪو ٻاهريون هٿ نه، پر هتي خراب گورننس ان جو وڏو سبب آهي. کين پنهنجي وڃايل ساک بحال ڪرڻي آهي ته هر صورت ۾ کين خلق خدا کي بهتر حڪمراني سان انصاف جي فراهمي جو يقين ڏيارڻو پوندو، ان لاءِ ضروري آهي ته عادي ڏوهارين جي پٺڀرائي بند ڪجي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    صدين کان جاري هڪ ڏوهه خلاف ٿيل قانون سازي!









    سومر 9 نومبر 2009ع



    ”سڀ کان پهرين ته تنهنجو اڄوڪو ڪالم ”انتهاپسندي ۽ سنڌ“ جيڪو بنيادي طور تي سڄو منهنجي حوالي سان لکيل آهي، پر ان ۾ عالماڻو انداز آهي ته پوءِ مان توکي ماءُ ڪوٺيان؟ ڌيءَ ڪوٺيان؟ يار ڪوٺيان يا سريت...؟ ان مان توکي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اها به انتهاپسندي ۾ اچي ويندي ۽ تون صوفي بزرگن جي ڌرتي ڄائي آهين ته ضرور تنگ دل نه هوندينءَ. بهرحال مان توکي ”محبوبا“ ان لاءِ نٿو سڏيان جو محبت هڪ جيڏي /جيڏيءَ سان ڪئي ويندي/ ٿي ويندي آهي، البته پيار عام آهي، جيڪو سماج ۾ هر ڪنهن سان ڪرڻ جوڳو احساس آهي. باقي تون منهنجي اولاد جي عمر جي آهين جو منهنجي عمر 71 ورهيه آهي، توڻي جو سچل سائين چيو آهي ته ”سچو عشق ٻڍا نه ٿيوي توڙي چٽي هوويس ڏاڙهي.“ بيشڪ ته هن جي عمر 71 ورهيه ۽ چٽي ڏاڙهي به آهي پر سندس شهرت جو سبب نه سندس ڏاڙهي ۽ نه سندس عمر هئي. هي لفظ جيڪي هو سريت، يار يا محبوبا طور ڪم آڻي ٿو، اُهي لوليٽا جي ” هيمبرٽ“ جا نه آهن، جيڪي هِن لوليٽا ناول ۾ پنهنجي اڳ ڄائي نابالغ ڌيءَ لاءِ ڪتب ٿي آندا. هيءُ هڪڙو خاصو بنهه ذاتي، جيڪو هڪ عورت ڪالم نگار کي لکيو ويو، جنهن جو ڪالم ”انتهاپسندي ۽ سنڌ“ جي حوالي سان لکيل هو. خط ۾ اڃان اڳتي لکيل هو. ”امان! تون معصوم آهين ۽ ڪوٺي تي چڙهي لغڙ اڏائڻ ٿي گهرين، جنهن ڪوٺي کي پلويڙو به ناهي ته مان ضرور توکي منع ڪندس، اهو ئي پيءُ جو قرض آهي.“ هن ساڳي ئي خط، جنهن ۾ هو مخاطب کي سريت، يار ۽ محبوبا ڪوٺڻ جي جرئت ڪري ٿو، ساڳي ئي خط ۾ هو سندس خود ساخته پيءُ به بڻجي ويهي ٿو.

    اڳ ۾ سڀ ڪجهه ڪنهن کي به لکڻ ڦٻجي وڃڻ جوڳو هو، ان وقت ان قسم جي ڇيڙخاني، جنسي جملي بازي کي توهان محض تفريحي ادب يا لذت ڏيندڙ سستي قسم جي هلڪڙائپ سان ڀيٽي سگهيا ٿي. ها، پر اهي زمانه شايد هاڻ گهڻي وقت تائين جٽاءُ نه ڪن، هاڻ شايد گهڻي وقت تائين توهان ان کي ذهن کي ريفريش ڪندڙ تفريحي مواد چئي مزا وٺي نه سگهو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان پينل ڪوڊ ۾ ۽ پاڪستان ڪرمنل ڪوڊ ۾ اهڙن لفظن، اهڙي طرز مخاطب جي انداز سان جيڪڏهن ڪنهن روح کي رهڙيو ۽ ڪنهن جيءَ کي آزاريو ٿا ته اُها ڌر جيڪا اهڙن لفظن ۽ اهڙي طرز مخاطب جو بار گهڻي وقت تائين روح تي کڻي نٿي سگهي، اُها پاڪستان جي قانون موجب اهڙي ڏوهه جي مرتڪب ڌُر کي نه رڳو عدالت جي ڪٽهڙي تائين ڇڪي بيهاري سگهي ٿي، پر اُن کي پنهنجي ان ڏوهه لاءِ سزا ڏياري جيل جي چار ديواري ڏانهن به موڪلي سگهي ٿي.

    بيشڪ ته هن زماني کي به ڪي زمانا لڳا آهن، جو جنسي طور عورتن کي هراسان ڪري لذت ماڻڻ، تفريح وٺڻ واري عمل کي سماج پاران ڌڪاريو وڃي، اِن جي مذمت، اِن جي نندا ڪئي وڃي. ها، اِن کي به ڪي زمانا لڳا آهن ته بس جي اوسيئڙي ۾ بيٺل عورتن/ڇوڪرين سان سائيڪلن، موٽرسائيڪلن تي گذرندي کين ڇهندي گذرجي، ڪمينٽ پاس ڪجن، ٽهڪ ڏيئي کلجي ۽ بعد ۾ پنهنجي پاڻ ۾ سوڙهي ٿيندڙ عورت/ڇوڪري جي ڪرب کي به محسوس ڪجي. سندس هنيانءَ تي آيل ضرب جي اذيت کي پڻ حقيقي سمجهي ساڻس همدردي ڪجي. ان کي به زمانا لڳا آهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ آني بهاني سان پنهنجو پاڻ کي عورتن يا ڇوڪرين مٿان سٽجي ۽ کين ڇُهجي ۽ اِن کي پنهنجو حق به سمجهجي...اِن حقيقت کي به تسليم ٿيڻ ۾ ڪي جڳ کپن ته جنهن کي توهان ۽ اسان رونشي بازي ۾ محض ڇيڙ ڇاڙ سمجهون ٿا، اُها اسڪولي شاگردياڻين جي زندگين تي سدا لاءِ نه ختم ٿيندڙ نشان ڇڏي ٿي وڃي، جنهن ۾ سندس زندگي ٻرندي سڙندي رهي ٿي. سموري سماج کي ذهني طور تي ان سطح ۾ اچڻ ۾ به الائي ڪيترن زمانن جو پنڌ ڪرڻو پئي، جڏهن اُهو دفترن ۾، اسڪولن ۾، ڪاليجن ۾، يونيورسٽين ۾، ٻني ٻاري ۾ فيڪٽرين جي مشينن ۾ ڪم ڪندڙ مخلوق کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ جي سزا ڏيڻ ۾ اڳڀرو ٿيڻ کي پنهنجي اخلاقيات ۾ اتم نه سمجهي. سماج ۾ اخلاقيات جي خود ساخته ٺيڪيدار واري مسند تان لهڻ لاءِ اسان جي ”مرد“ کي بيشڪ ته اڃان ذهني بلوغت تائين پڄڻ ۾ ڪو وقت لڳي ها، پر سلام انهن عورتن جي پنڌ، جاکوڙ ۽ جدوجهد کي، جن نيٺ وڃي هنڌ ڪيو ۽ چوٿين نومبر تي نيٺ اهو بل اسيمبلي ۾ اچي پاس به ٿيو. سياست اين آر او جا ليڪا ڪٽي رهي هئي ۽ ملڪ سڄي جون عورتون اُن اسيمبلي ۾ اکيون وجهي ويٺيون هيون ته اقتدار جي لوڀ واري اِن نئين هائپ مان نيٺ به وقت ڪڍي اِهو بل ڪڏهن ٿو اسيمبلي ۾ پيش ٿئي؟ ۽ نيٺ جڏهن اين آر او تي تڪڙ ۾ تاڙا ملائي سڀ هڪ ٿيا ته حڪومتي بينچ به ان کي پاسيرو رکي اِهو ”عورتن کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ وارو بل اسيمبلي ۾ بحث لاءِ پيش ڪري ڇڏيو، ۽ اُهي عورتون جن ان جدوجهد ۾ پير رکيو هو، تڏهن اهي نوجوان هيون ۽ مسلسل عورتن جي حقن جي جاکوڙ ڪڏهن ڪورٽ ڪچهري، ڪڏهن روڊ ٿاڻو، ڪڏهن پارليامينٽ ته ڪڏهن ميڊيا ۾ هر وقت سرگرم رهندي، اڄ جڏهن هو پنهنجي عمر جي لهندڙ حصي کي رسيون آهن، تڏهن اِها سندن جهدِ مسلسل هئي جنهن جي ڦل ڏسڻ جي تمنا ۾ هو اُن ڏينهن قومي اسيمبلي جي گيلري ۾ موجود هيون. اهو ڏسڻ لاءِ ته اسيمبلي جي چونڊيل عورتن مان ڪير ڪير آهن، جيڪي ان بل جي مخالفت لاءِ بيهن ٿيون ۽ ڪير ڪير آهن جيڪي اِن کي پنهنجي روح جو آواز سمجهندي اِن جي حمايت جو ووٽ ڏين ٿيون.

    اها انيس هارون هئي، هاڻوڪي نيشنل ڪميشن آف سٽيٽس آف وومين (NCSW) جي چيئرپرسن ، ڊاڪٽر فوزيه جڳ مشهور ڪتاب Taboo جي ليکڪ ۽ عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي حوالي سان تتي ٿڌي ڪاهيندڙ...خاص طور تي هن بل جي ڊزائننگ ۾ ۽ ان جي گهڻ رخي تحقيق ۾ اڳڀري رهي آهي. ان کان سواءِ ڪي بي نام سپاهي به اُن ڏينهن گيلري ۾ موجود هئا. بل پاس ٿيو ۽ يڪراءِ سان پاس ٿيو، ڪنهن به تنظيم ان جي مخالفت نه ڪئي. گذريل مشرف جي دور ۾ وومين پروٽيڪشن بل کي فحاشي جو بل سڏيندڙ عورتن جي برگيڊ هن اسميبلي جي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري هونئن ئي ٻاهر ويٺل هئي. بل پاس ٿيڻ تي مبارڪن جو سلسلو شروع ٿيو ئي هو ته عورتن تي ڪمينٽ پاس ڪري تفريح وٺندڙ هڪ پارليامينٽرين جي دل اتي ئي ڀڙڪو کاڌو، ”خيراتي سيٽن تي آيل“ هن پنهنجي ئي پارٽي جي عورت تي ٽهڪ سان ريمارڪ ڏنو، ۽ سندس ٽهڪ تي آسي پاسي جي سڀني مردن ٽهڪ ڏيئي سندس تائيد ڪئي. عورتن کي جنسي طور هراسان ڪرڻ وارو بل ئي هو، جنهن بابت به ڳالهايو پي ويو، اُهو پارليامينٽيرين نواز ليگ جو چئمپين ليڊر خواجه آصف هو، جنهن پنهنجي مردانگي ان انداز سان ورهائي ۽ سندس پارٽي جي خاتون ڪارڪن پنهنجي ان تذليل تي پارليامينٽ ۾ پنهنجي ڳوڙهن کي روڪي نه سگهي. پر عورتون خوش آهن، ان ڪري ته سندن سالن جي جدوجهد نيٺ قانوني طور تي هن معاشري کان اِهو مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي ته اهو حق نه تفريح، نه رونشو، نه وندر، نه دل پشوري آهي.

    قانوني طور تي هاڻ اهو ”ڏوهه“ آهي، جنهن لاءِ مجرم کي ڪورٽ ۾ کڙو ڪري سگهجي ٿو. کيس مجرم جي حيثيت ۾ ڪٽهڙي ۾ بيهاري کيس سزا ڏيئي سگهجي ٿي. ”جيڪڏهن ڪو به شخص ڪنهن به عورت جي حياءَ جي توهين ڪندي ”لفظ“ ادا ڪندڙ يا ڪا معنيٰ خيز حرڪت ڪري يا عورت جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪنهن شيءِ جي نمائش ڪري ته اهو ڏوهه جو مرتڪب ٿيندو.“ هاڻ اهو ڏوهاري آهي، جيڪو عورتن تي فقري بازي ڪري ٿو، مٿن ريمارڪ ڏئي ٿو. ياد رکو ته اِن کان اڳ اِهو سمجهيو ويندو هو ته جيئن ته اهو مرد آهي ۽ جيڪڏهن ڪيائين ته پوءِ ڇا ٿيندو. پر هاڻي ”اهي ماڻهو، جيڪي نوڪري تي عورتن کي جنسي اڳڀرائي ڪندي جنسي واسطن جو مطالبو ڪن ٿا، جنسي نوعيت جا خط تحرير ڪن ٿا، يا زباني طور تي چون ٿا ته ڪورٽ ۾ ثابتي کانپوءِ کين ٽن سالن جي قيد، پنج لک رپيا سزا يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون.“ اڃان به جيڪڏهن وضاحت ڪجي ته، ”اِهو عمل يا رويو ڪنهن جاءِ تي، عام جاءِ، مارڪيٽ، پبلڪ جاين، ٽرانسپورٽن، عام پارڪن، عورتن جي ملازمت واري هنڌ، فيڪٽري، آرگنائيزيشن، نجي محفلن يا گهرن اندر ٿئي ته ڏوهه سمجهيو وڃي.“

    ان بل يقيناً هڪ ڏينهن ۾ سڀني جي دماغ درست ڪرڻ جهڙي معجزي جي طاقت نٿي رکي ته پر پوءِ به ٺيڪ اُن وقت خواجه آصف عادتاً اُهو ڪجهه چيو، جيڪو هِن بل ۾ موجود مواد مطابق ڏوهه هو. خواجه آصف جي اِن موقف تي عورت تنظيمن پاران شديد ردِ عمل ڪيو ويو ته جن کي هو ”خيراتي سيٽون“ سڏي رهيا آهن، اُنهن سيٽين لاءِ هن ملڪ جي عورتن ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي ۽ ان پنهنجي ساٿين جي نمائندگي وارين سيٽن کي خيراتي سيٽون سڏي پاڪستاني آئين، پارليامينٽ جي ئي نه، پر ملڪ جي سڀني عورتن جي توهين ڪئي آهي. خواجه آصف جي اِن ”توهين آميز“ ٻولي تي سندس پارٽي سندس وٺ ڪري ۽ کيس مجبور ڪري ته هو ساڳي ئي طور تي نه رڳو پنهنجي ميمبر کان، پر سڄي پارليامينٽ ۽ پاڪستاني عورتن کان پنهنجي روئي جي معافي گهري.

    زهريلي ۽ نفرت آميز ٻولي سان هن حڪومت جي چير ڦاڙ ڪندڙ ”قومي ميڊيا“ وٽ ڀل ته هِن بل جي پاس ڪرائڻ لاءِ هِن حڪومت لاءِ آمريت جا ٻه اکر نه به هُجن پر اِها حقيقت آهي ته باوجود ان جي ڪوتاهين جي در حقيقت پاڪستان ۾ آئيني طرح قانون کي روشن خيالي واري راهه تي جيڪڏهن آڻڻ واري ڪا هڪڙي قوت موجود آهي ته اُها شهيد محترمه جي پيپلزپارٽي آهي. خاطور تي عورتاڻي حقن جي ڏس ۾ قانونسازي جا جيترا امڪان هِن حڪومت ۾ موجود آهن، اُن جو تصور نواز ليگ يا ٻي ڪنهن جماعت ۾ ممڪن ناهي. ياد رهي ته اي پي ڊي ايم مان اي آر ڊي جي نڪرڻ جا ٻه مُک سبب اهي هئا ته پيپلزپارٽي اي پي ڊي ايم جي ساڄي ڌر وارين جماعتن تي واضع ڪيو هو ته هو مشرف جي وومين پروٽيڪشن بل ۽ اقليت جي گڏيل چونڊن وارين ترميمن جي خاتمي جي مخالفت نه ڪندا، جڏهن ته گڏيل اتحاد سڀني آئيني ترميمن جي خاتمي جي حق ۾ هو. حقيقت اِها آهي ته اِها محترمه جي حقيقي ٽيم رضا رباني ۽ شيري رحمان آهي، جيڪي حڪومتي بيئنچن تي هِن بل کي آڻڻ لاءِ پنهنجو انتهائي سرگرم ڪردار ادا ڪندا رهيا. ائين ناهي ته ڪا حڪومت ڪنهن به بل آڻڻ ۽ پاس ڪرائڻ کان مڪمل خودمختيار رهجي ٿي، جيئن”گهرو تشدد“ وارو بل اسيمبلي مان پاس ٿيو. پر مٿي ويٺل شريعت بينچ جي مذهبي عالمن اِن بل کي گهرو تقدس جي پائمالي سان ڀيٽي نتيجي ۾ طلاق جي انگ وڌجڻ جو خدشو ڏيکاري پنهنجا اعتراض وڌا. پر انيس هارون انهن اعتراضن کي رد ڪندي شريعت بئنچ تي واضع ڪيو ته اِهي بل ئي ته عورتن جي حقن جي پاسداري جي مانيٽرنگ ڪن ٿا. هنن چيو ته اِهو بل نه، پر عورتن تي ٿيندڙ تشدد آهي، جيڪو گهر جي تقدس جي پائمالي ڪري ٿو ۽ اِهو به ته طلاق جو بار اُن عورتن تي وجهڻ غير انسانيت آهي، جيڪا تشدد جو شڪار آهي. پر جيڪڏهن اِن صورت ۾ اُها عورت پوليس سان رجوع ڪري پاڻ تي ٿيندڙ تشدد متعلق فرياد ڪري ٿي ۽ نتيجي طور مڙس کيس طلاق ڏي ٿو ته اُن جي ذميواري مٿس عائد ٿئي ٿي ته اُهو تشدد نه ڪري. ان ڪري طلاق جو بنياد فرياد بجاءِ اُن تشدد کي سمجهيو وڃي، جيڪو مڙس پنهنجي زال تي ڪري ٿو.

    قانون ٺهڻ ڪافي نه آهن، بيشڪ ته انهن جو لاڳو ٿيڻ به ضروري آهي، پر جيستائين سماج ۾ رائج غلط شين، عورتن ڏانهن غلط روين ۽ غلط نگاهن ۽ محڪومي واري روئي کي حق سمجهبو، تيستائين اُن مان نجات ممڪن ناهي.هيءَ صدين پڄاڻان عورت جدوجهد جي پهرين وک آهي ته اُن اهڙن روين کي حق بجاءِ قانوني طور تي ڏوهه قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. يقيناً هاڻ قانوني گرفت ۾ آڻي مجرمن جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري مٿن فردِ جرم عائد ڪرڻ جو حق عورتن کي ضرور ملي ويو آهي ۽ يقيناً ڪنهن ڏينهن اِن حق جو استعمال به ممڪن ٿيندو.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    شهرِ علم جي گهري تاريڪي ۽ سوڳوار دل جا احساس







    جمع 13 نومبر 2009ع



    سنڌ يونيورسٽي جي داخلي دروازي جي اونچي مينار تي ڇانيل تاريڪي جيتري توهان کي اونداهي رات جو نظر ايندي هوندي، ڪجهه ان کان وڌيڪ اونداهي توهان ڏينهن ڏٺي جو هن شهرِ علم جي در و ديوار تي ڏسي سگهو ٿا. شاگردن جي موڪلائڻ واري هيلوڪي مند ۾ دهل شرنائين کان هاڻي ٽي ٽي سان فائرنگ جا پڙاڏا وڌيڪ اونچا آهن، ٽي ٽي هاڻ شاگردن جي ورن ۾ لڪل نه رهيا آهن.

    خوشيءَ ۾ به هو ”ڊز“ ڇڏين ٿا ۽ جڏهن مارڻ لئه الرن ٿا، تڏهن به ان جا ٽڙڪاٽ عام آهن. ڪئمپس اندر موبائيل فون جي کسجڻ جي واردات، سنڌ واسيو ٻڌو! ته هاڻ پراڻو قصو ٿيو. سپاهين جي فوج ۽ رينجرز با هٿيار ڪمانڊوز جي مهمان خانن جي خدمتن باوجود هاڻ اهو قصو ڪئمپس هلندي موٽر سائيڪل جي ڦر تائين وڃي پڳو آهي. ٽيهن ڏينهن ۾ موٽر سائيڪل جي ڦر جي ٻن کان وڌيڪ وارداتن واري خبر جي اخبار جي زينت بڻجي ته ڇا چئجي ته هاڻ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس جي سڃاڻپ ٻه جاڙيون قبرون، بلند بالا عمارتون آهن. علم ادب تحقيق آهي، يا چور تي فائرنگ، خوف ۽ دهشت جون وارداتون آهن. ڇا چئجي ته قيادت، منجهه ساڃاهه ۽ علم جي کوٽ آهي، يا ڪئمپس سڄي سنڌي سماج جي کوکلائپ جو آئينو آهي.اڄ جي فيڪلٽي ۾ فائرنگ جا ٽڙڪاٽ پيا ٻڌجن، ڪير ڄاڻي ته خوشي جا، وڇوڙي جا يا هڪبئي تي اڀا ڪيل هٿيارن جا منهن ٿا ڦاٽن. هن عجب تماشي جهڙي ڪئمپس ۾ اهو هال، اها ڪنڊ سوڳوار آهي. رسمي، روايتي تعزيتي ميڙاڪو، رسمي، روايتي ڪي لفظ، ڪي ڀيٽائون، ڪي چند شايد اندر ۾ لڪايل لڙڪ.... فاتح خواني لاءِ آخر ۾ کنيل اهي هٿ جڏهن هيٺ پئي ٿيا، ٺيڪ ان لمحي، ان سوڳوار ڪنڊ ۾ سندس ئي هڪ سوڳوار جي حيثيت ۾ مان به داخل ٿيس.

    بيشڪ ته گريڊن، انڪريمينٽ، امتحاني ڊيوٽين لاءِ هٿ پير هڻندڙ ۽ سينئر جونيئر جي چڪر ۾ هڪٻئي کي ٺونٺيون هڻي ڪيرائي، لتاڙي، وڃڻ وارن يونيورسٽي ماسترن جي اڪثريت، ان سوڳوار ڪنڊ ۾، ان هال ۾ موجود نه هئي، پر چند قليل تعداد ۾ اهي جيڪي سندس چاهيندي/نه چاهيندي سندس ڊپارٽمينٽ جا ساٿي هئا ۽ گڏ اهي به، جن کي سندس ڪتابن جي جهان سان عشق واري ”ادا“ سان پيار هو، چاهه هو، سي ڪي استاد، ڪي شاگرد، سندس سوڳوارن جي حيثيت ۾ شامل هئا.

    هيءَ عزيز پلي جي مرتئي جو تعزيتي ميڙاڪو.... بيشڪ ته ٻي سموري جهان لاءِ مي خوار....پر سچ پچ ته هڪ غمخوار.... اهڙو غم خوار، جنهن جي سوڳواري طئه هئي. اهڙو مئه خوار، جنهن جو جلدي وڃڻ طئه هو. شايد سرڪاري اسپتال ۾ سندس ائين وڃڻ به طئي هو، پنهنجي جان سان دشمني هئي، جيڪا هن کي ڀانءِ پوڻي نه هئي، جيڪو پنهنجي پاڻ کي ”عزيز“ نه رکي سگهيو، ان جي ماءُ ان جو نالو عزيز ڪيئن رکيو هو. اهڙي ”عزيز“ جي وڃڻ تي ٻيو ڀلا ڪير سوڳوار ٿيندو به ڇو؟! ... سواءِ سندس گهر ڀاتين، ٻارڙن ۽ انهن چند ويجهن دوستن ساٿين جي، جن سندس روح کي آئيني جيان سدا اجرو ڏٺو. بيشڪ ته ٻاهريون، بوهيمين انداز گهڻن کي پيشاني تي گهنج ڏيارڻ لاءِ ڪافي هو.

    جيڪو مون آخري ڪمينٽ کيس راهه ويندي ڏنو هو، سو سندس بت تي سوڙهي ٿيل ”چي گويرا“ واري ٽي شرٽ هئي ۽ آخري ڪتاب جيڪو سائين مون کان گهريو هو، سو پاموڪ جو Snow هو. جڏهن اڃا پاموڪ کي نوبل پرائيز نه مليو هو، تڏهن Snow جو ذڪر فهميده رياض وٽان ٻڌو هئم. Snow عجيب ناول هو، شايد پهريون به، جنهن مسلم شناخت کي ڪلچر ۽ تاريخ سان ڳنڍي انهن جي تضادن تي ڳالهايو هو. پاموڪ کي ايوارڊ مليو، پر تنهن وقت اسان کي Snow بجاءِ My name is red مليو، جيڪو دوستن جي سموري حلقي ۾ شيئر ڪيو ويو. Snow جو رومانس هو، جيڪو ساڻس شيئر پئي ٿيو، پر ڪتاب هڪ کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽين دوست ڏانهن ڦرندي ڦرندي، جنهن حالت ۾ واپس ٿيو هو، ان جا پنا نڪتل هئا، حالت جري هئس، عزيز کي نئون وٺي ڏبو .... اسان پاڻ ۾ چيو هو.

    Ka (ڪتابن جو مرڪزي ڪردار) تڏهن ترڪي جي مشرقي شهرڙي ۾ آخري بس تان لٿو، جڏهن برف پوڻ شروع ٿئي هئي. ان کانپوءِ نه رڳو سندس لاءِ پر سڄي شهر لاءِ ٻاهرين دنيا جا دروازا بند ٿي چڪا هئا. هو ميونسپالٽيءَ جي چونڊن جي ڪوريج لاءِ صحافي جي حيثيت ۾ اتي پڳو هو. Ka جرمني ۾ لاڳيتو ٻارنهن سال جلاوطني جا ڪاٽيا هئا، جتي فرينڪفرٽ لائبريري ۾ ويهي هن ترگنيف جا ناول پڙهيا هئا، پر ان ترڪي جي مشرقي شهر ۾، جنهن جون سرحدون آرمينيا ۽ جارجيا سان ٿي مليون، ان ۾ هو اسڪارف جي اشو تي خودڪش بمبارن کان وٺي ريڊيڪل ليفٽسٽ ۽ اسلامي بنياد پرست گروهن سان پڻ ڏيٺ ويٺ ۾ اچي ٿو.

    پر اسان جو عزيز پلي، Snow جو Ka نه هو. توڙي جو هن جي پنهنجي واپسي واري آخري بس ڪڏهوڪو نڪري چڪي هئي. هن جيڪو جهان وسايو هو، ان جهان جو تعلق به بيشڪ ٻاهر جي دنيا کان لڳ ڀڳ ڪاٽا ٿيل هو. هو ڪڏهن ڪڏهن ئي ته سنوت ۾ ايندو هو ۽ جي سنوت ۾ ايندو هو ته مئه نوشي کان وڌ سندس پڙهڻ بحث ڪرڻ ۽ شيئر ڪرڻ جي رفتار هوندي هئي. ڀلي جڳن جا جڳ گذري وڃن، عزيز پلي ياد نه پوندو هو. جهان گذري وڃن ته سندس يادگيري به دل تي نه ورندي هئي. ها، پر ڪو ادبي ڪتاب پڙهجي ۽ عزيز پلي ياد نه اچي، ساڻس شيئر ڪرڻ تي دل اتاولي نه ٿئي، اهو ناممڪن هو. هو ڪيترو به سياسي هو، پر خالصتن ادبي ذوق رکندڙ هو ۽ پوءِ جڏهن ساڻس ڳالهائبو هو ته سياسي زهر سان ڳالهين ۽ موڊ کي زهريلو ڪڏهن به بنائڻ جي شعوري/لاشعوري ڪوشش نه ڪندو هو ۽ جڏهن مون آخري ڪتاب سمرقند پڙهي پورو ڪيو هو ته اهو سائين عزيز پلي اهو پهريون شخص هو، جنهن سان مون اهو شيئر ڪرڻ چاهيو هو ۽ يقينن ان کانپوءِ ”سمرقند“ جا مزا وٺي جنهن شخص سان ڳالهائي سگهجي پيو، سو به يقينن ٻيو ڪو نه پر حليم بروهي آهي. حليم بروهي کانسواءِ ٻيو ڪير هوندو سنڌ ۾، جنهن کي خيام جي رباعين جي پسمنظرن سان، ان نيم تاريخي ڪتاب سان دلچسپي ٿي سگهي ٿي. خيام جي رباعي لاءِ جيترو اتساهه حليم بروهي ۾ هوندو، سو ڀلا ٻي ڪنهن ۾ ڪيئن ممڪن هوندو، پر ادب جي ان Taste کي ٻيو جيڪو شخص Enjoy ڪري سگهي ٿو، اهو سائين کانسواءِ ڀلا ٻيو ڪير هوندو؟؟ ها، پر شايد اهي ڏينهن سندس ان ٽريڪ جا نه هئا. هو ان سنوت ۾ نه هو، جو هو فلسفي ڊپارٽمينٽ جو ڀيرو ڀڃڻ اچي. امين مالوف جو اهو ڪتاب مون ٻين دوستن ڏانهن پاس ڪيو، پر انگريزي شعبي جي نه ان راهگذر ۾ ڪڏهن مون کي سائين عزيز نظر آيو، جيڪو ڪنهن سٺي ڪالم ڇپجڻ تي فوجي سليوٽ ڪندي چوندو هو، ”بس سلام“. انگريزي شعبي جي اها راهگذر، جنهن تي سندس آفيس ۽ آفيس ۾ سندس ڌيءَ جي نمايان تصوير سان ٻيون ڪيتريون ئي باغي ڪردارن جون تصويرون ....

    ”سيماٽ ڊي بوائر“ ان تصوير لاءِ هو سدائين ايندو رهيو، پر مون کي پتو ناهي ته ارون ڌتي راءِ سان ان جي تصوير به سندس آفيس جي ديواري البم تي سجي سگهي يا نه.

    ”ڇوريون! توهان مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهيو“ بظاهر سوٽڊ بوٽڊ ماسترن جي اڪثريت جي بنهه ابتڙ، سائين عزيز پلي ئي اهو واحد شخص هو، جيڪو حجائتي ٿيڻ جي ان حد تائين وڃڻ کان ڪيٻائيندو نه هئو، ڇاڪاڻ ته کيس اهو پتو هو ته هو اندر ۽ ٻاهر جي عزيز پلي واري اميج ۾ ٻيائي نٿو رکي ۽ اسان کي ساريو پيو هوندو هو، ان ڪري اسان به کل ۾ ئي اونڌا هوندا هئاسين. ”توهان گلا نٿا ڪريو، ان ڪري مان هتي ايندو آهيان.“ ائين هو، اسان جي ”زناني گلا“ جو سڀ کان متحرڪ ۽ ٽهڪ ڏيئي کلندڙ ڀيچي جيان سدائين گلا واري سيشن ۾ شامل رهيو ۽ اها به حقيقت هئي ته گلا ۾ شايد، اسان سندس ذڪر ڪيل چوڪڙي کان سدا اڳڀرا رهيا هجون.

    هو به اٺ ڪتابن جا پڙهيل هو، پر آڪڙ ۾ نه سندس ڪنڌ ۾ ڪلي کتي هئي، نه ئي کيس آپي مان ڪڍيو هو، ان جو سبب شايد اهو به هو ته هو اتر جي اساٽيل ماحول بجاءِ ٿر جي ڀُر ڀُر واريءَ جي مٽي جو ڳوهيل هو. ٿر جي واري جيان کيس ڪمپوز ٿيڻ ۾ سدائين تڪلف رهيو. هو ڪمپوز ٿيل نه هو، وکريل هو، خوشبو جيان.... Tender heart نرم دل، جنهن جي طبيعت جو پهريون ۽ آخري ڇيڙو هئي، دنيا ان لاءِ اوتري بيرحم هئي. هي دنيا ٻيائي رکندڙ ماڻهن کانسواءِ ٻين لاءِ گهارڻ لاءِ انتهائي اوکي آهي، عزت نفس سان جيئڻ تهائين ڏکيو. هو ديو جانسن هو نه هو پر دنيا سان سندس ڏيٺ ويٺ جي مامرن ۾ هو انتهائي ناڪام ۽ ڌڪاريل. پر Tenderness of heart جي مامري ۾ هو سدائين وڪٽري اسٽينڊ تي بيٺل، سدائين سڀ کان اڳڀرو. اها ٿر جي مٽي هئي، جنهن چڪ تي سندس وجود گهڙيل، اهو آوي پچايل....پر اها آوي به هن کي ميڙي هڪ مٺ ۾ سموئي نه سگهي. هو لمحي هڪڙي ۾ ڀري پوندڙ، لمحي هڪڙي ۾ ٽٽي پوندڙ، لمحي هڪڙي ۾ خوش ٿي پوندڙ. زمانن جي سرد گرم ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجو پاڻ سنڀالڻ وارو پورهيو ڪري نه سگهيو. هو جڏهن تياڳڻ واري مند مچڻ تي تياڳيندو هو ته ڪٿي دوستي؟ ڪٿي ڊپارٽمينٽ؟ ڪٿي پڙهڻ ۽ ڪٿي پڙهائڻ .... سچ پچ ته عزيز پلي ان ڊگهي ٽٻي تي، جنهن ۾ هو پاڻ ٻڏي ويندو هو، نه همدردي، نه ئي کيس ڪا صلاح ڏيئي سگهبي هئي، بس انتظار ڪبو هو ته ڪڏهن وري هو دنيا سان هينڊ شيڪ ڪري ٻيهر اچي ٿو گڏ ويهي، ڪي چرچا شاهه جا روح روليندڙ ڪي شعر....ڪنهن ڪتاب جون سٽون ٿو ٻڌائي.

    ”نه جنون رها نه پري رهي....“

    زاهده حنا کي پڙهيو هئوسين ته ڪٿان هو ان غزل جا سڀ شعر کڻي آيو. طالبان تي لکيل زاهده حنا جو افسانو ۽ اودي پرڪاش جا ترجمو ڪيل افسانا....فقط سائين عزيز پلي هو، جنهن ان جي اونهائي ٿي ڄاتي ۽ ڪي ڏينهن ٿيا، اودي پرڪاش جو نئون افسانو هٿ آيو هو ۽ مون دل ۾ کيس ياد ڪيو.

    انگريزي شعبو فيڪلٽي مان کڄي ويو هو، سندس آفيس جو دروازو بند ٿي چڪو هو ۽ عزيز پلي پاڻ الائي ڪهڙي جهان جي ڪهڙي ٽٻي ۾ ٻڏل هو. کوڙ سارا بحث، کوڙ ساريون زنانيون گلائون، کوڙ ساري کُسر پُسر. شاهه جا بيت، وايون .... سمرقند ۾ امين مالوف جي رباعين جا داستان....گهڻو ڪجهه هن گودڙي ۾ وٽس لاءِ رکيل هو. ڪنهن ڏينهن ضرور ساڻس ويهي ونڊبو.... پر اهو جيڪو طئي ٿيل هو، هن جو وڃڻ، اوچتو وڃڻ، برين هيمبرج ۾ وڃڻ. هڪ ڏک جو سدا سوڳوار تڏو، سدائين انهن دلين ۾ آباد ڪري هليو وڃڻ طئه هو، سو هو اسان جي دلين جي هڪ ڪنڊ ۾ سوڳوار تڏو آباد ڪري ويو. اهو ئي عزيز پلي، جيڪو دنيا ۾ بيشڪ ته ان مان مرتبي واري منصب کي ٿڏيندو رهيو، اهو ئي عزيز پلي هر تنهن پل، جڏهن ڪا دل کي ڇهي وٺندڙ سٽ پڙهبي، روح جي تار کي ڇيڙيندڙ شعر پڙهبو ۽ دل جي ان اعليٰ منصب تي ويٺل اسان جي اندر ۾ سدائين آباد رهندڙ عزيز پلي سان اهو شيئر ٿيندو رهندو. ها، پوءِ زمانو جنهن کي ڪڏهن به ميڙي هڪ نه ڪري سگهيو ته اسان قليل ماڻهن جي دلين ۾ سدائين عظمت جي اعليٰ مرتبي تي رهندو. اهو اعليٰ مرتبو، جيڪو فقط tender hearts جي حصي ۾ ئي ايندو آهي. عزيز! دل جي جنهن ڪنڊ ۾ تون ويٺل آهين، وقت جو قسم، اها سدائين تولاءِ سوڳوار رهندي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    اين آر او ڪيس: ڇا ڪرپشن جا فائيلن ۾ بند ڪيس به کلندا؟




    خميس 17 ڊسمبر 2009ع



    درد مان دانهن اڀري ته نه دٻائجو، ڀل پوري روح سان رڙ ڪجو، پر تيار رهجو، تيار رهجو ته هو اسان جي ڦٽ ڪڙين کي ٻيهر کولڻ جي تيارين ۾ آهن. سرد ۽ ڪوهيڙي ۾ ورتل ڊسمبر کي هميشه لاءِ لڙڪن ۾ لوڻياٺو ڪرڻ بعد به نه هنن جو ڪو هيانءُ ٺريل آهي، نه ئي سندن روح کي ڪو سڪون آهي. هنن جا ڀيچي نوان نه آهن، ته به ”حيران ڪن“ ضرور آهن. ”روٽي، ڪپڙا اور مڪان“ واري ڊاڪٽر مبشر حسن جو هٿ اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي زيرڪه کلاڙي روئيداد خان جي ڪلهي تي هجي ته اچرج نه کائجو. ڊاڪٽر مبشر حسن پيپلز پارٽي جي بانيڪارن مان هڪ آهي ۽ هو پيپلز پارٽي جي نظرياتي لاٽ مان هڪ سمجهيو ويندو هو ۽ روئيداد خان اسٽيبلشمينٽ جو اهو کلاڙي، جنهن پاڪستان جي پنجن صدرن سان گڏجي ڪم ڪيو. نه ڀلجو ته هو هر جمهوري حڪومت کي ڪيرائيندڙ جو وڏو ٽيڪيندڙ هٿ رهيو آهي. اڄ روٽي، ڪپڙي، مڪان واري نظرياتي لاٽ اسٽيبلشمينٽ جي ان ڪل پرزي جي ڪلهي تي هٿ رکي کيس سهارو ڏيندي نظر اچي ته اچرج نه کائو. هي ٻئي دستاويزن جا ٿيلها کڻي ”ڪارن ڪوٽن“ جي چونڪڙي سان سپريم ڪورٽ پنڌ پون ٿا ته حيرت جو نه، پر ياد ڪرڻ مقام آهي ته هيءُ ساڳيو ئي ڊاڪٽر مبشر آهي، جنهن جي سڃاڻپ سندس نظريو هئي، پر جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي تي ڏکيو وقت آيو ته هن نه رڳو ٻڏندڙ ٻيڙي جي ڪوئن وارو ڪردار ادا ڪيو، پر هن عوامي جمهوري راڄ بجاءِ سنئون سڌو آمرِ وقت کي ساراهيو، جيتوڻيڪ هو ان وقت حڪمران پارٽي سان گڏ هو، جڏهن پيپلز پارٽي پهريون ڀيرو اقتدار ۾ آئي هئي.

    ڀٽي حڪومت پنهنجي دور ۾ جيڪي چڱا ڪم ڪيا، ان ۾ ملڪ ۾ ليبر پاليسي جو لاڳو ٿيڻ، ٽريڊ يونين، شاگرد يونين جي بحالي، صنعتن کي قومي تحويل ۾ وٺڻ، 2000 سويلين آفيسرن کي ڪرپشن ۾ گهر ڀيڙو ڪرڻ، ٿورا گهڻا زميني سڌارا آڻڻ وغيره وغيره تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي اک نه ٻڏي، پر کيس ”مشرف راڄ“ بشمول ڀٽي حڪومت جي ماضيءَ جي سڀني حڪومتن کان بهتر نظر آيو. هن پنج ڊسمبر 2007ع ۾ ئي مشرف کي واکاڻيو ۽ چيو ته، ”مشرف راڄ، ماضي جي ڀيٽ ۾ سڀني کان بهتر هو.“ ياد رهي ته ان وقت تائين مشرف جي ڪريڊٽ تي سپريم ڪورٽ تي راتاهي سميت بگٽي جي قتل ۽ بلوچستان آپريشن جا الزام به لڳي چڪا هئا. مسنگ پرسن جا مامرا به هن جي دور سان سلهاڙيل هئا ته طالبان ۽ بنياد پرستي جو اڀار هن جي ئي سياسي پاليسين جي نتيجي ۾ ٿيو. ڊاڪٽر مبشر لاءِ اهو ئي مشرف سڀ کان بهتر، ويندي پيپلز پارٽي جي بانيڪار شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کان به بهتر حڪمران هو. ان ڊاڪٽر مبشر کي جيڪڏهن 85 سالا پوڙهي روئيداد خان جي ڪلهي کي سهارو ڏيندي ڏسو ٿا ته ”ايک هي صف ۾ کهڙي هوگئي محمود او اياز.“ هڪ ڀٽي جو ساٿي ۽ ٻيو سندس قاتل ضيا جو ساٿي...ضيا جو انتهائي ويجهو ۽ پراڻو بيوروڪريٽ...هو يحيٰ، ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ غلام اسحاق خان جو به اعتبار جوڳو ساٿي رهيو ته جنرل مشرف جي ابتدائي دور ۾ پڻ سندس ڪي ڇيڙا ساڻس ڳنڍيل ۽ مضبوط رهيا. بيگم نصرت ڀٽو اڄ بدعنوانن جي فهرست ۾ سندن لاءِ سرفهرست آهي، جنهن جي گهر جا سڀ چراغ ديس ۾ جمهوريت جي لاءِ ٻارڻ جي ڏوهه ۾ گل ڪيا ويا...۽ اهي سڀ جن جي دامن ۽ آستين تي خونِ جمهوريت جا داغ اڄ به سرخ آهن، سي روئيداد خان وانگر ”سرخ رو“ بڻجي سپريم ڪورٽ جي ڪاريڊور مان انصاف وٺڻ لاءِ آتا ٿا ڏسجن. هو پيپلز پارٽي تي تنقيد ته ڪن ٿا ۽ عليحدگي اختيار ڪن ٿا ته پيپلز پارٽي پنهنجي بنيادي نعري کان هٽي ويئي آهي، پر گڏوگڏ هو پيپلزپارٽي کان پوءِ جنهن سان ٻٽا ڀاڪر پائي ملن ٿا، سا اصل نعري جي حقيقي دشمني واري روپ ۾ عوام آڏو اڳ ئي پڌري ٿيل آهي. پروپيگنڊا جي ان بازار ۾ رڳو هڪ گروپ ئي سرگرم ناهي، کاٻا، ساڄا، وفاق پرست، قومپرست سڀئي ملڪ ۾ اين آر او جي ڪرپشن جي ڪري پريشان حال آهن. اهي جيڪي دل ۾ ذاتي بغض رکي سپريم ڪورٽ ڏانهن ڏسي رهيا آهن، بيشڪ ته ڪرپشن لاءِ ڪو جواز ناهي، بيشڪ ته بدعنواني جي ڪا به جسٽيفڪيشن نه هئڻ کپي، پر انصاف جو معيار ته هڪ ڪرو هئڻ جي خواهش دل ۾ سانڍي سگهجي ٿي. بيگم ڀٽو جو نالو بدعنواني جي فهرست ۾ سڀ کان مٿانهون هجي ۽ ملڪ تي وردي ۽ ڏنڊي وسيلي ڏهه ڏهه/يارنهن يارنهن سال حڪومتون ڪندڙ، معاشري تي جنگيون، خودڪش بمبار، مهانگائي، منشيات ۽ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون وبائون مڙهيندڙن تي حرف به نه اچي، سول-نان سولين بيوروڪريسي –جو ڪو حساب ڪتاب نه هجي، جن پنهنجي ملازمتن دوران ملڪيتن جا انبار ڪٺا ڪيا، پنهنجي ذاتي پگهارن ۽ ملازمتن ۾ مليل پيڪيجز کان هزار ڀيرا وڌيڪ فائدا حاصل ڪيا، تن کان ڪڏهن به پڇاڻا نه ٿيا.

    پري نٿا وڃون، ”مهراڻ بينڪ اسڪنڊل“ جي پٽيشن پڻ ان ساڳي ئي سپريم ڪورٽ ۾ اڃا تائين ٻڌڻي جي اوسيئڙي ۾ آهي. جنهن ڏينهن ڀڳوانداس واري بينچ جناب چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي پنهنجي عهدي تي ٻيهر اچڻ جو فيصلو ٻڌايو هو ته چند ڏينهن کان پوءِ 19 هين آگسٽ تي ٻڍڙي ڪالمسٽ اردشير ڪائوسجي پنهنجي ڪالم وسيلي هن ڪيس ڏانهن سپريم ڪورٽ جو ڌيان ڇڪرايو هو. انگريزي اخبار ۾ سندس ڇپيل ان ڪالم جو مخاطب نئون بحال ٿيل چيف جسٽس هو. 16 هين جون 1996ع تي تحريڪ استقلال جي رٽائرڊ ايئر مارشل جناب اصغر خان ان وقت جي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، جناب سجاد علي شاهه کي خط وسيلي ملڪ جي ان انتهائي اهم مامري ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو هو، جنهن ۾ 1990ع ۾ بينظير ڀٽو جي پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيڻ لاءِ پبلڪ Money عوام جي پئسي کي سياستدانن جي خريد و فروخت لاءِ استعمال ۾ آندو ويو هو. عوامي پئسي جي استعمال ڪرڻ واري ڪم ۾ ”مهراڻ بينڪ“ جا اڪائونٽ استعمال ۾ آندا ويا هئا. اصغر خان سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته جيئن ته ان ۾ ”عوام جو پيسو“ استعمال ۾ آندو ويو آهي ۽ اهو به سياستدانن جي خريد و فروخت لاءِ ان ڪري سپريم ڪورٽ ان مامري جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. حقيقت ۾ اهو واقعي به ڪو معمولي ڪرپشن جو واقعو نه هو، پر اهو عوام جي تقدير سان کيڏڻ جو مامرو هو، ڇاڪاڻ ته اهو فقط هڪ پارٽي کي هارائڻ جو مسئلو به نه هو، پر گڏوگڏ انهن پئسن سان ”اسلامي جمهوري اتحاد“ جي نانءَ ۾ جيڪي سياسي ڌريون گڏ ڪيون ويون، ان کي رجعت پرست سياسي ڌارا ۾ بيهاري پاڪستان ۾ حقيقي جمهوريت جون راهون بند ڪيون ويون ۽ اهو سچ پچ به ان وقت جي چيف جسٽس جناب سجاد علي شاهه جي اخلاقي جرئت جو ڪمال هو ته هن ان خط کي هڪ قانوني پٽيشن جي شڪل ڏني، ۽ ان جي ٻڌڻي رکي. ان ڪيس ۾ جن فردن جا نالا شامل هئا، ان ۾ مرزا محمد اسلم بيگ، (اڳوڻو چيف آف آرمي اسٽاف) رٽائرڊ جنرل اسد دراني (اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ) ۽ محمد يونس حبيب، جيڪو مهراڻ بينڪ جو چيف هو. ان ڪيس جي فقط سجاد علي شاهه جي دور ۾ ئي ٻڌڻي ٿي، ان کان پوءِ ڇهه چيف جسٽس ان ساڳي ئي ڪرسي تي ويٺا ۽ هاڻوڪو چيف جسٽس ستون چيف جسٽس آهي، پر ان ڪيس کي اڄ تيرهون سال هلي رهيو آهي، ڪيس جي نه ڪا ٻيهر ٻڌڻي ٿي آهي، ۽ نه ئي ان جو ڪو فيصلو ٻڌايو ويو آهي. ان ٻڍڙي ڪالمسٽ پنهنجي ڪالم ۾ ان مائنڊ سيٽ جي نشاندهي به ڪئي، جيڪو ڪرپشن جي اهڙي حساس مامرن تي ڪک رکي ٿو. مثلن هن مرزا اسلم بيگ جي جواب کي پنهنجي ڪالم جو حصو پڻ بڻايو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته ”اصغر خان جي پٽيشن ڪورٽ ۾ اچڻ سان ملڪ جي نامياري اداري جي ساک کي شديد نقصان رسڻ جو خطرو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان اداري جي اڳوڻن سربراهن کي گهرائڻ سان اداري جي عظمت تي حرف اچي ويندو. هن اصغر خان لاءِ به لکيو ته ڪجهه ماڻهن کي بدنام ڪرڻ جي نيت سان هن اهو سڀ ڪيو آهي. يونس حبيب چوڻ مطابق هن 190 ملين جي رقم صدر (غلام اسحاق خان) جي چوڻ تي ڏني، جيڪا ان آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي ڊائريڪٽر اسد دراني کي انهن سياستدانن کي ورهائڻ لاءِ ڏني، جيڪي پيپلز پارٽي خلاف ٺهيل محاذ آءِ جي آءِ ۾ شامل ڪرڻا هئا. اسد دراني جو چوڻ هو ته جيئن ته سندن ادارو ملڪ جي سربراهه جي حڪم جي تعميل جو پابند آهي، ان ڪري انهن اهو سڀ ڪجهه صدر غلام اسحاق خان جي چوڻ تي ڪيو. نه وساريو ته ان وقت اهو ساڳيو ئي روئيداد خان، صدر اسحاق جي ان اليڪشن ۽ سياسي سيل جو انچارج هو، جنهن ان اداري طرفان سياستدانن ۾ پيپلز پارٽي خلاف محاذ کڙو ڪرڻ لاءِ ”سرڪاري طور“ پئسا ورهايا. اهو ئي روائيداد خان سان جڏهن ڪرپشن ۽ اين آر او کي چيلينج ڪندي سپريم ڪورٽ جي ڪاريڊور ۾ نظر اچي ٿو ته پاڻ لاءِ اهو نتيجو ڪڍڻ ڪو گهڻو ڏکيو ناهي ته هيءَ سڄي ”ڪارروائي“ آخر ڪنهن جي پارٽي پويان ٻاريل باهه آهي.

    انهن سياستدانن، جن اهي پئسا ورتا، تن جو ته بار بار ميڊيا تي ذڪر به ٿيو، ان جي حساب ڪتاب لاءِ تحقيقاتي ڪميشن به جوڙي ويئي، پر اڄ ڏينهن سوڌو ان کي نه حڪومت پاڪستان ڪڏهن پڌرو ڪيو ۽ نه ئي ڪڏهن ڪنهن کي اونو ٿيو ته 480 ملين جو ڪو حساب ڪتاب وٺجي. ان اسڪينڊل جا سڀئي جوابدار ڄاڻايل فرد هن ئي ملڪ جي باعزت شهري هئڻ وارو اسٽيٽس انجواءِ ڪندڙ آهن، ٻئي طرف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قبر به انهن ڪرپشن جي الزامن هيٺ ۾ سوئيز اڪائونٽس جي ڏس ۾ لوئي پئي وڃي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا فردن جي احترام کان سواءِ ادارن جو تقدس ممڪن آهي؟




    اربع 23 ڊسمبر 2009ع



    انهن برجن تي سج لٿي ڪي جڳ گذريا آهن، جيڪي ڄامشوري جي پهاڙي تي هن سنڌ ورسٽي جي سڃاڻپ رهيا آهن ۽ انهن باذوق، جن هن ورسٽي کي موضوعِ سخن طور نگاههِ انتخاب جو مرڪز بڻايو، انهن باذوق شاعرن کي به هاڻ اطلاع ڏجي ته ورسٽي جي رستي ڪناري پوکيل سفيدي جي ڊگهين لامن ۾ هاڻ پکيڙن آکيرا ٺاهڻ ڇڏي ڏنا آهن. فيڪلٽي ۽ ڪيمپس ۾ چٽيل گولين فقط پکين جا آکيرائي نه اجاڙيا آهن، پر انهن چٽيل گولين سفيدي جي وڻن جا اهي ڇوڏا به بارود سان رک ڪيا آهن، جن ڇوڏن تي يونيورسٽي کي الوداع چوندڙ شاگردن جا ڪي نانءَ به اڪريل هوندا آهن. يونيورسٽي ڪيمپس ۾ اهي روڊ رستا ۽ سڙڪ ڪنارا ڪيترا محفوظ رهڻ جا امڪان آهن، جتي وچ ڪلاس هلندي، وچ امتحان هلندي ڪو به لوفر، ڪو به ڦورو ور ۾ نه، پر هٿ ۾ پستول کڻي اچي ڪنهن به وقت سيڪيورٽي جي ڪوتاهي ۽ انتظاميا جي نااهلي ۽ زيرو گورننس جو فائدو وٺندي فيڪلٽي جو تالي لڳل گيٽ کولي اندر پهچي ٿو ۽ ڪنهن انتهائي مانائتي استاد جي گريبان ۾ هٿ وجهي، بداخلاقي جي آخري سطح تائين هليو وڃي ٿو ۽ انتظامي سطح تي ان جو ڪو به تدارڪ نٿو ٿئي. پتو ناهي ته جاڙين قبرن تي فوٽو سيشن ڪرائيندڙ انتظاميا جي اعليٰ عهديدارن وٽ هن يونيورسٽي جي عظمت، تقدس ۽ ناموس جو ڪهڙو تصور آهي، جنهن ۾ سج لٿي کانپوءِ ڪيمپس ۾ چورن ۽ ڦورن جو راڄ ته هجي ئي هجي ٿو. جتي اهو سلسلو عام جام هجي، يونيورسٽي تي راڄ ڪندڙ ڦورن ۽ چورن کي ڏينهن جو به ڪا روڪ ٽوڪ نه هجي ته شام کانپوءِ وارداتن جي رونما هئڻ تي اچرج نيٺ به ڇو ٿئي! استاد جڏهن شام جي پهر ۾ پسار ڪندي موبائيلون ۽ ڏوڪڙ ڦرائڻ جي شڪايت کڻي وڃڻ تي يونويرسٽي سربراهه جڏهن کين اهو چوي ته ”ڦر جي رپورٽ ٿاڻي تي جمع ڪرايو، هيءُ ٿاڻو ناهي؟“ ته پوءِ يقينن اهو عدم تحفظ نه رڳو استادن پر هر ان شاگرد جي رڳ رڳ ۾ سمائجي سگهي ٿو، جيڪي هن ڪيمپس ۾ اچن ٿا ۽ تعليمي ۽ تدريسي وهنوار جاري رکڻ تي مجبور آهن. ٻئي طرف جيڪڏهن استاد يا يونيورسٽي سان اڻ سڌي طرح لاڳاپيل پورو معاشرو اهو سوال اٿاري ته يونيورسٽي جي ڪروڙن رپين جي فنڊن تي قائم اتي جو سيڪيورٽي عملو بشمول رينجرس انهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام آهي ته پوءِ يونيورسٽي رينجرس سميت پوليس جي عملي لاءِ اهو پئسو خرچ ڪرڻ بجاءِ نجي سيڪيورٽي اداري جون خدمتون ڇو نه حاصل ڪري؟

    حقيقت اها آهي ته اهي سيڪيورٽي وارا ادارا هٿيارن سميت يونيورسٽي ۾ پڙهائيندڙ استادن يا شاگردن بجاءِ فقط ۽ فقط اي سي ٽو جي افسرشاهي جي مفادن جي تحفظ لاءِ براجمان آهن. انتظاميا خلاف شاگردن جا احتجاج هجن ته کين لٺيون هڻي، ٽنگو ٽالي لاءِ الرٽ بيٺل انهن سرڪاري اهلڪارن کان يونيورسٽي انتظاميا کانسواءِ ڪير پڇاڻو ڪندو ته جڏهن فيڪلٽي ۾ ڏينهن ڏٺي ڦرن، شاگردن کي مارڪٽ ۽ فائرنگ جي نه ختم ٿيندڙ سلسلن ۽ شاگردن جي هٿن ۾ کلي عام هٿيار کڻي هلڻ تي اهي اهلڪار ڪا ڪارروائي ڪرڻ کان معذور آهن ته پوءِ ڪيمپس ۾ رينجرس ۽ پوليس اهلڪارن جي موجودگي نيٺ به ڪهڙي ڪلچر جي نماءَ لاءِ آهي؟ جڏهن انتظاميا جي بدانتظامي ۽ اقرباپروري جي قصي کي کڻجي ته به داستانن جو طويل سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ اقربا پروري ۽ ميرٽ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته رٽائرڊ ماڻهن جي فوج انتظامي عهدن تي براجمان آهي، جيڪي رٽائرمينٽ کانپوءِ به اٺن اٺن سالن کان اتي فائز آهن ۽ ٻئي طرف بيروزگار نوجوانن جو وڏو انگ آهي، جيڪو پنهنجون جوانيون ساڙي رهيو آهي. رڳو امن امان جو مسئلو ئي ناهي، بدانتظامي به ان زمري ۾ اچي سگهي ٿي، جنهن ۾ ڏوهارين تي ڪک رکيو ويو هجي. ٽيچرس لاءِ ٿيندڙ ٽيسٽ ۾ يونيورسٽي جي انتظامي نااهلي کي جهڙي ريت سڄي سنڌ ڀوڳيو ان کي پاڻ ميڊيا تي لٺيون کائيندڙن جي صورت ۾ ڏٺو. سڄي سنڌ ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ جي صورت ۾ هن اداري جي حصي ۾ وڏي بدنامي آئي. پر پوءِ سڄي جڳ جهان ڏٺو ته انڪوائري جي نالي ۾ ٿيل تماشي کي اڄ ڏينهن سوڌو نه توهان آڏو پڌرو ڪيو ويو ۽ نه ئي اسان، اوهان کي ڪا خبر پئي ته ڪير ان سموري بدانتظامي، نااهلي ۽ پيپر آئوٽ ٿيڻ جو ذميوار ڪير هو؟ ڪنهن کي سزا آئي؟ سڄي معاشري جي ماٺ هئي ۽ اها سنڌ جي دانش جي حقيقي ويڳاڻپ هئي، جن ڪڏهن به نظر ڦيرائي هن پبلڪ افيئر سان تعلق رکندڙ اداري جي تباهي، اقرباپروري، نااهلي کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي ته نيٺ به هيءُ ڪنهن جو جهان ٿو لٽجي. هاڻ سنڌ جي اها دانش به شايد ڊگهي موڪل تي ويل آهي، جنهن اجتماعيت جي اوني ۾ پنهنجو سر کپائڻ اولين فرض ٿي سمجهيو.

    ڪنهن سوال نه اٿاريو ته ڏائڻ به ڏهه گهر ٽاريندي آهي، ڪميشن تي ادارن جي نيلامي وقت گهٽ ۾ گهٽ حڪومتِ وقت اهي ادارا ته ميرٽ تي وڃڻ ڏي، جيڪي سنئون سڌو پبلڪ افيئرس سان وابسته هجن ٿا. ڇا حڪومتِ وقت جنهن جي خلاف چارج شيٽ ٺاهڻ ۾ اسٽيبلشمينٽ سدا الرٽ رهي ٿي، اها اهڙن ادارن کي نااهلي جي ور چاڙهي ان سان لاڳاپيل عام اڪثريت کي نااهلي، بدانتظامي جي ور چاڙهي نيٺ به ڇو ٿي چيڙائي. سنڌ ورسٽي، اهڙو ادارو جنهن ۾ ڪشمور کان ڪارونجهر تائين جو شاگرد پڙهندو هجي، اها سنڌ يونيورسٽي جڏهن پنهنجي انتظامي نااهلي جي ڪري خبرن ۾ اچي ته يقينن اهو پيغام به ڪشمور کان ڪارونجهر تائين سفر ڪري ٿو ۽ ان سان حڪومتِ وقت ڪنهن جا نمبر ٿي کاري، سواءِ پنهنجي لاءِ Good Governance جي عدم موجودگي جو هڪ جواز مهيا ڪرڻ جي!؟

    اهو ڏينهن يقينن هن يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن لاءِ ئي نه پر هن پيشي سان تعلق رکندڙ هر استاد جي عظمت، حرفت ۽ تقدس تي حرف اچڻ وارو ڏينهن هو. جنهن ڏينهن هن ڪيمپس ۾ حڪومتِ وقت جي پارٽي سان لاڳاپيل سپاف جي ڪجهه غير واسطيدار شاگردن فيڪلٽي اندر گهڙي هڪ استاد جي گريبان ۾ هٿ وجهي، ان کي تشدد جو نشانو بڻايو، ان ڏينهن يونيورسٽي جي سيڪيورٽي جو اندازو توهان لڳايو ته ان ڏينهن آرٽس فيڪلٽي جا ٻئي گيٽ بند هئا ۽ اتي واسطيدار سيڪيورٽي اهلڪار به بيٺل هئا، پوءِ به غير واسطيدار ڇوڪرا هٿيارن سميت اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ نه رڳو استاد کي تشدد جو نشانو بنايو، پر گڏوگڏ ٻين شعبن ۾ وڃي پيپر ڦاڙي پيپر ڪينسل ڪرائي ڇڏيو. يقينن هڪ استاد تي اهڙي ريت جسماني تشدد اهڙي آخري حد هئي، جنهن کانپوءِ پنهنجي پيشي جي تقدس تي آيل حرف تي استادن جي اڪثريت ڪنهن به جامع ۽ ٺوس حڪمت عملي ۽ تحفظ جي احساس کانسواءِ پنهنجي فرضن جي ادائيگي کان معذرت ڪئي. ان ڏينهن، جنهن ڏينهن استادن پنهنجي چونڊيل تنظيم سوٽا جي پاران ڪوٺايل جنرل باڊي ۾ انتظاميا کي جوابدار گرفتار ڪرڻ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي داخلا رد ڪرڻ جي گهر ڪندي چيو ته اهڙي خاطري کانسواءِ هو ڪيمپس ۾ عدم تحفظ واري ماحول ۾ اڪيڊمڪ ڪم جاري نه رکڻ تي مجبور ٿيندا ته ان ئي ڏينهن ٿيڻ ائين کپندو هو ته اها تنظيم، جنهن سان اهڙن شاگردن جو تعلق هو، سي انهن کي پنهنجي صفن مان خارج ڪرڻ جو اخلاقي مظاهرو ڪري ها، ۽ ٻئي پاسي يونيورسٽي انتظاميا استادن جي تحفظ ۽ تقدس جي بحالي لاءِ ڪي جوڳا اپاءَ وٺي هئا. چئن ڏينهن کانپوءِ استادن جڏهن انتظاميا ۽ گڏوگڏ حڪومتي اهلڪارن پاران جا جوڳي ڪارروائي نه ڪرڻ تي وڌيڪ تدريسي عمل کي جاري رکڻ ۽ اڪيڊمڪ ذميوارين کي بخوبي نڀائي سگهڻ کان معذرت واري ته اچانڪ ئي سڄي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي ويئي. ان لاءِ نه ته استادن کي ڪارروائي جي خاطري ڏياري، پر ان لاءِ ته کين مجبور ڪري ته هو ان عدم تحفظ واري ماحول ۾ پڻ پنهنجو ڪم جاري رکن. جڏهن ان اجلاس ۾ ڪجهه سينيئر استادن پاران يونيورسٽي جي وقار جي ڳالهه ڪئي وئي ته مون کي ان اجلاس جي هڪ جونيئر استاد جي اها ڳالهه وڌيڪ منطقي لڳي ته ”سائين عزت، ناموس بلڊنگ جا نه ٿيندا آهن، جنهن هنڌ استاد جي عزت ۽ ناموس کي ڪو تحفظ نه هجي، سندس ڪا عزت جي ضمانت نه هجي، اتي بلڊنگ جو ناموس ڪيئن هوندو؟ اداري جي عزت ۽ ناموس اداري ۾ ڪم ڪندڙن سان مشروط آهي ۽ جتي استاد تشدد جو نشانو بڻجي ۽ انتظاميا ڪو اطمينان بخش تحرڪ نه وٺي ته پوءِ عزت ۽ ناموس جو تصور ڪيئن سلامت رهندو؟

    انتظاميا هميشه جيان هينئر به مامرو لئه مٽي ڪرڻ جي چڪر ۾ رڌل ٿي ڏسجي، نه ته جيترو تحرڪ ان استادن ۾ ڏڦيڙ وجهڻ لاءِ ورتو. جيڪڏهن شاگردياڻي جي داخلا رد ڪرڻ ۽ مجرم کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ورتو وڃي ها ته شايد هو استادن جو اعتماد نه وڃائين ها.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هڪ سليوٽ جيوتي باسو لاءِ




    اڱارو 19 جنوري 2010ع



    ڏاٽي ۽ هٿوڙي جي لال جهنڊي هيٺ سندس سرد جسم رکيل هو. اکين تي اهو ئي چشمو، جنهن سان هن دنيا جا ڪيترائي رنگ ڏٺا. سرخ انقلاب کان رت ۾ وهندڙ فاشي دور ۽ فاشزم کان هڪ بلاڪ جي ٽٽڻ تائين. ننڍپڻ، جواني ۽ ٻڍاپي جي سموري سفر بعد ڪيترين ئي حاصلات ۽ ڪيترن ئي اڻ پورن خوابن سان سندس اکيون هميشه لاءِ بند ٿيون هيون. هندستان جي تاريخ ۾ نهايت ئي زنده جاويد باب ڇڏڻ بعد هو رڳو ڀارت، رڳي ننڍي کنڊ نه پر سڄي ڏکڻ ايشيا ۾ پنهنجي سياست جا اڻ مٽ نشان ڇڏي وڃڻ وارو، ڪميونسٽ تحريڪ جو سڀ کان جهونو اڳواڻ جيوتي باسو هو.

    ”اهو هڪ شخص، هڪ سياستدان، هڪ عملي مارڪسٽ جو نه پر هڪ دور جي گذري وڃڻ جو سانحو آهي“. ڪالهه ڪلڪتي ۾ هزارين ماڻهو ان قطار ۾ بيٺل هئا، جيڪا ڏاٽي هٿوڙي جي لال جهنڊي هيٺ پيل هن ڪامريڊ جي آخري ديدار لاءِ سندس چاهيندڙن جي لڳل قطار هئي. هزارن ماڻهن جي اکين گواهي ٿي ڏني ته اها سوڳواري هڪ شخص جي موت جو ماتم ناهي، پر اهو هڪ دور جي گذري وڃڻ جو غم آهي. هو پنجانوي سالن کان مٿي ڀلا اڃا ڪيترو جي سگهي ها! هزارين ماڻهن جي اکين جي اشڪباري هڪ دور، هڪ تاريخ جي باب جي پڄاڻي جي هئي. هڪ اهڙي ڪميونسٽ اڳواڻ جي، جنهن مغربي بنگال تي ٽيويهه سال وزير اعليٰ جي حيثيت سان حڪومت هلائي، پر اها ارٿي کاٻي ڌر جي هڪ اهڙي منفرد سڃاڻپ جي به هئي، جنهن ڀارت ۾ حقيقتن ڪميونسٽ پارٽي جي پروگرام تي اڪثريتي ووٽ جي آڌار تي حڪمراني به ڪئي. توڙي جو روايتي اقتدار پرست ڌرين وٽ هو پاور ڪاريڊور جو هوشيار باش اڳواڻ به چئي سگهجي ٿو پر اها حقيقت آهي ته ننڍي کنڊ ۾ رائج سياست ۾ ڪميونسٽ پارٽي جيڪڏهن پنهنجي پروگرام ۽ فلسفي تحت اگر ڪٿي حڪمراني ڪرڻ جي سگهه حاصل ڪئي آهي ته ڀارتي بنگال ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي. هو ڪميونسٽ تحريڪ جو شايد پهريون ۽ شايد آخري باب هو، جيڪو ويڙهه کان اقتدار تائين ۽ اقتدار کان وري پولٽ بيورو واپسي تائين پنهنجي سمورن فيصلن ۾ پارٽي سان سچائي جي بنياد تي پاڻ تي حرف اچڻ کان بچائيندو رهيو. هو مڙيئي مارڪسٽ نه هو، اها سندس وڏي ۾ وڏي خوبي به هئي، ته وڏي ۾ وڏي خرابي به هئي. هن مارڪسي فلسفي کي يورپ جي پسمنظر ۾ ڏسڻ بجاءِ پنهنجي ديش جي حقيقت جي آڌار تي پرکڻ جي ڪوشش ڪئي. شايد هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي سوويت يونين جي ڊهڻ واري صدمي تي ڊهي ٽڪر ٽڪر ٿي، ڪڻن ڪڻن ۾ ورهائجڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي منظم رکڻ ۾ ڪامياب ويئي ته ان جو وڏو سبب به اهو هو ته اها فڪري طرح نظريي سان سلهاڙيل هجڻ باوجود عملي طرح پنهنجي زميني حقيقتن سان ڳنڍيل هئي. اڪثر پنهنجا جملا اڌ ۾ ڇڏيندڙ، تقريري فن کان آگاهي بجاءِ حقيقتن جي اپٽار تي نظر رکندڙن ۾، گهڻو وقت وزير اعليٰ طور رهڻ ۾ سڄي ڀارت ۾ پنهنجو رڪارڊ رکندڙ، پارٽي جي حوالي سان ڪيترن ئي تنازعن کي منهن ڏيندڙ ۽ خود کاٻي ڌر جي سياست ۾ ڌڙن ۾ ورهائجڻ جي ذميواري کي قبوليندڙ باسو کي غير متنازعه ته کڻي نٿو سڏي سگهجي، پر ڪميونسٽ پارٽي کي، اڪثر پارٽين جيان، داس ڪيپٽال ۽ لينن جي تشريح واري انقلابي ڪم ۾ مشغول رکڻ بجاءِ هن ان کي عوام ۾ حقيقي طور تي لاهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو.

    جڏهن دنيا جي تاريخ ۾ پورهيت انقلاب جنم ورتو، جيوتي باسو ان کان ڪي ٽي سال اڳ ان خاندان ۾ جنم ورتو، جيڪا طبقي جي حوالي سان خوشحال ۽ پورهيت مخالف طبقي جي سڃاڻپ رکندڙ هو. انگريز بيٺڪيتي نظام ۾ انتهائي معززن جي خاندان ۾ جنم وٺي، نيم بيٺڪيتي طرز زندگي جي حامل جيوتي باسو جي انگريزاڻي زندگي ۾ پهرين تبديلي خود انهن بيٺڪيتي حاڪمن جي ديش برطانيا ۾ آئي، جتي هو برطانيا جي ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻن سان لهه وچڙ ۾ آيو. لنڊن اسڪول آف ايڪنامڪس ۾ هو لاسڪي جو ريگيولر ليڪچر اٽينڊ ڪندڙ به رهيو، جيڪو سياسي نظريه دان ۽ ماهر معاشيات هو ۽ اتي پڙهائيندو هو. 1940ع ۾ وطن واپسي تي ڪميونسٽ پارٽي جوائن ڪيائين ۽ پارٽي کيس وڪالت جي ٻاهرين ڊگري هئڻ باوجود ريلوي ورڪس جي ٽريڊ يونين ۾ ڪم ڪرڻ تي لڳائي ڇڏيو ۽ گهڻو عرصو نه گذريو ته هي پنهنجي سياسي قد ڪاٺ وسيلي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ويو.

    ڪميونسٽ پارٽي جو قبلو سوويت يونين رهيو، پر ان ۾ جڏهن چيني هاري انقلاب جا اثر پهتا ته پارٽي جو ڳچ حصو ”مائوسٽ“ طريقهءِ انقلاب کي وڌيڪ فوقيت ڏيڻ لڳو. سٺ جي ڏهاڪي جي ابتدائي سالن ۾ ان اختلافن جي بنياد تي پارٽي اڌو اڌ ٿي. ماسڪو سان سلهاڙيل ڪميونسٽ پارٽي جا پڻ ٽڪر ٿيا، پر ڪميونسٽ پارٽي کي سال 1977ع ۾ جنهن وڏي هاري بغاوت کي منهن ڏيڻو پيو، سا هئي نسڪلائيٽ تحريڪ، جيڪا هٿياربند هئڻ سان گڏوگڏ پرتشدد به هئي. ٽيويهه سال يڪو مغربي بنگال تي وزير اعليٰ رهڻ واري جيوتي باسو نسڪلائيٽ تحريڪ جي تشدد کي جڏهن رياستي تشدد وسيلي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو، تنهن سندس خلاف ئي نه پر سڄي پارٽي تي پڻ اُگرا اثر وڌا.

    سندس دور حڪومت فقط سندس لاءِ نه پر ڪميونسٽ پارٽي لاءِ پڻ هڪ ڏکيو امتحان هو، ڇاڪاڻ ته سرمائيداري نظام ۾ ترقي جا انڊيڪس ٻاهرين سرمائيڪاري سان مشروط هوندا آهن ۽ مارڪسٽ پارٽي جي حڪومت ۾ ٽريڊ يونين جي راڄ ۾ ٻاهرين سرمايئيڪاري جي گنجائش بنهه نه هئڻ برابر هئي. ان ڪري ٻين سڀني رياستن جي ڀيٽ ۾ مغربي بنگال ۾ صنعتڪاري جو عمل انتهائي سست ۽ نه هئڻ برابر هو. انگريزي ذريعهءِ تعليم بجاءِ مادري ٻولين کي ترجيح ڏيڻ تي به سندس حڪومت سخت تنقيد هيٺ آئي. نه رڳو ايترو پر جڏهن انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آيو، تڏهن به سندس دور حڪومت ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري کي ڪي خاص موقعا نه ملي سگهيا. جيتوڻيڪ ٻين رياستن جي ڀيٽ ۾ ترقي جي هر انڊيڪس ۾ پوئتي رهڻ سندس ڪارڪردگي لاءِ سواليه نشان هو، پر هڪ مارڪسٽ حڪمران لاءِ اهو ڏکيو هو ته هو ٽريڊ يونين سياست کي بنهه ختم ڪري ٻاهرين سيڙپڪار کي يقين ڏياري. ان صورتحال ۾ هو ٻٽي عذاب جو شڪار رهيو، ڇاڪاڻ ته زميني حالتن کي نظر ۾ رکندي کيس ٽريڊ يونين لاءِ سخت گير رويو ضرور رکڻو ٿي پيو. پنهنجي سياست ۾ پنهنجي فلسفي ۽ نظريي ۾ هو ڪڏهن به سخت گير نه رهيو. اهو ئي سبب هو جو جيوتي باسو کي مخلوط حڪومت هلائڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي پيش نه آئي. 1996ع ۾ جڏهن اهڙي ئي مخلوط حڪومت واري پوزيشن جڏهن مرڪزي حڪومت سازي ۾ پيش آئي، تڏهن مخلوط حڪومت جي ڪامياب تجربي جي آڌار تي کيس دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت ڀارت جي وزير اعظم جو عهدو آڇيو ويو. اها ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي پولٽ بيورو جي انتهائي تنگ نظري هئي، جنهن کيس اهو عهدو سنڀالڻ کان به منع ڪئي. جيتوڻيڪ پولٽ بيورو جي ان منع نامي کي هو آخر وقت تائين سڀ کان وڏو نقصان قرار ڏيندو رهيو، پر پوءِ به هو سدائين پارٽي جي ضابطن جي تابع رهيو. خود ڪميونسٽ پارٽي پڻ ان غلطي کي تسليم ڪيو ته هڪ ڀيرو کين مرڪز ۾ حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو، جيڪو هنن پنهنجي هٿن سان وڃائي ڇڏيو. اهو باسو ئي هو، جنهن پاڻ پنهنجو پاڻ کي اقتدار کان جدا ڪري علالت جي بنياد تي وزير اعليٰ جو عهدو ڇڏيو. ٻين ڪميونسٽ اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ جيوتي باسو اقتدار سان چنبڙڻ بجاءِ ان کي عوامي بنائڻ تي وڌيڪ زور ڏنو. اهو ئي سبب هو ته هن پاڻ به ۽ سندس پارٽي به عوامي مقبوليت ماڻي.

    باسو Dogmatic (ڪٽر نظرياتي) ڪميونسٽ نه هو. هو ڪتابي ڪميونسٽ نه هو، سندس طريقي ڪار هٿياربند ويڙهه يا انقلاب بجاءِ ووٽ واري چونڊيل سياست سان وڌيڪ رهيو. اهو سندس ئي ڪمالِ حڪمراني هو ته سندس دور حڪومت ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري کانسواءِ غربت ۾ 25 سيڪڙو لاٿ آئي. سندس سياست جو مرڪز ڳوٺ ۾ بي زمين هاري رهيا، جن کي هن زرعي اصلاحات وسيلي ڏهه لک ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جي مالڪي جا حق ڏنا. هن صنعتڪاري ۾ پيش رفت نه ٿيڻ تي زرعي معاشيات تي وڌيڪ ڌيان ڏنو.

    ها، پر پنهنجي سموري سياسي ڪاميابين/ناڪامين سميت هو ڀارت ۾ ان سياسي تحريڪ جو مهندار رهيو، جيڪا پورهيت راڄ سان سلهاڙيل هئي. هو ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا جي پولٽ بيورو جو اهو آخر ميمبر هو، جنهن ان جو بنياد وڌو. هو يقينن ننڍي کنڊ جي ان سموري کاٻي ڌر جي سياست جو Last Muhican هو، جنهن پورهيت ۽ هاري کي سک جي ساهه کڻڻ جو سنيهو ٿي ڏنو. اسان جو ملڪ اهڙي سياست لاءِ حقيقي قبرستان ثابت ٿيو آهي پر ڀارت ۾ ڏاٽي هٿوڙي جي ڇانوَ ۾ جيوتي باسو جو سرد جسم اسان جي هڪ سليوٽ جو حقدار آهي، ڇو ته ان پورهيت راڄ جي سپني جي تعبير ۾ حصو ورتو. هو تاريخ جي صفحن ۾ زنده رهندو. هن جي ڪا به سماڌي گل رکڻ لاءِ، ڀيٽا ڏيڻ لاءِ نه هوندي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجو جسم ميڊيڪل جي شاگردن کي تجربن لاءِ ارپيو، ته جيئن مئي پڄاڻان به انسانيت جي خدمت جي خواب جو ڀرم رهجي اچي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڇا صورتحال ”گهڻو ٿيو“ واري حد ڏانهن پئي وڃي؟




    خميس 28 جنوري 2010ع



    ”هو پنجاب فتح ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي.“ هو سڀ گڏجي ميڊيا وسيلي سندس خلاف ڳالهائين ٿا. بيشڪ هو پنجاب جا حڪمران آهن ۽ تختِ پنجاب تي سندن سڀ حق واسطا جائز پر صدر جي پنجاب آمد تي هو پارٽي قيادت سميت، ائين ”ڇوٽ زبان“ ڳالهائين ٿا، جو ائين محسوس ٿيڻ لڳي ٿو ته ڄڻ واليانِ پنجاب جي ان مالڪي کي ڪو چئلينج نٿو ڪري سگهي. هو پنهنجي اقتدار ۾ شريڪ ڪار ٿيڻ واري ڪنهن به سياسي قيادت خلاف سڀ حدون پار ڪري ٿا وڃن. هو وسارين ٿا ته هي فقط صدر ڪونهي، جيڪو مڙهيل هجي، هيءُ اهو صدر به ڪونهي، جيڪو اقتدار تي پوئين دروازي کان اچي قابض ٿيو هجي. هو حيران رهجي وڃن ٿا، جڏهن اين آر او تي عدالتي فيصلي بعد هن استعيفيٰ جي مطالبي کي پاڻي ڏيڻ بجاءِ ان بنڪر مان نڪري عوام سان سڌي رابطي ۽ سياسي مخالفين سان سياسي ڊائلاگ جي ابتدا ڪئي. هن پنهنجي ڊائلاگ جي ابتدا ان سياسي مرڪز کان ڪئي، جنهن جي مٽي ۾ مدفون شهيدن جو رت اڃا به عوام جي دلين ۾ ائين ٽمي ٿو، جيئن انهن شهادتن تي سندن اکيون ٽميون هيون.

    هو نيٺ به ڇا تي ٿا ڪڏن؟ پنجاب جي عددي اڪثريت سان جڏهن هو غير مساوي وفاق ۾ اڪثريت حاصل ڪن ٿا ته اهو سندن لاءِ پنجاب ڪارڊ نٿو بڻجي، پر جي سنڌ مان اهو آواز وڃي ته ”ٻيو ڪو به لاش نه“ ته هو ان کي “سنڌ ڪارڊ“ ڪوٺي ماتم برپا ڪرڻ ۾ ذري دير نٿا لڳائين ۽ جي ڪير سنڌ مان اٿي کين چوي ٿو ته ”هاڻ گهڻو ٿيو!!“ ته هو ان کي پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش قرار ٿا ڏين. اين آر او تفصيلي فيصلي ۾ دنيا جهان جي ڪرپشن ۽ عدالتي فيصلن جي روشني ۾ ساڳيا ئي دليل ٻيهر ورجايا ويا هئا. تفصيلي فيصلو اڃا آيو مس هو ته پنهنجي آزادي کي دل آزاري جي حد تائين انجواءِ ڪندڙ ميڊيا دهل تي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا هئا. هن ساري هل هنگامي کان پهرين وَٺ ۾ ايندڙ ان ساڳي شخص جي پنجاب واري دور کي مون ڏسڻ ٿي چاهيو ته 1988ع کان جڏهن گوال منڊي جي نئين سياسي مرڪز پاران ”جاڳ پنجابي جاڳ“ جي نعري هيٺ ضيا جي سرپرستي ۾ اسري، نسري وڌي وڻ ٿيل سياسي سوچ جي بلوغت جو اندازو به لڳائجي ته گڏوگڏ پيپلز پارٽي جي پيرن هيٺان کسڪندڙ پنجابي ووٽ بينڪ جا جواز پڻ ڳولهجن. بقول ميڊيا بنڪر مان نڪتل صدر جي پنجاب جي روٽي، ڪپڙا اور مڪان جي نعري هيٺ گڏ ٿيندڙ عوام جو سياسي تت به ڏسجي ته اڃا ڪهڙا آسرا، ڪهڙيون محروميون کين ان مرڪز کان پري ٿيڻ نٿيون ڏين، جنهن جون پاڙون ڳڙهي خدا بخش ۾ مدفون آهن. ڏسڻو، جانچڻو ۽ پرکڻو ان سياسي بلوغت کي هو، جنهن ۾ هڪڙي قائد جي ماضي ۾ ڪرپشن ۽ طويل زندان جي تاريخ هجي ۽ ٻئي پاسي ضيا جي پاڇي مان جنم وٺي، پنجاب جي مقبول قائد جي حيثيت ماڻڻ کانپوءِ، هڪ معافي نامي تي دستخط جي تاريخ ڇڏي، سياست کي خيرآباد چوڻ جي واعدي تحت سرور محل جي زندگي جو داستان ساڻ هجي. ڏسڻو ۽ طئي ڪرڻو هو ته وقت کين ڪيترو سيکاريو آهي، ماضي جي تجربي جي آڌار تي هو هڪٻئي جي عوامي مينڊيٽ جي ڪيتري احترام جي لائق بڻيا آهن.

    صدر جي آمد سان شريف ڀائرن پنجاب ڇڏيو، ساڳي ئي ماضي جو دهراءُ...هنن بينظير ڀٽو جو به ڪڏهن آڌر ڀاءُ نه ڪيو هو، هنن هروڀرو به سدائين پ پ پ جي عوامي مينڊيٽ جي توهين ڪئي. اٺاسي ۾ بيشڪ ته هو ان مرڪز کان گهڻو ڇڊو نه هئا، جيڪو سندن سياست ۾ آمد جو ڪارڻ هو، هو فيصل مسجد جي لڳو لڳ ٺهندڙ نئين قبر وقت اڳين صف ۾ بيٺا، اڇي رومال سان ڳوڙها اگهي رهيا هئا. سندن پوءِ جي سڃاڻپ ضياءَ جي باقيات واري رهي هئي. هو پنجاب جي قيادت کان امير المومنين واري رتبي تائين پهچڻ جي سفر ۾ ”سپريم ڪورٽ“ تي هلان ڪرڻ سميت، پنجابي قوميت جي نعري جي استعمال جا سڀ گر آزمائي آيا هئا. هنن پهريون ڌڪ مشرف هٿان کاڌو، جيڪو پڻ فوجي آمر هو. اٽڪ قلعي کان سرور محل تائين ۽ پوءِ پنهنجي ٻڍڙي پيءُ جي نه جنازي ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ نه ئي سندس آخري ديدار ڪرڻ تائين سچ به ان شريف قيادت گهڻائي زخم دل تي سٺا هئا. گذريل رمضان ۾ حرمين شريفين جي شاهي محل ۾ جڏهن هو ۽ مشرف هڪ ئي مهمان خاني ۾ تشريف فرما ٿيا، تڏهن ڪجهه شور جهڪو ٿيو، مگر هو ته کيس ڦاهي چاڙهڻ جي تمنا کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ آتا هئا. سندن لاءِ دشمنِ جان کي معاف ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو.

    ان جي برعڪس عجب هئي اها بينظير ڀٽو جي مفاهمتي ليگيسي Legacy جنهن ڀٽي جي ڦاهي بعد ان اصغر خان کي به ستر ڪلفٽن تي چانهيون پياري ايم آر ڊي جهڙي تحريڪ لاءِ راضي ڪيو، جيڪو اصغر خان اٽڪ جي پل تي ڀٽي جي ڦاسي جو سرِ عام مطالبو ڪندو رهيو. سچ به پاڪستان ۾ عجب هئي اها بينظير ڀٽو ليگيسي، جنهن قاتل جي حقيقي قوت جو اندازو لڳائيندي سڀني سياستدانن کي ساڻ کنيو، انهن کي به جيڪي ڀٽو کي تختهءِ دار تائين وٺي ويا هئا، کيس ادراڪ هيو ته ويڙهه ۽ مزاحمت ۾ گهڻي نقصان جو ان ڪري به امڪان موجود آهي، جو هڪ پارٽي جيڪا مسلسل عتاب ۽ عذاب ۾ هجي، سا مزاحمت ۾ گهڻو وقت پاڻ بچائڻ ۾ ڪامياب نه ويندي. مزاحمت ۽ ٽڪراءَ ۾ سياست جي اعليٰ قيادت معافي نامن ۾ رعايتون وٺڻ ۾، گهوٻيون هڻڻ ۾، پٺ ۾ ڇرو هڻڻ ۾ دير نه ڪندي ۽ سندس پارٽي بيشڪ ته انقلابي پارٽي نه هئي، جمهوري بورجوا جمهوريت ۾ ايمان رکندڙ اها پارٽي هئي، جنهن جي سينٽرل ڪاميٽي ۾ صنعتڪار، جاگيردار به هئا ته ٽريڊ يونين ورڪر ۽ شاگرد اڳواڻ به نالي ماتر ضرور موجود هئا. سندس پارٽي حقيقي طور تي فيڊريشن جو علامتي اظهار به هئي، ان ۾ هڪ صوبي جي مزاحمت ۽ قربانين جي عيوض سڄي پارٽي کي بيهارڻ بجاءِ هن مزاحمت ۽ مفاهمت جي گڏيل ايجنڊا کنئي، پر بيشڪ هن ڪنهن به خوني ٽڪراءَ واري صورتحال کان پاسو ٿي ڪيو، ڇاڪاڻ ته ان صورت ۾ رت فقط سنڌ ٿي ڏنو ۽ محترمه سنڌ کي مزاحمت ۾ اڪيلو ڪرڻ بجاءِ مفاهمت وسيلي وفاق جي شراڪت ۾ حصيداري تي قائل هئي ۽ سندس ان طرزِ سياست سبب هوءَ قومپرستن توڙي کاٻي ڌر جي دانشور سياستدانن جي سدائين ڇتي تنقيد هيٺ رهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي پنهنجي نظرياتي فريم تحت قومپرست ويڙهه وسيلي وفاق ۾ شراڪت جي حصيداري جا قائل نه هئا ته ليفٽي دانشور وري بورجوا جمهوريت جي مفاهمتي ايجنڊا تي سخت چڙيل هئا. ليفٽي دانشور پاڪستان ۾ لولي لنگڙي جمهوريت بجاءِ ان استعماريت خلاف جنگ جو وڌيڪ قائل هو، جيڪا سرمايه داري جي نظام هيٺ پاڪستان تي مڙهيل هئي. حقيقت اها آهي ته نظرياتي ڍانچي ۾ ڪا به ڪمزوري نه هئڻ باوجود اها کاٻي ڌر نه پاڪستاني عوام کي استعماريت خلاف انقلابي سطح تي گڏ ڪري سگهي ۽ نه ئي قومپرست سياست، سنڌ جي عوام کي ووٽ جي پرچي وجهڻ واري عمل کان باز رکي سگهي.

    بينظير ڀٽو، پنهنجي والد جو ورثو، سندس پارٽي سنڀالي ضرور هئي، پر سندس انداز سياست ائين به مختلف رهيو جو عالمي سطح تي سوشلسٽ بلاڪ اقتصادي حوالي کان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو هو، سرمايه داري بلاڪ به هاڻي ويلفيئر اسٽيٽ جا ليڪا لتاڙي نيو لبرل اقتصادي ماڊل ڏيئي چڪو هو، جنهن ۾ رياست پنهنجي شهري کي زندگي جون بنيادي ضرورتون به مفت فراهم ڪرڻ کان آجي هئي. ان صورت ۾ اهو ملڪ، جتي مسلسل آمريتن، رياستي ادارن جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا هجن، ٽريڊ يونين سياست کي لسانيت جي دائري ۾ ورهائي، ورچوئلي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو هجي، جتي متبادل سياسي قيادت آمرن جي فيڪٽري مان جڙي راس ٿيندي هجي ۽ سول سوسائٽي به عوام کي جاهل ۽ اڻ پڙهيل چئي، سندس راءِ کي رد ڪندي نظر اچي. ان ملڪ ۾ ”جمهوريت“ جي سموري ذميواري فقط هڪ جماعت پنهنجي ڪلهن تي کڻي ڪيستائين مزاحمت جي سياست ڪري؟؟ اهو وڏو سوال آهي، جنهن تي ڪو به فڪري تجزيو توهان جي نظر مان نه گذريو هوندو. حقيقت ان جي برعڪس اها آهي ته ڪنهن به لولي لنگڙي جمهوري سيٽ اپ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ هڪ پاسي مڊ نائيٽ جئڪال جهڙيون سازشون ڪم ڪنديون هجن ۽ ٻئي پاسي سڄي سياسي نظام کي پاسيرو رکي سول سوسائٽي به اهڙي ڪنهن نئين شوشي سان ٻٽ ٿيل نظر اچي، جنهن ۾ سياستدانن کي ناڪ آئوٽ ڪرڻ جو ڪل ادارتي سامان موجود هجي، اهڙي نٻل سياسي ماحول ۾ ڪنهن به سياسي پارٽي لاءِ زميني سچائي کي سمجهڻ کانسواءِ مزاحمت ۾ لاهڻ سان سول وار جا امڪان ته ٿي سگهن ٿا، پر شايد ملڪ جي ٻين سياسي گروپن جي حمايت کانسواءِ اها ديرپا ثابت ٿي نه سگهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ان ڏس ۾ مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ته اها مزاحمت جي آخري حد تائين ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ فوجي آمر پاران فوجي آپريشن وسيلي ان کي ڪچلڻ جون ڪوششون تيز ٿيون ۽ ٻئي پاسي اها تحريڪ ڪنهن ٻي صوبي ۾ زور نه وٺي سگهي. مفاهمت جي اها ڪڙي ستر ڪلفٽن تي ان ساڳي ئي قومي اتحاد جي اڳواڻن کي چانهيون پيارڻ ۽ ايم آر ڊي جو بنياد وجهڻ سان شروع ٿي هئي، جيڪو قومي سياست کي مارشل لا جي نذر ڪري چونڊيل وزيراعظم کي تختهءِ دار تائين پهچائي، هٿ ڇنڊيندي ستر ڪلفٽن پڳا هئا، ڇو ته آمريتن جي آمد جو جواز ڀل هڪ پارٽي بڻجي، پر بعد ۾ سياست تي پابندي سندن شيوو آهي. سياست جا سڀ دروازا بند ڏسي کين ستر ڪلفٽن جو دروازو ياد آيو هو، جنهن يقينن پوءِ سندن لاءِ سياست جون راهون سڌيون ڪيون هيون.

    ساڳي ئي محترمه پنهنجي حريف شريف برادارن کي چارٽر آف ڊيموڪريسي تائين وٺي آئي، اها بينظير هئي، جنهن سياست کان توبهن تائب ٿيل جان جي امان ۾ ويٺل پنهنجي حريف قيادت کي سرور محل کان جاتي امراءَ تائين وٺي آئي هئي. هن ملڪ ۾ ”منظوري کانسواءِ“ سياست ڪرڻ گناهه ڪبيره آهي. اهڙو ڏوهه جنهن جي سزا موت کان گهٽ به ناهي. هن بيشڪ ته ”انقلاب“ نه آندو هو، پر کانئس اهو ڏوهه ٿيو هو ته هن پنهنجي سياست لاءِ منظوري عوام کان ورتي هئي، انهن کان نه، جن لاءِ سياسي گناهه ڪبيره آهي. هن سندن مرضي نه مڃي هئي، پنهنجي ان سياسي حريف جو هٿ جهلي کيس به وطن وٺي آئي هئي، جيئن غير سياسي آمريتن کان ڇوٽڪارو پائي سگهجي. هن گهڙي کن لاءِ وساريو هو ته سيف الرحمان جا ستم کيس ڪيئن جلاوطن ڪري چڪا هئا، هن بنهه وسارڻ ٿي چاهيو ته هو ملڪ اندر، ملڪ ٻاهر ڪرپشن جي جن الزامن سان رسوا ڪيا ويا هئا، اهي سندن مخالف يارهن سالن ۾ ڪورٽن/عدالتن جي مالڪي باوجود ثابت ڪري نه سگهيا هئا. سندس ور جيل ۾ تشدد کان قيد تنهائي تائين زندان جون سڀ صعوبتون ڀوڳيندو رهيو. هن الائي ڪهڙي دل سان وساريو هو ته ڪيئن ملڪ جي ٻه ڀيرا وزير اعظم رهڻ باوجود جڏهن جيل ۾ ملاقات لاءِ ويندي هئي ته کيس ڪرسي به ويهڻ لاءِ نه آڇي ويندي ۽ ڪيئن هو سرن جي ڍير تي ٻئي ٻارڙا وٺي انتظار ڪندي رهندي هئي.

    هوءَ ئي پنهنجي سياست وسيلي جن شريف ڀائرن لاءِ سياست ممڪن بنائي رهي هئي، اهي ئي هڪ ڀيرو ٻيهر سندس اقتدار ۾ آيل پارٽي کي اٺاسي جي يادگيري جو مزو چکرائيندا، شايد کيس اهو پتو به هو، پر هن سياست کي سياسي عمل وسيلي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ ٿي گهريو. پر هن آمريت ۽ دهشتگردي جي خوف کي عوام جي ذهن مان ڪڍي جنهن سياست ڏانهن واپس آندو، ان مفاهمتي عمل جي سزا، سزاءِ موت تجويز هئي، طئي هئي، ۽ هو ماري ويئي. اٺاسي ۾ کيس جيڪو ورثو مليو هو، ٻه هزار اٺ ۾ ان کان بدترين صورت سندس پارٽي جي حصي ۾ آئي هئي، پر پارٽي پاڻ سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي. رياست جا اڪثر ادارا ڪرپشن جو شڪار هئا ۽ بعد ۾ اهو ”ڪرپشن ڊرامو“ هو، جيڪو عدليه جي آزادي لاءِ ٽيسٽ ڪيس بڻيو. نه بگٽي قتل، نه ٻارهين مئي، نه ٻارهين آڪٽوبر تي مشرف جو اقتدار تي قبضو، نه مشرف جو ايل ايف او، نه سندس پهريون پي سي او، نه قاتلن، نه ڏوهارين، نه انصاف جي فراهمي ۾ دير، نه بلوچستان جي غائب ماڻهن جو مامرو، ڪو حساب ڪتاب نه، ڪو ليکو چوکو نه. بس اين آر او کي ئي ٽيسٽ ڪيس طور کنيو ويو.

    اين آر او رڳو ڪرپشن جي ان ڪيس تي وڌيڪ فوڪس ڪيو، جنهن ۾ حاضر صدر تي الزام هئا ۽ اهي سڀ ڪيس جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا وزير مشير ملوث هئا، ڪڙي نگراني هئي، مادرِ شهيدان پاڪستان به ان الزام کان بري نه هئي. نصرت ڀٽو لاءِ الائي به ڇو هيءَ حڪومت سندس جمهوريت لاءِ سڄي ڪٽنب جي قرباني تي سندس قرباني جي شايان شان ڪو اعزاز، ڪو عوامي خطاب، ڪو تاحيات خراج پيش نه ڪري سگهي آهي، پر اها سپريم ڪورٽ به کيس ڏوهه جي ثابتي کانسواءِ کيس ڪٽهڙي ۾ گهلي ئي آئي. پر ان ئي اين آر او ۾ قتل جي، زنائن جي، جلائو گهيراءُ جي، ڊاڪن جي ۽ ٻين شهري ڏوهن جي الزامن هيٺ آيل ۽ بخش قيات تي ڪا به ٽيڪا ٽپڻي، ڪا جلد بازي، ڪا انصاف جي فراهمي ۽ ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ ۾ تڪڙ نه ڏيکاري ويئي. ملڪ کان ٻاهر ويل خزاني جو اونو ته بيشڪ اکين تي پر ملڪ کان مفرور قتل جي ملزمن جي واپسي لاءِ ڪو الڳ سيل، ڪا مانيٽرنگ نه رکي ويئي. انصاف جي اهڙي معيار تي عام اک جي حيراني ته پنهنجي جاءِ تي، پر وڪيلن جي تحريڪ ۾ پيرن اڀو ٿي تقرير ڪندڙ گوريلي علي احمد ڪرد کان وٺي عاصمه جهانگير تائين سڀ ڇرڪي پيا. بنگلاديش ماڊل، يعني اقتدار جي ججن کي منتقلي واري مطالبي کي ان ڊاڪٽر مبشر حسن بار بار ورجايو، جيڪو اين آر او خلاف پٽيشنر هو. ڪرپشن جي الزام وارو صدر جيڪڏهن صدارتي محل ۾ سونهين نٿو ته کين اهو ڇو نه چوڻ گهرجي ته سنڌ جي گورنر هائوس کي به اهڙي گورنر کان خالي ڪرايو وڃي، جيڪو اين آر او مان مستفيض ٿيو هجي.

    اين آر او جي فيصلي کانپوءِ صدر پنهنجي بنڪر مان نڪتو ۽ عوام سان رجوع ڪرڻ شروع ڪيو ته ان تي، ان جي ٻولي، ان جي عوامي لهجي تي به جيڪا وٺ ٿي، سا پنهنجي سامهون پر، ان سموري صورت ۾ جڏهن ڪرپشن جي الزام هيٺ موجوده سيٽ اپ کي هيٺ مٿي ڪري صرف هڪ پارٽي کي ٽارگيٽ تي آندو ويو ته ان کانپوءِ جي امڪاني سنڌ جي سياست ۾ ”هاڻي گهڻو ٿيو“ جي عملي صورت نظر آئي ته پوءِ سپريم ڪورٽ يا ٻيا رياستي ادارا ان ردِ عمل کي ڪيئن منهن ڏيندا؟

    amarsindhu@yahoo.com
     
  13. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    آمريڪي تاريخ جو هڪ انوکو آواز




    سومر پهرين فيبروري 2010ع



    آمريڪا بيشڪ ته رڳي استعماريت ۽ سرمايه داري جي انتهائي بڇڙي شبيهه رکڻ ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ناپسنديده مملڪتن ۾ صف اول تي هجي، پر گورن، ڪارن، رنگ برنگي ايشين، آفريڪن، يورپين ۽ انڊين جي عجب لوڌ کي اميگريشن جي شڪل ۾ پناهه ڏئي، سندن ٻچن جي روزي جي سامان ڪندڙ، دنيا ۾ دهشتگردي مچائيندڙ آمريڪا جي اگر ڪنهن بهتر سڃاڻپ جو ڪو ٻيو حوالو آهي ته اها سندس اڪيڊميا ۽ يونيورسٽين ۾ اڪيڊمڪ فريڊم وارو ماحول آهي. اڪيڊمڪ فريڊم واري ان ئي ماحول ۾ آمريڪا جون يونيورسٽيون هڪ پاسي آمريڪي سامراجيت ۽ استعماريت واري پاليسين جي لاءِ ٿنڪ ٽينڪ مهيا ڪن ٿيون، ته ٻئي پاسي بنهه ابتڙ چند اهي آواز به انهن يونيورسٽين جي گود ۾ پلبا رهيا آهن، جن نه رڳو آمريڪا جي منهن تي ”تهذيب يافته“ هئڻ وارو اهو ماسڪ لاهي ڦٽو ڪرڻ جي جرئت ڪئي آهي، پر ٻئي پاسي اهي آواز پنهنجي سموري ايمانداري ۽ سگهه سان نه رڳو سڄي آمريڪا اندر پر سڄي دنيا جي هيڻن جو هڏ ۽ بي طاقتن جي سگهه بڻيا رهيا آهن. ايڊورڊ مرڪيو، نام چوسڪي، هارورڊ زن....ان ئي قبيلي جا سرواڻ... ڪي سال اڳ جڏهن فلسطيني جلاوطن دانشور ايڊورڊ مرڪيو ڪينسر جي موذي مرض سان وڙهندي پنهنجون اکيون پوريون هيون، تڏهن به ائين لڳو هو ته ڄڻ مغرب ۾ فلسطين ڪاز جو وڏو پيل پائو ڊهي پيو هجي ۽ ڪي ڏينهن اڳ جڏهن شيرلڪي دوران دل جي دوري ۾ هارورڊ زن به جڏهن آخري الوداع چيو، تڏهن گهڻن چيو ته هاڻ چومسڪي اڪيلو رهجي ويو آهي، جيڪو ڪارپوريٽ ميڊيا جي دور ۾ ”اختلاف راءِ“ جي جرئت سان آمريڪي پاليسين سان اختلاف رکندو ايندو. يقينن ”اختلاف راءِ“ سان اهي آواز، جيڪي سماج ۾ رائج خيالن، تصورن ۽ نظرين کي ڌڪ هڻڻ جي جرئت ڪندا هجن، اهي جيڪي تعصب ۾ ٻڏل تاريخ جون پاڙون کوٽي، انهن دٻيل دانهن، هيسيل هانءَ ۽ شڪست خورده اڪثريت جي حقيقت کي سامهون آڻي، تاريخ کي اصل چهرو ڏيکارين، هارورڊ زن ان قبيلي جو سرواڻ، ان گروهه جو گرو هو، جنهن جو آواز هجوم جي شور ۾ ٻڏي وڃي.

    اها آمريڪا، جيڪا ڪولمبس پاران پاڻ دريافت ٿيڻ واري ڪوڙي فساني تي بيٺل هجي، اها آمريڪا جنهن لاءِ اڄ به ”ڪولمبس ڊي“ سندن قومي ڏينهن هجي، ان ڪولمبس لاءِ هارورڊ زن جڏهن 1980ع ۾ هڪ نئين تاريخ آندي، تڏهن ڄڻ ته سڀني کي ڇرڪ پئجي ويا. هارورڊ زن جي تاريخ ۾ ڪولمبس، آمريڪا جو قومي هيرو نه پر هڪ لٽيرو هو، هڪ ڦورو هو، جنهن اسپين جي بادشاهه ۽ راڻي کان جهازن جا خرچ ڀاڙا ڀرائي کين دنيا مان ”سون“ ”مصالحه“ هٿ ڪري ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا. اها آمريڪا جي نه پر ”سون“ جي تلاش هئي، اهو سون، جيڪو پوءِ ڪولمبس آمريڪي کاڻين مان ته هٿ نه ڪري سگهيو، پر اصلوڪن آمريڪن يعني ريڊ انڊين کي غلام ٺاهي سندن هڏن جي مِک ۽ جسم جي ماس مان ضرور ”سون“ هٿ ڪيو. دنيا ”ڪولمبس ڊي“ تي هنبوڇيون هڻڻ ۾ پوري هئي، پر هن جي ڪتاب The peoples history of the united states آمريڪا ۾ عجب بحث ڇيڙي ڇڏيو هو. هي تاريخ جو عجيب ڪتاب هو، جنهن جا ماخذ محل محلاتون، بادشاهه راڻيون، اقتدار ۽ طاقت جي رسه ڪشي ۾ مبتلا اصل طبقو نه هئا. هن جي تاريخ جو موضوع زمين تي مٽي هاڻا ماڻهو هئا، مفتوح اڪثريت، شڪست خورده غلام، حقن جي ويڙهه ۾ مٽي گارو ٿيندڙ ڪاري چمڙي وارا، برابري لاءِ ويڙهه کائيندڙ عورتن جا جٿا، شهري حقن جون تحريڪون، مزدورن جا محاذ، شاگردن جي هلچل....هن تاريخ کي مٿان کان هيٺ نه پر هيٺين طبقن کان ڏسڻ شروع ڪيو. هن اصلوڪن آمريڪين جي درد هاڻين ڪهاڻين جي موءرخ بنجڻ کي ترجيح ڏني، آمريڪا ۾ ”رتوڇاڻ“ سان ڀريل تحريڪن جا داستان لکيا. هن درسي ڪتابن واري، هن درٻار واري، هن عام پڙهجندڙ تاريخ بجاءِ نئين تاريخ لکي، هن حاڪمن جي نه پر محڪومن جي تاريخ لکي، هن غلام جي آواز کي ٻڌو.

    جنگ جو سدائين مخالف رهندڙ زِن، پاڻ پائلٽ جي حيثيت ۾ ٻين مهاڀاري جنگ ۾ ان بمبار فورس کي جوائن ڪيو، جنهن برلن، چيڪو سلواڪيه ۽ هنگري تي نيپام بمن سان بمباري ڪئي، ان وقت فاشزم سان ويڙهه جو جذبو سندس ذهن تي سوار هو، جنهن کي هن بمبار پائليٽ جي حيثيت ۾ عملي شڪل ڏني، ها پر ڪي سال پڄاڻان پنهنجي ئي تحقيقي ڪم تي جڏهن فرانس ۾ بمباري هيٺ آيل آبادين جي سروي ڪئي، تڏهن کيس وڃي پتو پيو ته سندس جرمني ۾ زيان تي ڪيل بمباري ۾ ويجهي فرانس جي شهر جا به ڪي هڪ هزار شهري مري ويا هئا. هن بعد ۾ لکيو ته ڪيئن فوج ۾ آفيسر پنهنجي ترقين لاءِ ان قسم جي مهم جوئي جو شڪار رهيا، جنهن ۾ شهرين جو موت يقيني هو. چيڪو سلواڪيه ۾ مزدورن جي بستي مٿان بمباري سان به جيڪو قتل عام ٿيو، اهو کيس ان تحقيق دوران پتو پيو ۽ ايترن انسانن مٿان موت مڙهڻ واري جنگ پوءِ ڪڏهن به هن لاءِ معتبر نه رهي. رڳو هيروشيما ۽ ناگاساڪي يا سندس پنهنجي بمباري هيٺ آيل بستيون ئي نه پر هن پوءِ هر جنگ لاءِ ساڳيو ئي سوال ٿي ڇڏيو ته اها ڪيئن عام ماڻهوءَ جي زندگي ۾ گهڙي ٿي وڃي. ائين ويٽنام وار ۽ هنوئي تي بمباري خلاف هو ڀرپور مزاحمتي آواز سان سامهون آيو ۽ آمريڪا ۾ جنگ مخالف سرگرمين جو سرگرم ترين حصو رهيو. هن ساڳيا ئي سوال عراق ۾ افغانستان جنگ لاءِ اٿاريا. هو روايتي طور تي ڪرسي تي چنبڙيل مورخ هو ۽ نه ئي اهڙو استاد هو، جنهن جا شاگرد پڙهائي ڀڙ طوطا هجن. هو يونيورسٽي جو پروفيسر، هڪ Activist شهري حقن جي تحريڪ کان وٺي جنگ مخالف هاڻوڪي تحريڪ تائين جو باقائده حصو رهندڙ ۽ يقينن ائين سندس شاگرد به مختلف شاگرد هلچل جي محاذ تي ته، ڪڏهن ڪاري چمڙي جي حقن سان سلهاڙيل ته ڪڏهن جنگ خلاف مارچ جي سرواڻي ڪندي نظر ايندڙ آهن. هو بس هڪ اتساهيندڙ جاندار شخصيت رکندڙ... سٺ جي ڏهاڪي ۾ جيتوڻيڪ شاگردن پاران سندس پاسو وٺڻ تي کيس نوڪري کان عليحده ڪيو ويو، پر هي انهن ڏهاڙن کي ائين ياد ڪري ٿو ته ان ۾ هن شاگردن کان پرايو ۽ حاصل ڪيو، ان جي ڀيٽ ۾ هن شاگردن کي سيکاريو گهٽ هو. سٺ جي ڏهاڪي ۾ هن بوسٽن يونيورسٽي جوائن ڪئي. هن چومسڪي سان گڏ به ڪم ڪيو. اهو spelman ڪاليج جنهن مان هو ڪڍيو ويو ۽ هن پهرين نوڪري ڪئي، اهو دراصل ڪاري چمڙي وارين عورتن جو ڪاليج هو. مٿس هڪ فلم ٺاهي ويئي ته، ”هلندڙ ٽرين ۾ توهان غير جانبدار نٿا رهي سگهو.“ You cant be neutral in moving train دراصل اها فلم سندس ان پهرين ڪلاس جي پهرين جملي واري فلسفي تي آڌاريل هئي، جنهن ۾ هن ڪلاس ۾ گهڙندي ئي چيو هو ته، ”هارورڊ زن جي ڪلاس وٺڻ سان هي ڪلاس غير جانبدار نه هوندي. اها دنيا جنهن ۾ اڳ ئي جنگ هلي رهي هجي، اسان جا ٻار بکيا ٿيندا هجن، اها دنيا غير جانبدار نه آهي، اها اڳ ئي ڪنهن نه ڪنهن ڏس ۾ وڌندڙ آهي، اتي غير جانبدار ٿيڻ معنيٰ ان دنيا جي ڏس ۾ هلڻ، جيڪا بک ۽ جنگ ڏانهن وڌندڙ هجي، سو پاڻ غير جانبدار نه رهنداسين. اسان شين کي، دنيا کي تبديل ڪرڻ واري ڌر بڻباسين.“ هو سترهن سالن جو هو، جڏهن هڪ مظاهري ۾ پوليس جي ڇتي لٺ بازي جو شڪار ٿيو هو. اهي ئي سندس تربيت جا ڏهاڙا هئا. سندس تنقيدي شعور جي اڻت جا ڏهاڙا هئا، ته پوليس جو ڪم شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي ته پوءِ اها ڏنڊي بازي نيٺ به ڇو ٿي ڪري.

    سندس اهو تنقيدي شعور ئي هو، جيڪو spelman جي ڪاليج ۾ شاگردن کي انهن لائبريرن ڏانهن موڪلڻ (اسٽيسڪو کي ڌڪ هڻڻ واري حڪمت عملي طور ڪم ايندو رهيو.) جيڪي رڳو گوري چمڙي وارن لاءِ مخصوص هيون، نه رڳو ايترو پر ان ڪارن ۽ گورن لاءِ عليحده عليحده ٺاهيل جاين تي قانون ٽوڙڻ ۽ کين عليحدگي واري تعصباڻه پاليسي خلاف اتساهڻ ۾ اڳيان اڳيان رهيو. زِن ڪيترن ئي اهڙن جاين تي ڪاري چمڙي وارن شاگردن سان ڌرڻي ۾ شريڪ رهيو، جيڪي قانونن ان لاءِ ممنوع هيون. عورتن جي حقن جي جاکوڙي ايلسولڪر، ان ئي ڪاليج ۾ سندس بهترين شاگردياڻين، ان ڪاليج مان زِن کي نوڪري مان ڪڍڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته ”کيس ڪڍيو ويو، ان ڪري جو هو اسان کي پيار ڪندو هو. هو اڇي چمڙي باوجود اسان شاگردن کي پاڻ جهڙو سمجهي پيار ڪندو هو. کيس ڏک هوندو هو.“ هارورڊ زن کي ڏک، ڪاوڙ ۽ غصو هوندو هو ته ساڳي رياست جا شهري هئڻ باوجود ٻئي ڪارا ۽ گورا هڪ جيترا حق ڇو نٿا رکن؟ واڪر ٻڌائي ٿي ته ”هو اسان جو صلاحڪار، اسان سان سدائين گڏوگڏ رهندڙ هو ۽ اها ڳالهه انتظاميا کي پسند نه هئي. انتظاميا کي پسند نه هو ته هو اسان کي اهڙن ڪارن قانونن جي ڀڃڪڙين تي اتساهي، ان ڪري هو ڪڍيو ويو.“

    ريگن جهڙي رجعت پسند صدر جي دور ۾ سندس ڪتاب ڇپيو، جنهن ۾ هن آمريڪا جي تاريخ کي نئين رخ ۾ هيٺيان کان مٿان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪتاب جي ابتدا هن ڪولمبس جي اصلي چهري ڏيکارڻ سان ڪئي، جيڪو آمريڪي تاريخ جو سڀ کان مٿانهون قومي هيرو هو. ان ڪولمبس ۽ سندس ساٿين سون جي ڳولا ۾ جيڪا ريڊ انڊين سان تعدي ڪئي، ان جا سمورا اڪائونٽ هارورڊ زن پنهنجي ڪتاب ۾ کڻي آيو. سندس چواڻي ته ڪولمبس، آمريڪا جي اصلوڪن رهاڪن يعني ريڊ انڊين جي حقيقت ۾ جيڪا نسل ڪشي ڪئي، ان ظلم جي داستان تي آمريڪي تهذيب جا پيل پاوا بيٺل آهن. ڪولمبس جنهن سون جي تلاش ۾ آمريڪا نڪتو، اتي سون نه هو، پر هن کي اسپين جي بادشاهه ۽ راڻي جي واعدي پڄاڻي ۾ اهو سڀ هٿ ڪرڻو هو. ”اهي کوڙ شاهديون ملن ٿيون ته (اصلوڪا رهاڪو) هي ماڻهو ماٺيڻا ۽ پرامن هئا، پر اسان جو ڪم سندن ڦرلٽ، مارڪٽ ۽ تباهه ڪرڻ، سندن عضوا ڪٽي معذور ڪرڻ ۽ سندن ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ڪرڻ هو.“

    هارورڊ هڪ پادري بارٽولومي جا بيان پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪيا، جيڪي هن سان يادگيري جي صورت ۾ لکيا. ”اسپيني ماڻهو پنهنجي (جيڪي ڪولمبس جا ساٿاري کائنس گڏ آيا) چاقن ۽ خنجرن جي ڌار کي چيڪ ڪرڻ لاءِ انهن اصلوڪن رهاڪن يعني ريڊ انڊين ماڻهن کي چاقو هڻي ماس جا ٽڪر ڪپڻ کان گريز نه ڪندا هئا.“

    ”ان غلامي وارين، سخت پورهئي وارين حالتن کين مايوس بنائي ڇڏيو، هو خودڪشيون ڪرڻ لڳا، زهر پي جان ڏيڻ لڳا ۽ غلامي کان ان پورهئي ۽ ظلم جي سختي کان پنهنجي ٻارن کي بچائڻ لاءِ هنن پنهنجي هٿن سان پنهنجي اولاد کي ماريو.“ ڪولمبس جي اچڻ کانپوءِ اڍائي لک آبادي مان ٽيويهه سالن اندر فقط 50 هزار وڃي جيئرا بچيا. هارورڊ زن ان نسل ڪشي واري لڪل ڪهاڻي کي ظاهر ڪيو. درسي ڪتابن واري، مورخن واري، عالمن واري لکيل تاريخ ۾ بيان ڪيل قومي هيرو جي نسل ڪشي جا داستان پڌرا ٿيا.

    اها غلامن جي تاريخ هئي، آقائن جي نه، ائين ان ڪتاب ۾ مزدورن، عورتن، شاگردن، هارين ۽ شهري حقن لاءِ جاکوڙيندڙن جي تاريخ بيان ڪيل آهي.

    زِن تاريخ لکي، ٿيٽر جا ڊراما لکيا، سول نافرماني تي لکيو، زِن انهن سڀني حالتن ۾ فقط ان جرئت کي پيش ڪيو، ان جي تاريخ بيان ڪئي، جن اسٽيٽسڪو کي للڪاريو، چيلينج ڪيو ۽ تبديلي لاءِ جاکوڙيو. هلندڙ ٽرين ۾ هو غير جانبدار ٿي نه سگهيو، جنگ ۽ بک ۾ هن هيڻن ساهه وارن لاءِ ڌر ٿي بيهڻ قبوليو. هن ڌڪاريل، ماريل ۽ هارايل خلق جو ساٿ کنيو. هن اها ڌر ٿيڻ قبول ڪيو، جيڪا پنهنجي ”هئڻ“ جو ”حال“ بيان ڪرڻ جي قابل نٿي ڇڏي وڃي، ائين هارورڊ زن، آمريڪي تاريخ جو اهو تاريخدان، جنهن چيو ۽ مڃيو ته ڪا به تاريخ رڳو معروفيت ناهي ۽ ڪو به تاريخدان معروضي نٿو ٿي سگهي، ائين هو پنهنجي لکيل تاريخ ۾ بيشڪ ته اڻ ڌريو يا غير جانبدار ٿيڻ بجاءِ ان اڪثريت پاران ڌر بڻجي بيٺل آهي، جيڪا پيڙيل آهي. جنوري جي آخري هفتي ۾ سندس لاڏاڻي جي خبر نه رڳو ايلس واڪر، نوم چومسڪي، نوم ڪيلن، پر آمريڪا اندر رهندڙ هزارين گورن، ڪارن ۽ آمريڪا کان ٻاهر دنيا جي هر ان شهري کي ڏکارو ڪيو، جنهن وٽ اسٽيٽسڪو کي ڌڪ هڻندڙ آواز جو قدر آهي. ان قبيلي جي ڏک ۾ ڏسو ته اڄ سنڌ جا به سندس ڪي پڙهندڙ ڏکارا آهن.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  14. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سرڪاري گهيري ۾ ورتل لطيف جي نگري




    خميس 4 فيبروري 2010ع



    هو لٺباز نه پر بندوق باز سپاهي هئا، بندوقن سان ليس رنگروٽن واري لباس وارا رينجرس جا سپاهي به ان خاردار تارن واري ان پهري تي سندن مددگار هئا، جيڪو لطيف جي نگري ۾، لطيف جي راڳ ۽ ان کان اڳ سنڌ جي شاهه جي آمد وقت سندس حفاظت لاءِ ضروري سمجهيو ويو. لٺبازي سان، پوليس گردي سان ان خلق کي وقتن فوقتن پوئتي پئي ڌڪيو ويو، جيڪا عقيدي جي حب ۾ اها چانئٺ ڇهڻ آئي هئي، جيڪا وقت جي والي جي حفاظت لاءِ گهيري ۽ پهري ۾ هئي. پوليس جي دهشت ۾ اڳ ئي سڪ ٿيل سنڌ جي اها خلق ڪالهه لطيف جي نگري ۾ خاسي خوار پئي ٿي، راڳ جي محفل واري پنڊال تي گهيرو، لطيف جي روضي تي گهيرو، سوين ماڻهن جا ميڙ پوليس سپاهين جي لٺ بازين ۽ بار بار الرن تي پنهنجي عزت نفس جو تماشو ٿيندي ڏسي رهيا هئا. سرڪاري طور تي، لطيف سرڪار جو روضو عام خلق لاءِ بند هو، گهيري ۽ پهري ۾ هو. لٺبازن، بندوقبازن سميت ثقافت کاتو، لطيف سرڪار جي نه پر حاضر سرڪار جي صدارت ۾ مشغول هو ۽ روضو پاڪ خاردار تارن جي گهيري ۾ هو.

    رڳي لطيف جي نگري ئي نه، راڳ لاءِ سجايل محفل به، انهن جي صدارت ۾ ڏني ويئي، جن جي ڪلهي تي ڪي ٻه چار ڦول نمايان هئا. لطيف جا پارکو نه، لطيف جا عاشق نه، افسر شاهي جا اڪڙيل ڪنڌ ان راڳ واري محفل ۾ اڳين سيٽن تي ائين براجمان هئا. هو، ان وقت لطيف جا خادم، عوام جا خادم نه، پر حقيقي طور تي حاڪم وقت جا آڳا پيڇا هئا ۽ ثقافت کاتو لطيف جي پانڌيئڙن جي نه پر سندن خدمت تي مامور هو. هي لطيف جي نالي جو عجب تماشو، عجب مذاق آهي ته عرس جي نالي ۾ اهڙا ”وي آءِ پي“ مهمان گهرائي، سندن تحفظ بهاني لطيف جي پانڌيئڙن جي عزت نفس سان عجب مشڪري کيڏي وڃي. لطيف جو روضو سرڪاري اهلڪارن جي ڪسٽڊي ۾ ڏيئي، تحفظ جي نالي ۾ جيڪا جٺ ۽ تعدي لطيف سرڪار جي اصل عاشقن سان ڪئي وئي، ان جو نه ڪو حساب ڪتاب، نه آکيو پڇاڻو....

    هي به عجيب طريقو هو جو پنڊال ٻاهران عابده پروين جي راڳ جي چاهيندڙن تي لٺيون وسايون پئي ويون ۽ اندر پنڊال ۾ اڪڙيل ڪنڌ ۽ رينڪ وارن سان گڏ صوبي جا واڳ ڌڻي عابده جي راڳ مان محفوظ ٿي فرمائشون ڪري رهيا هجن. سرڪاري پروٽوڪول جي نالي ۾ عوام تي لٺبازي بجا هئي، اها جٺ، اها تعدي ان لطيف سرڪار جي پانڌيئڙن لاءِ هئي، اهو لطيف جنهن جي اونچي رتبي جي معتبرائپ ئي اها آهي ته هن جي شاعري درٻار جي باندي ڪا نه ٿي، هن جيڪي لفظ، جذبا عوام جي دل جي ڌرتي ۽ مٽي جي مرتبي سان کنيا هئا، اهي هن درٻار جي قصيده گوئي ۾ ڪو نه کپايا، ها پر اهو عجيب اتفاق هو ته هاڻ عرس جي ڏهاڙن ۾ لطيف سرڪار جي نگري ثقافت کاتي وٽ ائين گروي ٿيو پوي، جو ان مان وي آءِ پي ماڻهن جي گڊ بڪس ۾ اچڻ لاءِ سڄي سنڌ جي پوليس نفري گهرائي هڪ پاسي عقيدتمندن تي ڏنڊا بازي جو سامان تيار ڪيو وڃي ته ٻئي پاسي ”نمبر گيم“ ۾ اڳيان اڳيان ٿيڻ لاءِ انهيءَ ئي کاتي جي افسر شاهي جي خدمت ۾ ٻئي ٻانهون ٻڌي، جهڪيل ڪنڌ سان سندن خاطر تواضع لاءِ ”جي حضور“ وارو ورد انهن مسڪينن کان به ڪرايو وڃي، جيڪي ڪلاس جي روسٽرم کان سڌو ثقافت کاتي جي ڪرسي تائين پڳا هجن.

    لطيف جي راڳ جي اهميت به ننڍي کنڊ ۾ اسرندڙ ٻين سڀني راڳ جي اسڪولن کان ان ڪري مختلف هجي جو شاهه جو راڳ درٻار ۾ حاڪم اعليٰ جي سرپرستي ۾ پروان چڙهڻ بجاءِ ان فقيرن جي خانقاهن ۾، درگاهن ۾، گودڙي نشين جي پناهن ۾ پرورش پاتي، ان راڳ کي سندس نالي تي، سندس عرس تي اهڙي ئي درٻار ۾ پيش ڪيو وڃي، جتي سندس عاشقن کي ته جتين تي ويهڻ جي جاءِ نه ملي ۽ سرڪاري افسر شاهي ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي لطيف جو راڳ ٻڌندي ڏسجي ته يقينن سنڌ جي ڪلچر تي ماتم ڪنان ٿيڻ تي دل چوندي.

    لطيف جي وارثي لاءِ سچ به اهي ڌريون اڄ نظر نٿيون اچن، جيڪي سندس فڪري پورهيي ذريعي سماج جي تقدير بدلائڻ واري مقصد سان ٻڌل هجن. لطيف شناسي تي فقط ڪتابن جا ڇپيل ٽائٽل ڳڻائڻ ڪافي ناهي، پر اها تحقيق جي عالمي معيار طور پيش ڪري سگهجي، ان ڏس ۾ ڪي قدم سنڌ جي يونيورسٽين ۽ اڪيڊميا کي به اڳتي اچڻ کپي، جيڪي سندس شاعري مان اڄ رنگن جو ذڪر، موسمن، ميوون جو ذڪر جهڙي مدي خارج تحقيق کي لٺ هڻي رهيا آهن. باقي جي ثقافت کاتي کي ئي لطيف جي وارثي واري پڳ پارائجي ته پوءِ ائين ئي ٿيندو ته، ”ڪم لاهڻ“ ”بار ٽپائڻ“ واري رسمي تقريبن سان وڏا ميڊيا شو ته ممڪن ٿي سگهن ٿا، پر حقيقي طور تي انهن رسمي تقريبن کي به جنهن وڏي هانءُ ۽ اعليٰ انتظامي اهليت جي ضرورت هجي ٿي، اها سياسي مصلحتن جو ائين به شڪار ٿي سگهي ٿي ته لطيف شناسي لاءِ مقالي نگارن جي تعين کان وٺي راڳ جي محفل تائين فنڪارن جي چونڊ ۾ به اها مصلحت اوليت تي رکي. ادبي نشست ۾ اديبن، دانشورن بجاءِ سياسي ڪارڪنن جي ڀرتي ائين ٿيل هجي، جو گوڙ ۾ نه ڪو مقالو ٻڌي سگهجي ۽ نه ئي اهڙي اميد رکجي. درخواستون ڏيڻ لاءِ ويٺل خلق کي به ڌڪا نصيب ٿين ته وزير صاحبه تائين پڄن، پر جيڪا حالت هن ادبي نشست ۾ ٿي، سا سچ به انهن اديبن/دانشورن/مهمانن کي ثقافت کاتي پاران لاڳيتي ٽِيپ جي سزا هئي ته کين صبح کان مٿي ويهاريو ويو. نه چانهن جو وقفو، نه ماني جو بريڪ، جڏهن شام جو ڇهين وڳي اها تقريب اختتام کي پڳي ته ٻيا ته ٺيڪ، پر اسلام آباد کان، ڪراچي کان توڙي ملتان کان آيل مهمانن کي به ڪا فضيلت ڀري ماني نصيب ٿيڻ بجاءِ ساڻن جٺ ۽ تعدي اها ڪئي ويئي ته غريب جي ڪاڄ واري وٺ وٺان وقت ثقافت کاتي مان بشمول وزير ڪو هڪ به صاحب موقعي تي موجود نه هو، جيڪو پري کان آيل مهمانن سان ان افراتفري جي سکڻي معذرت ئي ڪري ها. اسلام آباد کان آيل احمد سليم، جمال شاهه، ملتان کان طاهر تونسوي، ڪراچي کان ڊاڪٽر فاطمه حسن، فهميده رياض...حقيقتن ثقافت کاتي جي عملدارن کانسواءِ جيڪي به اتي موجود هئا ۽ جن لطيف جي ڪاڄ کي پنهنجو پي سمجهيو، تن بار بار اهڙي بدفضيلتي تي معافي پي گهري، مهمان وائڙا هئا ته نيٺ به هو ڪنهن جي دعوت تي آيل آهن ۽ اها ذميواري ڪنهن جي هئڻ کپي؟! مقامي مقالي نگار به عزت نفس جي ان تذليل تي حيران هئا. ان وقت مون کي نصرپور ۾ مصري شاهه جو اهو ”ميلو“ ياد آيو هو، جنهن ۾ ثقافت کاتي بجاءِ انتظام خود درگاهه جا گادي نشين سنڀالين ٿا. فرشي نشست تي به راڳ جي محفل جو نظم و ضبط ايترو ته مثالي ۽ شانائتو لڳو هو، جو سچ به اهڙو ضبط فقط ڪجهه عالمي تقريبن ۾ ته ڏسبو آهي، پر هتي اهو لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، شايد ٻيو فرق اهو به هو ته اتي ڪو ”خاص“ سرڪاري رتبي وارو اهلڪار، عملدار يا وزير ڪبير وڏي ڪرسي سنڀالڻ لاءِ نٿو اچي، اتي خلق خدا جي هڪ ئي صف ۾ ويهڻ جي جرئت به ڪري ٿي ته ان اعليٰ اخلاقي قدرن جو مظهر پسائي ٿي. ”مصري شاهه“ جي ڪلام جي انسيت کين اتي ڇڪي اچي ٿي، اتي کين سرڪار وڏي وٽ نمبر گيم ۾ نمبر وڌائڻا ناهن هوندا. جڏهن ته عرس جي ڏهاڙي ۾ لطيف جي روضي کي خاردار لوڙهن ۾ واڙيو وڃي ٿو، ثقافت کاتو، هن ”شو“ Show مان پنهنجي کاتي جو بجٽ وڌائڻ جا سئو جواز پيدا ڪري ٿو.

    هي ٻه اکر سچ به لطيف شناسي لاءِ نه آهن، پر سندس سرڪاري وارثي واري وارتا کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪافي سمجهجن ۽ اهي جيڪي لطيف جا حقيقي پوئلڳ آهن، عقيدتمند آهن، جيڪي سندس اکر اکر بيت جا عاشق آهن، جيڪي سچ پچ به لطيف جي عشق کي ”سياسي معذرت نامي“ جو متن بنائڻ بجاءِ آگ جو سامان بنائڻ چاهين ٿا، هي فقط لطيف جي انهن عاشقن لاءِ ته لطيف کي سڄو سال ڀل ته ڳايو وڄايو ۽ پڪاريو، پر عرس جي انهن ٽن ڏهاڙن ۾ کيس سرڪار جو باندي ٿيڻ کان خاردار لوڙهن ۾ ويڙهجڻ کان بچايو. لطيف کي به ائين پنهنجو ڪريو، جيئن پنهنجي محبوب کي پنهنجو ڪبو آهي. لطيف سنڌ جي ڪلچر جو فڪري محافظ آهي، سندس عرس جي ٽن ڏهاڙن ۾ جيڪر سنڌ جون وطن پرست پارٽيون، ٽولا، ليڊر، لطيف جا پارکو، سندس عاشق کي پنهنجو ڪندي، جي گڏجي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ لطيف جي نگري ڏانهن رخ ڪن ته شايد لطيف جي نگري انهن ٽن ڏينهن ۾ سرڪاري طور گهيري ۽ پهري ۾ اچڻ کان بچي پوي ۽ لطيف جي وارثي، لطيف شناسي وارو ڪم جي ثقافت کاتي جي ڪمزور، نبل ۽ نااهل ڪلهن تي رکڻ بجاءِ پاڻ کڻون ته پوءِ شايد لطيف جي نگري ۾ سندس پانڌيئڙن تي لٺبازي ۽ خاردار لوڙهن سان بند ڪرڻ واري روح رهڙيندڙ خبرن کي پڙهڻ ۽ اهڙي لقاءُ ڏسڻ کان بچي پئون.

    اچو ته لطيف کي own ڪندي، سنڌ جي ڪلچر جي فڪري ماخذ کي سرڪاري تحويل مان نجات ڏياري عوامي بنائڻ جو ڪو نئون سودو ڪريون.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  15. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    عورتن جي حقن واري خواب کي ساڀيان بنائڻ جو ڏينهن!




    سومر 8 مارچ 2010ع



    هو جيڪي نپوڙيل بدن سان پنهنجي ساهه ۾ سوڙهه محسوس ڪري ڏينهن جي ٿڪ سان ڀاڪر وجهي رات جو سمهڻ لاءِ اکيون ٻوٽينديون هونديون، انهن پورهيت عورتن جي خواب ۾ ”آزادي“ ۽ سک جو هڪڙو سپنو پلبو هوندو. اٺين مارچ ان سپني جي ساڀيا جي اڻت جو ڏينهن آهي. ان پورهيت عورت جي پنڌ ۾ بيشڪ ته ”اٺين مارچ“ تي رقص جو دڳ اڃان نه آيو آهي، پر اٺين مارچ جي جدوجهد جي رستي ۾ ان صورت جي خواب جي ساڀيان سان ان عورت جي ”سک“ ۽ ”آزادي“ جو رقص لڪل آهي. ان يقين تي اڄ سڄي دنيا جون عورتون رقصان آهن. اٺين مارچ يقينن عورتن جي جدوجهد جو خاص ڏهاڙو، پر مارچ، سڄو ئي عورتن جي مارچ جو مهينو آهي، آمريڪا کان وٺي روس تائين اهي عورتون جيڪي لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ پنهنجو رت پاڻي ڪندي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۾ لٿيون هيون، هي ڏينهن ان نسل، ان دور جي عورت جي پاران شروع ڪيل جدوجهد کي مان ارپڻ، ان مان اتساهه وٺڻ ۽ ان سميت پنهنجي جدوجهد کي جاري رکڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. هي اٺين مارچ جو ڏهاڙو عورتن پاران، عورتن جي ترتيب ڏنل تاريخ کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

    ٽي سئو سٺ ڏينهن مان فقط هي ڏهاڙو جيڪو عورتن پنهنجي پاڻ کي، پنهنجي جدوجهد کي ارپيندي ملهائڻ شروع ڪيو، اهو ڏهاڙو اقوام متحده جي ٺهڻ کان به اڳ جو آهي، تنهن ڪري خود گڏيل قومن ۾ عورتن جي تاريخ کي مان ڏيندي اهو اٺين مارچ جو ڏينهن کين ارپيو ويو. هن سال به مارچ جي ابتدا گڏيل قومن پاران عورتن جي ان ٻارنهن ڏهاڙن تي ٻڌل ڪانفرنس سان شروع ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ عورتن جي جدوجهد گهڻي پراڻي، پر گڏيل قومن ۾ عورتن جي ڪانفرنس پهريون دفعو ميڪسيڪو ۾ ملهائي ويئي. اهو 1972ع جو سال هو، جڏهن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پڌرو ڪيو ويو ته 1975ع عورتن جو عالمي سال ڪري ملهائبو آهي. ميڪسيڪو ۾ ساڳئي ئي سال ۾ عورتن جي ڪانفرنس به ڪوٺائي ويئي، جيڪا گڏيل قومن پاران پهرين عورت ڪانفرنس هئي. ڪانفرنس جا مک موضوع ٽي رکيا ويا هئا، هڪ ته عورتن ۽ مردن وچ ۾ برابري قائم ڪرڻ لاءِ کڄندڙ قدم تيز ۽ وسيع ڪجن. ترقي ۾ عورت جي مڪمل شرڪت کي يقيني بنايو وڃي، دنيا ۾ امن جي قيام ۾ عورتن جي حصي ۽ شرڪت کي وڌايو وڃي. ”برابري، ترقي ۽ امن“ ان ٽن بنيادي نڪتن تي گڏيل قومن پاران عورتن جي خيالن ۽ ضرورتن تي ٻڌل هڪ فريم ورڪ جوڙيو ويو ته جيئن دنيا جي سڀئي ملڪ گڏجي عورتن جي حقن کي اڳتي وڌائين. اهو ئي سال هو ته پاڪستان ۾ عورتن جي ڏس ۾ لبرل ايجنڊا رکندڙ پيپلز پارٽي جي حڪومت جو دور هو ۽ پاڪستان جي ان وقت جي خاتون اول ۽ عورتن جي ايجنڊا کي پهريون دفعو حڪومتي ايجنڊا تي آڻيندڙ بيگم نصرت ڀٽو ميڪسيڪو ڪانفرنس ۾ شرڪت کان اڳ ملڪ جي هر ضلعي ۾ وڃي عورتن سان ميڙاڪا ڪرڻ شروع ڪيا. نصرت ڀٽو وٽ ”برابري، ترقي ۽ امن“ لاءِ هڪ ايجنڊا هئي، جنهن جي مرڪزي ڪردار عورت هئي. نصرت ڀٽو ڀلي ته هاڻ پنهنجي پارٽي کان به وسري چڪي هجي، پر اهي عورتون جن کي پنهنجي سفر ۾ ساڻ ڪري هوءَ پنهنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ تائين پڳي ۽ عورت جي شعور جو پيغام پهچائيندي رهي، تن کان هوءَ اڄ به ناهي وسري. اها نصرت ڀٽو ئي هئي، جنهن کي گڏيل قومن جي پاران پهرين ملهائجندڙ عورتن جي ميڪسيڪو واري ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪندي ملڪ ۾ عورتن لاءِ پاليسي پيپر ڏيڻا هئا ۽ اهو تاريخي دستاويز جيڪو بيگم نصرت ڀٽو پيش ڪيو، سو نه کانئس پهرين، ۽ نه ئي پوءِ ڪو ايترو واضح، لبرل ۽ جامع دستاويز پيش ڪري سگهيو. اها نصرت ڀٽو ئي هئي، جنهن انهن فنڊيڊ اين جي اوز کان اڳ ۾ سجاڳي جي مهم شروع ڪئي. 1975ع کي پاڪستان ۾ به عورتن جو سال ڪري ملهايو ويو، سڄي سال ۾ عورتن جي سجاڳي جا پروگرام ۽ ميڙاڪا ٿيندا رهيا. ڪيتريون ئي عورتون، جيڪي ان عهد، ان جشن، ان عزم جون گواهه آهن، سي اڄ نصرت ڀٽو جو نالو ڪوڙن ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ هلندي ٻڌن ٿيون ته سندن اکيون آليون ٿي وڃن ٿيون. اها ساڳي ئي نصرت ڀٽو، جنهن کي عورتن جون جاکوڙي تنظيمون ته پري، پر خود سندس پارٽي به ائين وساريو آهي، جو اها کين ان اٺين مارچ تي به ياد نٿي پوي. ان عورت ته پاڪستان جي عورتن جي نالي تي هڪ سڄو سال ملهايو، پر اڄ سندس پارٽي جي حڪومت کي ڇا ٿي پوي ها، جو مارچ مهينو ان عورت جي نانءُ ڪري ها، جنهن سڀ کان پهرين حڪومتي سطح تي عورتن جي مسئلي کي غير معمولي جاءِ ڏني. اڄوڪي مهيني ۾ ٻيو نه ته سندس ميڪسيڪو ۾ پيش ڪيل دستاويز کي ئي حڪومت عام اشاعت وسيلي ڳوٺ ڳوٺ پهچائڻ جو بندوبست ڪري، ان محسن عورت بيگم ڀٽو کي خراج پيش ڪري ته به اهو سندن عام عورت تي به احسان هوندو. حقيقت اها آهي ته گڏيل قومن جي عورتن وارين ڪانفرنس ۾ بيگم ڀٽو کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن ذاتي دلچسپي ورتي به آهي ته اها به محترمه بينظير ڀٽو آهي ۽ هن وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ انهن ٻن عورتن جي ڪا به شموليت نه هئڻ ڪري ائين نه ٿيڻ کپي ته عورتن جي حوالي سان ٿيندڙ ڪنهن به سرگرمي ۾ لاپرواهي ڏيکارجي يا وري هتي عورتن سان ٿيندڙ روزمرهه جي جُٺين تي ادارتي لاپرواهي ڏيکاري وڃي. سرمائيدار دنيا جي گلوبل هئڻ کان اڳ 1976ع ۾ عورتن جي اها ڪانفرنس گڏيل قومن جي پاران عورتن جي مسئلن کي عورتن جي نقطهءِ نگاهه سان ڏسڻ لاءِ گلوبل سطح تي سڏائي ويئي ۽ اهو پهريون دفعو هو، جو عورتن جي برابري، ترقي ۽ امن جي حوالي سان هڪڙو ايڪشن پلان ٺاهيو ويو، جنهن ۾ سڀني ميمبر ملڪن کي پابند ڪيو ويو ته ان جي پابندي ڪن، ۽ گڏوگڏ جڏهن ڪانفرنس دوران تجزيئي ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته عورتون هر ڏس ۾ مردن کان گهڻو پوئتي آهن ته گڏيل قومن پاران تجويز ڪيو ويو ته 76ع کان 85ع تائين عورتن جو ڏهاڪو ملهايو وڃي. دنيا ۾ عورتن جي ان ڏهاڪي ۾ ڪا تبديلي آئي نه آئي، پر پاڪستان ۾ ضياءَ جي نام نهاد حڪومت کي وردي جي زور تي ٻن عورتن کان خوفزده ٿي ”چادر ۽ چار ديواري“ جهڙن نعرن جو سهارو وٺڻو پيو. ان نعري چادر ۽ چار ديواري کان حقيقي طور تي محروم طبقي جي عورت کي ته سر لڪائڻ لاءِ ڇت ۽ گهر جي چارديواري ڏني، ۽ نه ئي سيءَ، گرمي کان بچڻ لاءِ پورو پوتي جو پلاند ڏنو، ها البته ائين ضرور ڪيائين ته ڪارن قانونن وسيلي عورت جي گواهي اڌ ۽ سزا پوري. حدود آرڊيننس جو پڻ نام نهاد قانون جاري ڪيائين، جنهن ۾ زنا ۽ زنا باالجبر جي ڪا تفريق نه هئي. زنا باالجبر جي شڪار عورت کي به پهرين چار گواهه آڻڻا پئي پيا، جن اهو لقاءُ ٿيندي ڏٺو هجي. خير ضياءُ الحق جي نفاذِ شريعت ۾ ڇا عورت جي سجاڳي جي ڳالهه ٿئي ها، پر ٻيو دفعو به عالمي ڪانفرنس لاءِ عورتن جي جيڪا سرگرمي شروع ٿي، سا تڏهن جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جو ٻيو دور هو. ان کان اڳ 1980ع ۾ گڏيل قومن پاران ڪوپن هيگن ڊينمارڪ ۾ ”عورتن جي ڏهاڪي“ جي ٻئي حصي لاءِ ايڪشن پلان تيار ڪيو ويو، جنهن جي خاص ڳالهه اها هئي ته ان ۾ لفظ ”برابري“ کي پڻ عورت جي نقطه نگاهه سان ٻيهر بيان ڪيو ويو. 1985ع ۾ نيروبي ۾ ٻي پڻ ڪانفرنس ٿي، ڪانفرنس ۾ محترمه بينظير ڀٽو پاڪستان جي قيادت ڪئي. نه رڳو ايترو، پر نصرت ڀٽو واري ميڪسيڪو ڪانفرنس کانپوءِ اها بيجنگ ڪانفرنس هئي، جنهن لاءِ محترمه جي خاص هدايتن هيٺ انتهائي وڏي پيماني تي عورتن جي شرڪت لازمي بنائي ويئي. ٻئي پاسي اين جي اوز کي به فنڊ ڏنا ويا، جيئن عام عورتن ۾ جاڳرتا لاءِ ان ڪانفرنس بابت خيال عام ڪجن. خود گڏيل قومن لاءِ پڻ بيجنگ ڪانفرنس ائين لينڊ مارڪ ثابت ٿي، جو ان ۾ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان هزارين عورتون شريڪ ٿيون. 189 ملڪن مان عورتن جا وفد آيا. بيجنگ ڪانفرنس ۾ ڪل ٻارنهن نڪتن جي نشاندهي ڪئي ويئي، جن تي خصوصي نظر رکي ايڪشن پلان ٺاهڻو هو، جنهن ۾ (1) عورت ۽ غربت (2) عورت جي تعليم ۽ تربيت (3) عورت ۽ صحت (4) عورتن تي ٿيندڙ تشدد (5) ويڙهه ۾ ورتل علائقن ۾ عورت (6) عورت ۽ معيشت (7) عورت جو فيصله ساز ادارن ۾ ۽ حڪومت ۾ موجود هئڻ (8) عورتن جي اڳڀرائي لاءِ ادارتي مڪينزم (9) عورت جا انساني حق (10) عورت ۽ ميڊيا (11) عورت ۽ ماحوليات (12) ڇوڪري ۽ ٻار (Girl Child).

    اها ڪانفرنس به 76ع جي ڪانفرنس جيان پاڪستان ۾ ان ڪري ڪامياب ليکي ٿي وڃي، جو ان ۾ حڪومت اڪيلي سر سڀ ڪجهه ڪرڻ بدران پنهنجي من چاهي رپورٽ ڏيڻ بجاءِ اين جي اوز سان رابطو رکيو ۽ ٻنهي طرفان هڪ گڏيل رپورٽ پيش ڪئي ويئي. پاڪستان مان 200 کان مٿي اين جي اوز جا وفد ۽ 25 ڄڻن تي ٻڌل پاڪستاني حڪومت جو وفد شامل هو. عورتن جي ڀلائي جي ڊويزن جو قيام، عورتن جي وزارت جو قيام ۽ خود ”نيشنل ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين“ جو قيام به دراصل ان ايڪشن آف پلان جو نتيجو آهن، جن تي پاڪستان پابند جي رهڻ صحيح ڪئي آهي. اهي پلان آف ايڪشن گڏيل قومن ۾ ٺهندا آهن ۽ گڏيل قومن جي اداري پاران هن مارچ ۾ عورتن جي پنجين عالمي ڪانفرنس جو افتتاح ٿيو آهي، جيڪا ڪانفرنس 12 هين مارچ تائين هلڻي آهي. پاڪستاني حڪومتي وفد جي اڳواڻي هن دفعي محترمه انيس هارون ڪئي ۽ ان وفد ۾ شازيه مري به ساڻن گڏ هئي. انيس هارون خود هڪ جاکوڙي عورت آهي، ان ڪري سندس قيادت تي يقين ڪري سگهجي ٿو. سماج ۾ تبديلي هڪ ڏينهن ۾ ته يقينن نه ايندي آهي، پر اهو عمل مسلسل آهي، جيڪو سماجي مسئلن کي پهرين مسئلي جي حد تائين مڃرائي ٿو ۽ پوءِ تبديلي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. عورت جي ترقي ۽ برابري جي راهه ۾ ڪٿي ڪٿي رڪاوٽون آهن، انهن جي نشاندهي ضروري آهي. رڪاوٽون ڪيئن ڏور ٿي سگهن ٿيون، ان لاءِ پڻ منصوبابندي گهربل هوندي آهي. قومن ۽ ملڪن لاءِ اهو دور ويو، جڏهن اهي اڪيلائپ ۾ جياري سگهن. قومن ۽ ملڪن لاءِ بيحد ضروري آهي ته اهي پنهنجي مسئلن کي عالمي ايجنڊا سان جوڙين. اهو به انتهائي لازم آهي ته پنهنجي رياستي ڍانچي کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ عالمي دٻاءَ ۾ آڻجي، کين هميشه عالمي عهدنامن جي پاسداري لاءِ عالمي دٻاءَ هيٺ رکجي. عورت تي تشدد کي جڏهن عالمي سطح تي مسئلو مڃيو ويندو، تڏهن ئي اهي اسان جي حڪومتن کي عورتن تي تشدد خلاف قانونسازي لاءِ پابند ڪندا. پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ ڌيءَ کي ڪاري ڪندڙ ڪنهن هڪ کي به سزا ملي ته اها هر صورت ۾ ان وحشياڻي قتل جي خاتمي ڏانهن وٺي ويندي.

    بيشڪ ته اهي سماج ۾ جاڳرتا کانسواءِ پنهنجي ليکي ڪا وڏي بنيادي تبديلي ته نٿيون آڻي سگهن، پر جڏهن اها جاڳرتا جوهي، راڌڻ کان ٿيندي سوڀيديري ۽ ڇاڇري تائين پڄندي ته يقينن سماج تي ان جا چڱا اثر پوندا. اٺين مارچ ڪالهه تائين کڻي اهو چند پڙهيل لکيل عورتن جو فينشي نعرو سمجهيو ويندو هجي، پر اڄ جوهي، راڌڻ ڇاڇري ۽ ننگر جي عورت به ان جي اهميت کي سمجهي ٿي. عورتن جي عالمي ڏينهن تي هاڻي منهنجي ديس جون عورتون به هڪٻئي کي ان ڏينهن جون واڌايون ڏيندي نظر اچن ٿيون، اهي ڏينهن به هاڻي ماضي جي حوالي ٿي ويا، جڏهن قومي غيرت جي نانءَ تي اهڙي انساني ڪوس ۽ قهر تي دانهن کي بدنامي سمجهيو ويندو هو. پر هاڻ جتي ظلم ٿيندو، اتي دانهن ضرور ٻڌبي...اهي گمنام عورتون، جيڪي لڳ ڀڳ هڪ صدي اڳ هن ڏينهن جي تاريخ لکي رهيون هيون، شايد ان وقت اهي به نه ڄاڻينديون هجن ته سندن لکيل تاريخ مان عورتون پنهنجي برابري واري ويڙهه لاءِ نوان رستا ڳولينديون. هي عورتن لاءِ ان عهد، ان عزم جي ورجاءُ جو ڏينهن آهي ته برابري، آزادي ۽ سک لاءِ شروع ڪيل جدوجهد پنهنجي حاصلات تائين بنا وقفي جاري رهندي. عورت هجڻ سندن لاءِ هاڻ ڏک نه، پر فخر ۽ اعزاز جي ڳالهه هوندي ۽ جڏهن دنيا جي عورت پنهنجي لاءِ برابري جو جهنڊو لهرائيندي، تڏهن سنڌ جي عورت جا هٿ به ان جهنڊي جا شريڪ هوندا، ڇو ته هاڻ سنڌ جي عورت به برابري جي جدوجهد ۾ سڄي دنيا سان هم قدم آهي ۽ جڏهن دنيا جي عورت پنهنجو فتح جو ڏينهن ملهائيندي، تڏهن سنڌ جي عورت به ساڻن گڏ هم رقص هوندي. اها فتح ان نپوڙيل بدن ۽ ٿڪ ۾ چور جسم واري عورت جي فتح هوندي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  16. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    انتهاپسندي جي نيٽ ورڪ ۾ وچڙندڙ سنڌ کي ڪيئن بچائجي؟




    خميس 25 مارچ 2010ع



    ”هو ۽ طالبان پنهنجي سياسي سوچ ۾ ساڳيا آهن، تنهن ڪري طالبان کي پنجاب کي نشانو ٺاهڻ کان باز اچڻ کپي، کين پنجاب تي حملا نه ڪرڻ کپن“.

    طالبان جي لڳاتار نشاني تي اچڻ کانپوءِ نيٺ لاهور ۾ ئي پنجاب جو مرد آهن، شهباز شريف پنهنجو ضبط وڃائي ويٺو ۽ اهي شڪ به نيٺ ڏور ٿيا ته هو ”مرد مومن“ جي حقيقي پٽ بجاءِ سندس روحاني اولاد جيان سندس ”مذهبيت واري پاڪستان“ جو ورثو ڏاڍي رازداري سان سنڀاليندا ٿا اچن. سترهين ترميم تي سندن اٽڪيل سُئي ۽ ججن جي مامري تي جي-ٽي روڊ جي تحريڪ کي چڱي ريت سنڀالي ڏيڻ کانپوءِ هو فقط ميڊيا جا ئي نه پر اسان جي ترقي پسندن ۽ قومپرستن جا پڻ ڊارلنگ بڻيا رهيا آهن. هو پنجاب جي راڄڌاني مان راهوڪي ۾ اڄ به ٽيليفونڪ خطاب وسيلي پنهنجي همراهن جا غلط ۽ ابتا سبتا نالا کڻي، کين خطاب ڪرڻ جو شرف حاصل ڪري سگهن ٿا. پر اها حقيقت آهي ته سندس سياست جا سڀ رستا رائيونڊ کان ٿيندا اڳتي وڃن ٿا ۽ اهو گهڻو راز به رهيو آهي جو هاڻ جڏهن هو پاڻ نشاني تي آيا آهن ته ٻاڦي ويٺا آهن. هي ملا اتحاد جو ڪلين شيو فوٽو ضرور آهن، پر حقيقت ۾ اڄ به پنجاب ان انتهاپسندي جو ڳڙهه آهي، جيڪا هٿيارن جي زور تي مذهب جي آڙ وٺي ٿي. اها انتهاپسندي، جنهن جو پهريون ٽارگيٽ فرقيواريت هو، ٻيو ٽارگيٽ مذهبي اقليتون ۽ هاڻ ان جو نشانو ڪو به، ڪڏهن به، ڪٿي به بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو طاقت جي حوالي سان هاڻ اها قوت بڻجي چڪا آهن، جيڪا آمريڪا خلاف اعلان جنگ به ڪري سگهي ٿي، ته ڏينهن ڏٺي جو جي ايڇ ڪيو کي به نشانو بنائي سگهي ٿي.

    تاريخ جا ڊگهي پنڌ جا پيرا نٿا کڻجن، پر جي ڪنڌ ورائي ڏسو ته جمهوريت تي پهرين وار ۽ ڀٽي جي حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ پهريون ڀيرو پنجاب جي ان رجعت پرست بزنس ڪلاس پئسو سيڙايو، اهو ناڻو اڄ به ان جنگ جي صورت ۾ ۽ پنجاب تي حڪمراني جي صورت ۾ هو وياج سميت ميڙي رهيا آهن. اها ڀٽي کي ڏنل ڦاسي هئي، جنهن پاڪستان جي پاڪ سرزمين تان لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جي آخري اميد به پاڻ سان گڏ مدفون ڪئي ۽ ايم آر ڊي جي تحريڪ اها آخري مزاحمتي جنگ هئي، جنهن جي ناڪامي سان جمهوريت جو خواب پڻ ريزه ريزه ٿيو ۽ بيشڪ ته هي هاڻوڪيون حڪومتون، ان ريزه ريزه خواب جون ڀڳل ڪرچيون آهن، جيڪي اسان پنهنجي اکين جي پنبڻين سان لُڙڻ تي مجبور آهيون. هن سرزمين پاڪستان سان جيڪو بندوق باز برگيڊ جي ڪمانڊر ضيا ۽ سندس ڪُک مان نڪتل ننڍڙا ڇرا مار سياستدان پيدا ڪيا، جن جهادي ڪيمپن مان اها ”نسل“ تيار ڪئي، جنهن جي جهاد جي پهرين منزل افغان جهاد، ٻين منزل ڪشمير جي وادي ۽ هاڻ اها ملڪ جي هر گهٽي، هر گام ۾ پکڙيل آهي. اهي ”ڇرا گهونپ“ ٽولا سياسي صورت ۾ جڏهن انجئرڊ ووٽ وسيلي پارليامينٽ پڳا، ان کانپوءِ پاڪستان ۾ سيڪيولر ۽ لبرل جمهوريت جو امڪان نه رهيو، پر اهو ضرور ٿيو ته اها شارپ لائين وڌيڪ واضح ٿي ويئي ته پاڪستان جي سياست ۾ فقط هڪ ئي تضاد واضح سياسي شڪل ۾ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هڪ طرف ڪمزور، نٻل ۽ پنهنجي ڍانچي ۾ ئي ساڻي ٿيل جمهوريت پرست پارٽيون/پارٽي آهي، جيڪا اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سواءِ ”ووٽ“ جي ٻيو ڪو آسرو نه ٿي رکي، پر ٻئي پاسي سدائين تاڪ ۾ ويٺل غير جمهوري عسڪري قوتون ۽ ان جي پٺڀرائي سان ايندڙ چند پارلياماني پارٽيون آهن، جيڪي ووٽ ۽ ووٽ جي پويان بيٺل طاقت ۽ ڪجهه غير رياسيتي طاقتن جي زور آزمائي سان اسيمبلين تائين پڄن ٿيون، پوءِ ورهايل مينڊيٽ واري ورهايل پارليامينٽ کي ائين يرغمال ڪري ويٺيون هونديون آهن، جو انهن اسيمبلين مان حقيقي پاور جي منتقلي کانسواءِ ڪنهن وڏي تبديلي جي اميد رکڻ به اجائي ضرور آهي، پر اها ”منتقلي“ به جنهن ”عوامي دٻاءُ“ جي گهرجائو آهي، سماج ۾ اهو حقيقت ۾ نظر نٿو اچي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ نقلي ترقي پسندن، قومپرستن ۽ فيشني کاٻي ڌُور جي جيتري جارحانه تنقيد ۽ عوامي پريشر نالي ماتر جمهوري حڪومتن ڏانهن رهيو آهي، ان جي تر جيترو به هو طاقت جي اصل مرڪزيت کي پنهنجي سياسي تنقيد هيٺ آڻڻ کان ڇرڪندا رهيا آهن. نه رڳو ايترو پر پاڪستان جي سڀني نقلي، ٺوڳي ترقي پسندن، قومپرستن ۽ فيشني رونشي باز کاٻڙن وڏي خوشي سان انهن اتحادن جو ڀرجهلو ٿيڻ قبوليو آهي، جيڪي رجعت پرست ملا شاهي ۽ رٽائرڊ غير جمهوري سويلين توڙي فوجي بيوروڪريٽس جي نگراني ۾ جڙندا هجن. اهي اتحاد ماضي جي آءِ جي آءِ هجي، ڪالهوڪي اي پي ڊي ايم هجي يا وري قومپرستن جو سنڌ قومي اتحاد هجي. ڪوڙي ۽ غير حقيقي قومپرستي، ماضي ۾ جماعت اسلامي جي ”اسلامي انقلاب“ واري نعري ڀٽي جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ سپورٽ ڪئي، جيڪا بنگال ۾ الشمس البدر جي خالق هئي ۽ اڄ طالبان خودڪش بمبار سندن هيرو آهن، عابد حسين منٽو صاحب اڄ ڪيترن ڪميونسٽ پارٽين جي اتحادين جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ ڪالهه اهو مشرف جي (Legal frame order( L.F.O ۾ سندس وڪيل هو. اڄوڪي چونڊيل حڪومتن جي خسيس سمجهوتن جو سبب به حقيقت ۾ اهو آهي. پاڪستان جي سياست اڄ تائين ڪو ٽيون حقيقي لبرل، سيڪيولر ۽ جمهوري سياسي قوتن جي بلاڪ پيدا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي ۽ ائين پاڪستان جي سياست به ڀٽي جي ڦاهي کانپوءِ ۽ خاص طور تي ايم آر ڊي کانپوءِ ڪو اهڙو حقيقي سياسي محاذ جوڙڻ ۾ ناڪام ويئي، جيڪو پاڪستان ۾ لبرل ۽ سيڪيولر سياست کي دڳ وٺائڻ يا سماج کي ڪنهن حد تائين ترقي پسندن لاءِ رهڻ جوڳو بنائڻ جو ئي ڪم ڪري سگهي هجي.

    ان پسمنظر ۾ جڏهن پنجاب ۾ طالبان جي ڳالهه ٿئي ٿي ۽ پنجاب حڪومت جي خاموشي ۽ بعد ۾ سنئون سڌو اهو چوڻ ته ”پاڻ ته ساڳي راهه تي هلندڙ آهيون، تنهن ڪري پنجاب ۾ حملا نه ڪريو“. پنجاب ۾ نه ڪريو ڇاڪاڻ ته پنجاب ۽ طالبان جي سوچ ۾ ڪو فرق ناهي، پر سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد لاءِ توهان جون راهون کليل آهن، ڇاڪاڻ ته سندن ڌرتين تي اڃا کين پير کپائڻ لاءِ ڪي ڏينهن کپن. اهي جيڪي اڄوڪي دهشتگرديءَ جا شاخسانه آمريڪا جي ”وار آن ٽيرر“ سان جوڙين ٿا، تن کي هٿ ٻڌي گذارش ڪجي ٿي ته ٿورو پوئتي ماضي ۾ جهاتي پائين، اصل شاخسانو ”جمهوريت تي وار“ ڀٽي جي حڪومت ڪيرائڻ ۽ پاڪستان جي پٺي ڀر ڪريل معيشت کي ان ڪوڙي امداد جي سهاري هلائڻ هو، امداد جي صورت ۾ آئي هئي، جيڪا ”فنڊ“ تحت ڏني وئي هئي، ۽ مرڻي، پرڻي ۽ ختمن جي روٽين تي هلندڙ مدرسن کي عطا ٿيندڙ اها رقم يقينن آمريڪي سامراج وٽان نٿي آئي ۽ نه ئي سندن ابتدائي ٽارگيٽ ڪشمير جي آزادي يا افغان يا وري آمريڪا خلاف جنگ نه هو، سندن شروعاتي ٽارگيٽ ايران ۾ اٿندڙ اهو انقلاب هو، جيڪو هڪ خاص فرقي پاران آندو ويو هو، اها به ڪا مغربي ايجنڊا نه هئي، نه ئي ميٽو، نيٽو جو ڪو مفاد هو، پر سڀ کان پهرين ان انقلاب ايران کي منهن ڏيڻ لاءِ ضيا کي پاڪ ڌرتي کي سندن فرقيواريت جي نظرياتي ويڙهه لاءِ استعمال ڪرڻو هو. اهو ساڳيو ئي فيصل آباد آهي، جيڪو اڄ به ڪالعدم تنظيمن جو ڳڙهه آهي ۽ ساڳيو ئي شهر جنهن ۾ اليڪشن کٽڻ لاءِ نواز ليگ جي پنجاب حڪومت جو راڻا ثناءُ الله انهن تنظيمن سان نه رڳو رابطي ۾ رهيو، پر نيٺ انهن جي حمايت سان سيٽ به کٽيائون.

    انهن انتهاپسندن کي جيئن پنهنجي بچاءُ جي جنگ لاءِ پاڪستان جي ڌرتي پسند آئي، بنهه ائين آمريڪا به پنهنجي سرد جنگ جا هٿيار کڻي هن ڌرتي تي وارد ٿيو. ضيا کي ان کان اڳ سڄي دنيا مان ڪٿان به ڪنهن اخلاقي توڙي مالي امداد جي اميد نه هئي، پر ڀٽي جي ڦاهي کانپوءِ ته هن پنهنجي حڪمراني جي مضبوطي لاءِ هن ملڪ جي سياسي رياستي ادارن جون ئي نه پر سڄي سماج جون بنيادون اکيڙي پٽ ڪيون هيون. اڄ توڻي اها ضيا پاليسي جيئن جو تيئن سندن پونئيرن جاري پي رکي آهي، جيئن ته ضيا کي ڪنهن سياسي پارٽي تي گهڻو اعتبار نه هو، ان ڪري هن پنهنجي ڪُک مان، پنهنجي سرپرستي ۾ هڪ نئين قيادت کي جنم وٺرايو، جنهن جي هڪ حصي پنجاب ۽ ٻئي حصي سنڌ جي شهرن تي قبضا گيري ڪئي، ان ڪري جمهوريت، جمهوري ڪلچر يا اقتدار کان ٻاهر رهڻ سندن ڪڏهن به مزاج نه رهيو. افغان جنگ جي آخري ٽپڙ ويڙهڻ کانپوءِ جڏهن هو آخري ٻيڙي تان هتان روانا ٿيا ته انهن، ريڪروٽ ٿيل انهن ڪرائي جي سپاهين کان موڪلائڻ به پسند نه ڪيو، پر تيستائين فيصل آباد کان بهاولپور، رحيم يار خان کان ٿيندو اهو هٿياربند گروهه رکندڙ ۽ سياسي عزم رکندڙ ڪلچر لاهور، بهاولپور، گوجرانوالا، ملتان، ڊيرا غازي خان، سرگوڌا ۽ پنڊي ڊويزن تائين ائين پکڙيو جو هاڻ ان کي ٻنجو ڏيڻ شايد هن ملڪ جي اعليٰ ادارن جي وس ۾ به نه رهيو آهي ته جي ايڇ ڪيو کي به ڪن ڪلاڪن تائين اعليٰ عملدارن کي يرغمال ٺاهي سگهي ٿي، ٻئي پاسي جيڪڏهن ڏسجي ته پنجاب حڪومت ان کان صاف مڪرجي وڃي ته پنجاب ۾ پنجابي طالبان جو به ڪو نيٽ ورڪ ڪم ڪري ٿو.

    حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ اڃا به جمهوري قوتن کي جوتي نوڪ هيٺ ڪچلڻ لاءِ انهن قوتن کي استعمال ڪرڻ جو آپشن گڏ هئڻ سميت، اهو خوف به غير فطري ناهي ته سڀاڻي جي پاڪستان جي نقشي کي هو ملا عمر جي افغانستان جهڙو ڏسڻ جي خواهش رکندا هجن. ملا عمر جي افغانستان واري خاڪي سان شريف برادران جو ڪو اختلاف ڪونهي. جيڪي غير جمهوري طاقتن جي ڪُک مان نڪتا هجن، انهن جو جمهوريت جي جهيڙي ۾ ڪو ڏيڻو وٺڻو ته ناهي. پر اشتهار ڪيئن حاصل ڪجي، ان لاءِ هو ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ اڄ به تيار ڏسجن ٿا. جن انبن جي پيتين ۾ اسامه بن لادن جا پئسا سعودي کان هت بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي لاءِ ڪتب آڻڻ ٿي گهريا، جن لادن جي پئسن سان آءِ جي آءِ ٺاهي، ملڪ جي جمهوري قوتن کي تڙي ڪڍيو، ان جي مستقبل جي پلان لاءِ ڪجهه به چوڻ اجايو آهي. هي ٺيٺ واپاري ذهنيت سود سميت اوڳاڙي ڪرڻ ڄاڻي ٿي.

    اسان، ها اسان، اهي جيڪي سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد سان واسطو رکون ٿا ۽ اسان، اهي جيڪي طالبان نظام کي غلط چوڻ جي جرئت ڪريون ٿا، اسان جيڪي ملڪ جي جمهوري ڍانچي ۾ يقين رکون ٿا، جيڪي ملڪ ۾ ڪنهن به عسڪري راڄ بجاءِ عوام کي بالادست ڏسڻ جا خواهشمند آهيون، تن لاءِ اهي حقيقتون ڄاڻندي، تاريخ سمجهندي ۽ سندن مستقبل جو نقشو چٽو ٿيندي ڏسڻ وقت هي دانهن، هي احتجاج نهايت ضروري آهي، ڇو ته هو پنجاب نه پوري دنيا فتح ڪرڻ نڪتا آهن. اڄ پنهنجي اردگرد جاچيو، نظر ڦيرايو ته نظر ايندو ته اڄ هتي به هو پنهنجي پير ڄمائڻ کانپوءِ اهو ئي ڪجهه دهرائي رهيا آهن، جيڪا هو بلي شاهه جي ڌرتي سان، فريد جي خطي سان ڪري آيا آهن. هتي سنڌ ۾ اڄ به هو اقليتن کي هيسائن ٿا، سنڌ جي سياست ۾ هو بيشڪ پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جيتري قبوليت نٿا رکن، پر اڄ به هو توهان جي خطي جي صوفي ڪلچر کي چوغو پارائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ڏسجن ٿا، اڄ به هو توهان جي سنڌي اقليتن کي هيسائي لڏائڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن. هي خبردار ٿيڻ جو، هوشيار باش ٿيڻ جو وقت آهي. مذهبي انتهاپسندي جي بنياد کي هتي ڪيتري جاءِ ڏجي، اهو فيصلو اسان کي ڪرڻو ئي پوندو، ان ڪري اهو سوال سنڌ جي حقيقي ترقي پسندن، قومپرستن توڙي جمهوريت پرست ڌرين کي پنهنجي سياست ۾ ضرور رکڻ کپي ته ان وڌندڙ انتهاپسندي جي نيٽ ورڪ ۾ وچڙندڙ سنڌ کي ڪيئن بچائجي ۽ نيٺ ڪهڙي حڪمت عملي رکڻ کپي ته جيئن پنجاب ۾ طالبان جي حمايت جو ڪلچر سنڌ جي سياست تي ۽ سماجي فڪر تي حاوي ٿيڻ کان بچائجي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  17. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ارڙهين ترميم: جمهوريت جي سوڀ




    ڇنڇر 3 اپريل 2010ع



    آئين جي بت تي رهجي ويل وردي وارن آمرن جي بدترين راتاهن جون رهڙون، داغ، نشان ۽ سياهي کي ڌوئڻ ۾ هو ڪنهن حد تائين ڪامياب ڏسجن ٿا. بيشڪ ته اڄ به مٿن ڪرپشن، اقرباپروري، عياشين جا ڪوڙا سچا داستان ساڻن منسوب ٿيل ڏسجن ٿا، پر هي سياستدان ئي آهن، جيڪي سٺ سالا تاريخ ۾ قوم کي اهو قانوني دستاويز عطا ڪن ٿا، جيڪو رياست ۽ شهري جي وچ ۾ هڪ گڏيل معاهدو حقن ۽ فرضن جي وچور سميت طئي ٿئي ٿو. ”رياست، ڪنهن لکيل معاهدي نه پر طاقت جي زور تي ۽ ڪاٺي جي لٺ تي هلڻ گهرجي“. هي اڌ پڙهيل/اڌ کريل، گنجا گرا سياستدان جهنگ جي ان قانون، ڏاڍ جي ان منطق کي مڪمل رد ڪندي جڏهن ڪنهن دستاويز تي صحيح ڪرڻ لاءِ هڪ ٿي بيهن ٿا ته اهو اهڙين رياستن ۾ ”انقلاب“ ڀلي نه ليکجي، پر حقيقت ۾ هڪ معجزي کان گهٽ نه آهي. جن رياستن ۾ طاقت جا حقيقي سرچشما ڪلهن تي لڳل ”ڦول“ هجن ۽ جتي فرد رياست جو شهري نه پر subject ٿي استعمال ٿئي.

    هي جو پنهنجا سياستدان ان ويل جڏهن هو ان مسودي تي صحيح ڪن ٿا، کڻي ڇا به هجن، نظرياتي، ذهني، فڪري ۽ مذهبي يا اخلاقي طور تي هو ڪٿي به، ڪهڙي درجي تي به بيٺل هجن، ان وقت هو شطرنج جي انهن سڀني کلاڙين کان گهڻا معتبر نظر اچن ٿا، جيڪي power game ۾ ڪمزور لمحن، جي تلاش ۽ پيداگيري ۾ ڪنهن آمر جي روپ ۾ راهزني ڪن ٿا. آمرن جي راهزني هن ديش جي گهڻي ئي راهه کوٽي ڪئي آهي. آمرن فقط آئين جي دستاويز ئي نه پر ملڪ جي هر راهه تي گهڻيون ئي رهنڊون نشان طور ڇڏيون آهن. راهزنن فقط عوامي راڄ جي رستا روڪ نه ڪئي آهي، هنن هن ديش کي هر خوشخبري جو قبرستان بنائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هنن آمرن، هن ديش سان، هن رياست سان جيڪو سلوڪ ڪيو آهي، اهو فقط فاتح پنهنجي مفتوح سرزمين سان ڪندا آهن. راهزنن جي سرڪش گهوڙن هن ديش جي انچ انچ جي پائمالي کانپوءِ به پنهنجا هر اداري ۾ ايترا ته گهرا ۽ چٽا نقش پا ۽ پنهنجا ناجائز اولاد ڇڏيا آهن، جو اڃا به سندن ”هئڻ“ جو ”گمان“ باقي آهي.

    سٺو يا خراب، ننڍن صوبن لاءِ زهر قاتل يا جمهوري ادارن لاءِ امرت... اهو ته بحث اڃان باقي آهي، پر هيءُ جو مرحلو پار ٿيو آهي، باوجود مخالف ڌر ۾ ويٺل پارٽي جي گوٿناٿين جي باوجود اسٽريٽ پاور جي پريشر تي، باوجود اڻ ڏٺل طاقتن جي اڻ ڏٺل دٻاءُ جي هيءُ مرحلو...جيئن به پاس ٿي پنهنجي ذميواري بخوبي نڀائي پڄاڻي تي پهتو ته ڏاها، سياڻا، گنجا، گرا، اڇا/ڪارا، پڙهيل/اڻ پڙهيل سڀ ڌريون ڄڻڪ سرخرو ٿيون... باقي چوڌري شجاعت چواڻي جيڪا ”ڄنڊ پٽائي“ اسيمبلي/سينيٽ ۾ ٿيڻي آهي، ڪير ڪنهن جي ٻولي ڳالهائيندو؟ ڪير ڪنهن جي ايجنڊا جو محافظ ٿيندو؟ اهو پردو کڄڻ اڃا باقي آهي. پر پارليامينٽ جي ان سرخرائپ تي کين داد نه ڏجي ته زيادتي هوندي.

    هن ملڪ سان آمرن/فوجي وردين جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان کي undo ڪرڻ، ان کي ٻيهر واپس ساڳي حالت ۾ موٽائڻ هاڻ شايد اڻ ٿيڻي هجي، پر ڇا اهو به ساراهه جوڳو نه آهي، جيڪا هيءَ پارليامينٽ ٻن سالن ۾ ئي ٻن آمرن کان، ٻن قابض فوجي سربراهن کان صدر هئڻ وارو رتبو واپس وٺڻ جي جرئت جو اظهار ڪري. نه وساريو ته هي ساڳيو ئي ملڪ آهي، جڏهن ملڪ جا ٻه ٽڪر ڪندڙ آمر مرن ته کين فوجي اعزازن سان دفنايو وڃي ۽ جي ويڙهه هلندي پنهنجو مٿو مخالف ملڪ جي جنرل جي قدمن ۾ ڦٽو ڪري شڪست جو شرمناڪ سودو ڪن ته کين واپسي تي فوجي اعزازن سان نوازيو ويو هجي ۽ اختيارن ۽ طاقت جي مرڪز کان وانجهيل ايوان ۾ عوامي نمائندا جڏهن عوامي راڄ تي قبضو ڪندڙ، ملڪ جي هڪ هڪ اداري ۽ گهٽي گهٽي جي پائمالي ڪندڙ آمرن کان صدر جا خطاب، واپس وٺڻ جو مطالبو به يڪراءِ سان دهرائين ته، محترمه جي لفظن تي سچ پچ ايمان اچي ٿو وڃي ته واقعي ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“. اها جمهوريت، اها پارليامينٽ آهي، اها عوام جي طاقت آهي، جيڪا ڪنهن آمر کان اعزاز ڇنڻ جي سگهه رکي ٿي، آمرن هٿان يرغمال ٿيل هن ديش ۾ اهو پهريون هوا جو جهوٽو آهي، يقينن بهار جي مند اڃا گهڻو پوئتي آهي، انهن گلابن لاءِ اڃا سچ پچ ته گهڻو رت جو ريج گهربل آهي.

    اهو جمهورت جو انتقام آهي ۽ پڪ ڄاڻو ته جمهوريت جي راهه ۾ راهزنن جي کوٽ اڃا آئي نه آهي، اڃا آمريتن جي هئڻ جا گمان باقي آهن. هي هن رياست جي تاريخ جو عجيب موڙ آهي، جنهن جي هڪ طرف آمريتن جي پاڇي ۾ ملا عمر جي افغانستان جهڙي رياست جو خاڪو آهي، ٻئي پاسي لولي لنگڙي امپريلزم جي بيساکين تي بيٺل جمهوريت واري پاڪستان جو خاڪو آهي. انهن ٻنهي رخن جي منهن منڍ کي سڃاڻجي ته ٻئي خاڪا بيشڪ ٻاهرين طاقتن تي آڌاريل... پر اها به حقيقت آهي ته ايمان جي سهاري تي بيٺل رياست هڪ اهڙي آمرانه معاشري جي تشڪيل ڪري ٿي، جتي نه اختلاف راءِ جي ڪا گنجائش آهي ۽ نه ئي ڪنهن ادارتي آئيني عدالتي ڍانچي جو ڪوئي وجود ممڪن آهي.

    پاڪستان جي تاريخ ان لحاظ کان يقينن هڪ عجيب رخ رکي ٿي ته هتي آمرن جي پيرن جي نشانن کي ڊاهڻ لاءِ به ٻن/ٽن ڏهاڪن کان مٿي مسلسل جدوجهد ۽ عرصو درڪار آهي، پر سياستدانن جي آئين جي پائمالي لاءِ رڳي ٽرپل وَن برگيڊ جي هڪ ڪلاڪ جي ايڪسر سائيز درڪار هوندي آهي، ٽيهتر جو آئين ستهتر ۾ جيئن ڪاغذ جي ٽڪڙي جيان ڌار ڌار ڪيو ويو، پوءِ هن ملڪ کي ڪا اهڙي قيادت نه ملي، نه ئي کين ڪا ايتري مهلت ملي ته اهي سياسي قائد جيڪي آمرن جي ڪک مان نڪري اهڙي جرئت جو ڪو اظهار ڪري سگهن ها.

    هي تاريخ جو ان حوالي سان اهم دور آهي، جڏهن رياست پاڪستان جا ٻه ادارا هڪ نئين تشڪيل جي مرحلن مان نڪتا آهن، هڪ ته يقينن اهو عوامي ايوان آهي، جيڪو جڏهن به وجود ۾ آيو آهي، هڪ ڊگهي ويڙهه ۽ طويل عوامي قربانين ۽ جلاوطنين جي ڪري بحال ٿيو ۽ نه رڳو اهو پر تاريخ ۾ ڪڏهن به ان پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪيو، هن ڀيري به اهو عوامي ايوان، رڳو عوام نه پر ملڪ جي عظيم تر قيادت جي پنهنجي خون جي اوساري سان بحال ٿي سگهيو. اهو عوامي ايوان، جنهن کي سوين سياسي ڪارڪنن جي رت جي دريا پار ڪرڻ کانپوءِ فقط ووٽ وسيلي بحال ڪرايو، رڳو ڪارڪن ئي نه پر ملڪ جي سڀ کان قدآور قيادت محترمه بينظير ڀٽو پڻ ان جي بحالي جي جنگ ۾ پنهنجي جان نثار ڪئي.

    ۽ ائين آهُن، دانهن ڳوڙهن ۽ رت جي دريا مان پار پئي اهو عوامي ايوان بحال ٿيو هو، ساڳي ته نه، پر پهريون دفعو اها ئي عوامي جدوجهد هڪ ٻي اداري جي بحالي جي به گڏوگڏ پئي هلي، اها هئي ملڪ جي اعليٰ عدليه، اها عدليه، جنهن جي دامن تي ملڪ جي آئين ساز قيادت جي خون جا چٽا واضح هئا، اها عدليه جيڪا ماضي ۾ آمرن جي جي حضوري ۾ رهي هئي، اها عدليه جيڪا ماضي ۾ ”نظريه ضرورت“ کي متعارف ڪرائي، آمرن جي راهه آسان ڪندي رهي، اها ساڳي عدليه به تاريخ جي هن عجب موڙ تي هڪ آمر کي حرف انڪار چئي، هڪ نئين راهه وٺي چڪي هئي، ۽ هاڻ رڳو سياست ۽ اقتدار نه پر عدليه جي آزادي جو سفر به ماڻهن کان/عوام کان قربانين جي گهر ڪري رهيو هو ۽ اهي به وقت جا تاريخ ساز لمحا هئا، جڏهن ”چيف تيري جانثار، بي شمار، بي شمار“ چئي، ماڻهو ديوانه وار اس تتي ۾ هن چيف جي گاڏي جي ڪڍ ٿي لڳا، ان راهه ۾ به گُل نه هئا، خودڪش بمبار، لٺبازيون، شيلنگون، ڪيميڪل گئس... ماڻهو/عوام بضد هئا ته ”عدليه ڪي آزادي تڪ جنگ رهي گي جنگ رهي گي“ ان جنگ جي دوران، ڇا ڇا ٿيو، ڊگهي داستان کي نه دهرائبو پر اها حقيقت آهي ته ان آزادي پويان عوامي حمايت رت جون قربانيون ۽ ٻيون گهڻيون حقيقتون شامل حال رهيون.

    عدليه ۽ پارليامينٽ ٻئي ادارا جيئن ته عوامي قربانين تي بيٺل هئا، ان ڪري عوامي توقعات جي سطح به ايتري بلند ترين هئي جو لڳ ڀڳ ٻنهي جو ان تي پورو لهڻ ممڪن نه هو. طاقت جي ۽ اختيارن جي ونڊ ورڇ وارو سوال اڃا به حل ٿيڻ باقي آهي، ان باوجود، ٻنهي ادارن تي عوام جو دٻاءُ هو، جيتوڻيڪ پارليامينٽ تي گهڻ رخو دٻاءُ هو، پر حقيقت اها آهي ته ٻلي پير هلندي هلندي، هڪ وک اڳتي، ٻه وکون پوئتي، پارليامينٽ عوام جي اعتماد جي بحالي جو سفر طئي ڪندي رهي، ان سموري عرصي ۾ ڪيترا ۽ خودساخته، hand made بحران پيدا ٿيا، ڪيترائي ٻاهريان هٿ، اڻ ڏٺل طاقتن جا پاڇا اڳيان پويان ضرور نظر آيا، پر حقيقت آهي ته پارليامينٽ جي آئيني ڪاميٽي جي ارڙهين ترميم جي مسودي بهرحال عوام جي اعتماد کي بحال ڪيو ۽ ٻئي پاسي اها عدليه هئي، جيڪا پڻ عوام جي قربانين جي نتيجي ۾ بحال ٿي هئي، پر بحالي جي پهرين ڏينهن کان وٺي اڄوڪي ڪارروائي کي ڏسبو ته ائين محسوس ٿئي ٿو اها اڄ به پنهنجي اداري تي لڳل ماضي جا داغ هٽائڻ بجاءِ هڪ ئي نڪتي تي مرڪوز ٿيل آهي. ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته lower courts جي ڪرپشن، ڪيسن جي اڪلاءُ ۾ دير، عوام پاران عدالتي چڪرن ۾ جتيون گسائڻ، انصاف جي فراهمي ۾ غير ضروري سستي تي ڌيان ڏيئي عدالتن جي اميج جي درستگي تي خيال ڏين ها، ٻيو نه ته 73ع جي آئين جي خالق جي عدالتي قتل جو ڪيس اٿلائين ها. هو جي چاهين ها ته ضيا جي قبر تي به مقدمو هلائي، مشرف کي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سگهيا پئي، پر توقع جي عين ابتڙ ماضي جيان سندن نشانو به اها پارليامينٽ رهي، جيڪا سترهن ڪروڙ ماڻهن جي نمائندگي ڪري رهي آهي، اها پارليامينٽ جيڪا عوام آڏو اڄ به جوابده آهي. اهي رياستي ادارن جا رويا ۽ ريسپانس ٿين ٿا، جيڪي مستقبل جي سياسي شعور جي آبياري ڪن ٿا. ياد رکجي ته پارليامينٽ جو هي تاريخي دستاويز وري به اها ئي ساڳي پيپلز پارٽي جي قيادت ڏيئي رهي آهي، جنهن پيپلز پارٽي جي خالق، هن ملڪ کي آئين جو تحفو ڏنو ۽ عوامي سياست جا نوان رخ متعارف ڪرايا، اهو ڀٽو هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ پاران ڦاهي چاڙهيو ويو ۽ سندس ڌيءَ به پنڊي ۾ شهيد ڪئي ويئي، جنهن سندس ورثي کي سنڀاليو، اڄ وري اسٽيبلشمينٽ جو ناپسنديده شخص زرداري پنهنجي قيادت ۾ عوامي ايوان کي ارڙهين ترميم جي مسودي جو تحفو ڏئي رهيو آهي ۽ عجب نه کائجو ته سنڌ ۾ سندس سلامتي لاءِ دعائون گهريون وڃن ته هن ديش ۾ سويلين حڪمرانن کي عوام جي ويساهه جي بحالي جي قيمت پنهنجي جان سان چڪائڻ جي روايت اڃان ”امڪان“ ۽ ”گمان“ ۾ ساهه کڻي رهي آهي.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  18. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ميرو ماضي رکندڙن جو اجري آئندي ڏانهن سفر




    آچر 11 اپريل 2010ع



    ”هئه هئه منهنجي چولڙي، ڌوءِ نه ڌوٻي گهاٽ تي“. نڄاڻ اهي سٽون سرجڻ وقت اياز جي من ۾ ڇا سري رهيو هو، پر هن ننڍي کنڊ جي اتهاس ۾ هن ديس جي سياست جا ميرا لٽا نه ڄاڻ ڪيتري بار ڌوٻي گهاٽ تي، پٿرن تي سٽڪي سان نه رڳو ڌوتا ويا آهن، پر سڄي ديس ۾ انهن ڪهاڻين جو سرگس گهمايو ويو آهي، جيڪو سياست جي ميري پاڻي ۾ ڪنهن جا به لٽا سڪڻ نٿو ڏي، ها، اهي ديس جي سياستدانن جون ڪهاڻيون ۽ سندن ميرا ڪپڙا هئا، جن جو بار بار تماشو ٺهندو رهيو ۽ تماشبين اک ان ناٽڪ کان ڪڏهن نه ٿڪي. ميرن لٽن واري سياست تي بيشڪ ته ندامت، شرمندگي سڄي ديس ائين محسوس ڪئي، ڄڻ هوءَ جڏهن کين ووٽ ڏيئي اقتدار جي ڀلي گهوڙي واري سواري تي سوار ڪن ٿا، ڄڻ ته انهن جي ڏوهه جا شريڪ ٿين ٿا. اهو جنهن جي هٿ ۾ گهوڙي جي واڳ آهي، تاريخ ان گهوڙي بان جي گريبان ۾ هٿ ڪڏهن وجهندي، اهو شايد پاڻ ديس واسين لاءِ صدين جو سفر آهي، پر ان صدين جي سفر جي هو سياستدان پهرين ”وک“ طئي ڪن ٿا، مون الائي گهڻا ڀيرا لکيو آهي، الائي گهڻا ڀيرا ورجايو آهي، پر سچ به هيءَ هاڻوڪي پارليامينٽ، پاڪستان جي سڀني آئين ساز اسيمبلين کان وڌيڪ معتبر آهي، هن پارليامينٽ جبر سان ڇڪيل تاريخ جي لڪير نه پر خون سان آبياري ڪيل جمهوريت جي ان ننڍڙي ٻج مان هڪ نئين، تازي، نازڪ ۽ باريڪ سلي جيان ناتوان وجود وانگي ساهه کنيو آهي. بيشڪ ڪنهن به برگيڊ جو بار کڻڻ لاءِ اڃا انتهائي ڪمزور پر ميڊيا تي پنهنجي لوئجندڙ اها پارليامينٽ ڳالهائي ٿي، هي ميڊيامين، هي نڙي تي زور ڏيئي ڪاڪڙو ڪيرائيندڙ جڏهن سياستدانن جي وٺ ڪري کين ڪريل ظاهر ڪرڻ جي اسائنمينٽ کي بخوبي نڀائڻ واري اداڪاري ڪن ٿا، سچ پڇو ته هو ننهن کان چوٽي تائين ان ئي ”ڪرپشن“ جي گهوڙي تي سواري ڪن ٿا، هو ايڏائي بي لباس نظر اچن ٿا ۽ سندن ڪپڙن ته پري سڄي وجود مان رياڪاري جي جيڪا بدبو اٿندڙ آهي، ان رڳي تاريخ جي ڌوٻي گهاٽ کي ئي نه پر ڄڻ ته سڄي منظر کي آلوده ڪري ڇڏيو، هن حمام ۾ ڪير ننگو ناهي، پاور ڪاريڊورس ۾ ڪنهن جا ڪالر اڃا سفيد آهن، ڪير داغ کان بچيل آهي، ”داغ تو اچهي هوتي هين“. فقط سياستدانن جا داغ، جي نظر اچن ٿا ۽ ڌوپجي به سگهجن ٿا.

    هو جيڪي جمهوريت تي سدائين ڏند ڪرٽيندڙ ڳالهائين ٿا، پارليامينٽ سندن لاءِ ٺڳي جو ٺاهه ۽ ڪاغذ جو گهر آهي، انهن دانشورن کي آپي مان ٻاهر اچڻ ڏيو، تاريخ سڄي ازبر هوندي به هو عوامي تاريخ هٿان زير ٿين ۽ نيٺ زچ ٿين ٿا، کين دانشوري جو دڪان هلائڻ ڏيو، جو تاريخ جي موجوده دڪان تي سندن کوٽا سڪا ڪم جا نه رهيا آهن، کين زچ ٿيڻ ڏيو، کين جمهور سان ان ٿيندڙ مسخري ۾ ٺٺول جا ساٿاري ٿيڻ ڏيو، جن لاءِ عوام جا چونڊيل ايوان، عوام جي اٻوجهائپ جو نتيجو آهي. هو پنهنجي سوچ ۽ عوام ڏانهن سياسي رويي ۾، بيشڪ نه ڀلجو ته، پنهنجي بدتر آمرن جي سوچ ۽ مائينڊ سيٽ جي قريب قريب آهن.

    ”ڪمزور جمهوريت سان ئي طاقتور جمهوريت جو جنم ٿيندو“. هن ملڪ جي اڪثريتي عوام وانگر پنهنجو به ان ۾ ايمان آهي، طوفانن ۾ ڏيئي جي تقدير ۽ پنهنجي ديس جي جمهوريت جي مقدر ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي، پر تنهن هوندي به اهي سياستدان پنهنجون هٿ تريون لاٽ آڏو جهلي طوفانن جو رخ موڙڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تڏهن ڄڻ ته هو هر طاقتور اداري سان منهن مهاڏو اٽڪائين ٿا. هن ديس کي خوشخبريون ۽ خاص طور تي سياسي خوشخبريون، ڪي گهڻو راس نٿيون اچن. اها نيٺ به ڪهڙو ذائقو رکندي هوندي، جنهن جمهوريت ۾ سيخن جا در نٿا کلن، ڦاهي ۽ گولي سياستدانن جون ڳچيون، چمڻ کان باز ايندي هجي، اها نيٺ به ڪهڙي جمهوريت هوندي هن ديس ۾ جڏهن جنهن ۾ زنجير جي جهنڪار ۽ بوٽ جي ٿاپ جو پڙاءُ نه هوندو.

    پارليامينٽ جي سياست کان هي نيٺ به ڇرڪن ڇو ٿا؟ پنهنجا ڏند ڪرٽين ڇو ٿا؟؟ عوام پاران ووٽ وسيلي ”رد ڪد“ ٿيڻ کان هي نيٺ به ٽهن ڇو ٿا؟؟ شايد ان ڪري جو جڏهن پارليامينٽ ۽ عوام جا ايوان ڳالهائين ٿا، تڏهن کين ”رد ڪد“ ڪرڻ لاءِ سواءِ آمراڻي طرز سوچ جي ٻيو ڪو رستو نٿو بچي.

    وقت گواهه آهي، هيءَ توهان جي تاريخ گواهه آهي ته اڄ تائين هن ملڪ ۾ جنهن بار بار پنهنجي درستگي ڪئي آهي، پنهنجي ميرن ڪپڙن جي نمائش ڪئي آهي ۽ جنهن بار بار پنهنجي ”ڪيتي“ کي بخشرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، سا توهان جي اها پارليامينٽ اٿوَ، ميرن ڪپڙن وارن، داغ لڳل سياستدانن جي پارليامينٽ اٿوَ، جنهن بار بار پنهنجا ”ڪيتا“ بخشرايا آهن، پنهنجا ميرا لٽا ڌوئڻ جي جرئت ڪئي آهي، بيشڪ ته هنن جا هٿ اڃا به ميرا آهن جو هنن تاريخ جي ڪٻاڙخاني ۾ موجود ٻين جي ڏوهن ۾ پنهنجا به هٿ وڌا.

    سونار بنگال جي رت سان ڇڪيل نئين سرحد يا انهن جي دلين کي ٻه اڌ ڪندڙن ۾ پوئين صف جا تماشبين به هي رهيا هوندا ۽ جڏهن بلوچستان جي پهاڙن تان دونهين جا بادل نظر آيا، تڏهن بارود کي تيلي ڏيڻ ۾ ٻه آڱريون هنن جون به شريڪ رهيون هجن، پر اها به پارليامينٽ (موجوده) هئي، جنهن پنهنجي نه ڪيل گناهن جي معافي طلبي. هو شريڪ هئا، پر اڄ ندامت ۽ شرمندگي سندن ڪنڌ جهڪائي ٿي ڇڏي، هو بلوچ باغي سردارن ڏانهن در در تي وڃي به معافيون طلبين ٿا.

    پارليامينٽ پنهنجا داغ ڌوئي ٿي، پارليامينٽ ”آمرن“ جي قبرن جي ڪتبن تان لڳل خطاب پٽي اڇلائي ٿي. هو ڪمزور آهن، مسئلن جي مذمت ڪن ٿا، هو آمرن کي شريف النفس ڪوٺڻ کان باز اچن ٿا، هو لڙکڙائيندڙ قدمن سان پنهنجي ڪجهه ارادن جي تڪميل ڪن ٿا. پنهنجي ادارتي وقار جي بحالي ڏانهن هڪ وک ته وڌائين ٿا، پر فضا ۾ صدا آهي، ڪا زنجير آهي، ڪو سيخن جو دروازو آهي، ڪا ڏينهن ڏٺي جي گولي ۽ ڪا آڌي رات جي ڦاهي آهي، جيڪا اڄ به هن ايوان جي ”امڪان“ ۾ زنده آهي. هو ايوان ۾ ان ”امڪان“ جي دڙڪي جي عملي صورت کان اڳ ٻاڦجي پون ٿا ۽ پاڻ ڏانهن اٿيل آڱر کي ياد دهاني ڪرائين ٿا ته هڪ آڱر جي ايوان ڏانهن آهي ته چار آڱريون ان اداري جون پنهنجو پاڻ ڏانهن آهن، جنهن جا پنهنجا لٽا تاريخ ۾ اڃا تائين ميرا پيل آهن، هوءُ سياستدان هاڻي باقاعدي نالو کڻي چون ٿا ته ايوان جي پائمالي ۾ اعليٰ عدالت هميشه آمرن جي ساٿاري رهي آهي ۽ کين آئيني طور عوامي ايوان ۽ اقتدار تي قبضا گيري جو نه رڳو آئيني تحفظ ڏيندي رهي آهي، پر ماضي ۾ اها عدالت هئي، جنهن سياستدانن جي سرڪوبي ۾ پيش پيش رهڻ ۾ اڄ تائين پشيماني جو اظهار نه ڪيو آهي. اعليٰ عدالت پنهنجي اختيارن جي استعمال لاءِ جا راهه چونڊي آهي، ان راهه ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي راهه کوٽي ٿيندي نظر اچي ٿي، ته اهو ٻيو ڪو به نه، پر اهو پنهنجو ايوان ئي اٿوَ. جڏهن ماضي کوٽجي ته تار تار ٿيل تاراج ٿيل ادارن تي سڀ کان اڳري اعليٰ عدالت ئي رهي آهي اها اعليٰ عدالت جيڪا اڪثر رات جي راتاهي جي ٿڃ شريڪ رهي آهي ۽ پنهنجي حدن جي تشريح ۾ جي ڪي تڪڙا قدم کڻي ته پوءِ ايوان ۾ اٿيل ان دانهن کي غير فطري نه سمجهجي، جڏهن سياستدان به صبر وڃائڻ لڳن ۽ پوءِ ادارن جو ٽڪراءُ يقيني ٿي پئي.

    جڏهن محترمه جي ورسي تي صدر دانهن ڪندي ”قلم جي مار“ جو ذڪر ڪيو هو ته پل هڪڙي ۾ ميڊيا چينلز تي اينڪرس تشنج ۾ وٺجي ويا هئا ته صدر خوف جو شڪار آهي، اڪيلائپ جو شڪار آهي. انهن ته سندس تمسخر به اڏايو پر اڄ ڪي مهينا گذرڻ کانپوءِ وري اها دانهن بلور به ورجائي ته ”هاڻي عدليه کي پارليامينٽ جي فيصلن تي ٺٺول ڪرڻ نه ڏينداسين ۽ جيڪڏهن عدليه پارليامينٽ جي فيصلن جو احترام نه ڪندي ته اسان تي به عدليه جي فيصلن جو احترام لازم نه رهندو“.

    بلور کان اڳ ۾ ڳڙهي خدا بخش ۾ پڻ هو ورجائي چڪا آهن ته هاڻ هو ڪنهن کي ڪوڙن ڪيسن جي حوالي سان محترمه بينظير ڀٽو جي قبر ڪشائي جي اجازت نٿا ڏيئي سگهن، هو چئن شهيدن جي وارث نصرت ڀٽو جي نالي تي به ڪنهن کي آڱر کڻڻ جي اجازت نٿا ڏين، هاڻ عوامي شعور رات جي راتاهي ۾ ڪنهن به ٿڃ شريڪ اداري کي اهي اختيار نٿو ڏيئي سگهي ته اهي پنهنجي دامن جا داغ وساري ٻين جي آستين جي مَر جانچيندا وتن.

    عدالت جي ان رويي کي ڏسجي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪيس جو ذڪر ڪجي. ذوالفقار ڀٽو پنهنجي ڪيس جي دفاع ۾ چوي ٿو.

    ”مون کي خوشي آهي ته اڄ آئون ٻيهر ماڻهن جي وچ ۾ ڏسان ٿو، آئون هتي پنهنجي جسماني اذيتن جو ڪو به ذڪر ڪرڻ نٿو چاهيان، پر ڪال ڪوٺڙي ۾ پنهنجي ڦاسي جو انتظار ڪندي، اتان پنهنجي عوام ۽ پاڪستان جو جيڪو مستقبل ڏسي رهيو آهيان، اهو اوهان آڏو پيش ڪرڻ ٿو چاهيان. مون کي انهن جو به پتو آهي، جيڪي منهنجي خلاف ڪيس جلد کان جلد ختم ڪرڻ گهرن ٿا، هڪ اخبار جي رپورٽ ابتڙ آئون ڪنهن به اداري کي اسڪينڊلائيز ڪرڻ نٿو چاهيان، هتي ڪهڙو ادارو بچيو آهي، جنهن کي اسڪينڊلائيز ڪري سگهجي ٿو“.اڳتي چوي ٿو: ”منهنجي دل ۾ عدالتن لاءِ احترام موجود آهي“.”لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان اهو سوال به اڀري ٿو ته ”منهنجو مزاج، منهنجو ڪردار ۽ مون ۾ بيعزتي برداشت ڪرڻ جي ڪيتري همت آهي؟ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ بنا سبب جي منهنجي بي عزتي ڪئي ويئي.آئون هڪ روشن خيال، باشعور ۽ اعليٰ تعليم يافته شخص آهيان ۽ مون ڪنهن جي به بي عزتي نه ڪئي آهي، ان ڪري رياستي وڪيل کي منهنجي بيعزتي نه ڪرڻ گهرجي“.

    ان ڪيس ۾ بار بار ڀٽو صاحب عدالت پاران ٿيندڙ توهين، عزت نفس جي مجروح ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو. سياستدان جي اهڙي ڪردار آڏو عدليه جي اختيار جو سوال هيچ آهي، ڇاڪاڻ ته سياستدان ”ڀٽو“ عدالت کي اخلاقي طور تي اهو باور ڪرائي چڪو هو ته هو بيڏوهي کي ڦاهي چاڙهيندا، پر عدالت پنهنجي اختيار جي سرڪش گهوڙي تي سوار هئي. ڀٽي کين پنهنجي دليلن سان بنهه ناڪ آئوٽ ڪيو هو. هو جڏهن پنهنجي اختيارن جي استعمال ۾ به دليلن هٿان مار کائي ناڪ آئوٽ ٿين ٿا،تڏهن هو پنهنجي مد مقابل کي پنهنجي راهه تان ائين هٽائيندا آهن، جيئن انهن ڀٽو ڦاهي چاڙهيو، جيئن انهن درويش صفت بينظير ڪٺي، اڄ سياستدان جڏهن اسيمبلي ۾ ارڙهين ترميم تي ڳالهائيندي عدليه جو ماضي کولين ٿا، تڏهن ڄڻ ته اهي عوام جي دلين تي موجود ڦٽ ڪڙين جا سيبا اڊڙين ٿا، هي اسيمبلي ڪمزور آهي، اڃا پنهنجي پيرن تي بيٺل به ناهي، پر اها تاريخ جي ان بڇ کي سمجهي، جيڪا ڀٽي جي خون ۾ هٿ ڳاڙها ڪري ويٺي آهي. عدالت کان هڪ عوامي گهر اها به ٿيڻ کپي ته اها ڀٽي جي قتل جو ڪيس کولي، ڪرپشن جو قصو وسارڻ جوڳو ناهي ته قتل جي واردات کي ڪيئن ٿو وساري سگهجي.

    رڳي سئٽزر لينڊ بينڪن جا نه، شهيد ڀٽي جي قتل جو فائيل به کلڻ کپي. اڄ بهر صورت جيڪڏهن ڪو ادارو حقيقي طور تي عوامي نمائندگي جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته اهو سندن ئي چونڊيل ايوان آهي، اڄ ان ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ڳالهائجي رهيو آهي، اهو بيشڪ ته اداري جي مضبوطي جي علامت ته هرگز ناهي، پر ائين چئي سگهجي ٿو، ان اداري کي تذليل جي ان مرحلي تي پهچڻ کان بچائڻ گهرجي، جڏهن اهو ڪنهن ٻي اداري هٿان اسڪينڊلائيز ڪري ان جي وقعت ۽ وقار خاڪ ڪيو وڃي. ان ڪري هاڻ ڪاڪڙي ڦاڙ اينڪرس کي، ۽ منصفن بي لغام اختيارن تي ڪُڏندڙن کي به وقت ڏجي ته اهي هاڻ ڪنهن ”تاراج ڪرڻ“ ۽ ”ٽڪراءُ ۾ اچڻ“. واري اسائنمينٽ تي وقت کپائڻ بجاءِ پنهنجي پنهنجي ڦاٽل گريبانن جي رفوگري ڪن ۽ جي ممڪن هجي ته تاريخ ۾ لوئي لوئي، ميرا ڪيل پنهنجا لٽا، خون جي ڇنڊن وارو لباس پاڻ ئي ڌوئي عوام کان سندن امانت اقتدار ۾ خيانت ڪرڻ ۽ سندن سياسي رهبر جي قتل جي معافي نامي جو متن تيار ڪن.

    amarsindhu@yahoo.com
     
  19. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    گڏيل قومن جي رپورٽ کان پوءِ ”ڊو مور“ جي مطالبن وارو مرحلو!




    جمع 23 اپريل 2010ع



    پنڊيءَ جي اسڪرپٽ ۾ يقينن هو ڪٿي به نه هو، نه ملڪ ۾، نه پارٽي ۽ نه ئي عوام جي دلين ۾...ان ڪري سندن لاءِ ڏاڍو آسان هو ته لياقت باغ ۾ گهات هڻي هو جڏهن کيس هرڻيءَ جيان اڪيلو ڪري ماريندا، تڏهن رڳو ملڪ نه، پر اقتدار ۽ پيپلز پارٽي جي واڳ سندن مند پسند رانديڪن جي هٿ ۾ هوندي. اهي من پسند رانديڪا، جن جون چاٻيون ۽ چارج ڪرڻ واريون بيٽريون شايد اسٽيبلشمينٽ پنهنجي هٿ ۾ رکيون آهن. پنڊيءَ جي اسڪرپٽ ۾ هن راڻي جو مرڻ هو، جنهن جي مٿي تي ڪو تاج نه، پر سدائين ڪنڊن جو صليب رهيو. هوءَ ڪا غير معمولي نه، پر آخر ۾ وهمن کان بنهه آجي ٿي بس تقدير ۾ يقين رکڻ لڳي هئي. الائي ڇو آخر ۾ هن پنهنجي هر سياسي وک کي تقدير جو ليکو سمجهي ٿي قبول ڪيو. سياستدانن کي، راهبرن کي ايڏو Fatalist (تقدير ۾ يقين رکندڙ) هئڻ سونهين ڪو نه ٿو، پر هن جي Fatalist هئڻ هن مان خوف، وسوسا، انديشا ۽ وهم ڪڍي ڇڏيا هئا. سو الائي ڇو ايڏي بيخوفي ٿي پئي هئي، جو موت جو خوف به کيس ان وقت لياقت باغ واري جلسي کي منسوخ ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو، جڏهن ڳجهن ادارن جي سربراهه اچي کيس ٻڌايو ته، ”اڄ تنهنجو نڪرڻ خطري کان خالي ناهي.“ اها ڌمڪي هئي يا اطلاع بينظير هنن تي ٺٺول ڪندي چيو ته ”جرنيل مون کي ڊيڄارڻ گهرن ٿا.“

    الائي ڇو جڏهن سندس خاندان جي، سندس ڪٽنب جي هر قتل جا پيرا جرنيلن ڏانهن ويندڙ هئا، تڏهن به هيءَ Fatalist عورت ڊني ڪا نه هئي، پنڊيءَ جي اسڪرپٽ جي پورائي لاءِ خطاب لاءِ نڪتي هئي. هن پنهنجي خطاب ۾ ڪي گهڻيون غير معمولي ڳالهيون به نه ڪيون، هن ساروڻيون ساريون، پنهنجي پيءُ جي تخت گاهه جون، ۽ پوءِ ان جي ئي قتل گاهه جون....۽ ٺيڪ ڪي قدم اڳتي پوئتي...اهو ئي پنڊي هو، جيڪو سندس قتل گاهه بڻيو. ائين پلان طئي هو ته،

    . بيڪ اپ گاڏي کي توقير ضياءُ جي گهر پڄائبو. توقير ضياءُ، جيڪو مشرف ٽولي جو دادلو ۽ ويجهو رهندڙ ۽ آخري ڏهاڙن ۾ پيپلز پارٽي جو پاڻمرادو همدرد ٿي ويهندڙ.

    . نواز شريف جي جلوس تي فائرنگ ڪرائي سيڪيورٽي کي اوڏانهن موڪلبو.

    . هوءَ جي بم ڌماڪي کانپوءِ به زنده بچي اسپتال پهچي ته ڪو سينيئر ڊاڪٽر نه هوندو.

    . سندس قتل گاهه ڌوئي، قتل جا نشان مٽائبا.

    . سندس پوسٽ مارٽم ٿيڻ نه ڏبو. سندس موبائيل فون کي آخر تائين Trace ٿيڻ به ڏبو.

    آخر ۾ سڀ پيرا اتي پڄائبا، جتي ڪنهن جو نانءُ کڻڻ سر جي سانگي لاهڻ برابر ٿيندو. اسڪرپٽ فول پروف هو، ڪٿي به ڪو جهول، ڪا گنجائش نه هئي. هن خاتون اڳواڻ جي قتل جو منصوبو ائين هو جو جي هوءَ راهه ويندي ڪسجي وڃي ته ڪنهن غريب جي رڍ جي چوري جيتري دانهن ڪوڪ به ممڪن نه رهي. جنرل مشرف يڪدم ئي سندس موت جي ذميواري بيت الله محسود جي ڪلهن تي اڇلائي. ياد رکو، اهو صدر پاڪستان جو بينظير جي قتل کانپوءِ پهريون خطاب هو ۽ هن ان جي ذميواري القائده ڏانهن شفٽ ڪئي. بينظير جو قتل يقينن پاڪستان جي تاريخ جو ئي سانحو نه هو، پر پوري دنيا ۾ سندس لاءِ ڏک ۽ صدمي جي لهر اٿي پئي هئي. ڊائنا کانپوءِ اهو ٻيو موت هو، جنهن جا سڏڪا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ٻڌا ويا. فرانسيسي وزير خارجه صدر پاڪستان کي بينظير قتل ڪيس ۾ تفتيش جي پيشڪش ڪئي، پر اها قبول نه ڪئي ويئي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي محدود مينڊيٽ ڏيئي هڪ تفتيش ڪرائي وئي. ان وقت چيمه جي پريس ڪانفرنس هئي يا ٺٺول، جنهن ۾ هن هڪ ڪيسٽ ٻڌرائي ثابت ٿي ڪيو ته بيت الله محسود بينظير جي قتل بابت ڳالهائي ٿو. اهو ئي چيمه هو، مشرف جي اقتداري ٽولي جي key آفيسرن ۾. چيمه ثابت پي ڪيو ته بينظير گاڏي جي ليور لڳڻ سان قتل ٿي آهي. يعني سندس قتل ڪو رٿيل منصوبي جو نتيجو نه، پر سندس اتفاقيه غلطي جو نتيجو هو. هنن اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ٿي چاهي. ڊرامي جي اسڪرپٽ ۾ قتل جي رٿا ۾ بيت الله محسود جو نالو ان ڪري کنيو ويو، ڇو جو کين پتو هو ته دنيا جي شايد ان تائين رسائي ممڪن نه ٿئي. ٻئي پاسي طئي ٿيل اسڪرپٽ مطابق اهو به لازم هو ته اهو شخص جيڪو نه پارٽي ۾، نه ملڪ ۾، نه ئي قيادت ۾ آهي، ان لاءِ به سرٻاٽن ۾ ڳالهائجي.

    ائين ان ميڊيا، جيڪا سدائين ”پگهار“ تي رهي آهي، ان کي ٽن ڏينهن ۾ سڙي رک ٿي ويل منظرنامي کي اکين سان ڏسڻو پيو هو، رياست جي هر اداري کي تيلي ڏنل هئي. جنهن ڏينهن چڪلالا ايئربيس تان ساڳيو C-31 هڪ ٻئي ڀٽي جو مڙهه کڻي ڳڙهي خدا بخش پرواز ڪئي ته سنڌ ۾ هڪ عجيب ردِ عمل هو. ”نه کپي“ جي نعرن ۾ هن ٻئي ڀٽو جي رت ۾ رڱيل جسم جي تدفين ٿي هئي. ان وقت پاڪستان کي سنڀالڻ ڏکيو هو، پر اهو شخص جيڪو اسڪرپٽ ۾ ڪٿي هو، ان کي ”کلونا“ قيادت تي ترجيح ڏيڻي پئجي ويئي. ننڍي کنڊ ۾ جمهوريتون به شهنشاهيت جو مزاج رکنديون آهن. اندرا کانپوءِ ۽ گانڌي خاندان جي ٽيڪ ڪانگريس لاءِ ائين ضروري سمجهي ويئي، جو سياست سان نفرت ڪندڙ سونيا کي پاڻ ڪانگريس جي قيادت سنڀالڻي پئجي ويئي. اها سونيا، جنهن کي آخر تائين راجيو گانڌي جو سياست ۾ اچڻ نه وڻيو هو. ائين ڀٽو خاندان ۾ ڪو ڀٽو نه رهيو ته، ان شخص کي قيادت سنڀالڻي پئجي ويئي، جنهن جو پبلڪ پاپولرٽي جو ٽريڪ رڪارڊ ڪو گهڻو شاندار به نه هو. بينظير جي ٽيجهي تائين اڃا لڳل باهه اجهامي نه هئي، دونهين جي لاٽ اڃان آسمانن ڏانهن پرواز ۾ هئي ته پتو پيو ته، ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“، ۽ اهو مطالبو ٿيو ته محترمه جي قتل جي تفتيش اقوامِ متحده کان ڪرائي وڃي. سندس قتل کي رفيق حريري جي قتل سان ته ڀيٽو ئي ويو، پر ان عزم جو ورجاءُ ٿيو ته پارٽي جي حڪومت آئي ته اها تفتيش ٻاهران ٿيندي. ان وقت کان قتل ڪيس لاءِ جلد ئي اهي سرٻاٽ بادشاهه جي گهوڙي سوارن کان عام ٿيندا ميڊيا تائين پڳا ته ”قاتل دراصل ٻيو ڪير به نه، اهو ئي آهي، جيڪو سندس پارٽي جي قيادت تي ويٺل آهي.“ نه سڙڪ ڌوئڻ جو سوال ٿي اٿيو؟ نه پريڊ ۾ آيل برگيڊ جو ڪو سوال ٿي اٿيو. پنهنجن پروان کي لائين تي لڳايو ويو ته، ڪرپشن بازار ۾ هن اڪيلي جو نالو اڇليو. ڪنهن جا هٿ صاف هئا؟ سئو ڪوتاهيون، پنجاهه خاميون، پر توهان هن اسٽيبلشمينٽ جي بيرحميءَ جو اندازو ته لڳايو، جو مقتول جي وارثن کي پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻي پئجي وڃي. توهان مان ڪير Face book تي اپ لوڊ ڪيل جنرل مشرف جي 2009ع واري نيو يارڪ واري ڪلپ ڏسي ۽ انصاف ڪيو جڏهن پاڪستاني صحافين سندس گهيرو ڪندي کيس سوڙهيو ڪيو هو. کائنس پڇيو ٿي ويو ته ”ماڊل ڊڪٽيٽر جي سڃاڻپ سان مٿس بگٽي ۽ محترمه جي قتل جو الزام آهي، ان کي هو ڪيئن ٿو ڏسي؟“ ته ان خراب منهن ڪندي چيو هو ته ”اهڙي سوال جو جواب ڏيڻ مان پنهنجي توهين ٿو سمجهان.“

    هو، جنهن جي ڪريڊٽ تي قتل جون ايف آءِ آرون به ڪاٽيون وڃن ته به اهو پنهنجي پاڻ کي مهذب ثابت ڪرڻ لاءِ ان کي توهين سمجهي ٿو ۽ ٻئي پاسي گوئبلز جا پوئلڳ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ٿا رهن ته دراصل توهان جا سويلين قائد، پاور لاءِ ايترا ته آتا آهن، جو اهي پنهنجي گهر ڀاتين جا به قاتل ٿي بيهن ٿا. هوڏانهن هو بنگالين جو جرم ثابت هوندي به، بگٽي جو قتل ثابت هوندي به مهذب سڏائين ٿا.

    پيپلز پارٽي جي حڪومت پنهنجي سمورين خامين، ڪوتاهين سميت ڪڏهن به، ڪٿي به هڪ لمحي لاءِ به اسٽيبلشمينٽ سان لڙائي ۾ ٿڪ ڀڃي سک جو ساهه نه کنيو آهي. ”قاتل قاتل“ جا الزام جهڪا ٿيا ته پيپلز پارٽي عدليه جي چڪر ۾ آئي، ۽ جي عدليه کان بچي نڪتي ته ڪيري لوگر بل ۾ بڪ ٿي هئي. هڪ قدم اڳتي ۽ سئو قدم پوئتي سان هنن سفر ٿي ڪيو. ميڊيا به هنن سان جنگ ۾ مشغول هئي. نشانو فقط هڪ شخص جي قيادت هئي. ”عجب کرپشن کي غضب کهاني“ هئي، جنهن دماغ چٽي سُن ڪيا هئا ۽ هوڏانهن وٺ وٺان اها به هئي ته، ٽڪراءَ ۾ آڻي کين هٿ کڻائجي. کين هٿ کڻائجي ته محترمه جي قتل جي ڪارروائي UN کان واپس ڪرائجي. ياد ڪريو ته ان ڪميشن تي پنهنجا پراوا سڀ نيزا اڀا ڪيو بيٺا هئا ته، پئسا ضايع ٿيندا، وقت ضايع ٿيندو. اهو به چيو ويو ته UN جاچ بهاني حساس هٿيارن تائين پڄندا، هاڻ فوجين کان سوال ڪري خفيه دستاويزن تائين پڄندا، جنهن سان ملڪي سلامتي کي خطرو آهي. اعتزاز احسن، ناهيد خان، صفدر عباسي، چوڌري شجاعت، مشاهد حسين، نواز شريف ۽ ڪيترائي ٻيا ان ٻيڙي جا سوار هئا ته UN جاچ نه ٿئي. ڪنهن جا نالا کڻجن، ڪير هو جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي ان پروپيگنڊا وار جي گهيري ۾ نه آيو هو. پر UN رپورٽ پيپلز پارٽي قيادت جي پهرين ۽ آخري ترجيح رهي. قاتلن کي هنن هٿان وائکو ڪرائڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه هو ته انهن ڳجهن ادارن جي ڳجهن منصوبن کي بي نقاب ڪجي ها.

    ڀٽي جو قتل پيپلز پارٽي قيادت کي ساريو پيو هو، ٻه دفعا پيپلز پارٽي کي حڪومت ملي، پر اڄ تائين ڪير ڄاڻي سگهيو ته ڀٽي کي جرنيل چشتي سادي پني تي دستخط ڪرائڻ لاءِ ٿڏن سان تشدد ڪندي ماريو هو يا هو ڦاهي چاڙهيو ويو؟ سترهن ڏينهن جي بک هڙتال تي ويٺل قيديءَ جو جسم ڦاهي جي وقت اسٽريچر تي کڻي ڦاهي گهاٽ تي آندو ويو هو يا هو گهلي کنيو ويو هو؟ اهو جنرل چشتي اڄ به حيات آهي، ڪرنل رفيع اڄ به حيات آهي، پر ڀٽي جو موت ڏندڪٿا ٿي ويو. هن جو قتل، پاڪستان جي عدالتي ڪارروائي ۾ قتل جي قيدي کي ڦاهي جيان درج آهي. ڀٽي جو قاتل به ڇا اڪيلو ضيا هو، يا سندس اقتدار جي شريڪ برگيڊ ۽ سندس ٻڌي ٻانهي ٿي بيٺل عدالت به هئي؟ پيپلز پارٽي جي غير مقبول قيادت کي پتو هو ته هي بينظير جو قتل به سڄي برگيڊ، سڀني اقتداري ساٿارين کي ڦٻجي ويندو. ان ڪري اها قيادت، جنهن جي باڊي لينگويج کان وٺي اسپيچ جي هر ڪاما، فل اسٽاپ لاءِ ڏهه ڏهه ماهر راءِ ڏيڻ وارا اسان جي ميڊيا مينيجرس وٽ موجود هجن، اتي اقوامِ متحده جي ڪميشن جي ون پوائنٽ ايجنڊا کي ٻن سالن تائين fallow ڪري دڳ تائين پهچائڻ ۾ کيس مبارڪ ڏيڻ ۾ ڀلي پگهار هلال ڪندڙ ميڊيا مينيجرس ڪنجوسي ڪن، پر اها قيادت تاريخ ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ سميت ان ڪيس وسيلي قاتلن جي ان چهري کي وائکو ڪرڻ ٿي گهريو، جن وردي جي آڙ وٺي قاتلن جو هڪ اهڙو ٽولو پيدا ڪيو، جنهن اقتدار جي هٻڇ ۾ راهه ۾ ايندڙ، راهه کوٽي ڪندڙ سياستدان جي ڪنڌ جي ماپ پئي ورتي، يا کين گهيري ۾ آڻي گولي جو کاڄ ٿي بڻايو. وردي پاتل آمرن مان کڻي ايوب خان کي بري ڪري به ڇڏيون، پر يحيٰ، ضيا ۽ مشرف تائين ڪير بچيل هو، جنهن پنهنجي وردي کي خون جا ڇنڊا نه هنيا. هو جڏهن به دنيا ۾ مهذب لباس ۾ سامهون ٿي آيا، تڏهن هنن وڏي آساني سان خون ۾ ڀڳل وردي ڍڪي دنيا کي فريب ڏنو. اها پيپلز پارٽي جي قيادت جس لهي، جيڪا ٻن سالن ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ مامري تي صفا پير کوڙي پڙ ڪڍي بيٺل رهي ته اهو UN ڪميشن جو مامرو هو. ڪير نٿو ڄاڻي ته قاتل بي نقاب ڪرڻ وارو اهو سودو قيادت لاءِ ائين آسان بنهه نه هو. قاتل کي بي نقاب ڪرڻ جي معنيٰ اها به هئي ته پنهنجي ڳچيءَ جي ماپ ڏيئي ڇڏجي. قاتل جي مڪروهه ٽولي کي دنيا آڏو اگهاڙو ڪرڻ جو مطلب اهو به هو ته اقتدار جي هندوري تان هٿ کڻي ڇڏجن.

    اهو شخص، جيڪو ڀل ته ڪيڏو به غير مقبول هو، ڀل ته ميڊيا جو آسان نشانو هو، ڀل ته خطا ڪار هو، ڀل ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه جوٽڻ جي جرئت جو جرم ڪندڙ هو، پر پهرين ڏينهن کان هو ثابت قدم رهيو ته قاتل بي نقاب ڪبا. قاتلن جا پيرا واءَ سان لٽجڻ نه ڏبا، ۽ اڄ هن ثابت قدمي سان اڌ جنگ، اڌ پنڌ پورو ڪيو آهي. ميڊيا ۾ موجود پگهاردار سندس ساک تي ڪيتريون به آڱريون کڻن، پر شهيد بينظير جي خاڪ سان سندس واعدي وفائي جو هيءَ مرحلو پورو ٿيو. اسان جي ميڊيا ۾ نالن جي کڄڻ تي بحث هلن ٿا، پر اسان هاڻي هڪ مرحلو اڃا پار ٿيندي ڏسڻ چاهيون ٿا. ان کي لٻاڙ يا ڊاڙ سمجهڻ نه کپي ته هو ارڙهين ترميم کانپوءِ سگهارو ٿيو آهي، هاڻ سندس نئين سفر شروعات آهي. هيءَ نئين مرحلي جي ابتدا آهي، جنهن ۾ اڃا گهڻي تلخي اچڻي آهي، اڃا گهات هڻي ويٺلن جي ٽولي ۾ هٿ پوڻ جو مرحلو اچڻو آهي. دير يا سوير اسٽيبلشمينٽ کي عوام جي عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي پيش ڪرڻو پوندو، جو عوام جي محبوب اڳواڻن جي خون جي ڇنڊن جا نشان ان جي دامن تي واضح آهن. ان ڪري ممڪن آهي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ان سزا واري مرحلي ۽ گرفتارين جي مرحلي جي نتيجي ۾ ڪنهن متوقع ”بريڪنگ نيوز“ جي تياري مڪمل ڪري ورتي هجي، ۽ ممڪن آهي ته جيالن جي پارٽي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ”خون جي خراج“ جي مند اچڻ واري هجي. تقدير تي يقين رکندڙ اڳواڻ بينظير ڀٽو جي پوئلڳن ممڪن آهن ته آخري وصيتون به ٺهرايون هجن، پر اهو طئي آهي ته UN جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ سرفروش جيالا ۽ عوام پيپلز پارٽي جي قائد ۽ صدر پاڪستان کان اڃا Do more جو مطالبو نه رڳو ورجائيندو، پر ان کي دڳ تائين پهچائڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي جي آخري سودي واري حد تائين ويندو. ڏسجي ته هن مطالبي ۾ قاتلن کي بچائيندڙ ٽولن جي منصوبا بندي وڌيڪ پائيدوار ٿي ثابت ٿئي يا عوامي سگهه پنهنجو پاڻ مڃرائي ٿي؟

    amarsindhu@yahoo.com
     
  20. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: امر سنڌو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    هيءُ ڊرامو ڪيستائين رپيٽ ٿيندو رهندو؟




    اربع 12 مئي 2010ع



    خون ۾ ٻڏل ميتن جو بار ڪيڏو نه ڀاري ٿئي ٿو؟ ڪاش ڪو اهو سنڌ/ پاڪستان جي ان ڪروڙن جي انگ ۾ آيل عوام کان پڇي ها، جن ان ميت جو بار اڄ تائين پنهنجي ڪلهن تي نه، پر پنهنجي روح ۽ ضمير تائين سانڍي سنڀالي کنيو آهي، جيڪا سندن محبوب اڳواڻ جي هئي. هن جا چاهيندڙ اکين ۾ ڳوڙها نه، پر رت ڦڙا آڻين ٿا، جڏهن به جتي به سندس قتلِ بيگناهه جو ذڪر ڇڙي ٿو. سڀ چهرا، زهر چهرا لڳن ٿا، هوءَ قاتلن جي چهرن تان خون جا ڇنڊا ڌوئڻ جا جتن ڪن ٿا، قاتل شڪارين جي ٽولي ۾ جيڪا طاقت هٿ نٿي وجهڻ ڏي، سا طاقت ڪير ٿو چئي ته نقاب اوڍيل آهي؟ ڪير ٿو چئي ته ڪرمنل ڪارروائي ۾ سندن ڏوهه ثابت ڪونهي؟ ڪير ٿو چئي ته رت جا داغ سڙڪ تان ڌوئڻ وارا پنهنجي وردي ايتري آساني سان ڌوئي نٿا سگهن. اکيون، جيڪي محبوب اڳواڻ جي قتل تي رت رنيون...انهن اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ ايترو آسان ته نه رهيو هو، جڏهن يو اين رپورٽ پيرا کڻي توهان کي ان ڏاڍي مڙس جي در تائين پڄايو هو. ڏاڍي مڙس جي در تائين پير کڻي ايندڙ ٽيم جي تفتيش کي عالمي تاريخ جو حصو بنائڻ به ڪو ايترو آسان ته نه هو. ڪو حرج ڪونهي جيڪڏهن پيپلز پارٽي جي ڪو-چيئرمين جي پٺي ٺپرجي، کيس شاباس ڏجي...هن پنهنجي هٿان الزام لاهڻ لاءِ ايڏو ڪشٽ ڪيو يا حقيقي طور تي کيس قاتل کي سرِ راهه، سرِ بازار رڳو پنهنجي گهر، پنهنجي گهٽي، پنهنجي ملڪ نه، پر سڄي عالم ۾ بي نقاب ڪري بيهارڻو هو؟ ڪجهه به هجي، پر ان جو نقاب نه تو لاٿو، نه مون لاٿو...نه پيپلز پارٽي پنهنجو وير پاڙيو، بس اهو ليکو ان جڳ هٿان ٿيڻو هو، جنهن جڳ ۾ هنن مغل بادشاهن جي روايت پاڙيندي ليکو انهن جي مٿي تي هڻڻ پئي چاهيو، جيڪي مقتول جي تڏي وڇائڻ وارا به هئا، ته سندس ميت، ٻارن جا وارث به هئا.

    ساڳي جٺ انهن ان مقتول سان به ڪئي هئي...هوءَ پيرن ۽ مٿين اگهاڙي جنهن موڀي ڀاءُ جي ميت تي ڊوڙي ڀڳي هئي...ان جي ئي قاتل سڏي ويئي. قاتلن جي ٽولي جي سفاڪي جو اندازو ته لڳايو...شايد هڪ ئي گولي...شايد ان ساڳي ئي Mind set سان هنن هڪ هڪ ڪري نصرت ڀٽي جي ڪٽنب کي ڪٺو. شاهنواز ڀٽو جي قاتل سندس زال بڻي، مرتضيٰ ڀيڻ جي حڪومت دوران ماريو ويو، ۽ بينظير جي خون جا ڇنڊا به ان جي ئي وارثن تي وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. هالي ووڊ مووي ۾ به هي اسڪرپٽ مزي سان پهرين ئي شو ۾ فلاپ ثابت ٿئي ها...سينما تي ڊرامو ڏسڻ لاءِ ايندڙن کي به هن اسڪرپٽ جي گهٽيا پڻي تي اعتراض ٿئي ها...هوءَ ڪرسي سان ڪرسي وڄائين ها، پر اها پنهنجي بدقسمتي آهي، هيڻائپ آهي، بيوسي آهي، جو هن ٺٺول جهڙي ڊرامي کي گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان برداشت ڪرڻ تي مجبور آهيون. نصرت جو اهو سڄو ڪٽنب ماريو ويو، جنهن سياست جو بار کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هوءَ اڪيلي صنم لنڊن ۾ هيترن سالن کانپوءِ فقط تڏهن ڳالهائڻ تي مجبور ٿي آهي، جڏهن کيس پنهنجي ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي بچائڻا پيا آهن. هاڻ به جڏهن صنم پنهنجي ڀائٽي کي اوپن ليٽر لکيو ته ڄڻ پنهنجي پيءُ جي ڪفن کي ميرو ۽ داغدار ٿيڻ کان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

    قاتلن جي ٽولي نيٺ به اهو اسڪرپٽ بار بار ڇو ٿي دهرايو...شايد ان ڪري جو پهرين ڀٽي جو ”خون“ سندن وردين تي خون جا نشان چٽا ڪري ويو هو، ڀٽو جو خون ثابت هو. مشرف جي سياست ۾ واپسي، ملڪ ۾ واپسي جي اعلان تي ڪو اچرج ناهي...هن ملڪ جي روايت رهي آهي ته هزارين، ڪروڙين دلين جي ڌڙڪندڙ دل جهڙا اڳواڻ سدائين رياستي عدالتن ۾ قاتلن جي الزام سان مجرمن جي ڪٽهڙن ۾ بيهاريا ويا ۽ قاتلن جا ٽولا بلاشرڪت غيري هن ملڪ جا حاڪم حڪمران سڏيا ويا.

    هيءُ به ڄڻ پاڻ سان عجيب مذاق هو ته هو ”قاتل“ جي حيثيت ۾ ڦاهي چڙهندڙ پنهنجي قاتلن تي آڱر کڻي نشاندهي ڪري چڪو هو، اهو خون ته ملڪ جي پندرهن ڪروڙ عوام آڏو ٿيو...پر قاتل آخر تائين پنهنجي خون آلود وردي ڌوئي نه سگهيو...هو به بينظير جي قتل جيان ڪو قتل جو اڪيلو شريڪ، ڪو اڪيلو تن تنها اسٽوري ميڪر ته نه هيو، هن سان گڏ پورو ادارو مڪمل رضامندي سان وک وک تي شريڪ رهيو. هنن کيس سندس خوابگاهه مان آڌيءَ رات جو اٿارڻ وقت ئي برگيڊ پاڻ سان گڏ نه کنئي هئي، پر کيس خوابگاهه کان قتل گاهه تائين پڄائيندڙ...موت جي ڪال ڪوٺڙي ۾ قيدي جي حيثيت ۾ کيس ٿڏا هڻندڙ...کيس اسٽريچر تان گهلي ڦاسي گهاٽ تائين کڻندڙ سڀ ساڳي ٽولي جا هئا...ان وقت جي عدالت به وک وک تي سندن ساٿاري هئي. هو سڀ قتل جا شريڪ هئا، ان هڪ خونِ ناحق کي لڪائڻ لاءِ هنن سڄي ڪٽنب جو سر کنيو...هڪ، هڪ ڪري هنن ڳڙهي خدا بخش جو قبرستان آباد ڪيو. پر هوءَ کانئن وڌيڪ سياڻي هئي، کيس پنهنجي طاقت به ساريل هئي، عوام سندس بازوءِ قوت هو، ان بازوءِ قوت کي ايم آر ڊي ۾ هن ڪوئلن جيان پڄرندي به ڏٺو ته گولين ۽ ڦٽڪن سان ويڙهه کائيندي به ڏٺو. هٿيار سان نعري جي ويڙهه مهانگو سودو هئي، يوني پولر دنيا ۾ صرف هٿيار جي طاقت ئي قانوني هئي ۽ پنهنجا هٿياربند عالمي طاقت جا سدا جا ڊارلنگ رهيا آهن. اهي ضياءَ جيان شيرواني پائي واشنگٽن وڃن ته به رتبو ماڻين ته به آمنا صدقنا... اهڙي صورت ۾ تند ۽ تلوار جي ويڙهه خطرناڪ فيصلو هجي ها، نعري ۽ هٿيار جي ويڙهه ۾ پنهنجي هيڻائپ جي ڪٿ وڏي عقلمندي هئي...اها نئين رستي جي تلاش هئي، جنهن ۾ محترمه هٿان آمريت جي ان ”باقيات“ به سونا ٻلا پاتا...نه لڏي سگهندڙ پاور اسٽرڪچر کي هن جمهوريت، جمهوريت ۽ مسلسل جمهوريت وسيلي ٿورو لوڏڻ ٿي چاهيو، هن کي بنهه ڪيرائڻ هڪ انقلاب مثل هو. جڏهن هن وزير اعظم طور پهريون ڀيرو قسم کنيو، تڏهن اتي ”جيئي ڀٽو“ جي نعري جي گونج سان هيڊا ٿي ويل منهن ڏسي هن کان بي ساخته نڪتو هو ته ”ضيا ڪي باقيات“ ۽ اها باقيات ڪا ديڳ جي بچيل آخري کرڙ نه هئي، اها نه رڳو ملڪ جي ادارن اندر ويٺل هئي، پر اها ڏسندي ئي ڏسندي پيپلز پارٽي ۾ پڻ ”شريڪِ جمهوريت“ ٿي ويئي. پيپلز پارٽي ۾ وقتي چيئرپرسن وارو محترمه جو فيصلو، سندس قريبي ساٿي ٻڌائين ٿا ته اهو به ان ڪري هو ته ڪڏهن پارٽي جي ان ٽاپ پوزيشن تي به ”ضيا ڪي باقيات“ جو قبضو نه ٿي وڃي. ”ضيا ڪي باقيات“ واقعي ڪينسر جيان ملڪ جي هر اداري ۾ ڦهلجي چڪي هئي. خبر ناهي جڏهن صدر صاحب ارڙهين ترميم تي دستخط ڪري پنهنجا ايگزيڪيوٽو وارا پاور وزير اعظم کي منتقل پئي ڪيا ته گهڻن سرفروش جيالن کان رڙ نڪري ويئي ته ”جمهوريت“ جو اهو ئي شان آهي، پر حادثاتي طور تي وزير اعظم بڻجي ويٺل شخص جي شيرواني وارو دور گهڻن جيالن جي يادگيري تان لٿو نه هوندو. جوڻيجي جي ڪابينا ۾ ويٺل ان شخص جي سياست جو اصل اسڪوپ ۽ حقيقي سگهه ملتان جي ميئرشپ جيتري ئي مس هئي. شايد ان ڪري ئي عام ماڻهن جي خيال موجب پارٽي ۽ حڪومت نه، پر هن کي پنهنجي ڪرسي پڪي ڪرڻ آهي. جيتوڻيڪ هن فائول گهٽ کيڏيا آهن، اسپيڪرشپ کان جيل ۽ جيل کانپوءِ وزير اعظم جي ڪرسي تي پڄڻ تائين سچ ته هن شخص تمام گهٽ وڃايو هوندو...اها پيار علي الانا جي دوستي هئي، جيڪا کيس محترمه جي ويجهو وٺي آئي ۽ ان ۾ کيس پيپلز پارٽي جي پروگرام سان انسيت بجاءِ مسلم ليگ ۾ مناسب جاءِ نه ملڻ جو عذر وڌيڪ حاوي هو. هو جڏهن ستر ڪلفتن پهتو ته قومي اسيمبلي جي نشست تان استعيفيٰ سندس کيسي ۾ پيل هئي، جيڪا محترمه سندس ٽيسٽ ڪارڻ ورتي هئي. هن مطابق هن بينظير کي ان وقت به صاف صاف چيو هو ته دنيا ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، عزت ۽ احترام چاهڻ وارا، علم و فراست چاهڻ وارا ۽ دولت چاهڻ وارا ۽ هن بظاهر ڪم گو شخص پنهنجي پاڻ کي پهرين قسم جو ماڻهو قرار ڏنو هو. جيتوڻيڪ سندس خاندان پير پاڳاري معرفت وزيري، مشيري لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪندو رهيو...پر جوڻيجي جي ڪابينا جو صاحبِ خاص پيپلز پارٽي جو حصو بڻيو. هو بيشڪ پوءِ پنهنجي پيرن تي ڄميل بيٺو رهيو پر چوڌري نثار جو لنگوٽيو يار جڏهن نواز شريف جي امير المومنين بنجڻ واري مهم جوئي کان آگاهه ٿيو، تڏهن برمله چئي ويٺو ته ”جيڪڏهن سينيٽ تان پندرهين ترميم پاس ٿي وئي ته هن ملڪ ۾ آمريت قائم ٿيندي ۽ وزير اعظم امير المومنين بڻجي ويندو، ان ڪري مون کي نومبر ۾ ئي ان ٻن مان هڪ فيصلو ڪرڻو پوندو ته يا ته مان سياست کي خير آباد چوان يا پوءِ ميان صاحب سان شموليت اختيار ڪريان.“ ميان صاحب ته امير المومنين ٿيندي ٿيندي اٽڪ قلعي جو سرڪاري مهمان وڃي ٿيو ۽ سال ٻه ڪڍي هن به اڊيالا جيل وسائي ”جهڪيو ڪو نه، وڪيو ڪو نه...“ اها ادا هئي يا پير صاحب معرفت ”آل پاور فل“ سان ويجهڙائپ ڪڍڻ واري حڪمت عملي...ڪا خبر ناهي. هو وزير اعظم ٿيو، باوقار طريقي سان هن مشرف کان قسم ورتو، آهسته آهسته بظاهر نواز ليگ ۽ چوڌري صاحبان کي وڌيڪ ويجهو لڳندڙ چيف ايگزيڪيوٽو پاور ماڻڻ کانپوءِ ”آل مائٽي“ بڻيل وزير اعظم کي يو اين رپورٽ وري ان ٻه واٽي تي بيهاريو، جتي هن چيو هو ته کيس علم و فراست ۽ دولت بجاءِ عزت ۽ احترام کپي. فاروق لغاري پاور جي ڪهڙي انتها تي پهتو هو، پتو ناهي، پر جڏهن ڀيڻ ڀيڻ چوندي پنهنجي قائد جي پٺ ۾ ڇرو هنيو، تڏهن کان سندس عوامي حيثيت جيڪا رهي، سا اسان سڀني کي خبر آهي. لغارين جو کڻي سردار بڻيو هجي، پر گلاب پيتن جيان نگاهون وڇائيندڙ عوام سندس ٻيهر آجيان نه ڪئي.

    هينئر وزير اعظم به ساڳي ٻه واٽي تي بيٺل آهي، يو اين رپورٽ تي بينظير جي قاتلن جي ڳولا دوران سندس جوڙيل ٽيم پاران ڪجهه ذميوار ڪردار کي ڪليئر ڪري ڇڏڻ مان ڇا ٿو ثابت ٿئي؟ ڇا اڄ تائين ڪنهن قاتل بغير ڪنهن دٻاءَ جي حلفيه اقراري بيان ڏنو آهي، ڇا چئن پنن جو بيان وزير اعظم جي اختيار کان مٿانهون آهي؟

    ڪرمنل ڪارروائي ۽ Investigation لاءِ هاڻ ڪير به ڪاميٽين جون رپورٽون مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيندو. ڪير به هجي، پنهنجي ڪرسيءَ کي پڪو ڪرڻ لاءِ ڪير به کين ان شهيد جو خون لوڙهڻ جي اجازت ڪيئن ڏيئي سگهندو، جنهن جي ڪرسي تي هو ويٺل آهن. وزير اعظم پنهنجي قائد کي جيڪڏهن سچ چيو هو ته هو عزت پسند ڪندڙ ماڻهن منجهان آهي ته کيس بينظير جي قتل جي ذميوارن جو منظور نظر ٿيڻ بجاءِ ڪروڙين عوام جي دلين جي دانهن کي ورنائڻ گهرجي. بنا ڪنهن دير جي يو اين رپورٽ ۾ درج نالن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ کپي. تاريخ ۾ هو پنهنجي ڪهڙي سڃاڻپ امر رکڻ چاهي ٿو، اهو فيصلو کيس ئي ڪرڻو پوندو ته کيس پيپلز پارٽي جي وزير اعظم هئڻ باوجود ضيا جي باقيات سڏيو وڃي يا کيس انهن سرفروش جيالن ۾ سرفهرست بيهاريو وڃي، جيڪي هر صورت ۾ پنهنجي ”قيادت“ کي سرخرو ڪندي جان، مال ۽ ڪرسين کي گهٽ سمجهندا آيا آهن.

    amarsindhu@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو