دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح


    [​IMG]


    علي اڪبر مشوري

    اسان جي هن معاشري کي جيڪڏهن اسين مردن جو معاشرو چئون ته غلط نه ٿيندو ڇو ته هر طرف مرد حاوي آهن. جتي عورتن کي غلام سمجهيو وڃي ٿو. عورتن کي سواءِ ڏکن جي ڪجهه به نه مليو هجي اتي جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجي همت ۽ جستجو سان انهن مردن جي اک ۾ اک وجهي اڳيان وڌي اچي ته اها نه صرف عورتن لاءِ هڪ عظيم مثال ثابت ٿيندي آهي، پر مردن لاءِ به هڪ سبق هوندي آهي. اهڙي عظيم مثالن مان هڪ مثال عرفانه ملاح جو پڻ آهي.عرفانه ملاح دادو جي ننڍڙي ڳوٺ سيتا ۾ 27 آگسٽ تي هڪ پرائمري استاد جي گهر ۾ جنم ورتو. عرفانه ملاح پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ سيتا مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هن مئٽرڪ سيتا شهر مان ڪئي ۽ انٽر جي تعليم ميهڙ ڪاليج مان حاصل ڪئي. هن کي وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هو. پر هن جي والد صاحب هن جي تعليم تي اعتراض ڪيو. هن جي والد اهو شرط رکيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر ٿيڻ چاهين ته هو ان کي پڙهائيندو، پر افسوس ته قسمت هن جو ساٿ نه ڏنو ۽ عرفانه ملاح ميڊيڪل جي ٽيسٽ ۾ فيل ٿي پئي. هن جي والد هن تي پابندي لڳائي ڇڏي ته هو وڌيڪ نه پڙهندي صرف گهر جو ڪم ڪار ڪندي، پر هن جي پڙهڻ جو جوش ۽ جذبو ڏسي هن جي وڏي ڀاءُ ۽ امڙ هن جو ساٿ ڏنو، هن جي والد کي راضي ڪري ورتائون.

    هن کي بي ايس سي ڪرڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا وٺي ڏنائون، جنهن ۾ هن پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، ان کان پوءِ 1998ع ۾ ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ قائداعظم يونيورسٽي اسلام آباد وئي، جنهن ۾ هن پنهنجي پاڻ کي مڃرايو. ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي مان ايم فل ڪئي. هاڻ هيءَ سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڪري رهي آهي. سن 2004ع ۾ عرفانه ملاح کي سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمسٽري شعبي ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. عرفانه ملاح جو چوڻ آهي ته استادن کي صرف پڙهائڻ نه گهرجي، پر شاگردن جي همت افزائي به ڪرڻ گهرجي. يونيورسٽي جي زندگي ۾ هن عورتن جي جاکوڙ لاءِ قدم کنيا، جنهن ۾ حسينا ساند، پرهه بلوچ ۽ امر سنڌو هن جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو. عرفانه ملاح هيومن اسٽڊيز جي ڊگري پڻ حاصل ڪري چڪي آهي.

    عرفانه ملاح جو ادب سان گهڻو چاهه آهي، الطاف شيخ، امر جليل ۽ ٻين اديبن جا ڪتاب وڏي چاهه سان پڙهندي آهي. عرفانه ملاح روزاني ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکندي آهي.

    اڄ ڪلهه عرفانه ملاح ڪاوش جي اپٽار پروگرام ۾ ميزبان طور پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهي آهي. عرفانه ملاح کي پنهنجي والد جا اهي لفظ ياد آهن ته اسان جي معاشري کي اڏوهي بلڪل کائي چڪي آهي. ڳوٺن ۾ وڏيرا ۽ مرد عورتن کي ڪجهه به نٿا سمجهن، هو صرف عورتن کي پنهنجو غلام سمجهي رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ 48 سيڪڙو عورتون آهن ۽ 52 سيڪڙو مرد آهن. وڏيرا عورتن جي تعليم جي حق تي قابض آهن. اسان جي معاشري ۾ عورتن کي مردن جيترا حق نٿا ڏنا وڃن.*
    عرفانه ملاح جا ڪالم پڙهڻ لاء هيٺ ڪلڪ ڪريو

    عرفانه ملاح جا ڪالم نمبر 1
    عرفانه ملاح جا ڪالم نمبر2
    عرفانه ملاح جا ڪالم نمبر3
    عرفانه ملاح جا ڪجهه وڊيو پروگرام



    عرفانه ملاح جو پروگرام ٻاراڻو ادب۔۔۔ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو
    عرفانه ملاح جو پروگرام سنڌ ۾ پرائمري تعليم جي تباهي ۽ پرائمري استاد جو ڪردار ڏسن لاء هت ڪلڪ ڪريو
    عرفانه ملاح جو پروگرام پنهنجي ڌرتي سان عشق، محبت ،جذبات ۽ ان لاء پاڻ پتوڙڻ ڏسڻ لاء هت ڪلڪ ڪريو

    بشڪريه روشني ڊاٽ ڪام ، ڪاوش اخبار، گوگل، يوٽيوب۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح

    ادا بلڪل اها سوچ غلط آهي ته هي مردن جو معاشرو آهي ۔ هڪ عورت جنهن جو تعلق هڪ پسمانده علائقي سان آهي جتي عورت گهر کان ٻاهر ئي نه نڪرندي آهي۔

    هن جو ڳوٺ منهنجي ڳوٺ جي ويجهو آهي مونکي خبر آهي ، هتان جي ماڻهن جو رايو عورت لاء اهو آهي ته عورت پڙهي به ڇا ڪندي

    آخر ته وري به گهر ئي سنڀالڻو اٿس۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هن ادي کي جس هجي جو اهڙي علائقي مان نڪري آئي آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح

    رب العالمين سنڌ جي نياڻين ۽ سنڌ جي پٽڻن جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ هٿ مٿي آهن ته سنڌي هميشه ڏاها انسان، با اخلاق انسان ۽ جديد معاشري لا مثالي انسان پئدا ڪندو رهي ته جيئن سنڌي سماج ترقي جون راهون طع ڪري دنيا جي ملڪن ۾ ڳاٽ اوچو ڪري سگهي ۔۔۔ بيشڪ تعليم حاصل ڪرڻ عورت ۽ مرد جو هڪ جيترو حق آهي ۔۔۔ معاشري ۾ سماجي خدمتن جي سلسلي ۾ پڻ ٻنهي جو ڪردار تمام اهم آهي ۔۔۔ عورت ۽ مرد معاشري جا ٻه پاسا آهن ڪو به هڪ پاسو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو ته معاشرو تباهه ۽ ختم ٿي وڃي ٿو ۔۔۔

    انڪري اسانکي پنهنجين نياڻين کي تعليم جي زيور سان سنوارڻ گهرجي ۽ کين اهڙا موقعا ميسر ڪجن جن سان هو جديد علمن تائين رسائي حاصل ڪري سگهن

    ممتاز صاحب سٺو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔ ٿورا
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح

    عرفانه ملاح هڪ ذهين ۽ بهتر سوچ جي مالڪه آهي

    سندس ڪيل پروگرام اپٽار مان به ڏسندو آهيان ۽ سندس ڪالم به سٺا ۽ پخته هوندا آهن

    سندس وڌيڪ ڪاميابين لاء کيس دعائون ۽ اميد آهي ته سنڌ جو نياڻيون تعليم جهڙي زيور سان آراسته ٿي معاشري ۾ سٺو مقام ماڻين۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دادو ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سيتا جي عرفانه ملاح

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عرفانه ملاح کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو