سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 فيبروري 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]مولانا تاج محمود امروٽي رحه
    سنڌ ۾ آزادي واري تحريڪ جي تاريخ، مولانا تاج محمود
    امروٽيءَ جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوري سمجھي ويندي. سنڌ جي
    عالمن ۽ مشائخ جي طبقي ۾ مولانا امروٽي جو نالو ڪارونجھر جي
    ڪر جيان اونچو ۽ اڏول ٿو نظر اچي. انھيءَ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آھي
    ته سنڌ گذريل سوا کن صديءَ جي عرصي ۾، اسلام سان محبت،
    دين جي انقلابي تصور جي واڌاري، بدعت ۽ منڪرات جي پاڙ پٽڻ،
    غيرمسلمانن ۾ اسلام جي تبليغ ۽ قومي تحريڪن ۾ بھرو وٺڻ جي
    سلسلي ۾ مولانا امروٽيءَ جھڙو ٻيو ڪو شخص پيدا نه ڪيو آھي.
    مولانا جي زندگي جي اڀياس مان خبر پوي ٿي ته، جتي سندن ذاتي
    زندگي، خدا خوفي، تقويٰ، ذڪر، تسبيح ۽ عبادتن سان ڀرپور ھئي،
    اتي نيڪين جي تلقين ۽ دين کي قائم ڪرڻ جي سلسلي ۾ پنھنجو
    مثال پاڻ ھئا. اھڙي ھمه گير ۽ ڀرپور شخصيت جي زندگيءَ بابت
    افسوس آھي ته ڪو ڪتاب نه لکيو ويو آھي. روزانه الوحيد جي
    رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته مولانا دين محمد وفائي ۽ مولانا
    عبدالڪريم چشتيءَ، مولانا جي حياتي جي باري ۾ جدا جدا ڪتابن
    لکڻ جو خيال ظاھر ڪيو ھو. پر اھو ارادو عملي شڪل اختيار نه
    ڪري سگھيو. انھيءَ کان پوءِ، مولانا ابوبڪر شبليءَ، مولانا
    امروٽيءَ بابت ڪتاب لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر موت کيس مھلت
    نه ڏني.
    لاڙڪاٹي جي ھڪ استاد محمود شاه، مولانا امروٽيءَ تي پي.
    ايچ. ڊي جو مقالو لکيو آھي، جيڪو 6 ست سئو صفحن تي مشتمل
    آھي. پر بدقسمتي سان انھيءَ مقالي ۾ مولانا جي انقلابي ڪردار ۽
    قومي تحريڪن ۾ بھري وٺڻ ۽ سياسي ميدان ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾
    ڪردار ادا ڪرڻ جي احوال بدران، مولانا موصوف جي معجزن،
    ڪرامتن ۽ ڪشف والھام جو ذڪر آھي. سنڌ يونيورسٽي جي
    سنڌيالاجي شعبي جي سربراھه ڊاڪٽر غلام علي الانا جي اھا راءِ
    بلڪل درست آھي ته، انھيءَ مقالي ۾ مولانا جي قومي ڪردار کي
    نظر انداز ڪري، مولانا جي ھمه گير شخصيت کي ڌڪ رسايو ويو
    1 ع ڌاري خيرپور رياست 8 5 آھي. مولانا تاج محمود امروٽي، 7
    جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ديوات ۾ پيدا ٿيا. مولانا سيد گھراٹي مان ھو،
    جيڪو علائقي ۾ رشد وھدايت جو سرچشمو ليکيو ويندو ھو. مولانا
    جو والد سيد عبدالقادر علائقي جو وڏو عالم ۽ ھڪ باعمل مسلمان
    ھو، جنھن پنھنجي پٽ کي، قرآن مجيد جي تعليم گھر ۾ ڏني، ۽ پوءِ
    فارسي پڙھائڻ لاءِ مولانا محمد قاسم الرا واري جي مدرسي ۾ داخل
    ڪرايو.
    ان زماني ۾ سنڌ ۾ مولانا عبدالقادر پنوھاري (تعلقو روھڙي)
    جي علميت جو چئوٻول ھو. مولانا امروٽي به درس نظامي کي اتي
    مڪمل ڪيو، ۽ پوءِ پنجاب ۾ ديني علم جي چشمن مان فيض حاصل
    ڪيائين. ديني تعليم جي پڄاٹيءَ کان پوءِ، روحاني فيض حاصل
    ڪرڻ لاءِ مولانا محمودالحسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو فيصلو
    ڪيائون، پر ڪن اڻ ٽر مجبورين سبب، ائين نه ٿي سگھيو. بعد ۾
    سنڌ جي ممتاز روحاني پيشوا حافظ محمد صديق ڀرچونڊي رحه جي
    خدمت ۾ حاضري ڏنائون.
    حافظ صديق رحه سيد احمد شھيد جي تحريڪ کان متاثر ھو ۽
    سوئي واري بزرگ جو خليفو ھو. ۽ سوئي وارو بزرگ حضرت پير
    شاھه جي والد پير سائين محمد راشد روضي ڌٹي · سائين صبغت ا
    رحه جو مريد ھو.
    مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جن چاليھن ڏينھن تائين ۽
    ھڪ ٻي روايت مطابق اڍائي مھينن تائين، حافظ محمد صدي رحه
    جي خدمت ۾ رھي، فيض حاصل ڪيايون.
    سنڌي مسلمان ٿيڻ لاءِ · انھيءَ عرصي ۾، مولانا عبيدلله
    حافظ محمد صديق رحه وٽ آيل ھئا ۽ اتي ئي مولانا امروٽي ۽ مولانا
    سنڌي جي وچ ۾ تعلقات جي شروعات ٿي.
    مولانا جي تربيت کان پوءِ، حافظ محمد صديق رحه حڪم ڏنو
    تعاليٰ جي دين جي دعوت ڏي! ۽ · ته امروٽ وڃي ماٹھن کي ا
    بدعت ۽ براين خلاف جھاد ڪر! (امروٽ لاڙڪاٹي ۽ سکر جي وچ
    ۾ واقع آھي، ۽ اتي ئي مولانا امروٽي جي وڏن جون قبرون آھن)
    جيڪي انھيءَ وقت بدعت ۽ شرڪ جو مرڪز بٹيل ھيون. حافظ
    محمد صديق، مولانا تاج محمود کي امروٽ روانو ڪرڻ وقت مدد
    لاءِ ٻه مريد به ھن سان روانه ڪيا. امروٽ اچي ڏٺائون ته، سندن
    وڏن جون قبرون شرڪ ۽ بدعتن جو اڏو ۽ چرس ۽ ڀنگ جي موالين
    جو مرڪز بٹيل ھيون. ڪجھه ڏينھن اصلاح جي طريقن تي ويچار
    ٿيندو رھيو ۽ آخرڪار مريدن جي مدد سان موالين کي ڀڄائي
    ڪڍيائون.
    موالين جي انھيءَ مرڪز ۾ مسجد جي تعمير جو ڪم شروع
    ڪيو ويو. مولانا امروٽيءَ پنھنجي ھٿن سان ڪچيون سرون ٺاھڻ
    شروع ڪيون ۽ مريد کيس مٽي کوٽي ڏيندا ھئا. اھڙي طرح مسجد
    ٺھي راس ٿي ۽ پوءِ مسجد جي ڀرسان مدرسو به تعمير ڪيو ويو.
    ڪيتري عرصي تائين، مولانا امروٽي ۽ سندس مريد، ساٿي ۽ شاگرد
    نھايت تنگي ۽ فاقن تي ڏينھن گذاريندا رھيا. روزگار جو ڪو ذريعو
    نه ھو. ڳوٺ جي ھڪ نيڪ مرد وڏيري مستي خان، اھڙي حالت
    ڏسي، مولانا کي مالي مدد جي آڇ ڪئي، جيڪا انھيءَ ڪري مولانا
    قبول نه ڪئي جو پنھنجي ڪم ۾ مداخلت جو امڪان ھو. مولانا
    انھيءَ مرحلي تي نٿي چاھيو ته مالي مدد ذريعي ڪوئي، سندس رٿيل
    ڪم تي اثر انداز ٿئي. ڪجھه ڏينھن کان پوءِ جڏھن شاگرد ۽ سالڪ
    وڏي تعداد ۾ اچڻ لڳا ۽ مولانا ماٹھن جي توجه جو مرڪز بٹجي ويو
    ته، پنھنجي نگراني ۾ زمين آباد ڪرايائون ۽ فصل مان گذر سفر جو
    1 ھجري ۾ امروٽ آيا ھئا، ۽ 3 0 بندوبست ٿي ويو. مولانا سن 0
    ست اٺ سال ساندھه جنھن محنت ۽ خلوص سان جدوجھد ڪئي ۽
    تعاليٰ جي دين جو ڪم ڪيو · دنوي فائدن کان پاسيرو رھندي ا
    ھو، ان جا اثرات ۽ فائدا علائقي ۾ ظاھر ٿيڻ لڳا ۽ ستت ئي مولانا
    ماٹھن جي توجه جو مرڪز بٹجي ويو.
    1 ع سن ھجري ڌاري، جڏھن 3 0 سنڌي 8 · مولانا عبيدلله
    ديوبند کان فارغ ٿي، سنڌ واپس وريو ته، سندن مرشد حافظ محمد
    صديق رحه جن جو انتقال ٿي چڪو ھو. تنھنڪري مولانا سنڌي
    امروٽ ھليو آيو ۽ مولانا تاج محمود وٽ درس تدريس جو سلسلو
    شروع ڪيائين ۽ ست سال امروٽ ۾ رھيو. ھي اھو دور ھو، جڏھن
    اڃا تائين مولانا سنڌيءَ نئين تھذيب جي اثر کي قبول نه ڪيو ھو.
    سنڌيءَ، · حافظ محمد صديق جي رحلت کان پوءِ، مولانا عبيدلله
    مولانا تاج محمود امروٽيءَ کي پنھنجي روحاني پيشوا طور تسليم
    ڪيو. انھيءَ سلسلي ۾ ھو پنھنجي ”ذاتي ڊائري“ ۾ لکي ٿو:
    1 ھه ڌاري آئون سيدالعارفين 3 0 8 شوال المڪرم 8 ”
    حضرت حافظ محمد صديق ڀرچونڊي وارن جي ٻئي خليفي حضرت
    مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽيءَ ڏانھن امروٽ ضلع سکر ھليو
    ويس. مولانا جن منھنجي لاءِ پيءُ جي مثل ھئا، جي منھنجو نڪاح
    سکر ۽ اسلاميه اسڪول جي استاد مولوي محمد عظيم خان يوسف
    زئي جي نياٹي ساڻ ڪرايو، ۽ منھنجي ماءُ کي به گھرايو، جيڪا
    پوءِ آخر گھڙي تائين مون وٽ رھي. پاڻ منھنجي مطالعي لاءِ ھڪ
    1 ھه تائين نھايت 3 1 وڏو ڪتب خانو جمع ڪيائون ۽ آئون 5
    اطمينان سان مطالعو ڪندو رھيس.
    مولانا تاج محمود امروٽيءَ دين جي دعوت ۽ عوام جي اصلاح
    سنڌيءَ جي · لاءِ جيڪو منصوبو تيار ڪيو ھو، مولانا عبيدلله
    امروٽ اچڻ سان، انھيءَ تي عمل ٿيڻ ۾ گھٹي آساني ٿي وئي. مولانا
    سنڌيءَ جي امروٽ ۾ ترسڻ واري عرصي دوران، · عبيدلله
    جيڪي ڪم ٿيا سي ھن طرح آھن:
    امروٽ ۾ ديني ۽ اسلامي لٽريچر ڇاپڻ لاءِ ھڪ پريس لڳائي
    وئي. ”اخوان المسلمين“ جي نالي سان مولانا امروٽي جي ادارت
    ھيٺ ماھوار رسالو شروع ڪيو ويو. انھيءَ زماني ۾، سنڌ ۾ پريس ۽
    نشر واشاعت جي سمورن ذريعن تي ھندن جو قبضو ھو ۽ مسلمانن
    جا مذھبي ڪتاب ۽ قرآن مجيد به ھندن جي پريسن ۾، ھندن جي
    سرپرستيءَ ھيٺ شايع ٿيندو ھو. اھڙين حالتن ۾، امروٽ جھڙي
    ننڍڙي ڳوٺ ۾ مسلمانن جي پريس جو قائم ٿيڻ انقلابي ڪارنامو ھو.
    انھيءَ پريس منجھان، مولانا امروٽيءَ جو قرآن مجيد جو سنڌي
    ترجمو، سوره يٰسين ۽ سوره رحمٰن جو ترجمو ۽ ٻيا ڪيترائي
    ڪتاب شايع ٿيا. مولانا جي سنڌي ۾ ڪيل تفسير جي اھا خاصيت
    آھي ته انھيءَ جو انداز انقلابي آھي. سنڌ جي برک عالم ۽ مفسر
    قرآن مولانا جان محمد ڀٽو رحه جو چوڻ آھي ته مولانا سيد
    ابوالاعليٰ مودودي رحه جي ڪتابن کان متاثر ٿيڻ کان اڳ، مون کي
    دين جو انقلابي تصور مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي تفسير منجھان
    حاصل ٿيو ھو.
    مولانا امروٽيءَ جي ھٿ ھيٺ نڪرندڙ سنڌي رسالي ”اخوان
    المسلمون“ انھيءَ دور ۾ سنڌ اندر سياسي سجاڳي ۽ دين اسلام جي
    واڌاري لاءِ ڪم ڪيو. بدقسمتي سان اھو رسالو ٽن سالن جي
    عرصي کان وڌيڪ ھلي نه سگھيو.
    لکڻ ۽ ڇاپڻ کان سواءِ ٻيو اھم ڪم ھڪ مثالي ديني درسگاھه
    قائم ڪرڻ جو ھو. سنڌ ۾ انھيءَ وقت ديني مدرسن جي کوٽ ھئي، ۽
    ڪوبه مرڪزي مدرسو نه ھو. ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ننڍا ننڍا مدرسا ھئا،
    پر انھن جو پاڻ ۾ ربط نه ھو. وري جيڪي مدرسا ھئا، انھن ۾ گھٹي
    ڀاڱي اھڙا ھئا، جيڪي ڪنھن ھڪ شخص جي ڪوششن سان قائم
    ٿيندا ھئا ۽ رھندا ھئا ۽ جڏھن انھيءَ شخص جو انتقال ٿيندو ھو ته،
    اھو مدرسو به ختم ٿي ويندو ھو. ان زماني، ۾ ديني مدرسن جو
    نصاب تمام پراٹو ھوندو ھو ۽ شاگردن ۾ انھيءَ نصاب جي وسيلي
    ڪنھن ذھني بيداري کي پيدا ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ھو. اھڙين حالتن ۾
    مولانا امروٽيءَ ۽ مولانا سنڌيءَ جو خيال ھو ته سنڌ ۾ ھڪ
    · مرڪزي مدرسو قائم ڪيو وڃي ۽ ان جي نصاب ۾ شاھه ولي ا
    رحه جي ڪتابن کي خاص طور شامل ڪيو وڃي ته جيئن شاه ولي
    جي فڪر ۽ فلسفي ذريعي اسلام، جو فڪري ۽ عملي انقلاب · ا
    آٹي سگھجي. اھي ڳالھيون آڏو رکي امروٽ ۾ ڪم شروع ڪيو ويو
    ۽ انھيءَ مدرسي جو روحاني ناتو ديوبند سان ڳنڍيو ويو. انھيءَ
    جي ڪتابن · درسگاھه جي نصاب ۾ حديث، تفسير ۽ شاھه ولي ا
    کي به خاص طور رکيو ويو. مدرسي ۾ فڪري ميدان تي وڌيڪ
    ڌيان ڏنو ٿي ويو ته جيئن فارغ ٿيندڙ شاگردن ۾ دين جي احياءَ ۽
    وطن جي حريت جو جذبو بيدار ٿي سگھي. مولانا امروٽي قرآن مجيد
    جو مفسر ھو ۽ کيس قرآن مجيد جي تفسير ۽ تشريح پيش ڪرڻ جو
    جنون جي حد تائين جذبو ھو. مولانا عبيدلله سنڌي به شيخ الھند جو
    شاگرد ھو. انھن ٻنھي عالم فاضل حضرات جي ڪوششن سان سنڌ
    ۽ سنڌ کان ٻاھر جي سوين شاگردن، انھيءَ درسگاھه وسيلي فيض
    حاصل ڪيو. مولانا عبدالعزيز ٿريچاٹي، مولانا احمد علي لاھوري،
    مولانا خوشي محمد لاڙڪاٹي وارو، مولانا عبدالقادر دين پوري،
    مولانا عبيدلله ۽ مولانا حمادلله ھاليجوي، جھڙا ممتاز عالم انھيءَ
    مدرسي جا تربيت يافته ھئا. مولانا عبيدلله سنڌي جي معرفت مولانا
    امروٽيءَ ۽ مولانا محمودالحسن جي سڃاٹپ ٿي ۽ مولانا
    محمودالحسن امروٽ ۾ تشريف فرما ٿيا. اھڙي طرح مولانا اشرف
    علي ٿانوي ۽ مولانا حسين احمد مدني جن به امروٽ ۾ پنھنجا پير
    گھمايا.
    1 ع) 9 6 (ڏسو الرحيم سيپٽمبر 3
    پر افسوس جو مولانا عبيدلله سنڌي ست سال ھتي رھڻ کان
    1 ھجري ڌاري امروٽ ڇڏي حيدرآباد ضلعي ۾ پير 3 1 پوءِ 5
    جھنڊي واري مدرسي ۾ اچي ويا، ۽ نتيجي طور مولانا امروٽي
    اڪيلي سر ٻين سمورين ذميوارين کي منھن ڏيندي، مدرسي جي
    انھيءَ معيار جي مرڪزي حيثيت برقرار نه رکي سگھيا. اصل ۾
    ٻنھي بزرگن جي نقطئه نظر ۾ اختلاف پيدا ٿي ويو ھو. مولانا سنڌي
    جو خيال ھو ته، مدرسي سان گڏ ھڪ اعليٰ نوعيت جي ھاسٽل به
    تعمير ڪرائجي ته جيئن جديديت جا شڪار نوجوان، مدرسي ڏانھن
    متوجه ٿي سگھن. ٻي صورت ۾ جيڪڏھن مدرسن پنھنجي اھائي قديم
    طرز برقرار رکي، ۽ نين حالتن جو ساٿ نه ڏنو ته خوشحال گھراٹن
    جا ٻار، جديد انگريزي تعليم ڏانھن ڇڪجي ويندا، ۽ قديم تعليم غريبن
    ۽ بي پھچ شاگردن جو حصو بٹجي ويندي. مولانا امروٽي صاحب
    جن ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ سببن جي ڪري انھيءَ خيال جو
    ساٿ نه ڏئي سگھيا.
    مولانا امروٽيءَ جو خيال ھو ته ديني مدرسن جو بنياد دنيا کان
    بي نيازي ۽ سادگيءَ تي ٻڌل آھي. جيڪڏھن سادگيءَ کي ختم ڪيو
    ويو ته ديني، مدرسن جو اصل روح فوت ٿي ويندو ۽ استادن ۽
    شاگردن ۾ دين ۽ دنيا جي ڊوڙ شروع ٿي ويندي ۽ ديني خدمت بدران
    زندگي جي آرام پھچائڻ لاءِ ڪوششون ٿينديون. مولانا امروٽي
    انھيءَ ڪري به مولانا سنڌيءَ جي خيال جو حامي نه ٿيو، جو
    امروٽ ۾ جنھن خانقاه جو بنياد امروٽي صاحب رکيو ھو، انھيءَ ۾
    ۽ تربيت جي لاءِ فقر و فاقه کي (Self Purification) تزڪيه نفس
    ضروري ٿي سمجھيو ويو. ھڪ طرف مريدن ۽ عقيدت مندن جو فقر
    و فاقه سان رھڻ ۽ دين جي لاءِ ڪم ڪرڻ، ساڳي ھنڌ ٻئي طرف
    وري شاگردن جي لاءِ جديد ھاسٽل، اھي ٻئي شيون متضاد نظر ٿي
    آيون. مولانا سنڌيءَ پاران امروٽ کي ڇڏڻ تي مولانا امروٽيءَ کي
    سخت صدمو پھتو. کين روڪڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي، پر بي
    فائده. نيٺ مولانا امروٽيءَ پنھنجي ساٿي مولانا سنڌيءَ کي الوداع
    ڪيو. پوءِ جيڪو وقت سنڌي صاحب پير جھنڊي وارن وٽ ترسيا،
    ان عرصي ۾ به ٻنھي بزرگن جي وچ ۾ سياسي ۽ علمي معاملن بابت
    رابطو بحال رھيو. مولانا امروٽيءَ جي سياسي خدمتن جي بيان لاءِ
    دفتر درڪار آھن. اسان ھتي تحريڪ خلافت ۽ ريشمي رومال
    تحريڪ ۾ مولانا امروٽيءَ جي ڪردار بابت اظھار اختصار سان
    ڪنداسون.
    پھرين مھاڀاري لڙائي جي شروع ٿيڻ کان ٻه مھينا پوءِ، ترڪي
    9 1 جي سلطان کي به انھيءَ لڙائيءَ ۾ شامل ٿيٹو پيو. ھي نومبر 4
    1 ع جي ڳالھه آھي. انھيءَ دور ۾ افغانستان جي ياغستاني علائقي ۾
    (اولھه واري حصي جو آزاد سرحدي علائقو) مولانا قاسم نانوتوي،
    مولانا رشيد احمد گنگوھي ۽ شيخ الھند مولانا محمودالحسن جي
    پنجاھه سٺ سالن جي محنت ۽ جفاڪشي جي عيوض آزاد قبيلن جي
    مسلمانن جي ھڪ اھڙي جماعت تيار ٿي وئي ھئي، جيڪا انگريز
    خلاف جنگ جوٽي مرڻ يا مارڻ لاءِ تيار ھئي. ضرورت انھيءَ ڳالھه
    جي ھئي ته انھيءَ جماعت کي انگريزن خلاف جدوجھد ڪرڻ لاءِ
    ھٿيار بند ڪيو وڃي ۽ ٻئي طرف افغان حڪومت کي ھمٿايو وڃي
    ته جيئن ڇڪتاڻ جو فائدو وٺندي ۽ وجھه ملڻ شرط، ھندستان تي
    حملو ڪري ڏئي، ۽ پڻ ھندستان ۾ اندروني بغاوت شروع ڪرائجي.
    ھي اھو منصوبو ھو جيڪو مولانا محمودالحسن، پنھنجي ساٿين جي
    سھڪار سان رٿيو ھو. منصوبي تي عمل ڪرائڻ لاءِ، ھڪ طرف
    سنڌي کي ڪابل · شيخ الھند مولانا محمودالحسن، مولانا عبيدلله
    ڏانھن موڪليو ۽ ٻئي طرف پاڻ حجاز مقدس ڏانھن روانا ٿي ويا، ته
    جيئن اتي ترڪي جي سلطان جي نمائندن سان ملي ڪري، سلطان
    جو عملي تعاون حاصل ڪيو وڃي.
    مولانا کي پنھنجي منصوبي ۾ ڪنھن حد تائين ڪاميابي ٿي،
    ترڪي پاران ھر ممڪن امداد جو وعدو ڪيو ويو. لڙائي ھلندڙ
    ھئي ۽ اتحادين جي ڀيٽ ۾ ترڪي ۽ جرمني کي ڪاميابي حاصل ٿي
    رھي ھئي، اوچتو آمريڪا جنگ جي ميدان ۾ ڌوڪي پيو ۽ آمريڪا
    جي جنگي قوت جو مقابلو ڪرڻ، ترڪي ۽ جرمني جي سگھه کان
    ٻاھر ھو. ڏسندي ئي ڏسندي، ڪاميابي ناڪاميءَ ۾ تبديل ٿي وئي.
    ٻئي طرف وري ظلم اھو ٿيو جو حجاز مقدس ۾ شريف حسين
    انگريزن جي ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ترڪن کي ڪاپاري
    ڌڪ رسايو. انھن ٻاھرين مشڪلاتن سان گڏوگڏ اندروني طور به
    مشڪلاتون پيدا ٿي پيون. مثلا مولانا عبيدلله سنڌيءَ جيڪو خط
    ريشمي رومال تي لکي شيخ عبدالرحيم ڏانھن روانو ڪيو ھو، اھو
    حڪومت جي ھٿ اچي ويو. اھڙي طرح افغانستان جو امير حبيب
    انگريزن جو وفادار ھو ۽ ايتري حد تائين جو مولانا عبيدلله · ا
    سنڌيءَ جي چوڻ مطابق ھندستان، ترڪي ۽ جرمني جي ماٹھن تي
    سان ملاقات ڪئي ھئي ۽ · مشتمل انھيءَ وفد جنھن امير حبيب ا
    مھاڀاري لڙائي جو فائدو وٺندي کيس ھندستان تي حملي ڪرڻ جي
    صلاح ڏني ھئي. انھيءَ وفد، جي سموري گفتگو لفظ بلفظ برٽش
    سفارت خاني ذريعي وائسراءِ ھند کي موڪلي ويندي ھئي، ۽ انھيءَ
    جي جوڳي مدد ڪئي · وفاداري جي عيوض، انگريزن امير حبيب ا
    ۽ سندس ملڪ جي سالياني گرانٽ ۾ مستقل واڌارو ٿي ويو. اصل ۾
    فري ميسن جو ممبر بٹجي چڪو ھو، ۽ انگريزن · امير حبيب ا
    سان ملي، ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪري رھيو ھو. اھي ھيون حالتون
    جن جي ڪري افغانستان ذريعي، ھندستان تي حملي ۽ ملڪ اندر
    بغاوت جو سڄو منصوبو اڻ پورو رھجي ويو. آمريڪا جنگ ۾ نه
    ڪاھي پوي ھا، ۽ حجاز ۾ شريف حسين جي غداريءَ باوجود
    جيڪڏھن جرمنيءَ جا جديد ھٿيار، ياغستاني قبيلن تائين پھچي وڃن
    ھا، ۽ اھو محاذ کلڻ شرط، انگريزن خلاف ملڪ اندر به بغاوت
    شروع ٿي وڃي ھا. پر بدقسمتي سان، حالتن موقعو نه ڏنو. انھيءَ
    تحريڪ بابت تفصيل مولانا مدني رحه جي ڪتاب ”نقش حيات“ ۽
    مولانا سيد محمد ميان جي لکيل ڪتاب ”تحريڪ شيخ الھند“ ۾
    موجود آھن. اسان ھتي مختصر ذڪر ڪيو آھي، انھيءَ تحريڪ ۾
    مولانا امروٽيءَ جو ڪردار نھايت اھم ھو. مولانا امروٽي، مولانا
    سنڌي جو ڪابل ڏانھن ھجرت ڪرڻ جو انتظام ڪرايو · عبيدلله
    ۽ ملڪ اندر تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ، جيڪي مرڪز قائم
    ڪيا ويا ھئا، تن ۾ اھم مرڪز امروٽ ھو. اھو مرڪز سنڌ ۽
    بلوچستان جي لاءِ ھو. يعني سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انگريزن خلاف
    شورش ۽ بغاوت برپا ڪرڻ جو سڄو ڪم مولانا امروٽيءَ جي
    حوالي ھو. مولانا امروٽيءَ جي پھرين نظربندي (گرفتاري نه) به
    ريشمي رومالن جي خطن جي سلسلي ۾ ٿي ھئي، جيڪي مولانا
    سنڌيءَ ڪابل کان مولانا ڏانھن موڪليا ھئا. انگريز سرڪار
    انٽيليجنس جي مدد سان انھيءَ تحريڪ بابت جيڪو مواد ھٿ ڪيو
    ھو، اھو انڊيا آفيس لائبريري لنڊن مان ”تحريڪ شيخ الھند“ نالي
    ڪتاب جي صورت ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آھي. ڪتاب جو سھيڙيندڙ
    مولانا محمد ميان آھن. انھيءَ ڪتاب ۾ مولانا امروٽي بابت انٽيليجنس
    جا ريمارڪ ھن طرح جا آھن:
    ”شاّيد اھوئي مولانا تاج محمود امروٽي رھندڙ امروٽ ضلع
    سکر سنڌ آھي. سنڌ ۾ اثر جي لحاظ کان ھن جو ٻيو نمبر آھي. اثر
    ورسوخ جي اعتبار کان صرف مولانا ھمايون ھن کان گھٹو آھي. ھي
    ڪراچي واري مولوي صادق کڏھه واري جو دوست آھي، جيڪو
    ھن وقت ڪاردار ۾ نظر بند آھي. خيال آھي ته ھن مولوي
    جي ڪابل فرار ٿيڻ ۾ مدد ڪئي ھئي. ھن جا ھزارين · عبيدلله
    مريد آھن، جن ۾ زميندار ۽ سرڪاري ڪامورا به شامل آھن. جنود
    ربانيه (خدائي فوج) جي فھرست ۾ تاج محمود ليفٽيننٽ جنرل آھي.“
    سنڌ جي ڪمشنر، ريشمي رومال جي خطن سبب، مولانا کي
    ڪراچي گھرايو ھو. پر مولانا جي مريدن کي نظربندي جي خبر پئي
    ته سکر ۾ امن امان جو مسئلو اٿي کڙو ٿيو. انھيءَ ڪري پڇا ڳاڇا
    کان پوءِ مولانا کي ڇڏيو ويو.
    ريشمي رومال واري تحريڪ کان پوءِ خلافت تحريڪ ۾ به
    مولانا امروٽي جو ڪردار يادگار آھي. جان محمد جوٹيجي کي
    انھيءَ ڪري ”رئيس المھاجرين“ جو لقب مليو جو ھن ھجرت ۾ پيش
    قدمي ڪئي ۽ مھاجرن جي پھرين قافلي جو سرواڻ ھو. پر مولانا
    تاج محمود امروٽيءَ جو ڪارنامو ھي آھي ته لڳاتار دورن، جلسن،
    خطبن ۽ تقريرن وسيلي، انھيءَ جذبي کي زنده رکيو. ھجرت لاءِ
    ڪم ڪندڙ ٻين ليڊرن ۽ مولانا جي وچ ۾ اھو فرق ھو جو مولانا جا
    ھزارين مريد سنڌ ۾ موجود ھئا، ۽ عالمن جي طبقي ۾ مولانا کي قائد
    جي حيثيت حاصل ھئي. اھو به اعزاز مولانا امروٽي کي ملي ٿو جو
    سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جي شروعات، مولانا جي تقرير سان ٿي. اھا
    1 1ع تي حيدرآباد ۾ ڪئي وئي ھئي. 7 9 1 آڪٽوبر 91 تقرير 7
    آڪٽوبر جي تاريخ اصل ۾ يوم خلافت ھو. آل انڊيا مسلم ڪانفرنس،
    پنھنجي لکنو واري گڏجاٹيءَ ۾ فيصلو ڪيو ھو ته، اھو ڏينھن سڄي
    ھندستان ۾ نھايت جوش ۽ جذبي سان ملھايو وڃي. ۽ ترڪي جي
    سلامتيءَ لاءِ دعائون گھريون وڃن. انھيءَ سلسلي ۾، ان وقت جي
    مشھور ھفتيوار رسالي، الامين جنھن جو ايڊيٽر شيخ عبدالمجيد
    سنڌي ھو ھن طرح لکيو:
    ”ھڪ ھفتي کان، حيدرآباد جا چند دردمند مسلمان، خلافت
    ڏينھن ملھائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رھيا آھن. حضرت مولانا تاج محمود
    امروٽي، پير امام شاھه ۽ ڪن ٻين ليڊرن سان گڏجي 5 وڳي شام
    جو حيدرآباد اسٽيشن تي پھتا. اسٽيشن تي استقبال ڪندڙ ليڊرن کي
    اڪبر جي نعرن سان غلام · ھار پارايا ۽ بزرگن جون سواريون ا
    محمد ڀرڳڙي جي بنگلي ڏانھن روانيون ٿيون. مولانا تاج محمود
    امروٽي جمعي جي نماز صدر جي جامع مسجد ۾ ادا ڪئي ۽ ھڪ
    پرجوش تقرير ڪندي فرمايائون: ”خلافت جو منصب ڪنھن قوم يا
    گروه لاءِ خاص نه آھي، بلڪه دنيا جي سمورن قومن جا اھي ماٹھو
    جن پنھنجي رب سان وعدو ڪيو آھي، ۽ اھي انھيءَ وعدي تي ٻڌل
    رھڻ چاھين ٿا سي سڀ خلافت جا حقدار آھن. انساني عقل به
    شاھدي ڏئي ٿو ته جيڪو شخص جھڙي صلاحيت جو مالڪ آھي،
    انھيءَ مطابق ئي ھن کي ڪم ڪرڻ گھرجي. حڪومت جون واڳون
    اھي ئي سنڀالي ٿا سگھن جن اندر اھڙيون صلاحيتون موجود ھجن
    تعاليٰ جو قرآن مجيد ۾ فرمان آھي ته: · ا
    تعاليٰ اھڙن ماٹھن · ”جن ماٹھن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، ا
    کي زمين تي خلافت جو منصب ڏيڻ جو وعدو ڪيو آھي.“
    خدا تعاليٰ جو اھو وعدو سمورين اسلامي قومن سان آھي.
    خاص ڪنھن قبيلي يا گروھه سان نه آھي. يعني مسلمانن جي جنھن
    طبقي ۾ ايمان ۽ نيڪ عملن جي صلاحيت موجود ھوندي، اھوئي
    خلافت جو حقدار ھوندو.“
    1 ع) 9 1 2 آڪٽوبر 9 (ھفت روزه الامين حيدرآباد 3
    ساڳئي ڏينھن شام جو ھوم اسٽيڊ ھال ۾ ھڪ شاندار جلسو
    ڪوٺايو ويو، جنھن ۾ پنج ھزار کان وڌيڪ ماٹھن شرڪت ڪئي.
    جلسي ۾ چار سئو کن ھندو ھئا. جلسي جي صدارت مولانا تاج
    محمود ڪئي ۽ پنھنجي صدارتي تقرير ۾ نھايت اھم نڪتا پيش ڪيا،
    ۽ چيو ته خلافت جي مسئلي جي اسلام ۾ جيڪا اھميت آھي، تنھن
    جو اندازو انھيءَ ڳالھه مان لڳائي ٿو سگھجي ٿو ته صحابه ڪرام
    جن جي ڪفن دفن کان به  انھيءَ مسئلي کي حضور ڪريم
    وڌيڪ اھم سمجھيو ۽ پھرين خلافت جو معاملو طئي ڪيائون.
    خلافت اسلام جو اھم ترين رڪن آھي ۽ انھيءَ کان سواءِ اسلامي
    نظام جو قيام ۽ جٽاءُ ناممڪن آھي. تنھنڪري اسان اھڙي حڪمران
    سان پنھنجا ديني ناتا ڳنڍڻ لاءِ ٻڌل آھيون، جنھن جا اعمال صالح
    ھجن، علم ۽ جسماني تندرستيءَ جي لحاظ کان مٿاھون ھجي، جيڪو
    دين جي دشمنن جي ارادن کان واقف ھجي، ۽ انھن جي حملن کي
    جن جو  روڪڻ جي صلاحيت رکندڙ ھجي. ڇوته پاڻ ڪريم
    فرمان آھي ته ”جنھن خليفي جي تابعداري ڪئي، ھن ڄڻ خدا جي ۽
    منھنجي تابعداري ڪئي، ۽ جنھن خليفي جي نافرماني ڪئي، ھن ڄڻ
    خدا ۽ رسول جي نافرماني ڪئي.“ چار سئو سالن جي تاريخ شاھد
    آھي ته عرب جڏھن کان عيش عشرت ۾ مبتلا ٿي ويا، انھيءَ وقت
    · کان انھن ۾ دين جو جذبو سست ۽ سرد ٿي ويو. اھڙي وقت ۾ ا
    تعاليٰ پنھنجي دين جي اشاعت ۽ مقدس مقامن جي حفاظت لاءِ
    ترڪن کي اڳتي آندو. ترڪن ھر قسم جي قرباني ڏيئي، اسلام جي
    عظمت کي زنده رکيو. ترڪ جيڪڏھن اسلام جي حفاظت لاءِ
    سندرو ٻڌي ميدان ۾ نه اچن ھا ته اسلام گذريل زماني جي آکاٹي
    بٹجي وڃي ھا.“ مٿي ذڪر ڪيل ڊگھو ٽڪرو، انھيءَ ڪري نقل
    ڪيو ويو ته جيئن ڄاڻ ٿئي ته اسلامي حميت ۽ ايماني غيرت جي
    سڄاڳي لاءِ تقرير جي جيڪا اعليٰ صلاحيت گھربل ھئي سا مولانا ۾
    بدر جا اتم موجود ھئي. مولانا جي مٿين تقرير مان اھو به اندازو
    ٿيندو ته، خلافت جي انھيءَ پھرين جلسي ۾، مولانا نھايت جرائت
    سان دل جي ڳالھه زبان ذريعي بيان ڪئي.
    مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ھڪ اھم ڪارنامو اھو آھي ته
    خلافت تحريڪ جي آغاز جي مھل، حڪومت محسوس ڪيو ته
    جيڪڏھن شروع منجھه ئي انھيءَ تحريڪ جو رستو نه روڪيو
    ويو ته اڳتي ھلي ان کي دٻائڻ مشڪل ٿي ويندو. انھيءَ ڪري
    وڏيرن جي معرفت مولوي فيض الڪريم کان خلافت واري دور ۾
    ”تحقيق الخلافت“ جي سري ھيٺ ھڪ ڪتاب لکرايو. انھيءَ ڪتاب
    تي اٽڪل ستر کن عالمن جون صحيحون ڏنيون ويون، ۽ وڏي تعداد
    ۾ انھيءَ کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچايو ويو. مولانا امروٽيءَ
    انھيءَ فتني جي خاتمي لاءِ دين محمد وفائيءَ کي پاڻ وٽ گھرائي،
    ”اظھارالڪرامت“ جي نالي سان ھڪ ڪتاب لکرايو، جنھن ۾ قرآن
    ۽ حديث جي حوالي سان، خلافت جي اھميت، مسلمانن تي خليفي
    جي اطاعت ۽ خلافت جي حفاظت جي لاءِ قرباني ڏيڻ ثابت ڪيو.
    انھيءَ ڪتاب کي عالمن جي صحيحن سان شايع ڪيو ويو.
    1 ع) 9 3 (ڏسو الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر 6
    انھيءَ سان گڏ، جن وڏيرن ۽ جاگيردارن عالمن جي فتويٰ جي
    باوجود ”جشن صلح“ ۾ شرڪت ھئي، انھن جي لاءِ به مولانا تاج
    محمود امروٽيءَ پنجونجاھه عالمن جي صحيح سان فتويٰ جاري
    ڪئي ھئي، جيڪا ھتي ڏجي ٿي:
    سوال: ڇا ٿا فرمائين عالم سڳورا انھن مسلمانن جي باري ۾
    جيڪي سرڪار جي جشن ۾ عملي طور شريڪ ٿيا، باوجود عالمن
    جي انھيءَ فتويٰ جي ته انھيءَ جشن ۾ شريڪ ٿيڻ حرام آھي. (ياد
    9 1 1 نومبر 9 1 ع کان 6 9 1 1 نومبر 9 رھي ته ھي جشن 2
    1 ع تائين ملھايو ويو ھو).
    جواب: انھن مسلمانن کي گھرجي ته ھو پنھنجي انھيءَ ناجائز ۽
    فاسقانه عمل تي کليءَ طرح ندامت ڪن ۽ بارگاھه الاھيءَ منجھان
    مغفرت جي دعا گھرن. ٻي صورت ۾ مسلمان، انھن ماٹھن کي قابل
    ملامت سمجھن ۽ انھن کي نفرت جي نگاھه سان ڏسن ۽ انھن کان
    قطع تعلقات ڪن. مثال طور سلام ڪلام وغيره. اھڙن مسلمانن
    منجھان جيڪي ماٹھو ڪنھن اسلامي منصب تي فائز ھجن، مثال
    طور قاضي يا پيش امام وغيره ته مسلمانن تي لازم آھي ته کين کي
    انھن منصبن تان ھٽائي ڇڏين، ڇوته شرعي طرح ھو انھن منصبن
    جي لائق ناھن.
    1 ع) 9 2 2 جنوري 0 (ھفتيوار الامين 6
    اھا فتويٰ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي ڪوشش سان جاري
    ٿي ھئي ۽ سڀ کان اول صحيح به مولانا ئي ڪئي ھئي.
    سنڌ ۾ پھرين خلافت ڪانفرنس، جنھن ۾ الوحيد اخبار ڪڍڻ
    1 ع تي 9 2 جو فيصلو ڪيو ويو ھو، چوٿين ۽ پنجين جنوري 0
    حيدرآباد شھر ۾ ٿي ھئي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ اٺ ھزار ماٹھن
    شرڪت ڪئي. مولوين ۽ پيرن، جن انھيءَ ڪانفرنس ۾ بھرو ورتو،
    تن جو ڳاٹيٽو ڇھاسي کن ھو. انھيءَ ڪانفرنس جي ٻئي ڏينھن واري
    اجلاس جي صدارت، مولانا امروٽيءَ ڪئي. ڪانفرنس ۾ مولانا
    صاحب ھيٺيون ٺھراءُ پيش ڪيو:
    ”ھيءَ ڪانفرنس مطالبو ٿي ڪري ته اھڙن عملدارن خلاف
    جاچ ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جن ناجائز حرڪتون ۽ رعيت
    آزاريندڙ زبردستيون خلافت جي برخلاف تحريڪ دوران ڪيون
    آھن. اھڙي جانچ ڪرڻ کان اڳ، ظالم عملدارن کي سسپينڊ ڪيو
    وڃي، جيڪڏھن ائين نه ٿيو ته پبلڪ ۾ بيچيني روز بروز وڌندي
    ويندي ۽ ان مان برو نتيجو پيدا ٿيندو، جنھن جي ذمه داري سرڪار
    تي آھي.
    1 ع) 9 2 1 جنوري 0 (ھفتيوار الامين 5
    ھي ٺھراءُ مولانا جي مشوري سان پيش ٿيو.
    ھتي ھي ظاھر ٿيو ته خلافت جي اھا ڪانفرنس، جنھن جو ٻيو
    اجلاس مولانا امروٽي صاحب پرزائيڊ اوئر ڪيو، سو اصل ۾ عالمن
    جي اجلاس ۾ تبديل ٿي ويو ھو.
    حيدرآباد واري انھيءَ ڪانفرنس ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو ھو ته
    خلافت جي مسئلي کي عوامي بنائڻ جي لاءِ لاڙڪاٹي ۾ ٽن ڏھاڙن
    جي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي، جنھن ۾ ھندستان جي چوٽيءَ جي
    ، اڳواٹن کي گھرايو وڃي. نتيجي طور انھيءَ ڪانفرنس جي لاءِ، 7
    1 ع جون تاريخون نبيريون ويون. جيئن ته 9 2 8 ۽ 9 فيبروري 0
    ھيءَ ڪانفرنس عوامي تقريرن ۽ حاضريءَ جي خيال کان مثالي
    ھئي، ۽ خلافت جي موضوع تي جيئن ته انھيءَ کان اڳ، ايڏي وڏي
    ڪانفرنس ڪٿي به ڪونه ٿي ھئي، انھيءَ ڪري تنھن جي ڳالھه
    ٻڌائڻ ضروري ٿيندي. ھيءَ ڳالھه ان ڪانفرنس جي، انھيءَ ڪارڻ
    به ضروري آھي جو مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جن انھيءَ
    ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۾ ڀرپور حصو ورتو ھو.
    ان زماني ۾ سکر کان نڪرندڙ ھفتيوارالحق لکي ٿي:
    ”لاڙڪاٹي جي ڪانفرنس جي آجيان واري ڪميٽي جي
    چيئرمين اطلاع ڏنو آھي ته ماٹھن جي آمد کي محدود ڪرڻ جي لاءِ
    ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ، ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آھن.
    عالم سڳورن کان ٽڪيٽ جو ملھه نه ورتو ويندو.“
    1 ع) 9 2 3 جنوي 0 (ھفتيوارالحق، 1
    اھا ساڳي ھفتيوار اخبار پنھنجي ٻئي شماري ۾ اطلاع ٿي ڏئي
    ته ڪانفرنس جي انتظام ڪندڙن فيصلو ڪيو آھي ته مرڪزي
    اڳواٹن جو سڌو سنئون پيغام ٻڌڻ واسطي، ڪانفرنس ۾ ماٹھن کي
    عام شرڪت جي اجازت ڏني وئي آھي، جنھنڪري انھيءَ اعلان
    کان پوءِ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ منجھان ھزارين ماٹھن انھيءَ
    ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. اخبار ”الحق“ لکي ٿي:
    لاڙڪاٹي واري خلافت ڪانفرنس سنڌ جي سڀني ڪانفرنسن
    1 ھزار ماٹھن جو ميڙ سنڌ جي کان وڏي ڪانفرنس ٿي گذري، 5
    ڪنھن به ڪانفرنس ۾ اڳ ڪونه ٿيو ھو. ھن ڪانفرنس ھڪ ميلي
    جي صورت اختيار ڪئي. ماٹھن جو تعداد تمام وڌيڪ ھو. جيترا
    ماٹھو اندر ھئا، اوترا ئي ٻاھر بيٺل ھيا.
    لاڙڪاٹي ڪانفرنس جي منتظمين مھمانن جي آرام لاءِ گھٹو
    ڪجھه ڪيو ھو، مگر ماٹھن جي بي انداز مجمع سندن انتظام کي
    درھم برھم ڪري ڇڏيو. ڪانفرنس ۾ علماءَ سڳورن جو تعداد به بي
    انداز ھو. پير صاحبان ته خاص طور تي ھن ڪانفرنس ۾ شريڪ
    ٿيل ھئا نه صرف چيئرمين ھڪ پير ھو، بلڪه ڪانفرنس جو صدر
    به پير ھو. زميندار طبقي جا به بي انداز افراد شريڪ ٿيا ھئا،
    انگريزي دانن جو تعداد به چڱو ھو. مطلب ته لاڙڪاٹي واري
    ڪانفرنس سڀني ڳالھين ۾ سرس ھئي. مولانا عبدالباري، مولانا
    شوڪت علي، ابوالڪلام آزاد ۽ غلام محمد ڀرڳڙي اسٽيج تي ھيا.
    ڪانفرنس ۾ چندي جي اپيل به ڪئي وئي. سکر جي مسلمانن پاران
    تاج محمد، سب ايڊيٽر الحق پنج سئو روپين جي ڳوٿري پيش ڪئي.
    حيدرآباد وارن ھڪ ھزار روپيه ڏيڻ جو اعلان ڪيو.
    1 ع) 9 2 1 فيبروري 0 (الحق 4
    واضح رھي ته لاڙڪاٹي جي انھيءَ ڪانفرنس ۾ مولانا تاج
    محمود امروٽيءَ به شرڪت ڪئي ھئي. لاڙڪاٹي کان پوءِ ھندستان
    جا مرڪزي ليڊر سکر آيا ۽ اتي ھڪ زبردست جلسو ٿيو. سکر
    واري دوري جي دوران، مولانا تاج محمود امروٽي پڻ ساٹن گڏ ھو.
    سکر واري دوري جي رپورٽنگ ڪندي الحق لکي ٿي:
    ”ھيءَ اسان جي شھر جي خوش قسمتي ھئي ته مولانا
    عبدالباري، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا شوڪت علي لاڙڪاٹي
    واري ڪانفرنس کان موٽندي، سکر به آبا. سکر ۽ روھڙيءَ جا
    ماٹھو، وڏي ڄمار کان پنھنجي محبوب ليڊرن جي ديدار لاءِ مشتاق
    ھئا. اصل ۾ اھي ليڊر 6 فيبروري تي حيدرآباد کان روھڙي رستي
    روانه ٿيڻ وارا ھئا، سندن روھڙيءَ جي اسٽيشن تي اچڻ جو ٻڌي،
    ماٹھن جو ھڪ وڏو ڪٽڪ جمع ٿي ويو. اتي سندن نيرن جو پڻ
    انتظام ڪيو ويو، پر بعد ۾ اھو ڄاٹي ماٹھن کي صدمو پھتو ته اھي
    اڳواڻ دادوءَ جي رستي لاڙڪاٹي پھچي ويا آھن. بھرحال، سکر ۽
    روھڙيءَ جي ماٹھن پنھنجي محبوب مرڪزي اڳواٹن کي، پنھنجي
    شھر ۾ آٹڻ ۽ سندن ايمان افروز تقريرون ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو.
    نتيجي طور، ھڪ وفد لاڙڪاٹي روانو ڪيو ويو. انھيءَ وفد جي
    درخواست منظور ڪئي وئي. لاڙڪاٹي واري ٽه روزه ڪانفرنس
    جي پڄاٹيءَ تي، ھي مرڪزي اڳواڻ فيبروري تي، صبح جو ڏھين
    وڳين سکر پھچي ويا. سکر اسٽيشن تي سندن استقبال جي لاءِ، ماٹھن
    جا ميڙ جمع ٿي ويا ھئا. ماٹھو پنھنجي اڳواٹن جي محبت جي اظھار
    ۾ ايتري قدر ته بيچين ھئا. جو ليڊرن جو گاڏيءَ منجھان لھي اسٽيشن
    تي ئي اچڻ مشڪل ٿي ويو. رضاڪارن وڏي مشڪل کان پوءِ
    ماٹھن جي ميڙ وچان رستو ٺاھيو. اسٽيشن تي ئي، اڳواٹن جي نيرن
    جو انتظام ڪيو ويو ھو. کين ويٽنگ روم ۾ آٹي، نيرن ڪرائي وئي،
    انھيءَ کان پوءِ، کين جلوس جي شڪل ۾ شھر آندو ويو. جنھن ٽانگي
    ۾ ويھاري کين شھر آندو ويو. انھيءَ ٽانگي کي گھوڙي جي بجاءِ
    رضاڪار ڪاھي رھيا ھئا. ٽانگي کي خوبصورت طريقي سان
    سينگاريو ويو ھو. شام جو جلسو ٿيو جنھن ۾ سٺ اٺ ھزار ماٹھن
    شرڪت ڪئي. سکر جي پراٹن رھواسين جو چوڻ آھي ته سکر جي
    پنجاھه ساله تاريخ ۾ اھڙو جلسو ھنن ڪونه ڏٺو. مولانا عبدالباري،
    مولانا آزاد ۽ مولانا شوڪت عليءَ زبردست تقريرون ڪيون. مولانا
    شوڪت عليءَ چيو ته اڄ مون سنڌ ۾ ھڪ نئون روح ۽ نئين زندگي
    محسوس ڪئي آھي. اڳ سنڌ ننڊ ۾ نھوڙيل ھئي، پر لاڙڪاٹي ۽
    سکر جي دورن کان پوءِ اھو چئي سگھان ٿو ته، خلافت جي معاملي
    ۾ سنڌ ٻين صوبن جي لاءِ مثال آھي. جلسي جي پڄاٹيءَ تي ھي
    مرڪزي اڳواڻ ڪراچيءَ روانه ٿي ويا.
    1 ع) 9 2 1 فيبروري 0 (ھفتيوار ”الحق“ 4
    اھي سمورا وچور مولانا امروٽيءَ جي لاڳاپي سان انھيءَ
    ڪري پيش ڪرڻ ضروري ھئا، جو خلافت واري شمع سندن جي
    ئي ٻاريل ھئي.
    سنڌ، خلافت ۽ ھجرت وارين تحريڪن ۾ ڇا ڪيو؟ ان جي
    تاريخ اڌو گابري رھجي ويندي اگر، جيڪب آباد واري ڪانفرنس
    2 جو ذڪر نه ڪبو. جيڪب آباد واري ڪانفرنس 2 ۽ 3 مئي 0
    1 ع تي ٿي. انھيءَ ڪانفرنس جي صدارت پڻ مولانا تاج محمود 9
    امروٽيءَ ڪئي. انھيءَ موقعي تي ھجرت ڪاميٽي ٺاھي وئي. سنڌ ۾
    ھجرت جو آغاز انھيءَ ڪانفرنس کان پوءِ ٿيو. انھيءَ ڪانفرنس ۾
    اٽڪل 3 ھزار ماٹھو شريڪ ٿيا. ھفتيوار الامين انھيءَ ڪانفرنس
    جي جيڪا تصوير چٽي آھي سا ان قابل آھي ته ھتي ڏجي:
    ”ھٿن کي طاقت نه آھي جو انھيءَ نظاري کي قلم سان بيان
    ڪري، اکين سان ڏسڻ ھوندي به اعتبار ۾ نٿو اچي. قرباني ۽ جان
    نثاري، ايثار ۽ فداڪاري، سادگي ۽ پاڻ ارپڻ جي سڄي تصوير ٽن
    ھزارن جي بلوچي جلسي جي صورت ۾ شھيدان اسلام جي يادگار
    کي ترو تازه ڪري رھي ھئي. جاھل خواه عالم، جديد تعليم يافته
    خواه قديم تعليم يافته ھڪڙي ئي نشي ۾ مست، ھڪڙي ئي درد ۾
    ديوانا، ھڪڙي ئي محبت ۾ مجنون، ھڪڙي ئي مدعا جا متوالا،
    ھڪڙي ئي غم ۾ غرق، ھڪڙي ئي شيءِ جا شيدائي، ھڪڙي ئي
    الفت ۾ آئٽيل ۽ ساڳي مقصد ۽ مراد جا متوالا ھئا. يعني خلافت
    اسلاميه جي حفاظت جا فداڪار حامي ۽ حمايتي.
    ”خليفته المسلمين جي حال، رعيت ۽ ملڪ تي جيڪي
    مصيبتون نازل ٿيون آھن، مقامات مقدسه تي جنگ جي ڪري
    جيڪي بي حرمتيون ۽ برباديون نازل ٿيون آھن ۽ خليفي جي قبضي
    مان انھن پاڪ جاين جي نڪري وڃڻ جي ڪري، انھن جاين جون
    جيڪي بي حرمتون ۽ دين اسلام تي جيڪي چٿرون ٿيون آھن، تن
    جا احوال ٻڌي، غريب بلوچ سچا مسلمان رنا ٿي. واڪا ڪرڻ لڳا
    ٿي.
    ”اھو ھو نظارو جيڪب آباد جي خلافت ڪانفرنس جو،
    قربانيءَ جو اھو حال ھو جو ست ماٹھو جن ۾ وڏا وڏا پير، بزرگ ۽
    مولوي به شريڪ ھوا سي پنھنجي ٻارن ٻچن سميت مھاجرين جي
    جماعت ۾ داخل ٿيا. جڏھن مولانا حميد احمد سان ھمدرديءَ جي رٿ
    پيش ٿي ته تڏھن يڪي آواز سان سڀ پڪارڻ لڳا، ته اسان سڀ
    مولانا وانگر جيل ۾ وڃڻ لاءِ تيار آھيون. جڏھن قطع تعلقات تي
    تقريرون ٿيون، تڏھن گھٹيئي زميندارن اعلان ڪيا ته جيڪڏھن عالم
    فتويٰ ڏيندا ته پوءِ اسين ڍلن ڏيڻ کان به انڪار ڪنداسين. سڀ کان
    رشڪ ۽ تحسين جوڳو اعلان ميان جان محمد جوٹيجي جو ھو. ھي
    ڪانفرنس ھڪ ماتمي مجلس ھئي، جڏھن دلجي درد ۽ غم جي
    اڪبر جون صدائون حاضرين بلند ڪيون ٿي، تڏھن · سختي کان ا
    ڄٹڪه وٹن ٽٹن مان به ساڳيون صدائون پئي نڪتيون. گريه ۽ زاري
    کان پٿر دليون به پاٹي ٿي پيون.“
    1 ع) 9 2 1 مئي 0 (الامين 7
    ڪانفرنس ۾ گرمجوشي پيدا ڪرڻ واسطي جتي رئيس جان
    محمد جوٹيجي جا اعلان آھن، اتي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي
    خطاب جو پڻ وڏو اھم ڪردار آھي. مولانا پنھنجي تقرير ۾ چيو،
    ”انگريز سامراج ٻن قسمن جي تعصبن ۾ مبتلا آھي. ھڪ مذھبي
    تعصب ۽ ٻيو ملڪ گيري ۽ اقتدار جي بک. انگريز سامراج انھيءَ
    ئي ملڪ گيريءَ جي جذبي ھيٺ سرسبز مسلمان رياستون پنھنجي
    قبضي ھيٺ ڪيون آھن، ۽ سندن لوھه ۽ تيل جي کوھن منجھان
    فاعدو پرايو آھي. دراصل جديد تھذيب، انھيءَ لٽ مار جو ئي نانءُ
    آھي. برادران اسلام! سامراج وڏي ڄمار کان سازش ۾ رڌل آھي.
    مڪو مدينو ھن جي اثر ھيٺ اچي چڪو آھي، بصري ۽ بغداد تي
    صليبي جھنڊو ڦڙڪيون ٿو ھٹي، بيت المقدس منجھان توحيد جو پاڇو
    گم ٿي چڪو آھي، شيخ الاسلام کي مالٽا موڪلي، جلاوطن ڪيو
    ويو. شاھي خاندان جا ستر کان مٿي ماٹھو گرفتار آھن، تيرھن سئو
    ورھين جي اسلامي تاريخ جو ورثو يعني خلافت خاتمي جي ويجھو
    آھي.
    ”ڇا مسلمان انھيءَ کان به وڌيڪ تباھي ڏسڻ جا منتظر آھن؟
    اھڙين حالتن منجھه مسلمانن جي بي حسي افسوسناڪ آھي. ھي
    روئڻ جو مقام آھي. ڀائرو! اسلامي حڪمن موجب مقدس جاين کي
    ڪفر جي پاڇي کان بچائڻ ۽ مسلمانن جي خليفي جي دنوي اقتدار
    کي بچائڻ، اسان جو فرض آھي. انھيءَ ڏس ۾ اسين جاءِ بجا
    سرڪار کي خبردار ڪندا رھيا آھيون ته، جيڪڏھن فيصلو
    مسلمانن جي خلاف ٿيو ته اسين اھو سڀ ڪجھه ڪري
    ڇڏينداسون، جيڪو اسلام جي گھرج آھي. انھن حالتن ۾ ھاٹي اسين
    اوھان کي صاف صاف چئون ٿا ته جھاد توھان تي فرض ٿي چڪو
    آھي. پر جيئن ته ھٿيار اسلح ۽ ٻيو سامان ڪونھي، انھيءَ ڪري
    ڪنھن ٻئي ملڪ ڏانھن ھجرت ڪري وڃڻ کان سواءِ پنھنجي ايمان
    کي بچائڻ جو اوھان لاءِ ٻيو ڪو رستو ڪونھي. خدا جو شڪر
    · آھي جو سخت پريشانيءَ جي حالت ۾ امير افغانستان غازي امان ا
    ھجرت ڪرڻ وارن سان، پنھنجي وسيع ۽ خداد سلطنت ۾ مالي مدد
    ڪرڻ جو وعدو ڪيو آھي.
    ”اسين انھيءَ سلسلي ۾ ضروري انتظامات ڪريون پيا.
    جيستائين عملي طور ھجرت نه ٿئي، انھيءَ وقت تائين، سرڪار
    سان قطع تعلق ڪيو وڃي. فوج ۾ ڀرتي نه ٿجي ۽ سرڪاري
    ڪورٽن جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي.“
    مولانا جي اھا صدارتي تقرير ڏيڍ ڪلاڪ جي آھي. انھيءَ
    تقرير ۾ مولانا، ابوالڪلام آزاد جي الھلال جا ڪيئي حوالا ڏنا آھن.
    ھتي ھيءَ ڳالھه ٻڌائڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندي ته، ننڍي کنڊ ۾
    اسلام جي انقلابي تصور جي دعوت جي شروعات مولانا ابوالڪلام
    آزاد جي لکٹين سان ٿي آھي. شيخ الھند کان وٺي مولانا تاج محمود
    امروٽيءَ تائين، سڀ ابوالڪلام جي لکٹين کان متاثر نظر ٿا اچن.
    شيخ الھند مولانا محمودالحسن جي ھيءَ چوٹي مشھور آھي ته، اسان
    سڀني اسلام جو اصلي ڪم ڇڏي ڏنو ھو، ۽ اھو اسان کي ابوالڪلام
    آزاد ياد ڏياريو. اھڙي طرح مولانا شوڪت علي جو چوڻ ھو ته
    ايمان جو صحيح دڳ اسان کي ابوالڪلام ئي ڏيکاريو آھي. الوحيد
    اخبار جي ساندھه پڙھائيءَ منجھان اھا ڳالھه اُڀري آئي ته، مولانا تاج
    محمود امروٽي پڻ آزاد جون لکٹيون لاڳيتون پڙھندو رھندو ھو.
    اصل ۾ جيڪب آباد واري ڪانفرنس جي ڪاميابي، رڳو
    مولانا صاحب جي ڪري ئي ھئي. انھيءَ ڪري ساڳيءَ ڪانفرنس
    ۾ مولانا جي دوستن جو وڏو تعداد موجو ھو. جيڪب آباد واري
    ڪانفرنس سڄي سنڌ ۾ ھجرت لاءِ وڏو جذبو ۽ جوش پيدا ڪيو ھو.
    انھيءَ ڪري، انتظاميه جيڪب آباد ۾ ظلم وتشدد ۽ ڏاڍاين جو
    سلسلو شروع ڪري ڏنو ته جيئن اڳياڙيءَ ۾ ئي، انھيءَ جذبي جا
    گونچ پٽي، انھيءَ کي ختم ڪيو وڃي. ھڪ خلافتي ڪارڪن منشي
    خدا بخش کي چيو ويو ته ھن جون لکيل درخواستون، ڪنھن به
    ڪورٽ ۾ قبوليون نه وينديون. بعد ۾ انھيءَ کي گرفتار ڪري جيل
    اماٹيو ويو. سردار رسول بخش، جيڪو نھايت وڏي ڄمار وارو ھو ۽
    3 ھزار سالياني ڍل ڀريندڙ ھو، کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس ٻارنھن
    مھينن جي جيل جي سزا ڏني وئي. سپاھي محمد دائود، جنھن
    ڪانفرنس جي موقعي تي مستعفي ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ھو ۽ وعدي
    جي مطابق استعيفا ڏئي به ڇڏيائين، انھيءَ کي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس
    گھرائي مارڪٽ ڪئي ۽ کيس ڌمڪيون ڏنيون. اھڙي طرح ھڪ
    زميندار کي سڏائي، ڊپٽي ڪليڪٽر دروازو بند ڪري کيس
    مارڪٽ ڪئي.
    1 ع) 9 3 3 مئي 0 (ھفتيوار الامين، 1
    جيڪب آباد جي واقعن تي الامين ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ
    جيڪو اداريو لکيو ھو، تنھن جا چند نڪتا ڏجن ٿا:
    جيڪب آباد جي سرحدي شھر ۾ جيڪي عملداري زيادتيون اڄ
    ڏينھن تائين ظاھر ٿي چڪيون آھن، تن جو احوال سنڌ ۽ ھند جي
    مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آھي. جيڪب آباد غفلت ۾ ٻڏل ھو.
    مسٽر سمائيٿ (ضلعي انتظامي آفيسر) ان کي سڌارڻ جو ھڪ
    سڌريل طريقو اختيار ڪيو، يعني ڪشتيءَ جي چيلنج ڏنائين، جنھن
    جو نتيجو اھو نڪتو جو ساري علائقي ۾ نئون روح ڦوڪجي ويو ۽
    مسٽر سمائيٿ ان کي روڪڻ لاءِ پنھنجي بنگلي جي چوڌاري ڊبل
    پھرو بيھاريو.
    مسٽر سمائيٿ ڪجھه به ڪري، پر اسان کيس يقين ٿا ڏياريون
    ته حق ۽ صداقت جي آواز کي ھو ھرگز دٻائي نٿو سگھي. توھان
    صفحه ھستي تان خلافت کي مٽائي سگھو ٿا، پر مسلمانن جي دلين
    مان ھرگز مٽائي نٿا سگھو.
    1 ع) 9 2 3 مئي 0 (الامين 1
    1 ع تي 9 2 واضح ھجي ته شيخ عبدالمجيد سنڌي نومبر 0
    الوحيد جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ھو. انھيءَ کان اڳ، ھو الامين حيدرآباد
    جي ادارت جا فرائض سرانجام ڏئي رھيو ھو. جيڪب آباد
    1 ع تي، حيدرآباد ۾ خلافت 9 2 2 مئي 0 ڪانفرنس کان پوءِ، 2
    ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ ٻاويھن ماٹھن تي ٻڌل ھڪ ڪميٽي
    ٺاھي وئي، جنھن جو ڪم قطع تعلقات جي تحريڪ کي ڪامياب
    بنائڻ ھو. انھيءَ ڪميٽيءَ ۾ مولانا تاج محمود امروٽي به شامل ھو.
    انھيءَ اجلاس ۾ خلافت ڪميٽيءَ جون چونڊون ٿيون. جن موجب
    ھارون، نائب صدر مولانا تاج محمود · ڪميٽيءَ جو صدر عبدا
    امروٽي ۽ سيڪريٽري جان محمد جوٹيجو کي مقرر ڪيو ويو.
    ھيءَ ڳالھه ٻڌائڻ جوڳي آھي ته، ساڍن ستن سون ماٹھن تي
    1 9 2 مشتمل، ھجرت جو پھريون قافلو جيڪو تاريخ 9 جولاءِ 0
    واھي“ چوڻ · عه تي لاڙڪاٹي کان روانو ٿيو، انھيءَ قافلي کي ”ا
    واسطي، مولانا تاج محمود امروٽي پشاور تائين ويو ھو. انھيءَ کان
    پوءِ، سنڌ جي مھاجرن جو ٻيو قافلو، مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي
    سرواٹيءَ ھيٺ روانو ٿيٹو ھو، جنھن جا سمورا انتظام مڪمل ٿي
    چڪا ھئا. انھيءَ سلسلي ۾ ھفتيوار الحق سکر ۾ ھي خبرون ڇپيون:
    2 آگسٽ تي شڪارپور مان روانو ٿيندو. اھڙو ٻيو قافلو 0
    اطلاع مولانا تاج محمود امروٽي پاران مليو آھي، ۽ ٽيون قافلو
    جيڪب آباد شھر مان تيار ٿيندو.
    1 ع) 9 2 1 جولاءِ 0 (الحق 0
    عام ۽ خاص مسلمان ڀائرن کي اطلاع ٿو ڏجي ته اسان ارادو
    1 آگسٽ تي اسپيشل ٽرين ذريعي وڃون. ڪيو آھي ته، تاريخ 3
    ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آھن، ٽڪيٽن کان سواءِ ڪوبه گاڏي
    تي سوار ڪونه ٿي سگھندو، ھر ھڪ ماٹھوءَ کي روانگيءَ جي وقت
    6 روپيه ضرور ھئڻ گھرجن. 0
    المشتھر: فاني الوجود
    تاج محممود شاه امروٽ
    1 ع) 9 2 3 جولاءِ 0 (الحق 1
    انھن سمورن انتظامن کان پوءِ، عين موقعي تي ھي اطلاع آيو
    ته افغانستان سرڪار پنھنجين مشڪلاتن جي ڪري، مھاجرن جي
    وڌيڪ آبادڪاريءَ لاءِ منع ڪيو آھي، جنھنڪري ٻئي قافلي جي
    روانگيءَ جي پروگرام کي ملتوي ڪيو ويو.
    مولانا تاج محمود امروٽي ۽ سندن ساٿين، خلافت جي حق ۾
    سنڌ ۾ جيڪا فضا پيدا ڪري ڇڏي ھئي، انھيءَ جو ڪاٿو، مالي
    قربانين جي انھن وچورن وچان ڪٿي سگھجي ٿو، جيڪي الڳ الڳ
    مھلن تي ان زماني جي اخبارن ۾ ڇپبا رھندا ھئا، انھيءَ ڏس ۾ خاص
    طور تي ”الحق“ ۾ شايع ٿيل رڳو انھن واقعن جو بيان ڪبو:
    ”اسان کي ھي معلوم ڪري خوشي ٿي آھي ته، ھڪ مسلمان
    2 ھزار روپين جي زمين کپائي، ان جي رقم پنھنجي ھڪ لک 3
    مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي حوالي ڪرڻ جو وعدو ڪيو آھي.“
    1 ع) 9 2 1 جولاءِ 0 (الحق 0
    2 ھزار رتوديري جي وڏيري ميان علي حسن گھانگھرو 5
    روپين جي زمين تحريڪ خلافت جي فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو
    آھي. ساڳي طرح سيوھڻ ڪانفرنس جي موقعي تي ھڪ مولوي
    صاحب ساڍا ٽي ايڪڙ زمين ھن فنڊ ۾ ڏيٹي ڪئي آھي.“
    1 ع) 9 2 (الحق 8 مئي 0
    1 ع تائين، سنڌ 9 2 3 جولاءِ 1 1 ع کان 1 9 1 اڪٽوبر 9
    جي مرڪزي بيت المال ۾ جيڪي رقمون گڏ ٿيون، انھن جو تفصيل
    ھيٺ ڏجي ٿو:
    سنڌ جي مرڪزي خلافت ڪميٽي جنھن جو دفتر ڪراچي ۾
    3 1 ع کان 1 9 1 آھي تنھن جي سپرنٽنڊنٽ مسٽر دين محمد 9
    1 ع تائين جو حساب ڪتاب موڪليو آھي. ان 9 2 جولاءِ 1
    6 روپيه (يعني پنجھٺ 5 9 6 6 ¸ 6 ¸ مطابق، خلافت فنڊ ۾ 3
    ھزار نو سئو ڇاھٺ روپيه 6 آنا ۽ پئسا) آمدني ٿي. سمرنا فنڊ ۾ 4
    2 روپيا (يعني ويھه ھزار چار سو يارنھن روپيه، 0 4 1 1 ¸ 1 ¸
    5 ھڪ آنو ۽ چار پئسا) آمدني ٿي. خلافت جي رسيدن جو وڪرو 5
    4 روپين جو ٿيو. خلافت سان لاڳو ڪتابن جو وڪرو (جي 1
    2 روپين جو ٿيو. ڪراچي 9 ¸ 6 ¸ ڪتاب بمبئي کان آيل ھيا) 0
    9 روپيا ٿيو. 0 5 6 2 ¸ 1 ¸ مرڪزي دفتر جو جملي چندو 7
    بمبئي مرڪزي ڪميٽي جي پاران سيد ذاڪر علي، حساب تپاسي
    سرٽيفيڪيٽ ڏنو آھي ته حساب صاف آھي.
    1 ع) 9 2 2 آگسٽ 1 (الحق 7
    واضح ھجي ته، ھي انھيءَ رقم جا انگ اکر آھن، جيڪا سنڌ
    جي مرڪزي بيت المال ۾ جمع ٿي. مڪاني خلافت ڪميٽين پنھنجا
    خرچ پکا پاڻ وٽ رکيا ھئا، تن جو تفصيل الڳ آھي.
    مولانا تاج محمود امروٽي ھڪ پاسي سنڌ جي خلافت ڪميٽيءَ
    جو نائب صدر ۽ سکر ضلع جو صدر ھو، ته ٻئي طرف پاڻ جمعيت
    علماءِ ھند جي سنڌ واري شاخ جو صدر پڻ ھو. مولانا صاحب جن
    جي سامراج دشمني، جذبه جھاد ۽ آزاديءَ جي امنگن جو اندازو،
    انھن ٺھرائن منجھان لڳائي سگھجي ٿو، جيڪي جمعيت جي
    2 2 جولاءِ 0 ڪانفرنسن منجھه بحال ڪيا ويندا ھئا. مثال طور، 0
    1 ع تي سندن صدارت ھيٺ سنڌ جمعيت جو اجلاس ٿيو. انھيءَ 9
    اجلاس ۾ ھيٺ ڄاٹايل فيصلا ٿيا ۽ ٺھراءَ بحال ٿيا:
    1 (جمعي ۽ عيدين لاءِ تفصيل وار ترجمي سان خطبو تيار )
    ڪجي، جنھن ۾ خلافت اسلاميه جي متعلق ضروري معلومات ھئڻ
    گھرجي.
    2 (عالمن جو ھڪ وفد، پيرن ۽ زميندارن وٽ وڃي ۽ کين )
    خلافت عظميٰ جي اھميت کان واقف ڪرائي.
    3 (انگريزي حڪومت سان قطع تعلق ھڪ ديني فرض آھي. )
    4 (قطع تعلقات جي ڪري جيڪي ماٹھو ممبري يا نوڪري )
    ڇڏين ٿا انھن جي جاءِ تي ڪم ڪرڻ مسلمانن لاءِ حرام آھي، ان
    سلسلي ۾ ھڪ فتويٰ علماءِ ڪرام جي صحيحن شايع شامل ڪئي
    ويندي.
    5 (خلافت جي لاءِ ڪم ڪندڙن تي جيڪي ظلم ٿي رھيا )
    آھن، انھن جي ڀرپور مذمت ڪرڻ لاءِ ھڪ ڏينھن ملھايو وڃي.
    6 (سڄي دنيا جي علماءِ ڪرام جي ھڪ متحده ڪانفرنس )
    جي سرپرستي ۾ منعقد ڪئي · دوتل افغانستان ۾ امير امان ا
    وڃي، جنھن ۾ اسلام جي بچاءَ لاءِ تدبيرون سوچيون وڃن.
    7 (سنڌ ۾ ھڪ مشترڪه دارالفتويٰ قائم ڪجي. )
    1 ع) 9 2 (”الوحيد“ 4 جولاءِ 0
    مولانا تاج محمود امروٽي پنھنجي ديني خدمتن، اسلامي جذبي،
    سامراج دشمني ۽ علمي وجاھت جي لحاظ کان، ھندستان ليول جي
    1 ع ۾ ھو اسان کي 9 2 شخصيت بٹجي ويو ھو. جنھنڪري سال 0
    جمعيت علماءِ ھند جي سالياني ڪانفرنس جي صدارت ڪندي نظر
    ٿو اچي، جنھن جي خبر روزانه الوحيد ھن طرح ڏني:
    ”ڪلڪته ۾ جميعت علماءِ ھند جو ھڪ خاص اجلاس ٿيو،
    جنھن جي صدارت مولانا تاج محمود امروٽيءَ جن ڪئي. ان اجلاس
    مولانا مسعود علي ندوي، ، · ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد مفتي ڪفايت ا
    مولانا شائق احمد عثماني، مولانا عبدالماجد بدايوني، مولانا محمد
    دائود غزنوي ۽ ٻين سون علماءِ ڪرام شرڪت ڪئي. اجلاس ۾
    ترڪ موالات لاءِ فتوي، ھجرت جي ضرورت ۽ ان جي جواب ۾
    سنڌ ۾ ظالمانه ڪاروائين تي اظھار نفرت جون قراردادون منظور
    ٿيون.“
    1 ع) 9 2 1 سيپٽمبر 0 (الوحيد 5
    انھيءَ خبر کي وري ھفتيوار الحق سکر نھايت ئي تفصيل سان
    شايع ڪيو آھي. اخبار لکي ٿي:
    ”مولانا امروٽيءَ جي صدارت ۾ ڪلڪتي ۾ جيڪا ڪانفرنس
    فرنگي · ٿي، تنھن ۾ مولانا عبدالماجد بدايوني، مولانا سلامت ا
    محل، مولانا ابويوسف اصفھاني، مولانا رياست علي شاه ۽ ٻيا سوين
    عالم شريڪ ھيا.
    ”ھن جلسي ۾ قطع تعلقات يا ترڪ موالات لاءِ قرارداد منظور
    ٿي. مولانا ابوالڪلام آزاد تجويز پيش ڪئي ۽ سڀني عالمن انھيءَ
    فتويٰ تي صحيحون ڪيون. ڪانفرنس ۾ ٻيو سوال ھجرت جو پيش
    ٿيو. فيصلو ٿيو ته مرڪزي خلافت ڪميٽي جو ھڪ وفد، اعليٰ
    حضرت امير افغانستان جي خدمت ۾ حاضر ٿئي ۽ مھاجرين جي
    ضروري امور بابت فيصلو ڪري.
    ”ھڪ ٺھراءَ نظام شرعي جي تقرر بابت ھو، جنھن جو مقصد
    ھي بيان ڪيو ويو ته، سڄي ھندستان جي مسلمانن لاءِ ھڪ اعليٰ
    محڪمه شريعت قائم ڪيو وڃي، جنھن جي نظر ھيٺ اوقاف، مقدمه
    تعليم ۽ ٻيا مختلف اسلامي ڪم پنھنجي سرانجاميءَ کي پھچن. مطلب
    ته ھند جي مسلمانن جي آئنده زندگي، اسلامي زندگي ٿي گذر ٿئي.
    ھن محڪمه جي تفصيلي قوانين ۽ خاڪي لاءِ مولانا اسفھاني کي
    مقرر ڪيو ويو آھي ته ھو شيخ الھند مولانا محمودالحسن، مولانا
    عبدالباري فرنگي محل، مولانا آزاد، مولانا عبدالماجد دريا آبادي ۽
    جي مشورن سان مرتب ڪري، جمعيت · مولانا مفتي ڪفايت ا
    جي ٻئي اجلاس ۾ اھو خاڪو پيش ڪندو.
    ( 1 9 2 1 آڪٽوبر 0 (الحق 2
    عام اجلاس جي صدارت ۽ عالمن جي تنظيمي اجلاسن ۾ وڏو
    فرق ھوندو آھي. انھيءَ منجھان اھا ڳالھه ثابت ٿئي ٿي ته مولانا
    1 امروٽي زبردست ديني، علمي ۽ سياسي خدمتن جي عيوضي ۾، 0
    1 ع تائين سڄي ھندستان ۾ شھرت حاصل ڪري چڪو ھو ۽ 9
    جھڙن ماٹھن وٽ تحريڪ · ابوالڪلام آزاد ۽ مفتي ڪفايت ا
    آزاديءَ جو ھيرو ڪري مڃيو ويندو ھو.
    آزاديءَ جي انھن تحريڪن ۾ اثرائتي ڪردار ادا ڪرڻ کان
    سواءِ مولانا تاج محمود امروٽيءَ جو ٻيو وڏو وڪارنامو اھو آھي ته
    خلافت واري تحريڪ جي ناڪاميءَ کان پوءِ آرين جي پاران ھلايل
    شنگھٽن ۽ سنگھڙ تحريڪ جو پڻ ھن مقابلو ڪيو. شڌي جون اھي
    تحريڪون سنڌ ۾ خوفناڪ طريقن سان اٿيون ھيون ۽ ھندو واپاري
    ۽ مالدار انھن تحريڪن جي سرپرستي ڪندا ھئا. ھتي آرين جي
    سرگرمين ۽ مسلمانن جي مذھبي حالت زار پيش ڪرڻ جو موقعو
    ڪونھي، تنھن ھوندي به ھڪ اڌ واقعو ضرور ٻڌائبو.
    1 ع ۾ آرين ھڪ نئين مسلمان ٿيل عورت 9 2 لاڙڪاٹي ۾ 7
    کي برغلائي شڌي ڪري ڇڏيو. ھيءَ عورت پرٹيل ھئي ۽ کيس،
    مسلمان مڙس منجھان 3 ٻار ھئا، جن جون عمريون نون کان
    چوڏھن سالن تائين جون ھيون، آرين، انھيءَ عورت سان گڏ سندس
    ٻارن کي به گم ڪري ڇڏيو ۽ اھو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو ته اھي ٻار
    پڻ شڌي آھن ۽ پنھنجيءَ ماءُ سان گڏ رھندا. مسلمانن وس آھر
    ڪوشش ڪئي ته اھي ٻار کين واپس ملي وڃن، پر جيئن ته
    انتظاميه ۽ ڪورٽن ۾ رڳو ھندو ڇانيل ھئا، انھيءَ ڪري اھا
    ڪوشش ناڪام وئي. جنھنڪري مسلمانن لاڙڪاٹي ۾ ھڙتال جو
    فيصلو ڪري ڇڏيو. ھڙتال ۾ ڀڃ ڊاھه ۽ ڪجھه ڦرلٽ به ٿي. انھيءَ
    کان پوءِ لاڙڪاٹي جي مسلمانن تي ابتلا ۽ آزمائش جو ھڪ نئون
    دور شروع ٿي ويو. سئو کان وڌيڪ مسلمانن کي گرفتار ڪيو ويو
    ۽ ھڪ سال تائين ڪيس ھليو.
    اھڙي طرح وري ھڪ ھندو مائي مسلمان ٿي، جنھن جو نانءُ
    ”اسلام خاتون“ رکيو ويو. انھيءَ عورت کي جنھن نموني پريشان
    ڪيو ويو، تنھن جو تفصيل ميرپور خاص کان نڪرندڙ مسلمانن جي
    ھفتيوار رسالي ”مسلمان“ ۾ بيان ڪيل آھي. رسالو لکي ٿو:
    ”غريب بي واه“ اسلام خاتون ھن وقت سخت دار و گير ۾ آھي.
    ڪيترا ڏينھن لاڪ اپ جون ھوائون کائي تنگ اچي وئي آھي. اسان
    وٽ سندس تازو خط پھتو آھي، جنھن جي پڙھڻ سان دل تڙپي رھي
    آھي، ڪليجو پرزا پرزا ٿي رھيو آھي. اکيون روئي رھيون آھن ته
    ھاءِ ھاءِ اسلام جي ھڪ سخت شيدائڻ سان ڪھڙيون ڪھڙيون
    ڪارستانيون ٿي رھيون آھن. اسين سندس خط سندس اکرن ۾ھيٺ
    ڏيون ٿا.
    ”سنڌ جي مسلمان ڀائرن کي اپيل: ڀائرو ھڪ مسلمان ڀيڻ کي
    ظلم کان بچايو. مان اسلام خاتون عرف ڪشني برھمٹي اٻاوڙو
    عرض ٿي ڪريان ته منھنجو ڪيس جيڪو روھڙي ۾ رکيل ھو
    ھاٹي اوٻاوڙو ٽرانسفر ٿيو آھي. مان ماجسٽريٽ کي عرض ڪيو ته
    اوڏانھن منھنجو خون ٿيندو ليڪن پنچائيت جي زور تي ائين ڪيو
    ويو، مون تي وقت بوقت زور آندو ويو آھي ته مان اسلامي مذھب
    ڇڏيان، جنھن ڳالھه کان مون انڪار ڪيو آھي. منھنجي سر وڃائڻ
    لاءِ ڪيس ٽرانفسر ڪيو ويو آھي.
    خدا جي نالي تي منھنجي مدد ڪريو ۽ منھنجو خون ٿيڻ کان
    بچايو ۽ انھيءَ لاءِ جوڳو بندوبست ڪريو.
    اسلام خاتون
    سکر
    1 ع)“ 9 2 2 ڊسمبر 4 (ھفتيوار مسلمان 9
    اھي ھيون حالتون جن ۾ مولانا تاج محمود امروٽيءَ شڌي ۽
    آريه تحريڪن جو مقابلو ڪيو. انھيءَ ڏس ۾ ڪتاب شايع ڪيا،
    سڄي سنڌ جا دورا ڪيا. تقريرون ۽ وعظن کان ڪم ورتو ۽
    ڪيسن سان منھن ڏنو. مولانا جي انھن ڪوششن جو نتيجو ھو جو
    سنڌ ۾ ست ھزار ھندن، سندن ھٿ ھيٺ اسلام قبوليو، جن جي نالن
    جو رڪارڊ امروٽ ۾ ھن وقت به موجود آھي.
    مولانا تاج محمود امروٽيءَ عمر جي پوئين حصي ۾، جڏھن ھو
    ڪافي ضعيف ٿي چڪو ھو، انگريز سان بئراج جي رستي ۾ اچي
    شھيد ٿيندڙ مسجدن واري معاملي تي پڻ ٽڪر کاڌو. جنھن جو
    1 ع ۾ جڏھن سکر بئراج جو ڪم شروع 9 3 تفصيل اھو آھي ته 6
    ٿيو ته درياھه جي ٻنھي پاسن کان وڏيون ڪئنالون ۽ واھه کوٽايا ويا.
    انھن واھن جي وچ ۾ ڳوٺ آباد ٿيل ھئا، جن ۾ مسجدون پڻ اڏيل
    ھيون. ڳوٺن جي رھواسين کي ڳوٺن خالي ڪرڻ جا نوٽس ڏنا ويا ۽
    انھيءَ جي عيوضي ۾ ھنن کي ٻيون جايون ڏنيون ويون. واھن جي
    کوٽائيءَ لاءِ جتي پراٹن گھرن ۾ ڳوٺن کي مشينن جي منھن منجھه
    ڏنو ويو، اتي مسجدن کي پڻ شھيد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
    انھيءَ موقعي تي مولانا تاج محمود امروٽي، حڪومت کي
    درخواستون موڪليون ته مسجدن کي شھيد نه ڪيو وڃي، پر
    حڪومت ھن جي درخواستن کي ڪا اھميت ڪانه ڏني، نتيجي
    طور مولانا صاحب ٽن مسجدن جي بچاءَ لاءِ ميدان ۾ آيو ۽ پنھنجي
    مريدن ۾ جھاد جو اعلان ڪري ڇڏيائين. ماٹھو وڏي تعداد ۾ مسجدن
    جي چوڌاري ۽ اندر ٻاھر ويھجي ويا. نھايت ضعيف ھئڻ جي باوجود
    مولانا ھن تحريڪ جي اڳواٹي پاڻ پنھنجي ھٿن سان ڪئي.
    سرڪار جي لاءِ سنگين صورتحال پيدا ٿي پئي. مولانا امروٽيءَ
    کي سمجھائڻ لا ءِ حڪومت ھر ممڪن طريقو اختيار ڪيو. پنھنجي
    منظور نظر وڏيرن جي ذريعي، مولانا کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش
    ڪئي. انھن مسجدن جي عيوضي ۾ ٻين جاين تي، بھترين مسجدن
    جي جڙاوت جو وعدو ڪيو ويو، پر تنھن ھوندي به مولانا تيار نه
    ٿيو. جنھنڪري حڪومت جي لا ءِ انھيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو دڳ ئي
    نه رھيو ته ھو ھن آڏو جھڪي پوي، ۽ انھن مسجدن کي شھيد
    ڪرڻ کان مڙي وڃي. انھن مسجدن ۾ ھڪ مسجد امروٽ شھر جي
    ويجھو کيرٿر واھه ۾، جوٹيجن جي ڳوٺ ۾ ھئي. ٻي مسجد به انھيءَ
    ئي واھه ۾ ڊکٹن جي شھر ۾ واقع ھئي. ٽين مسجد روھڙيءَ جي
    ويجھو ايجابي ڳوٺ ۾ ھئي. اھي ٽئي مسجدون اڃا تائين قائم آھن.
    مسجدن جي بچاءَ ۽ ان سان ڳانڍاپيل تحريڪ جو ذڪر الوحيد اخبار
    ۾ لاڳيتو شايع ٿيندو رھيو.
    مولانا صاحب جي جذبه جھاد جو اندازو ھڪ واقعي منجھان
    لڳائي سگھجي ٿو. مولانا صاحب جھاد جي نيت سان ڪيئي گھوڙا
    پاڻ وٽ ڳنھي رکيا ھئا، جيڪي مختلف دوستن جي حوالي ڪري
    ڇڏيا ھئا، ته جيئن جڏھن به جھاد جي لاءِ ضرورت پوندي ته واپس
    وٺبا ۽ ڪم ايندا. مطلب ته جھاد جي ڳالھين منجھان کين وڏو سرور
    ۽ راحت حاصل ٿيندي ھئي، ۽ اھڙيون ڳالھيون، اڪثر سندن مجلس
    ۾ ٿينديون رھنديون ھيون.
    1 ع) 9 3 (تفصيل لاءِ ڏسو الوحيد جو سنڌ آزاد نمبر 6
    مولانا جي ايماني غيرت جو اندازو انھيءَ ڳالھه منجھان لڳايو
    1 ع ۾ جڏھن شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ الوحيد جي 9 2 ته جولاءِ 9
    ايڊيٽوريل بورڊ جي ھڪ رڪن مولانا عبدالڪريم چشتيءَ تي
    لاڙڪاٹي ۾ ڪيس ڪيو ويو، ته مولانا صاحب پنھنجي مريدن ڏانھن
    ھيٺيون خط لکيو:
    ”اوھان کي معلوم آھي ته ھن وقت مولانا عبدالڪريم چشتي ۽
    حاجي شيخ عبدالمجيد سنڌي تي بي گناھه مقدمو ٿيو آھي. اھو مقدمو
    انھن مجاھدين اسلام ۽ سنڌ جي مسلمانن جي ايمان جي آزمائش آھي.
    تنھنڪري مان پنھنجي معتقدين، متعلقين، دوستن ۽ واقف ڪار
    خليفن کي خصوصن ۽ عام مسلمانن کي عمومن پر زور لفظن م
    عرض ٿو ڪريان ته، ھنن مظلومن جي حمايت ۾ جلد از جلد امداد
    شروع ڪندا ته جيئن مان اکين سان امداد ڪندڙ ڀائرن جا نالا
    ”الوحيد“ ۾ پڙھي خوش ٿيان. جي پنھنجو نالو ظاھر ڪرڻ نٿا گھرن
    سي ”ھڪ مسلمان“ جي نالي پنھنجي رقم جو انگ ظاھر ڪرائيندا.
    چندو ايڊيٽر الوحيد جي نالي تي موڪليندا.
    تاج محمود امروٽي
    1 ع) 9 2 2 جولائي 9 (الوحيد 5
    اندازو لڳايو ته الوحيد جي ايڊيٽر ۽ ان جي اداريه نويس تي
    ڪيس ٿئي ٿو ته مولانا موصوف جن جون ڇا ته فيلنگز آھن.
    1 ع تي، 9 2 2 نومبر 9 بھرحال سنڌ جو ھي عظيم سپوت 5
    اسان کان ھميشه ھميشه جي لاءِ موڪلائي وڃي وٹڪار جي وڏن
    وٹن ۾ وڃي وسيو. مولانا جي انتقال تي مولانا نورمحمد نظاماٹيءَ
    ”نور اسلام“ ۾ ھيٺيون اداريو لکيو:
    آه! مولانا امروٽي.....!!!
    ھن قحط الرجال جي زماني ۾ حضرت قبله مولانا شاه
    ابوالحسن تاج محمود امروٽي جن جو وجود مسعود، اسان سنڌ جي
    مسلمانن لاءِ ھڪ وڏي برڪت جو باعث ۽ سلف صالحين جو سچو
    نمونو ھو. حضرت مولانا جن پنھنجي ساري زندگي، ھڪ سچي
    مجاھد جي صورت ۾ بسر ڪئي. اسلامي غيرت جي ڪا حد نه
    ھئي. ھميشه حڪومت جي ھر ناجائز حرڪت ۽ بيجا دست اندازيءَ
    مقابله لاءِ پتنگ وانگي  تي باوجود پيرسني جي ھي عاشق رسول
    ٽپي پوندو ھو. پنھنجي جان جي ڪا پرواه ڪانه ٿي ڪيائين.
    پرھيزگاري ۽ حق پرستي جي ڪھڙي ڳالھه ڪجي.
    مادر سنڌ وري اھڙو شخص ڪڏھن پيدا ڪري. مطلب ته ھن
    سرزمين جي اندر ھي باڪمال بزرگ ھڪ بي نظير ھستي ۽
    چمڪندڙ آفتاب ھو، جنھن جي فيض روحاني ۽ ڪمالات باطني،
    ھزارين مسلمانن جون دليون منور ڪري ڇڏيون. مگر آه! اسان جي
    شومئي قسمت! جو اڄ اھو شمس نوراني غروب ٿي ويو، ۽ اسان کي
    وانا اليه · داغ مفارقت ڏيئي ھميشه لاءِ اسان کان جدا ٿي ويو. انا
    راجعون.
    1 ع) 9 2 1 نومبر 9 (ھفتيوار ”نور اسلام“ 8
    مولانا صاحب جي مٿي ذڪر ڪيل واقعن منجھان اھا ڳالھه
    معلوم ڪرڻ ڏکي ڪانھي، ته ھو سنڌ ۽ سنڌ واسين جي لاءِ قيمتي
    سرمايو ھو. اسلام ڏانھن سنڌ جي رخ موڙڻ ۾، سندس جاکوڙ جو
    وڏو ھٿ آھي. جيئن ته ھندستان جي آزادي واري تحريڪ جي
    مرڪزي اڳواٹن سان ھن جا تعلقات تمام سٺا ھئا، انھيءَ ڪري
    سندس ذات جي حوالي سان سنڌ جو نالو روشن ٿيو. پر ھيءَ ڪيڏي
    نه بدقسمتي آھي جو اسان جي ملڪ جا اڄ جا نوجوان مولانا تاج
    محمود امروٽيءَ جي ڇڙي نانءَ منجھان ئي واقف ڪونھن!!! ھئڻ ته
    اھو گھربو ھو ته سندس نالو ۽ ڪارناما ڪورس جي ڪتابن ۾
    شامل ٿين، پر اسان جي پنھنجي محسنن ۽ اسلام جي انقلابي اڳواٹن
    سان اھڙي چڱي سلوڪ سان ڪڏھن پيش آيا آھيون؟ جو مولانا تاج
    محمود امروٽيءَ جي لاءِ توقع رکي سگھون.
    جان محمد جوٹيجو
    جان محمد جوٹيجو، سنڌ جي تاريخ جو اھو سورمو آھي، جنھن
    خلافت واري تحريڪ کي سنڌ ۾ ڪامياب بنايو. سندس ڪاوشن ۽
    1 ع ۾ ساڍن ستن سون 9 2 ڪوششن جي ڪري، جولاءِ 0
    مسلمانن جو قافلو، ھڪ ٽرين ذريعي، پشاور روانو ٿيو، جتان وري
    انھن سنڌي مسلمانن افغانستان ڏانھن ھجرت ڪئي. سڄي ھندستان
    منجھان، ھجرت ڪرڻ وارن مسلمانن جو ھي پھريون قافلو ھو،
    جنھن دنيا ۾ انھيءَ دور ۾ مسلمانن جي خلافت جي حفاظت جي نيڪ
    مقصد ماٹڻ ڪارڻ، انگريز سرڪار جي خلاف احتجاج طور سنڌ
    مان ھجرت ڪئي. ھجرت جي اھا چرپر، جن سرواٹن جي ھٿ ھيٺ
    شروع ٿي ھئي، تن ۾ رئيس جان محمد خان جوٹيجي جو نالو ممتاز
    حيثيت ٿو رکي.
    1 ھه ۾ لاڙڪاٹي تعلقي جي ڳوٺ 3 0 جان محمد جوٹيجو 4
    ڌامراھا ۾ ڄائو. سندس والد حاجي عبدالڪريم صاحب، تر جو سٺو
    زميندار ھو. جان محمد، شروعاتي تعليم جنھن ۾ عربي ۽ فارسي
    ٻولين جو سکڻ شامل ھو، ڳوٺ ۾ ئي ورتي. انھيءَ کان پوءِ، سنڌ
    1 مدرسي ڪراچيءَ منجھان ھن ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. 0
    1 ع ۾ بيئريسٽريءَ جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ لنڊن روانو ٿيو. ٻن 9
    سالن جي ڪوششن سان بئريسٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪيائين، ۽
    1 ع 9 1 وڌيڪ پرئڪٽس جي لاءِ ٻيا به ٻه سال لنڊن ۾ ئي رھيو. 5
    ۾ وطن واپس وريو. مسلمان زميندار طبقي ۾ رئيس غلام محمد
    ڀرڳڙي کان پوءِ، ھي ٻيو باائٽ لاھيو. سنڌ موٽي اچڻ تي ھن پھريان،
    ڪراچيءَ ۾ ئي وڪالت شروع ڪري ڏني، پر ڪن سبب پٽاندڙ،
    ھن کي جلد ئي ڪراچي ڇڏي لاڙڪاٹي اچٹو پيو.
    لاڙڪاٹي ۾ ھن باقاعدي وڪالت جو ڪم شروع ڪري ڏنو.
    رئيس مرحوم جي آڏو، وڪالت کي ڌنڌي بنائڻ کان وڌيڪ مسلمانن
    جي خدمت ڪرڻ جو جذبو ھو، ڇو جو ڏوڪڙ ته ھو پنھنجي زمين
    منجھان به ڪمائي ٿي سگھيو. جيئن ته وڪالت ۾ مسلمانن جي
    حالت تمام زبون ھئي، انھيءَ ڪري ھن انھيءَ ميدان ۾ مسلمانن جي
    خدمت ڪرڻ گھري. لاڙڪاٹي کان سندس ڳوٺ پنجن ميلن کن جي
    پنڌ تي آھي. انھيءَ وچ ۾ سندس والد صاحب جو لاڏاٹو ٿيو، انھيءَ
    ڪري سندس ڳپل وقت پنھنجي زمينن جي واھر ڪندي گذرندو ھو.
    جوٹيجو صاحب، بنيادي زميندار ھو. ھن وٽ جھجھي زمين
    ھئي. خوشحالي ھن کي ورثي ۾ ملي ھئي. جديد تعليم منجھان پڻ بھره
    ور ھو. جديد تھذيب کي ھن ان وقت سندس گھر (لنڊن) ۾ ڏٺو ھو،
    جڏھن اھا عروج تي ھئي. پر انھيءَ خوشحاليءَ ۽ جديد تھذيب جي
    رنگ ۾ رنڱجڻ جي سڀني موقعن ھئڻ جي، ھو نه رڳو فرنگيت کان ئي
    متاثر نه ٿيو، البته اسلام تي ھن جو يقين پختو ٿي ويو، ۽ آزاديءَ جي
    لھر ھن جي وجود ۾ ائين پيدا ٿي، جو باقي زندگي ھن مسلمانن ۾
    آزاديءَ جي لھر ۽ فڪر پيدا ڪرڻ ۾ گذاري ڇڏي.
    خلافت تحريڪ ۾ جوٹيجي صاحب جو ڪردار ٻڌائڻ کان اڳ،
    انھيءَ تحريڪ جو پس منظر بيان ڪرڻ ضروري ٿيندو. پھرين جنگ
    عظيم ۾ ترڪيءَ ڪن مجبورين جي ڪري، اتحادين بدران،
    جرمنيءَ وارن جو ساٿ ڏنو. ترڪيءَ جي بادشاھه (جيڪو عثماني
    خلافت جي آخري نشاني ھو)، اسلامي دنيا کي جھاد جي لاءِ اپيل
    ڪئي ۽ اتحادين جي خلاف سندس جا ھٿ مضبوط ڪرڻ جي
    درخواست ڪئي. ترڪيءَ جي خلافت جو سڀ کان وڌيڪ اثر
    ھندستان جي مسلمانن قبول ڪيو ۽ ھتي مسلمانن منجھه تحريڪ
    پيدا ٿي وئي. انگريز، اسلام جي نالي تي مسلمانن جو ترڪيءَ جي
    بادشاھه سان وابستگيءَ کي ڏسي، ھتان جي مسلمانن کي يقين ڏياريو
    ته اتحادين جي فتح جي صورت ۾ ترڪيءَ کان ڪوبه بدلو نه ورتو
    ويندو. البته ترڪ ته ھنن جا دوست آھن، انھيءَ ڪري ترڪيءَ جي
    علائقي تي سندن قبضي جو ڪوبه پروگرام ڪونھي، پر جيئن ته
    ترڪيءَ سندن دشمن جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو آھي، انھيءَ ڪري
    مجبورن ھنن کي ترڪيءَ جي خلاف جنگ جو اعلان ڪرٹو پيو
    آھي. بھرحال، جنگ جي خاتمي تي ترڪيءَ سان ڪنھن به قسم جي
    حق تلفي نه ڪئي ويندي. انگريز ھڪ پاسي اھو اعلان ڪري،
    ھندستان جي مسلمانن کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا
    1 ع ۾ خفيه طور فرانس ۽ روس 9 1 ھئا، ته ٻئي طرف انگلستان 6
    سان ھڪ ٺاھه ڪيو. انھيءَ ٺاھه ھيٺ، ترڪيءَ جي سلطنت کي
    انھيءَ نموني ورھايو ويو ته استنبول ۽ سمنڊ جي وڏي علائقي کان
    سواءِ آرمينيا ۽ ڪردستان جو ھڪ حصو روس جي حوالي ڪيو
    ويو، ۽ ترڪيءَ جا والاريل عرب خطا، برطانيه جي تسلط ۾ ڏنا ويا.
    فرانس کي شام، اوانا، ملائيشيا، ۽ ڪردستان ڏنا ويا. اھو خفيه ٺاھه،
    1 ع تي ٿيو. انھيءَ کان پوءِ 9 1 انھن ملڪن جي وچ ۾ اپريل 6
    1 ع ۾ 9 1 ھڪ ٻئي ڳجھي ٺاھه ھيٺ اوانا ۽ سرمنا جا خطا 7
    اٽليءَ جي حوالي ڪيا ويا.
    ھوڏانھن انگريز مڪي جي شريف حسين سان اھو ٺاھه ڪيو
    ته ترڪن جي خلاف ھن جي مدد ڪرڻ جي صورت ۾ حجاز،
    عراق، شام، لبنان ۽ فلسطين جا علائقا ھن جي حوالي ڪيا ويندا.
    انھيءَ جو بنيادي ڪارڻ مسلمانن جي سياسي اداري، خلافت کي
    نيست ونابود ڪرٹو ھو. بھرحال انگريز ھڪ طرف، شريف حسين
    سان ٺاھه ڪري رھيو ھو ته ٻئي پاسي ھن فرانس سان ھڪ ٺاھه
    ڪري، شام ۽ لبنان جا علائقا ھن جي حوالي ڪري ڇڏيا. ترڪيءَ
    واري خلافت جي خلاف، اھي ۽ اھڙي قسم جون ٻيون سازشون
    ھيون، جيڪي ھندستان جي مسلمانن جي بيچيني وڌائي رھيون
    ھيون. نتيجي طو رانھيءَ مسئلي جي مختلف پھلوئن تي غور ڪرڻ
    ۽ ترڪيءَ جي سلطنت جي خلاف اتحادين جي سازشن سان منھن
    1 ع ۾ 9 1 ڏيڻ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ واسطي، نومبر 9
    دھلي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس جو پھريون اجلاس ٿيو. انھيءَ
    اجلاس ۾ سنڌ کان مولانا تاج محمود امروٽي، پير تراب علي شاھه،
    ھارون، شيخ عبدالعزيز ۽ جان محمد جوٹيجو شريڪ · سيٺ عبدا
    1 ع ۾ آل 9 1 ٿيا. انھيءَ ڪانفرنس کان ھڪ مھينو اڳ آڪٽوبر 9
    انڊيا مسلم ڪانفرنس جو اجلاس لکنو ۾ ٿيو. انھيءَ ڪانفرنس ھڪ
    1 ٺھراءَ جي ذريعي اھا اپيل ڪئي ته ھندستان جا مسلمان 7
    آڪٽوبر تي ترڪيءَ جي سلامتيءَ ۽ حفاظت لاءِ دعائون گھرن.
    انھيءَ ڏينھن کي پھريون يوم خلافت چيو ٿو وڃي. جان محمد
    جوٹيجي انھيءَ اپيل تي لبيڪ چوندي، لاڙڪاٹي ۾ پنھنجي بنگلي جي
    آڏو ھڪ، وڏو جلسو ڪيو، جنھن ۾ ترڪيءَ جي سلطنت جي
    خلاف، انگريز ۽ اتحادين جي سازش تي تفصيل سان روشني وڌي ۽
    پنھنجي غم ۽ غصي جو اظھار ڪيو. جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو ته
    نومبر ۾ دھليءَ ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس ٿيو، انھيءَ اجلاس ۾
    جان محمد جوٹيجي به شرڪت ڪئي. ھن ڪانفرنس ۾ سنڌ تي
    نوڪر شاھي جا ڪيل ظلم، جوٹيجي صاحب تفصيل سان ٻڌايا، ۽
    ٻڌايو ته سنڌ جي گاديءَ جو ھنڌ يعني بمبئي، صوبي کان گھٹو پري
    ھئڻ جي ڪري، سنڌ عملي طرح اڪثر نوڪر شاھيءَ جي رحم
    وڪرم تي آھي ۽ نوڪر شاھيءَ سنڌي مسلمانن جي جديد تعليم کان
    اٹواقفيت، سادگي ۽ اٻوجھائپ جي ڪري، کين لٽ مار جو نشانو
    بنائي رکيو آھي. جان محمد جوٹيجي جي تقرير جو اھو اثر ٿيو جو،
    ھن کان پوءِ جن به مرڪزي اڳواٹن تقريرون ڪيون، تن سنڌ تي به
    ڳالھايو ۽ انھن ظلمن جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ ھڪ ٺھراءَ ۾ پڻ
    انھن ظلمن کي سختيءَ سان ننديو ويو.
    خلافت ڪانفرنس جي انھيءَ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته
    1 1 کان 6 حڪومت جي پاران ٿيندڙ ”جشن صلح“ (جيڪو 2
    نومبر تائين ٿيو) جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. جمعيت علماءِ ھند جي
    عالمن پڻ، شرعي دليلن سان اھا فتويٰ جاري ڪئي ته انھيءَ ساڳئي
    ”جشن صلح“ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انھيءَ کي ڪامياب ڪرڻ، مسلمانن
    جي لاءِ روا ڪونھي. ڪانفرنس جي خاتمي تي دھليءَ ۾ ئي سنڌ
    منجھان شريڪ ٿيندڙ حضرات جو ھڪ اجلاس پڻ ٿيو، جنھن ۾
    اھي مڙئي بزرگ شريڪ ٿيا جن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو آھي.
    انھيءَ ميٽنگ ۾ ”جشن صلح“ بائيڪاٽ مھم کي ڪامياب ڪرڻ جي
    لاءِ ھر ھڪ جي لاءِ ضلعن جي ورڇ ڪئي وئي. جان محمد
    جوٹيجي کي لاڙڪاٹي جو ڪم حوالي ڪيو ويو.
    لاڙڪاٹي واپس اچڻ تي، جان محمد جوٹيجي مرحوم، پير تراب
    علي شاھه ۽ سيد انور علي شاھه جي تعاون سان، ھڪ احتجاجي
    جلوس ڪڍائڻ جو پروگرام رٿيو. ھزارن جي تعداد ۾ اشتھار ورھايا
    ويا. ھڪ وڏو جلسو به منعقد ڪرايو ويو. واپارين ۽ دڪاندارن
    ”جشن صلح“ جي دوران لاڳيتا پنج ڏھاڙا پنھنجو ڪاروبار بند رکيو.
    مولانا دين محمد وفائي مرحوم پنھنجي ڪتاب ”ياد جانان“ ۾ لکي ٿو
    1 نومبر تي لاڙڪاٹي ۾ ”جشن صلح“ جي خلاف جيڪا ته، ” 6
    ھڙتال ٿي ۽ ڪارن جھنڊن سان جنھن شان ۽ شوڪت سان جلوس
    نڪتو، اھو وڏي عرصي تائين ياد رھندو.“
    1 ع تي حيدرآباد ۾ خلافت ڪانفرنس جو 9 2 6 جنوري 0
    پھريون جلسو ٿيو. انھيءَ ۾ سڄي سنڌ کان خلافتي ورڪر ۽ علماءِ
    دين وڏي تعداد ۾ شامل ٿيا. جان محمد جوٹيجي ھتي ھڪ وڏي
    جذباتي تقرير ڪئي. پنھنجي تقرير ۾ ھن خاص ڪري لاڙڪاٹي
    ضلع ۾ نوڪر شاھيءَ جي ظلمن تي روشني وڌي. انھيءَ ڪانفرس
    ۾ جان محمد جوٹيجي جي تحرڪ تي، خلافت ڪانفرنس جو ايندڙ
    7 ۽ 8 ، اجلاس لاڙڪاٹي ۾ ٿيڻ جو فيصلو ٿيو، جنھن لاءِ 6
    1 ع جون تاريخون مقرر ٿيون. لاڙڪاٹي جي اھا 9 2 فيبروريءَ 0
    ڪانفرنس انھيءَ اعتبار کان وڏي اھميت واري ليکي ويندي جو
    انھيءَ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا شوڪت علي کي شريڪ
    ٿيٹو ھو. ڪانفرنس جي انتظامات جي سڄي ذميواري جان محمد
    جوٹيجي جي ڪلھن تي عائد ڪئي وئي. جان محمد صاحب انھيءَ
    ڪانفرنس کي سنڌ جي عظيم الشان ۽ مثالي ڪانفرنس بنائڻ سان
    گڏوگڏ پرزور ۽ پختن اثرن واري ڪانفرنس بنائڻ لاءِ، سڄي سنڌ
    منجھان سوين وڏيرن ۽ زميندارن کي ھن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ
    جي دعوت ڏني، ۽ ھر خيال جي عالمن کان سواءِ سڀني سياسي ۽
    سماجي ورڪرن کي پڻ دعوت نامه موڪليا ويا، جنھنڪري ھيءَ
    ڪانفرنس اميدن کان وڌيڪ ڪامياب ٿي. سڄي سنڌ منجھان
    ھزارين ماٹھو شريڪ ٿيا، مرڪزي ليڊرن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد،
    مولانا شوڪت علي ۽ مولانا عبدالباري شريڪ ٿيا. ھتي ھڪ ڳالھه
    جي وضاحت ضروري آھي ته سنڌ جي ھڪ محقق ڊاڪٽر ميمڻ
    عبدالمجيد سنڌيءَ ٽماھي مھراڻ جي ھڪ مضمون ۾ ۽ ھڪ ٻئي
    1 ع جي شماري ۾ 9 6 صاحب، ماھوار نئين زندگيءَ جي اپريل 8
    1 ع تي ٿي 9 2 7 ، ۽ 8 جون 0 ، ٻڌايو آھي ته اھا ڪانفرنس 6
    ھئي ۽ انھيءَ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، مولانا شوڪت علي ان کان
    سواءِ مولانا محمد علي جوھر، مسٽر گانڌي ۽ ڊاڪٽر ڪچلو به
    شرڪت ڪئي ھئي.
    2 7 ۽ 8 فيبروري 0 ، حقيقت اھا آھي ته ھيءَ ڪانفرنس 6
    1 ع تي ٿي ھئي ۽ مولانا محمد علي جوھر ۽ مسٽر گانڌي انھيءَ ۾ 9
    شريڪ ڪونه ٿيا ھئا. روزانه الوحيد ۽ ماھوار توحيد جي ايڊيٽر
    مولانا دين محمد وفائي صاحب، جان محمد جوٹيجي جي شخصيت
    1 ع ۾ لکيو 9 2 تي ”ياد جانان“ جي سري ھيٺ جيڪو ڪتاب 3
    7 ۽ 8 ، آھي، انھيءَ ۾ ھن ساڳيءَ ڪانفرنس جون تاريخون 6
    فيبروري ڄاٹايون آھن. مرڪزي ليڊرن منجھيان جن انھيءَ ۾
    شرڪت ڪئي، انھن ۾ ھن مولانا محمد علي جوھر ۽ مسٽر گانڌيءَ
    جا نالا ناھن ڏنا. جيئن ته مولانا دين محمد وفائيءَ انھيءَ ڪانفرنس ۾
    پنھنجي سر شرڪت ڪئي ھئي، انھيءَ ڪري ان ڏس ۾ ھن جي
    راءِ وڌيڪ وزنائتي ۽ اثرائتي ليکي ويندي. رئيس احمد جعفري،
    خلافت تي لکيل پنھنجي ڪتاب ۾ چوي ٿو ته مولانا محمد علي جوھر
    فيبروري جي شروعات ۾ مولانا سيد سليمان ندوي، ڊاڪٽر سيد
    حسين ۽ حسن محمد حيات سان گڏ ھڪ وفد سان گڏ انگلستان جي
    1 ع ۾ واپس ٿيو. واقعات جي 9 2 دوري تي ويو. آڪٽوبر 0
    درستگيءَ لاءِ اھا وضاحت ضروري آھي.
    لاڙڪاٹي جي انھيءَ ڪانفرنس جي پڄاٹيءَ تي اھو فيصلو
    ڪيو ويو ته سنڌ ۾ نوڪر شاھيءَ جي ظلمن جي خلاف ھڪ وفد
    ترتيب ڏنو وڃي، جيڪو بمبئي وڃي گورنر سان ملاقات ڪري ۽
    انھن حالتن کان کيس واقف ڪري. ھي وفد پير صاحب جھنڊي
    واري، مولانا دين محمد وفائي ۽ ٻين ڪيترن ئي اھم ماٹھن تي ترتيب
    ڏئي، جان محمد جوٹيجي جي سرواٹيءَ ھيٺ، بمبئي روانو ڪيو ويو.
    وفد جا اھي ميمبر چوڏھن ڏينھن تائين بمبئيءَ ۾ گورنر جي ملاقات
    جي اوسيئڙي ۾ ويٺا رھيا. پر گورنر ملاقات جي ڪوڙن آسرن ڏيڻ
    کان پوءِ، نيٺ ملاقات کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنھن منجھان اھا
    ڳالھه سج جيان چٽي ٿي بيٺي ته سنڌ ۾ نوڪر شاھي جيڪو ڪجھه
    به ڪري رھي آھي، اھو حڪومت جي عين پاليسي جي ھيٺ ئي
    ڪري رھي آھي. بمبئيءَ واري قيام جي دوران اتي آل انڊيا خلافت
    ڪانفرنس جو ھڪ اجلاس سنڌ جي مشھور سياستدان، جناب غلام
    محمد ڀرڳڙيءَ جي صدارت ھيٺ ٿيو. جان محمد جوٹيجي مرحوم پڻ
    انھيءَ اجلاس کي خطاب ڪيو.
    1 ع جو سال حقيقت ۾ سنڌ ۾ خلافت جو سال ھو. سنڌ 9 2 0
    جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شھر شھر ۾ خلافت جا جلسا ٿي رھيا ھئا، ۽ سنڌي
    مسلمانن ۾ زبردست جوش وخروش موجود ھو. انھيءَ سموري ڳالھه
    کي ھڪ ننڍي مضمون ۾ سمائڻ مشڪل آھي، پر تنھن ھوندي به
    جان محمد جوٹيجي جي شخصيت جي حوالي سان تاريخ جو اھو
    باب، اسان ڪوشش ڪري تفصيل سان پيش ڪري رھيا آھيون،
    ڇو جو جان محمد جوٹيجي جي ڳالھه ڪندي، جيڪڏھن خلافت
    واري چرپر کي پٺيءَ پاسي رکبو ته ڳالھه اڌوري رھجي ويندي.
    لاڙڪاٹي واري ڪانفرنس، ماٹھن ۾ جوش ۽ جذبي جي
    زبردست لھر پيدا ڪري ڇڏي ھئي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ ڪيل
    تقريرن منجھان ماٹھو جنھن نموني متاثر ٿيا، انھيءَ جو اندازو جي.
    ايم سيد جي ڏنل ھن حوالي منجھان لڳائي سگھجي ٿو: ”لاڙڪاٹي
    واري ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لا ء ڳوٺ سن کان روانو ٿيس. انھيءَ
    1 سال ھئي، جلسي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد وقت منھنجي عمر 6
    جي جادو بياني، مولانا عبدالباري جو تقدس ۽ بزرگي، مولانا
    شوڪت علي جي ھمت، جوش ۽ جذبو، اھي سڀ تاثرات پيدا ڪرڻ
    کان سواءِ نه رھي سگھيا. مون پنھنجي ڳوٺ سن ۾ اھم سياسي
    1 ع تي ڪانفرنس 9 2 1 مارچ 0 ڪارڪنن جي صلاح سان 7
    منعقد ڪئي، جڏھن ڪانفرنس جا دعوت نامه جاري ڪيا ويا ۽
    حڪومت کي جڏھن انھن جي خبر پئي ته ناراض ٿي. ڇو جو ننڍي
    ھوندي ئي والد صاحب جي وفات ڪري وڃڻ سبب، منھنجي زرعي
    زمين ڪورٽ جي تحويل ۾ ھئي، جتان رڳو گذاري جي لاءِ ماھوار
    وظيفو ملندو ھو. ڪانفرنس جي اطلاع ملڻ تي، ان وقت جو
    ڪمشنر مسٽر ٽامس جيڪو ان وقت ڪوٽڙيءَ ۾ بحري جھاز تي
    منزل انداز ھو، مون کي ڪليڪٽر مسٽر غلام مصطفيٰ خان
    عيساٹيءَ جي معرفت گھرائي ورتو ۽ مون کي نصيحت ڪيائين ته
    مان ايڏڙي وھيءَ ۾ سياست ۾ حصو نه وٺان ۽ ڪانفرنس کي منسوخ
    ڪري ڇڏيان. ليڪن مون جواب ڏنو ته مذھبي جوش وخروش جي
    بنياد تي مون ڪانفرنس جو اعلان ڪيو آھي. دعوت نامه ورھائجي
    چڪا آھن ھاٹي انھيءَ کي منسوخ ڪرڻ ناممڪن آھي.
    نيٺ مقرر تاريخ تي مولوي فتح محمد سيوھاٹيءَ جي صدارت
    ھيٺ اجلاس ٿيو. شيخ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر شيخ نور محمد،
    شيخ عبدالعزيز سکر وارو، مولوي محمد سليمان، مولوي عبدالقيوم ۽
    ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس ۾ نھايت جذباتي تقريرون
    ٿيون، ۽ ڪيترائي ٺھراءَ بحال ٿيا. ماٹھن دل کولي خلافت تحريڪ
    کي زور وٺرائڻ جو عزم ڏيکاريو ۽ سمرنا جي مظلومن جي لاءِ چندا
    1 مارچ تي ڇوڪرن جي ڏنا. ڪانفرنس جي اڳين ڏينھن يعني، 9
    خلاف ٿيندڙ ناانصافي جي خلاف ڏينھن ملھائڻ جي ڏس ۾ سن ۾
    مڪمل ھڙتال ڪئي وئي.“ (پنھنجي ڪھاٹي، پنھنجي زباني: جي.
    ايم. سيد)
    سائين جي ايم سيد سنڌ ۾ خلافت تحريڪ جو ذڪر ڪندي
    وڌيڪ لکي ٿو ته: ”سنڌ ۾ ڪانفرنسن مٿان ڪانفرنسون ٿي رھيون
    9 2 2 مارچ 0 ھيون. سن ڪانفرنس کان پوءِ، انھيءَ ئي مھيني 6
    1 ع تي دادو جي ويجھو مخدوم بلاول جي درگاھه تي ڪانفرنس ٿي.
    جنھن ۾ اٽڪل ڏھه ھزار ماٹھو شريڪ ٿيا. نھايت پرجوش تقريرون
    ٿيون ۽ ماٹھن چندا ڏنا، مون به تقرير ڪئي.“
    انھيءَ کان پوءِ صوبائي خلافت جي اھم ڪانفرنس 2 ۽ 3
    1 ع تي مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت ھيٺ، 9 2 مئي 0
    جيڪب آباد ۾ ٿي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ جان محمد جوٹيجي باقاعده
    قطع تعلقات ۽ ھجرت جي اھميت جي ضرورت تي زور ڏيندي
    اعلان ڪيو ته، ”مان اڄ کان انگريز سان پنھنجا ھر قسم جا تعلقات
    ختم ٿو ڪريان، مان اڄ کان پنھنجي سرداري (واضح رھي ته جان
    محمد جوٹيجو ھڪ سردار به ھو)، ٻئي نمبر تي پنھنجي ڪرسي جو
    اعزاز پنھنجي ميونپسل ڪمشنري، لوڪل بورڊ جي ميمبري ۽
    بيريسٽريءَ جي ڊگري انگريزن کي واپس ٿو ڏيان“ نه رڳو اھو، پر
    اڄ کان مان پنھنجي زرعي زمين جي ڍل ۽ آبيانو به انگريز سرڪار
    کي ڏيڻ کان نابري ٿو واريان.“
    جان محمد جوٹيجي مرحوم جي انھيءَ پر جوش ۽ مجاھدانه
    تقرير جو ايترو ته اثر ٿيو جو جلسي ۾ ھزارين ماٹھن انگريز سان
    قطع تعلقات ڪرڻ ۽ ھجرت ڪرڻ لاءِ پنھنجا نالا لکرايا. نتيجي
    طور، ڪانفرنس ۾ باقاعدي ھجرت ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنھن
    جو صدر پير تراب علي شاھه ۽ جنرل سيڪريٽري جان محمد
    جوٹيجو کي مقرر ڪيو ويو. مسلمانن جي طرفان انھيءَ ھجرت جو
    سڀ کان وڌيڪ آدرڀاءُ سنڌ جي ھندن پاران ٿيو. ھنن ظاھري ڊڄ
    جي آڌار تي اھو اعلان ڪيو ته مسلمانن کي انھن جي زمين ۽
    ملڪيتن جي ٻيٹي قيمت ڏني ويندي، ۽ اصل ۾ انھيءَ اعلان جي اندر
    منجھه لڪل جذبو جيڪو ھو، سو اھو ھو ته سنڌ جي واپار وٹج يا
    نوڪرين ۾ ته ھو اڳي ئي ڇانيل آھن، ۽ ھاٹي مسلمانن جي ھجرت
    جي ڪري، سرسبز زرعي زمينن تي پڻ ھو قابض ٿي ويندا. سائين
    جي. ايم. سيد، مٿي بيان ڪيل پنھنجي ڪتاب ۾ ان ڳالھه جو اعتراف
    ٿو ڪري ته سنڌي مسلمان مھاجرن، ھندن کي پنھنجون ملڪيتون اڌ
    بھا تي وڪٹي ڏنيون.
    ھجرت تحريڪ جي سرگرمين جا باقي وچور، اسين انھيءَ
    وقت جي واحد سنڌي اخبار روزانه ”الوحيد“ جي حوالي سان پيش
    1 ع ۾ جاري ڪئي 9 2 ڪنداسون. واضح رھي ته الوحيد اخبار 0
    وئي ھئي. انھيءَ جو فوري مقصد اھو ھو ته خلافت جي تحريڪ کي
    ڪامياب ڪيو وڃي. ۽ اھوئي سبب آھي جو ”الوحيد“ جو نالو،
    ترڪيءَ جي سلطان عبدالوحيد جي نالي تي رکيو ويو ھو. اخبار تي
    نالي رکڻ وارو فيصلو، ڪراچيءَ ۾ سڄي سنڌ جو خلافت وارن
    ميمبرن جي ھڪ گڏيل ميٽنگ ۾ ڪيو ويو ھو.
    ھجرت جي نالي تي سنڌ جي مسلمانن جي پاران جيڪا ڪميٽي
    3 مئي واري جيڪب آباد جي ڪانفرنس ۾ ٺاھي وئي ھئي، ، 2
    2 مئي تي ڪميٽيءَ جي صدر پير انھيءَ جي ھڪ اھم گڏجاٹي، 2
    تراب علي شاھه جي صدارت ھيٺ ڪراچيءَ ۾ ٿي. انھيءَ ڪميٽيءَ
    جي پاران گورنر جي پوليٽيڪل سيڪريٽريءَ ڏانھن بمبئيءَ ھڪ
    268
    مسلمان انگريز جي مذھبي معاملات ۾ مداخلت واري پاليسيءَ جي
    خلاف احتجاج جي طور تي افغانستان ھجرت ڪرڻ لاءِ تيار آھن.
    جيڪڏھن انھيءَ ڏس ۾ ڪو ضابطو يا قانون راه ۾ رڪاوٽ ھجي ته
    ان کان تار جي ذريعي آگاھه ڪندا.“ اھا تار جان محمد جوٹيجي
    جنرل سيڪريٽري ھجرت ڪميٽي پنھنجي صحيح سان اماٹي ھئي.
    1 ع) 9 2 2 مئي 0 (روزانه الوحيد 6
    انھيءَ تار موڪلڻ کان پوءِ جان محمد جوٹيجي کي مالي نقصان
    رسائڻ لاءِ سندس زمين جو پاٹي بند ڪيو ويو، جنھن جي ڪري ھن
    جي پوک سڪي وئي. سنڌ پر اونشل خلافت ڪميٽي جي ھڪ
    ھارون جي صدارت · 2 مئي تي حيدرآباد ۾ حاجي عبدا گڏجاٹي 2
    ھيٺ ٿي. سنڌ جي مختلف شھرن کان اٽڪل ھڪ سئو کن ميمبر
    ھارون پنھنجي تقرير ۾ · شريڪ ٿيا. جلسي جي صدر حاجي عبدا
    ٻڌايو ته مولانا محمد علي جوھر لنڊن کان لکيو آھي ته پئسن جي
    سخت ضرورت آھي. حجاز، شام ۽ ٻين علائقن ڏانھن وفد روانه
    2 ھزار ڪرٹا آھن. حاجي صاحب ٻڌايو ته ھنن سنڌ منجھان 7
    1 ھزار روپيا مرڪزي روپيا گڏ ڪيا آھن، جن منجھان 5
    ڪميٽيءَ کي اماٹيا ويا آھن. حاجي صاحب اعلان ڪيو ته اسان
    ضرور پنھنجي اعليٰ مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسون، اسان جي جدوجھد
    العرب وري ¹ انھيءَ مھل تائين جاري رھندي، جيستائين ڪه جزير
    واپس مسلمانن جي خلافت ۾ شامل نٿو ٿئي.“
    1 ع) 9 2 2 مئي 0 (الوحيد 6
    خلافت جي انھيءَ پرجوش چرپر جي سلسلي ۾ جيڪي وچور،
    اسان جي پراٹي صحافت منجھه ملن ٿا، تن جا ڪجھه حوالا پيش
    ڪجن ٿا، ته جيئن ان لھر کي محسوس ڪري سگھجي، جيڪا سنڌ
    جي مسلمانن ۾ خلافت واري تحريڪ دوران ھئي.
    مسلمانو! خدا بزرگ کان دعا گھري پنھنجي منزل مقصود ڏانھن
    روانه ٿيو.
    ھدايتون:) 1 (اھو مسلمان ھجرت جو ارادو ڪري جيڪو
    تڪليفن ۽ مصيبتن جي سھڻ جي طاقت رکندو ھجي.
    2 (اسلام جي خدمت جي ارادي سان ھجرت جي نيت ڪري. )
    3 (مھاجرن کي گھرجي ته جيترو سرمايو پاڻ سان گڏ کٹي )
    سگھن سو کٹن، ڇوته ھجرت جو مقصد آھي ته ھميشه لاءِ ھندستان
    جن ھميشه لاءِ مڪي کي ڇڏي  · کي ڇڏيو وڃي، جيئن رسول ا
    ويا ۽ ساري زندگي مديني ۾ گذاريائون. سڀني مھاجرن کي پنھنجي
    اھل وعيال سميت ھجرت ڪرڻ جي شرعي اجازت آھي ۽ جو
    مھاجر فراغت سان پوري اھل وعيال سميت ھجرت ڪري ته
    بيشڪ ڪري.“
    1 ع) 9 2 (روزانه الوحيد 2 جون 0
    ¸ حوالو 3
    1 ع تي جميعته المھاجرين صوبه سنڌ 8 3 3 شوال 8 ”
    لاڙڪاٹي جو ھڪ خاص جلسو سيد تراب علي شاه ۽ رئيس جان
    محمد جوٹيجي جي صدارت ھيٺ ٿيو. ھيٺيان فيصلا ڪيا ويا:
    1 (بيت المال گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمٽيءَ جي تشڪيل ٿي. )
    2 شوال تي وڃڻ جو پروگرام ٺھيو. 2 (پھرين قافلي جو 1 )
    3 (اھو قافلو رئيس جان محمد جوٹيجو صاحب ۽ حڪم سيد )
    احمد اختر جي سرپرستيءَ ۾ روانو ٿيندو.
    4 (بمبئي علائقي ۾ پئسن جمع ڪرڻ لاءِ شيخ عبدالعزيز کي )
    موڪليو وڃي.
    1 ڏينھن بعد روانو ٿيندو. 5 (ٻيو قافلو 5 )
    1 ع) 9 2 2 جون 0 (روزانه ”الوحيد“ 6
    ¸ حوالو 4
    1 ع جيڪب آباد ۾ خلافت جو 9 2 2 جون تي 0 ”تاريخ 4
    ھڪ جلسو مولانا تاج محمود امروٽيءَ جي صدارت ھيٺ ٿيو، جنھن
    ۾ ھيٺيان ٺھراءَ پاس ڪيا ويا:
    1 (ضلع جيڪب آباد جي انتظاميه، خلافت جي ڪم ڪندڙن )
    تي جيڪي ظلم ڪيا آھن، تن بابت ھيءَ ڪانفرنس حڪومت کي
    استدعا ڪري ٿي ته انھن ظلمن جي جاچ لاءِ ھڪ ڪيميٽي مقرر
    ڪئي وڃي.
    2 (جيڪي نام نھاد مسلمان جيئن ھزار خان کوسو ۽ سعد )
    خان رند ۽ ٻيا خلافت جي ڪم ڪندڙن کي تڪليفون ڏيئي رھيا
    آھن، ھي جلسو انھن کي تنبيه ٿو ڪري ته ھو انھن حرڪتن کان
    باز اچن، ورنه ٻي صورت ۾ انھن جي انھن ڪاروائين جو جيڪو
    نتيجو نڪرندو ان جا ذمه دار ھو پاڻ ھوندا.“
    1 ع) 9 2 (روزانه الوحيد 2 جولاءِ 0
    ¸ حوالو 4
    7 5 ”جناب پير محمد حسن جان سرھنديءَ جي طرفان 0
    6 روپيا ۽ ٽنڊو محمد خان جي عيد 3 روپيا 7 سندس حويلي مان 2
    1 روپيا، 5 5 6 ¸ 6 ¸ 3 1 روپيا. جملي 0 7 گاه ۾ گڏ ٿيل رقم 3
    1 سونيون مھرون خلافت جي بيت المال ڪميٽي کي مليون.“ 7
    ”رئيس المھاجرين جان محمد جوٹيجي اعلان ڪيو آھي ته سکر
    1 ع تي اسپيشل 9 2 ريلوي وٽان اطلاع مليو آھي ته 9 جولاءِ 0
    ٽرين لاڙڪاٹي ۾ اچي بيھندي، ان ڪري مھاجرن جي پھرين قافلي ۾
    ھلندڙن کي اطلاع ٿو ڏجي ته اھي 8 تاريخ تي لاڙڪاٹي پھچي
    وڃن.“
    1 ع) 9 2 (روزانه الوحيد 3 جولاءِ 0
    ¸ حوالو 5
    ”مولانا شوڪت عليءَ، سنڌي مھاجرن جي نالي پنھنجي ھڪ
    پيغام ۾ چيو آھي ته اوھان جي انھيءَ عظيم الشان قربانيءَ لا رب
    العالمين اوھان کي اجر ڏيندو، يقين رکو ته اسين اوھان وساري نه
    سگھنداسين.“
    1 ع) 9 2 1 جولاءِ 0 (الوحيد 1
    ¸ حوالو 6
    ”اسلام جي سرويجن ۽ مھاجرن جي پھرين قافلي پنھنجي
    روحاني مقصد ۽ قومي غيرت کي بچائڻ لاءِ پنھنجو گھر ٻار، مائٽ
    1 3 3 2 شوال 8 مٽ ۽ پنھنجي پياري وطن کي الوداع ڪيو. 1
    ھه جو ڏينھن لاڙڪاٹي ۾ ھڪ شاندار ۽ تاريخي ڏينھن ٿي گذريو.
    سنڌ جي ھر ضلعي ھر شھر ۽ ھر گوشي مان ھزارن جي تعداد ۾
    ماٹھو پنھنجي عزيزن کي الوداع ڪرڻ لاءِ آيا ھئا. ساري شھر ۾
    ڄڻ عظيم الشان ميلو لڳو پيو ھو. جيڪي ماٹھو موجود ھئا، تن جو
    تعداد پنجاھه ھزار کان وڌيڪ ھو. مھاجر اگرچه ھر ضلعي کان
    آيل ھيا، پر جيڪب آباد جي مظلوم مسلمانن جو معقول تعداد ھو، جو
    مذھبي مظلوميت کان تنگ اچي، ظلمت ڪده کان آزاد ٿيڻ لاءِ پنھنجي
    دائمي وطن کي ڇڏي رھيا ھيا.“
    1 ع) 9 2 1 جولاءِ 0 (الوحيد 4
    ¸ حوالو 7
    مولانا دين محمد وفائي جو ان موقعي تي لاڙڪاٹي ۾ موجود
    ھيو پنھنجي ڪتاب ”ياد جانان“ ۾ لکي ٿو:
    ”اھو ڏينھن ھڪ اھڙو تاريخي ڏينھن ھيو، جنھن جي سچي
    ڪيفيت ۽ حقيقت، عبارت آرائي يا قلم جي معرفت بيان ڪرڻ سخت
    مشڪل آھي. لاڙڪاٹي جي سرزمين اھڙو خوشي ۽ غم، شادي ۽
    ماتم، جو ھڪ ٻئي سان گڏيل ڏينھن ڪونه ڏٺو ھوندو. مھاجرن جي
    جدائيءَ ۾ ھڪ طرف ماتم جي صف ھئي ته ٻئي طرف مذھبي
    محبت ۽ اسلامي غيرت جي قربان گاه ۽ صدقي ٿيڻ جي شادي به
    ھئي. غم ۽ شاديءَ جو ھڪ جاءِ تي اھڙو نظارو دنيا جي سامھون
    تمام ٿورو ٿي گذريو ھوندو.“
    انھيءَ ڏينھن سنڌ جي گوشي گوشي مان ھزارين ماٹھو مھاجرن
    کي الوداع ڪرڻ لاءِ آيل ھيا.
    ان کان پوءِ ”الوحيد“ ان سلسلي ۾ جيڪي خبرون شايع ڪيون،
    اھي ھي آھن:
    مھاجرن جي ان قافلي ۾ پشاور تائين مولانا تاج محمود امروٽي،
    پير تراب علي شاھه ۽ شيخ عبدالعزيز گڏ ويا آھن. ھو اتان واپس
    ايندا ۽ وري ٻئي قافلي سان روانه ٿيندا. شڪارپور، سکر، ۽ روھڙي
    اسٽيشن تي مھاجرن جو زبردست استقبال ٿيو.مولانا ظفر علي خان
    مدير اخبار زميندار، پنجاب جي مسلمانن کي درخواست ڪئي آھي
    ته سنڌ جي مھاجرن جي مالي امداد ڪئي وڃي.
    1 ع) 9 2 1 جولاءِ 0 (الوحيد 4
    لاھور اسٽيشن تي مھاجرن جو زبردست استقبال ڪيو ويو.
    شھريان لاھور طرفان پنج ھزار روپيه ۽ امرتسر جي طرفان ٻه
    ھزار روپيه نذرانو مھاجرن کي ڏنو ويو. سنڌ مان وڌيڪ چار ھزار
    ماٹھو ھجرت لاءِ روانه ٿيندا.
    1 ع) 9 2 1 جولاءِ 0 (الوحيد 6
    مولانا دين محمد وفائي ان سلسلي ۾ لکي ٿو: سنڌ مان جڏھن
    مھاجرن جي ٽرين پنجاب ۾ پير رکيو ته پنجاب جي مختلف اسٽيشن
    تي سنڌ جي مھاجرن جو جنھن نموني سان استقبال ڪيو ويو، ۽
    مھمانيون ڏنيون ويون، اھي پنجاب وارن جي مذھبي خصوصيات مان
    آھن. عام طرح ڪيترين اسٽيشن تي رئيس جان محمد مرحوم ۽ ٻين
    سنڌي مھاجرن جي تقريرن پنجاب وارن ۾ ھڪ روح ڦوڪي ڇڏيو.
    ڪيمبل پور اسٽيشن تي ھزارھا پنجابي مسلمان موجود ھيا. پير سيد
    علي انور شاھه، شيرين آواز سان جڏھن ھي نظم:
    پڙھيو ته روڄ ۽ واويلا جو ايڏو آواز اٿيو، جو اھو خطه زمين
    عشر محرم بٹجي ويو. ريلوي اسٽيشن جي بجاءِ ڄڻ لکنو جي امام
    بارگاھه نظر پئي آئي. پنجاب وارن جي دلين تي سنڌي مھاجرن جي
    خلوص ۽ سچي ارادي ايڏو ته اثر ڪيو جو پوري علائقي ۾ ھجرت
    جي ھلچل نھايت زور شور سان پکيڙجڻ لڳي ۽ ھزارين ماٹھو
    ھجرت لاءِ تيار ٿيا.
    (”ياد جانان“ مصنف مولانا دين وفائي)
    الوحيد جي ھڪ ٻي خبر حاضر آھي:
    ”ھمعصر زميندار لاھور مان معلوم ٿئي ٿو ته ھن وقت تائين
    سنڌي مھاجرن جا چار قافلا لاھور کان روانا ٿي چڪا آھن. ٽي قافلا
    1 آگسٽ تي پشاور ڏانھن روانا ٿي ويا. سنڌي 1 ۽ 8 6 ، 1 5
    مھاجرن جي چوٿين قافلي جو لاھور ۾ سٺو استقبال ڪيو ويو. ھن
    3 عورتون به ھيون. ھڪ پوري 8 ماٹھو ھيا جن ۾ 2 قافلي ۾ 0
    رات انھن کي لاھور ۾ ترسايو ويو. شام جو انھيءَ ڏينھن لاھور ۾
    شاندار جلوس نڪتو. سنڌي مھاجرن جي متعلق لاھور جي ڊپٽي
    ڪمشنر، مولانا ظفر علي خان کي حڪم ڏنو ته خلافت ڪميٽي
    لاھور کي تنبيه ٿي ڪجي ٿي ته جيئن ته سرحد بند ٿي چڪي آھي،
    ان ڪري سنڌي وفد کي واپس وطن روانو ڪن، ۽ افغانستان وڃڻ
    جي ارادي کان باز رکن. ان تي مولانا جن جواب ڏنو ته پنجاب
    خلافت ڪميٽيءَ کي ڪھڙو حق آھي جو ھو امن پسند مھاجرن کي
    روڪي.
    1 ع) 9 2 2 آگسٽ 0 (الوحيد 5
    اسلام سان اھڙي لڳاءَ ۽ مسلمانن جو پنھنجي خلافت جي نظام
    سان اھڙي محبت ۽ انھيءَ سلسلي ۾ ڪيل ھجرت منجھان انگريز
    سرڪار سخت پريشان ٿي وئي ھئي. ھڪ پاسي ته سڄي سنڌ ۾
    وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي ھئي ته ٻئي پاسي وري حڪومت، سنڌ
    جي ڪيترن ئي پيرن ۽ مولوين کي پنھنجي مقصد لاءِ اسمتعال
    ڪرڻ شروع به ڪيو. مولوي عبدالڪريم مورائيءَ کان ھڪ فتويٰ
    لکرائي، انھيءَ تي کائنس صحيح ڪرائي وئي. انھيءَ فتويٰ ۾ شريف
    حسين مڪه جي ترڪن جي خلاف بغاوت کي جائز ڄاٹائي، انگريز
    جي اقدامات جي حمايت ڪئي وئي ھئي. انھيءَ فتويٰ تي دٻاءُ، زور،
    9 ماٹھن کان صحيحو ن ڪرائي، ۽ لالچ ڏيارڻ جي ذريعي 5
    انھيءَ کي وڏي پئماني تي ورھايو ويو. انھيءَ جو مقصد اھو ھو ته
    عام ماٹھو انگريز جي حمايت، ۽ ھجرت ۽ خلافت تحريڪ جي
    خلاف انھيءَ بيان تي وڏن وڏن لقبن وارا نالا ڏسي، دلچسپي وٺڻ
    ڇڏي ڏيندا. انھيءَ فتويٰ تي صحيحون ڪرڻ وارن ڪجھه ماٹھن جا
    نالا ھي آھن:
    پير خميسو شاه جيلاني گمبٽ ¸ پير صالح شاھه جيلاني ¸ 1
    5 ¸ پير غلام محمد شڪارپور ¸ مخدوم ظھيرالدين ھالا 4 ¸ 3
    پير علي مدد شاھه جيلاني راٹي پور ¸ پير العياد شاھه مٽياري 6
    8 پير مير محمد شاھه ¸ 7 پير امام الدين شاھه راشدي ¸
    گھوٽڪي وغيره.
    انھيءَ سان گڏوگڏ حڪومت ھر تعلقي ۾ ڪميٽيون (سڀائون)
    قائم ڪيون. انھن ڪميٽين جي ذريعي عام ماٹھن ۽ زميندارن کي،
    حڪومت سان وفاداريءَ جي تلقين ڪئي پئي وئي. الوحيد اخبار جي
    اثرات جي توڙ لاءِ ”سچائي“ جي سري ھيٺ ھڪ اخبار ڪڍي
    وئي. انھيءَ اخبار جا خرچ نوڪر شاھيءَ جي ذريعي سنڌ جي
    وڏيرن ۽زميندارن کان حاصل ڪيا ويا. ”سچائي“ ۾ زور شور سان
    حڪومت جي حمايت ۾ بيان شايع ٿيڻ لڳا ۽ آزادي ۽ خلافت واري
    تحريڪ جي خلاف اجايو پروپيگنڊا ڪيو ويو.
    ھوڏانھن، افغانستان ۾ جڏھن مھاجرن جو پھريون قافلو، رئيس
    جان محمد خان جوٹيجي جي سرواٹي ھيٺ پھتو ته اتي انھيءَ جي
    زبردست آجيان ڪئي وئي ۽ افغانستان سرڪار، پنھنجي ممڪن حد
    تائين، ڪوشش ڪري مھاجرن کي سٺيون سھولتون مھيا ڪري
    ڏنيون. پر جڏھن مھاجرن جو تعداد وڌندو ٿي ويو ته انھن جا مسئلا
    به نھايت ڏکيرڙا ٿيندا ٿي ويا ۽ رھائش ۽ کائڻ وغيره جي معاملات ۾
    بدنظمي پيدا ٿيڻ شروع ٿي وئي. انھيءَ ڪري رئيس مرحوم ھڪ
    خط جي ذريعي سنڌي مسلمانن کي اپيل ڪئي ته ھو في الحال
    ھجرت ڪرڻ جي ارادي کي معطل رکن. انھيءَ سلسلي ۾ الوحيد ۾
    جيڪا خبر شايع ٿي، اھا حاضر آھي:
    ”جان محمد جوٹيجي جلال آباد کان لکيو آھي ته سنڌي ڀائرن
    کي اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن ته شديد گرمي جي مند آھي ۽ سفر جي
    دوران ڪيترائي ماٹھو وفات ڪري چڪا آھن ۽ ڪي ئي بيمار
    آھن، انھيءَ ڪري ھجرت جو ارادو في الحال معطل سمجھن.“
    1 ع) 9 2 (الوحيد 5 آگسٽ 0
    انھيءَ سان گڏوگڏ افغانستان ۾ مھاجرن جي آبادڪاريءَ جي
    لاءِ رئيس جان محمد جوٹيجي جي اڳواٹيءَ ۾ ”انجمن مھاجرين ھند“
    تشڪيل ڏني وئي. انجمن جي پيش نظر، مھاجرن جي لاءِ ھڪ نئون
    شھر آباد ڪرڻ جو خيال ھو. انھيءَ جي لاءِ تمام وڏي رقم جي
    ضرورت ھئي. رقم حاصل ڪرڻ لاءِ رئيس جان محمد جوٹيجي جي
    قيادت ۾ مھاجرن جو ھڪ وفد ھندستان آيو. انھيءَ دوري جي پھرين
    1 ع تي لاڙڪاٹي 9 2 3 سيپٽمبر 0 مرحلي ۾ رئيس مرحوم 0
    پھتو. لاڙڪاٹي ۾ 4 آڪٽوبر تي ھڪ تمام وڏو جلسو ٿيو، جنھن کي
    رئيس مرحوم خطاب ڪيو. لاڙڪاٹي ۾ رئيس مرحوم جي اچڻ تي
    جڊيشل ڪمشنر جي پاران کيس ھڪ نوٽيس مليو، جنھن ۾ لکيل ھو
    ته ڪراچي اچي، جيڪب آباد ۾ ڪيل قابل اعتراض تقريرن جو
    جواب ڏيو. انھيءَ نوٽيس ۾ قابل اعتراض تقريرن جا ٽڪرا پڻ ڏنل
    ھئا. رئيس صاحب جڊيشل ڪمشنر کي جواب ۾ لکيو، ”مان
    افغانستان جو شھري آھيان، ھتي افغان شھريءَ جي حيثيت سان آيو
    آھيان ۽ مون کي، ”انجمن مھاجرين ھند“ ھيڏانھن موڪليو آھي،
    جيڪڏھن حڪومت افغانستان مون کي توھان جي آڏو حاضر ٿيڻ
    جي لاءِ چوي ته مان ايندس، ورنه نه.“ انھيءَ کان پوءِ رئيس صاحب
    مولانا محمد علي جوھر سان ملاقات ڪرڻ لاءِ عليڳڙھه آيو. مولانا
    انھيءَ وقت ”ترڪ موالات“ جي تبليغ ڪري رھيو ھو. رئيس
    صاحب، مولانا سان شامل ٿي ويو ۽ مولانا سان گڏجي، ھندستان جي
    ڪيترن ئي شھرن جو دورو ڪيو. نومبر مھيني جي آخر ۾ جوٹيجي
    صاحب احمد آباد ۾ خلافت ڪانفرنس جي ھڪ اجلاس کي خطاب
    ڪيو. ڊسمبر ۾ ھو آل انڊيا ڪانفرنس جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ
    ناگپور آيو ۽ انھيءَ کان پو ء ھو بمبئي آيو، جتي بمبئي جي خلافت
    ڪميٽيءَ مھاجرن جي مدد لاءِ ھڪ لک روپيا منظور ڪيا. ڪميٽيءَ
    پنجاھه ھزار روپين جي پھرين قسط جوٹيجي صاحب جي حوالي
    ڪئي. جوٹيجي صاحب اھا رقم انھيءَ ئي وقت افغانستان ڏياري
    موڪلي. ڪابل ڏانھن روانگيءَ کان پھرين ھو لاڙڪاٹي آيو.
    لاڙڪاٹي ۾ ھن ڪيترن ئي عام جلسن ۽ اجلاس کي خطاب ڪيو. 5
    1 ع تي ھو ڪابل ڏانھن وڃڻ جي ارادي سان 9 2 1 جنوري 1
    پشاور روانو ٿيو. پشاور ۾ ڊپٽي ڪمشنر ھن کي اڳتي وڃڻ کان
    روڪيو. ويھن ڏھاڙن تائين ھو ڪابل وڃڻ لاءِ انتظاميه کان اجازت
    وٺڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رھيو، پر اجازت نه مليس. انتظاميه جي
    انھيءَ رويي جي خلاف، پشاور جي ماٹھن ۾ سخت غم ۽ غصو پيدا
    ٿيو. 5 فيبروري تي پشاور ۾ ھڪ احتجاجي جلسو ٿيو، جنھن ۾
    ھزارين ماٹھوشريڪ ٿيا. جان محمد جوٹيجي صاحب انھيءَ موقعي
    تي جيڪا تقرير ڪئي، سا حاضر آھي:
    ”حضرات! توھان کي خبر آھي ته اسان انگريز حڪومت جي
    ناانصافين ۽ خصوصن مذھبي معاملن ۾ ھنن جي ناجائز مداخلت جي
    ڪري پنھنجا گھر، ملڪيتون ۽ مال ڇڏي، افغانستان ھجرت ڪئي
    آھي. چار مھينا اڳ، منھنجي سرڪردگيءَ ۾ مھاجرن جو ھڪ وفد،
    پنھنجي ھندستاني ڀائرن کان مدد وٺڻ لاءِ آيو ھو. ھاٹي اسين واپس
    وڃڻ گھرون ٿا، پر پشاور جي نوڪر شاھي اسان کي پنھنجي وطن
    وڃڻ کان روڪي رھي آھي. جڏھن مان ڊپٽي ڪمشنر کان پڇيو
    آھي ته اجازت نه ڏيڻ جو توھان وٽ ڪھڙو جواز آھي ته، ھن چيو
    آھي ته جيئن ته توھان خلافت جا ميمبر آھيو، انھيءَ ڪري توھان
    کي اجازت نه ڏني ويندي. تنھن تي مون ھن کي چيو آھي ته خلافت
    جي ميمبر ٿيڻ جو ڏوھاري ڇڙو مان ڪونه آھيان، پر سڄي دنيا جا
    مسلمان خلافت جا ميمبر آھن.
    ڀائرو! ھن حڪومت جي آڏو، خلافت جو ميمبر ٿيڻ وڏو ڏوھه
    آھي. پر اسان جي آڏو، اھا ھڪ وڏي سعادت آھي، انتظاميه جي
    طرفان اسان کي افغانستان وڃڻ کان روڪڻ سرار ناانصافي آھي،
    اسان ٻڌائي ٿا ڇڏيون ته سرڪار انھيءَ ڏس ۾ پنھنجي پاليسي
    بدلائي، ورنه ان جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا.“
    انھيءَ تقرير کان پوءِ ڊپٽي ڪمشنر، سرحد جي حفاظت واري
    قانون ھيٺ رئيس جوٹيجي ڏانھن ھڪ نوٽيس ڪڍيو، جنھن ۾ ھن کي
    فوري طور تي پشاور ۽ سرحد منجھان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو.
    انھيءَ کان پوءِ موصوف لاھور آيو. لاھور ۾ مارچ جي مھيني ۾ ھڪ
    تمام وڏو جلسو ٿيو، جنھن کي جوٹيجي صاحب پڻ خطاب ڪيو.
    تقرير جا ڪي ٽڪرا ھي آھن:
    ”انتظاميه جو چوڻ آھي ته ھو خلافت تحريڪ جي ميمبرن کي
    ٻاھر وڃڻ نه ڏيندي. اھڙي قسم جي اقدامات سان ھو اسان جي
    جذبي کي ڦيري نٿا سگھن، منھنجو نظريو ته ھي آھي ته جيڪو
    مسلمان خلافت جو ميمبر ناھي ۽ خلافت جي قائم ٿيڻ جي ۽ بچاءَ
    جي تمنا ۽ آرزو نٿو رکي، سو اصل ۾ مسلمان ئي ڪونھي. اسان کي
    خلافت جي ڪم کان روڪڻ، اسلام جي ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ جي
    برابر آھي. نوڪر شاھيءَ جو خيال آھي ته اسين خلافت کي ڇڏي
    ڏيون، پر اھو ھنن جو احمقانه خيال آھي. خدا جو قسم جيڪڏھن
    انگريز پورو يورپ اسان جي حوالي ڪري ڇڏين، تڏھن به اسان
    خلافت جي غلاميءَ مان آجا ٿيڻ لاءِ تيار ناھيون. اسان جي لاءِ
    خلافت جي سعادت ھڪ اھڙي عظيم سعادت آھي، جو دنيا جھان
    جي بادشاھي ان جي مقابلي ۾ نيچ آھي. خلافت جو رستو ٻنھي جھانن
    جي ڪاميابيءَ جو رستو آھي.“
    (ڏسو ”ياد جانان“ از: مولانا دين محمد وفائي)
    خلافت تحريڪ جي بيت المال ۾ سنڌ منجھان ڪل رقم نوي
    ھزار، پنج سئو چوھتر گڏ ٿيا. انھيءَ رقم منجھان ٻاونجاه ھزار ٽي
    سئو اٹھتر روپيا، مھاجرن ۽ انھيءَ تحريڪ ۾ گرفتار ٿيڻ وارن جي
    3 روپيا مرڪزي خلافت ڪميٽيءَ کي 5 6 7 مدد ۾ کپايا ويا. 0
    موڪليا ويا.
    لاھور کان پوءِ، رئيس جان محمد جوٹيجو لکنو آيو، جتي ھن
    خلافت ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ۽ اتي تقرير پڻ ڪئي. انھيءَ
    کان پوءِ مولانا محمد علي جوھر سان گڏجي اجمير آيو. اجمير ۾
    خلافت ڪانفرنس ھئي، پر بيمار ٿيڻ جي ڪري، ڪانفرنس ۾
    شريڪ ٿي ڪونه سگھيو ۽ پنھنجي تحرير لکي موڪلي ڏنائين.
    1 9 2 1 اپريل 1 اجمير ۾ ھن جي بيماري وڌندي وئي. نيٺ 6
    ع تي اجمير ۾ ئي غريب الوطني جي عالم ۾ رحلت ڪيائون. کين
    اتي ئي دفن ڪيو ويو.
    رئيس مرحوم جي جدوجھد ۽ انقلابيت سان ڀرپور زندگيءَ جو
    اندازو انھيءَ منجھان لڳايو، جو اسان جي سنڌ ۾ اسلام ۽ خلافت
    تحريڪ ۾ ٻين ڪھڙن ڪھڙن ماٹھن جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون،
    تن ۾ مولانا تاج محمود امروٽي صاحب ۽ پير تراب علي شاھه
    راشدي به آھن. انھن ٻنھي شخصيتن سامراج دشمني ۽ آزاديءَ جي
    ڏانھن رجوع ٿيڻ جي تحريڪ جي · جدوجھد ۽ سنڌي مسلمانن ۾ ا
    سلسلي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آھي، جنھن جو تفصيل انھن
    بزرگن جي ذڪر ۾ آھي.
    ھتي رڳو ھڪڙو نڪتو بيان ڪرڻ نھايت ضروري ٿيندو ته
    سنڌ شروع کان وٺي مذھبي خطو رھيو آھي. ھتان جي ماٹھن ۾ دين
    جي بالادستيءَ جو جذبو ۽ پوري عالم اسلام جي مسلمانن سان نج
    ديني بنيادتن تي بي پناھه محبت رھي آھي ۽ اھا محبت اڄ به آھي.
    سنڌ جو اھو ديني مزاج ھڪ اھڙي حقيقت آھي، جنھن کان ڪوبه
    انڪار ڪري نٿو سگھي. اڄ کٹي ظاھري طور اھو محسوس ٿيندو
    آھي ته سنڌ جي مذھبي تشخيص ۽ ديني مزاج تي ٻيو رنگ غالب
    اچي ويو آھي، پر ظاھري ڏيک ويک کان ھتي جيڪڏھن گھرائيءَ ۾
    تجزيو ڪري ڏسبو ته نظر ايندو ته سنڌي مسلمان اڳي جيان اڄ به
    پڪا مذھبي آھن، باوجود ان جي ته اسلام سان گڏ، صوبائي
    وابستگي ۽ محبت انھن جي مزاج ۾ پيوند ٿيل آھي ۽ گھٹين ئي
    ڪوششن کان پوءِ به ٻيو نظريو، ھنن کي پنھنجي رنگ ۾ رنڱي نه
    سگھيو. البته جنھن شيءِ جي ڪمي آھي، اھا آھي صحيح ديني
    شعور. اڄ به جيڪڏھن سنڌ ۾ صحيح تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيو
    وڃي ته جان محمد جوٹيجي جھڙيون ڪيئي شخصيتون اڄ به پيدا
    ٿي سگھن ٿيون ۽ اھڙيون ئي شخصيتون سنڌ جي ننڊا کيل ديني مزاج
    کي جاڳائي سگھن ٿيون ۽ انھن عنصرن کي شڪست ڏيئي سگھن
    ٿيون، جيڪي ھتان ديني مزاج کي ٻئي رخ ۾ وھائڻ چاھن ٿيون.
    [/JUSTIFY]​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح

    ورتل ؛ پرين جي پچار
    سنڌ نيشنل اڪيڊمي​
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح

    سائين مهربانيون

    سهڻو ليک آهي ۔ مولانا جي حياتِي ۽ سندس دين لاء ڪيل ڪاوشن کي پڙهي خوشي ٿي۔

    سرسري پڙهيو آهي ۽ اڃان تفصيل سان رات پڙهبو
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح

    ادا افتخار چوهاڻ صاحب۔۔۔۔۔۔ سنڌ جا ماڻهو جيڪي ٻين جي نظر ۾ ساده نظر اچن ٿا ليڪن حقيقت ۾ اهڙا املهه هيرا آهن جو انهن جو مٽ پوري دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي، سنڌ اهڙا ته عالم پيدا ڪيا آهن جنهن جو مٿال ڇا ڏئي ڇا ڏجي۔ مثلن مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح مولانه عبيدالله سنڌي، مولانه محمد صديق ڀرچونڊي وارا۔ وغيره۔ ادا چوهاڻ صاحب مون ته اهيو پڻ ٻڌو آهي ته مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح جا ڪجهه اهڙا ڪتاب لکيل آهن جيڪي مصر جي هڪ وڏي يونيورسٽي ۾ درسي ڪتابن طور پڙهايا وڇن ٿا۔ ادا افتخار چوهاڻ صاحب توهان کي جس هجي جو توهان سنڌ ڌرتي جي مهان بزرگ عالم حضرت مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جن جي شخصيت تي ايتري معلومات مهيا ڪئي آهي، امروٽي صاحب سنڌ جا اهي بزرگ ۽ عالم آهن جن کي سنڌ ڪڏهن به وساري نه ٿي سگهي مولانه تاج محمد امروٽي رح جن جا ته دين اسلام لاء ڪيترائي ڪارنامه ۽ خدمتون آهن مگر انهن مڙني مان سندس قرآن جو سنڌي ترجمي وارو ڪم نرالو آهي۔ ۽ هي ترجمو ترجمو با محاوره ترجمو آهي۔ هن ترجمي جو ڪم مولانا تاج محمد امروٽي صاحب جن ترجمي جو ڪم اندازًا 1312 هه کان شروع ڪيو هي ترجمو پهريون ڀيرو مولانا امروٽيءَ جي زندگيءَ ۾ جڏهن ڇپجي نروار ٿيو۔

    نوٽ۔۔۔۔۔۔ حضرت مولانا تاج محمود امروٽي صاحب جي ٿيل قرآن جو ترجمو توهان هت ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا۔

    امروٽي رح صاحب جن جي هڪ يادگار تصوير ​


    [​IMG]
    ۔
    حضرت مولانا تاج محمود امروٽي جي هڪ يادگار صدارتي تقرير ​

    حضرت مولانا تاج محمود امروٽي چوٿين سنڌ خلافت ڪانفرنس، مورخه 2-3 مئي 1920ع جيڪب آباد (جڏهن به انگريزن جي دور جي سياسي تاريخ لکي ويندي تڏهن “خلافت تحريڪ” جو ذڪر خاص طور تي ڪيو ويندو، هتي تحريڪ اسان جي سياسي ۾ انهيءَ ڪري اهميت رکي ٿي جو انهن عالمن جن حالتن کان مايوس ٿي وڃي مدرسا وسايا هئا ۽ جن لاءِ اهو تاثر قائم ٿي رهيو هو ته “ملن ۾ وطن دوستيءَ جو جذبو ٿئي ئي ڪو نه ٿو” سي مڪتب ۽ مدرسا ڇڏي گلين ۽ گهٽين ۾ نڪري آيا، هن تحريڪ دوران وطن ۽ مذهب جي صدقي عالمن اهو ڪجهه ڪري ڏيکاريو جنهن جو مثال ئي نه ٿو ملي.
    بلاشڪ “خلافت تحريڪ” پوري هندستان ۾ هلي، ليڪن سنڌ ۾ خلاف تحريڪ جي ڳالهه ئي نرالي هئي، تاريخ جا ورق ورائڻ مان ائين ٿو معلوم ٿئي ته سڄي سنڌ “خلافت تحريڪ” بڻجي اٿي هئي، جتي به ڪو عالم ۽ مولوي موجود هو، اتي هن تحريڪ جو اثر پهتو، هن تحريڪ دوران اسان جي وڏڙن وڏيون وڏيون قربانيون ڏنيون.
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اسان جي محقق هن تحريڪ کي نظر انداز نه ڪيو آهي ۽ ڪيترن قلم ڌڻين هن تحريڪ ۽ جماعت کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، مگر پوءِ به اڃا هن تحريڪ اسان جو توجهه لهڻو، منهنجي اندازي مطابق لڳ ڀڳ ساڍيون ٽي سئو خلاف ڪاميٽيون سنڌ ۾ قائم ٿيون، جن سالن جا سال ڪم ڪيو، جلسا ڪيا ۽ ڏينهن ملهايا، خلافتي ورڪرن سرڪاري ملازمتون ڇڏيون، عالمن پنهنجي مڪتبن لاءِ مالي مدد وٺڻ ڇڏي ڪيترا جيلن ۾ ويا ۽ ڪيترن پاڻ کي ملڪ بدر ڪيو.
    هن تحريڪ لاءِ ڪيل تقريرن کي ئي جيڪڏهن ڪتابي صورت ڏجي ته ڪيترا جلد جڙي پون، انهن تقريرن مان هتي به تقريرون ڏنيون وڃن ٿيون.)
    حضرات اوهان صاحبن مون کي هن جلسي جي صدارت جي خدمت سپرد ڪري منهنجي عزت افزائي ڪئي، پر در حقيقت وڏي جوابداري منهنجي سر تي رکي آهي، جنهن جي ذڪر ڪرڻ کان پوءِ آءُ جيڪر ڪنهن لائق فائق، پاڻ کان وڌيڪ هن ڪم جي مستحق صاحب کي، انهيءَ تمام وڏي خدمت سپرد ڪرڻ لاءِ عرض ڪريان ها، پر ان سان گڏ اوهان صاحبن جي دل شڪني به مناسب نٿو ڄاڻان، ان ڪري اوهان صاحبن جي دلي شڪريي بجا آڻڻ بعد درگاهه الاهي ۾ ملتجي آهيان ته مولا سائين مون کي انهي تمام وڏي خدمت جي ڪماحقه ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.
    عزيزان ملت! اهو ته اسان ملسمانن جو صحيح ۽ سچو عقيدو آهي ته اسلامي تهذيب ۽ روحاني ترقي جي اشاعت ۾ مقامات مقدس جي حفاظت ۽ اسلام جي دشمنن جي مدافعت لاءِ اهڙي هڪ مسلمان اميرالمؤمنين خلفية المسلمين جو هجڻ ضروري آهي، جو هر طرح آزاد ۽ خودمختيار ديني ۽ دنيوي اقتدار رکندو هجي ۽ دين جي دشمن جي مقابلي ڪرڻ جي پوري طاقت رکندڙ هجي، اهڙي مسلمان خليفة المسلمين سان مسلمانن جون دليون شرعي عقيدي موجب تمام ٻڌليون آهن ۽ سندس اقتدار جي بچاءَ لاءِ خدا جل جلالہ جي حڪم ۽ سندس پياري رسول جي حڪم موجب، مال ۽ جانيون قربان ڪرڻ واريون آهن ۽ پنهنجي الله ۽ پياري رسول ﷺ جي خوشنودي لاءِ سر ۽ ساهه صدقي ۽ گهرو ڪرڻ واريون آهن، حضرت رسول الله ﷺ جي خدمت ۾ مسلمانن جن کين ڏسي ايمان آندو تن اصحابن سڳورن اسلام جي مٿان پنهنجو مال، وطن، گهر ٻار ۽ ساهه گهور ڪيا ۽ دين جي دشمن سان خدا ۽ رسول جي فرمان موجب اسلام جي بچاءُ لاءِ پوري پوري همدردي ڪئي ۽ سندن وصال ڪرڻ کان پوءِ سندس جانشين حضرت ابوبڪر صديق مسلمانن جو خليفة المسلمين سان لقب وارو ٿيو، جنهن پاڻ ۽ ٻين مسلمانن جي خلافت جي وقت ۾ اسلام جي همدردي پوري طرح ڪئي، تنهن کان پوءِ حضرت امير المؤمنين عمر فاروق جي وقت ۾ بهم جيڪڏهن انهن خليفن ۽ مسلمانن جي اسلام لاءِ همدردي کي بيان ڪجي ته وقت گهڻو وٺڻو پوندو، اسلام جي بچاءَ ۽ مقامات مقدمه يعني مڪي ۽ مديني ۽ بلاد اسلامي کي بچائڻ لاءِ بني اميه، بني عباسيه خليفا، خدا ۽ رسول جي فرمان موجب پنهنجيون جانيون، مال ۽ گهر ٻار قربان ڪندا آيا ۽ پنهنجي الله ۽ رسول کي راضي ڪندا اسلام جو اقتدار قائم رکندا آيا ۽ پنهنجي الله ۽ رسول کي راضي ڪندا اسلام جو اقتدار قائم رکندا آيا، جڏهن تاتاري ڪفارن بغداد تي ۽ مسلمان جي خليفه معتصم بالله شهيد تي حملو ڪيو تڏهن به مسلمانن اسلام جي اقتدار کي هڪ ڏينهن به خالي ڪرڻ نه ڇڏيو، مصر ۾ خليفه مقرر ڪري اسلام لاءِ پنهنجا سر صدقي ڪندا آيا، انهيءَ سلسلي جو ڳانڍاپو ۽ اسلام جي حمايت جو بار، سلاطين آل عثمان يعني ترڪن جي سر تي آيو ۽ انهي وقت سڀني مسلمانن ۽ علمائن ۽ مشائخن خليفة المسلمين جي لقب سان ڪري مڃيو، انهن ترڪن دين جي لاءِ جيڪي عيسائين جون تڪليفون سٺيون آهن تن تي تاريخ جا ورق شاهد آهن، اهو ئي خاندان آهي جو مقامات مقدسه يعني مڪي معظمه ۽ مدينه منوره جي خدمت ۽ حفاظت ۽ عيسائين جي ناپاڪ شرارتن جو، پنهنجي مال ۽ جان سان مقابلو ڪندا آهن، آءُ دعويٰ سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اهي سرفروش ۽ جانباز ترڪ، اسلام جي حفاظت لاءِ سر تريءَ تي رکي ڪوشش نه ڪن ها ته جيڪر اڄ اسلام جو نالو هڪ گذشته زماني جو افسانو ٿي وڃي ها، اوهان صاحبن کي اهو زمانو ياد هوندو جنهن وقت يورپ جي وڏي حصي تي اسلامي جهنڊو لهرون ڏئي رهيو هو، اسلامي فتوحات جو سيلاب زور افزون ترقي ۾ هو، يورپي حڪومتون سلطنت اسلاميه جي بحري ۽ بري قوت کان ڊڄندڙ تي ان جو رضامندو، مسيح مصلوب جو رضامندو ۽ ان جو ناراضپو ، يسوع مسيح جو ناراضپو، سمجهنديون هيون، ان وقت کانئن اهو اسلامي اوج سٺو نه ويو ۽ سڀني عيسائي حڪومتن گڏجي اسلام جي پاڙ پٽڻ ۽ روءِ زمين تي عيسائيت پکيڙڻ جو قسم کڻي صليبي جهاد شروع ڪيو، مگر خدا تعاليٰ جي مهرباني سان کين سواءِ ذلت ۽ شڪست جي ٻيو ڪجهه حاصل نه ٿيو، هارئي هلو کائينديون رهيون. آخر سلطان صلاح الدين مرحوم (ڪثرالله امثاله) جي هٿان هڪ شاهي شڪست کائي پيش پوڻ کان سواءِ ٻيو چارو نه ڏٺائون، جڏهن انهن ڏٺو ته مرد ميدان ٿي جنگ ڪرڻ سان مسلمانن سان پڄي نه سگهنداسون تڏهن اندروني سازش ڪرڻ ۽ دوستي جي پردي ۾ دشمني ڪرڻ کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايائون جيئن ته هن گذريل منحوس جنگ جي واقعات سان اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته جيڪي ملڪ، جنگ جي زماني ۾ اتحادي وٺي نه سگهيا، سي صلح جي زماني ۾ ڪهڙي نه دغابازي سان ورتائون.
    صاحبان! اوهان صاحبن کي ضرور هي خيال ٿيندو هوندو ته آخر يورپ جو سازش ۽ شرارتن جو ڪهڙو ڪارڻ آهي، ترڪن عيسائين جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي، جو انهن اسان اهڙو ظلم ڪرڻ ۾ اچي ٿو، ترڪن سان گڏ جرمني، آسٽريا ۽ بلغاريه به اتحادين سان جگ ڪئي، اهو ڪهڙو خاص سبب آهي جو ترڪن جي دارالسلطنت قسطنطنيه تي قبضو ڪيو وڃي ٿو، مگر جرمن، آسٽريا ۽ بلغاريه جي گادي جي هنڌن تي قبضو ڪرڻ ۾ نٿو اچي؟ انهيءَ بسنت آءُ مختصر لفظن ۾ فقط ايترو چوندس ته هڪ مذهبي تعصب ٻيو ملڪ گيري جي هوس! جيڪڏهن اوهان کي انهيءَ جي معلوم ڪرڻ جو شوق آهي ته مهرباني ڪري خود عيسائيءَ جي الفاظ ۾ ان کان ٻڌندا، مگر ان کان اڳ ۾ يورپ جي هيٺين اصطلاحن کان واقف ٿي، کين چڱي طرح دل تي رکندا ته آئينده اوهان کي اهڙن مضمونن جي سمجهه ۾ تڪليف نه ٿئي، جهڙي طرح يورپ ۾ ، اندر هڪڙي، ٻاهر ٻي، رکڻ کي پاليسي سجهيو وڃي ٿو، اهڙي طرح ساده لوح مسلمانن کي حقيقت کان بي خبر رکڻ لاءِ اسلام کي دنيا مان ڪڍڻ، مسلمانن کي عيسائي بنائڻ ۽ اسلامي ملڪن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي کڻڻ جو نالو مسئله شرقيه رکيو ويو آهي، ڇو ته مسئله شرقيه جي بجاءِ، مسئله اسلاميه سڏڻ ۾ يورپ کي پنهنجي ناپاڪ مقصد حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيڻ جو انديشو ظاهر اچي ٿو، ساڳي طرح يورپ جي ٽين اصطلاح به ياد رکڻ جي لائق آهي، يورپ ۾ ڪنهن به سرسبز زرخيز ملڪ کي جنهن ۾ تيل جا چشما، سون، چاندي، ٽامي، لوهه ۽ اڱرن جون کاڻيون هونديون آهن، پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ اتي جي هنرن کي ضايع ڪرڻ، ماڻهن کي بي دست وپاءَ بنائڻ ۽ ضروريات زندگي جي هر هڪ شيءِ ۾ يورپ جو محتاج رکڻ کي تهذيب جو نالو سڏيو ويندو آهي، پهريائين اخبارن جي رستي اتي جي حاڪم کي ظالم ۽ حڪمراني جي اصول کان غير واقف، مشهور ڪيو ويندو آهي تنهن کان پوءِ اتي جي ماڻهن کي ريل ۽ تارن وجهڻ ۽ رستن ٺهرائڻ، هنري ڪارخانا جاري ڪرڻ ۽ انهن کي دنيادار بنائڻ جا سرسبز باغ ڏيکاري دلفريب دلاسا ڏئي پنهنجي قديم فرمانروا، کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي ڪميڻي ارادي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ هر هڪ انسانيت پاش، اخلاق سوز، ناجائز ڪوشش کي تهذيب ۽ تمدن جي خدمت ڪري ليکيو ويندو آهي ۽ ساري دنيا کي آزادي جي ڪلمي پڙهائڻ جو ٺيڪو پنهنجي ذمي سمجهندو آهي، آزادي به ڪهڙي؟ مذهب کان آزادي، ماءُ پيءُ جي ادب کان آزادي! اخلاف کان آزادي!، عورت جي مرد کان آزادي! مسلمان حڪومت کان آزادي! شرابخوري! جوابازي! رنڊي بازي جي آزادي وغيره وغيره! غرض ته اهڙي طرح ملڪ کي پنهنجي جوع الارض جو لقمو تر، بنائڻ بعد تهذيب جي پکيڙڻ جو ڪم هن طرح ڪيو ويندو آهي ته هڪ طرف ماڻهن کي ولائتي نازڪ رنگين ۽ خوشنما ڪپڙن ڍڪڻ، خوراڪ ۾ بسڪوٽ، ڪيڪ ۽ ڊبل روٽي وغيره جو دلداده ٿيڻ، نشست برخواست ۽ معاشرت ۾ يورپي نمونو اختيار ڪرڻ جو عادي بنايو ويندو آهي ته ٻئي طرف انهيءَ ملڪ جي هنرن ۽ صنعتن کي فنا ڪرڻ، ڪاريگرن کي مارائڻ ۽ انهن جي بدران يورپي ڪارخانا جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته قوم جو اصلي طبقو ملڪي شين تي غير ملڪي شين کي ترجيح ڏيڻ ۽ عيش عشرت جي زندگي بسر ڪرڻ سبب زندگي جي هر هڪ ضروري شين ۾ يورپ جو محتاج بنجيو وڃي ۽ قوم جو ادنيٰ طبقو هنرن ۽ ڪاريگرن جي تباهه ٿي وڃڻ سبب بک مرڻ لڳي ۽ لاچار ٿي، ڀري، مزدوري ۽ ڪولي جو ڪم اختيار ڪري، ڪارخانن ۽ کاڻين ۾ 8-10 روپين عيوض غلام بنجي وڃي، ملڪ جو پيسو يورپ جي گهر ۾، ملڪي ماڻهو بک مرندا رهن، باقي يورپ مزا ماڻيندو رهي، ملڪ جو نالو سو مهذب ۽ متمدن ملڪن ۾ داخل ٿيو، باقي ملڪي ماڻهن جي حالت غلام کان به بدتر. خير! آدمد برسر مطلب، قسيس جولڪلارٽي، پنهنجي ڪتاب “مسئله مشرقيه” جي فصل ڏهين صفحه 124 ۾ “اسين اسلام کي ڪهڙي طرح فنا ڪري سگهون ٿا” جي سرخي سان لکي ٿو ته “آءُ جو ڪجهه لکندس اهو فقط دنياءِ مسيحت جي فائدي جي غرض سان، جنهن جو ٻيو نالو دنياءِ متمدن آهي، جو نوع انساني جي ترقي ۽ تهذيب لاءِ هر ممڪن قوت سان ڪوشش ڪري رهيو آهي، ليڪن انهيءَ ڪوشش کي روڪيندڙ هڪ عظيم الشان مصيبت آهي، هڪ عظيم الشان مشڪل آهي، جنهن جو اندازو ڪري نٿو سگهان، اسان مسيحين تي فرض آهي ته انهيءَ عظيم الشان مصيبت جا صدما سهون ۽ انهيءَ عظيم الشان مشڪل جي حل ڪرڻ جي تدبير ڪريون، انهيءَ عظيم الشان مصيبت ۽ مشڪل کي کولي سمجهائڻ لاءِ آءُ پنهنجي سڀني مذهبي ۽ روحاني قوتن کان ڪم وٺندس، ناظرين پڇندا ته اها ڪهڙي مصيبت ۽ ڪهڙو سيلاب آهي؟ آءُ عرض ڪندس ته آءُ جنهن مصيبت کان مراد وٺان ٿو اُها اُها مصيبت آهي جنهن جو سيلاب دنياءِ مسيحت کي فنا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رهيو آهي، انهي سيلاب کي روڪڻ واسطي پر نتائج ذريعن کان ڪم وٺڻ گهرجي، ذريعا فقط هي آهن ته سڀني عيسائين کي اتفاق ڪري انهيءَ مخالف قوت کي ناس ڪرڻ گهرجي، اها منهنجي راءِ نه آهي، بلڪه مون کان وڏا وڏا اهل قلم ۽ اهل دماغ به اها راءِ ظاهر ڪري چڪا آهن ۽ دنياءِ مسيحت کي انهيءَ اچڻ واري مصيبت کان خبردار ڪري چڪا آهن، ناظرين! انهيءَ اچڻ واري مصيبت جو نالو “اسلام” آهي، جو قوت جو سرچشمه آهي، جو ترقي جو ذريعو آهي ۽ مسيحي تعليمات جي واسطي سد راءِ آهي، توهان تي فرض آهي ته اسلام کي دنيا مان نابود ڪريو. اوهان تي فرض آهي ته انهيءَ قوت کي ضعيف ۽ عاجز ڪري وجهو ۽ جيڪڏهن اوهان هي سوال ڪريو ته اهو ڪهڙي طرح ممڪن آهي ته آءُ چوندس ته اتفاق سان! جيڪڏهن اسين سڀئي عيسائي پاڻ ۾ اتفاق ڪري ملي وڃن ته هن ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اسين مسيحيت جي دشمنن تي غالب ٿي وينداسين! اسلام کي ننڍڙو ڪري نه سمجهو! ان کي ڪمزور نه ڄاڻو، اسلام ۽ مسلمان سڄي يورپ جي واسطي خطره جو باعث آهن، جيڪڏهن مسلمان ڪجهه به طاقت ورتي ته عيسائيت کي مٽائڻ، انهن جي واسطي نهايت آسان ٿيندو، مان جيتريقدر سمجاهن ٿو ته اوهين اسپين جي فتاح مسلماننن کان ناواقف نه هوندا، اوهين انهن عابد زاهد مجاهدن جي نالن کان بي خبر نه هوندا، جن جي روشني ڪوه برهنه جي دامن مان چمڪي رهي هئي ۽ جنهن هڪ دنيا کي زير و زبر ڪري ڇڏيو، خالات ۾ تحقير پيدا ڪري وڌي ۽ دنياءِ مسيحيت جي ترقي واسطي ڪو به ميدا نه ڇڏيو، انهيءَ جي ڪاميابي جو سبب اهو ننڍڙو ڪتاب آهي، جو انهيءَ عظيم الشان شخص پاڻ سان آندو جنهن کي محمد (ﷺ) چون ٿا، اوهان هن کان غير واقف نه هوندا ته جيڪڏهن مسلمانن جي پاڻ ۾ اڻ بڻت ۽ بي اتفاقي نه هجي ها ۽ اسين عيسائي انهن جي مقابلي ۾ پاڻ ۾ ملي نه وڃون ها ۽ پطرس رسول جي برڪت نه ٿئي ها ته جيڪر انهيءَ باغي جماعت تي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيون ها، پر ياد رکو! انهن بزرگن جا جائنشين ۽ انهن ڏاڏن جا پوٽا اڃا تائين زندهه آهن ۽ هي اسان کي موت جي ڌمڪي ڏئي رهيا آهن، انهيءَ ڪري جيڪڏهن اسين انهن کي برباد نه ڪنداسين ته خدا جو قسم اسين خود برباد ٿي وينداسين، اسان تي فرض آهي ته انهن کي منتشر ۽ پراگنده ڪريون، اسان جو فرض آهي ته انهن جي مال، دولت، ڪنوارين ڇوڪرين ۽ عورتن تي قبضو ڪريون، تنهن کان پوءِ انهن کي عيسائي بنائڻ لاءِ هڪ ڀيرو ڪوشش ڪريون، اوهين ڪوشش ڪري انهن جي قرآن کي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيو!، قرآن کي انهن جي هٿن مان کسي وٺو، خدا جو قسم آءُ ڪو به اهڙو ڪتاب نه ٿو ڏسان جنهن جي جهنڊي جي هيٺان ايترا گهڻا ماڻهو جمع هجن ۽ جنهن کي ماڻهن جي دلين تي ايتري قدر حڪومت حاصل هجي، انهي ڪري اوهان تي فرض آهي ته مسئله مشرقيه جو خاتمو ڪري ڇڏيو، ڏسجو انهيءَ ۾ سستي ۽ تغافل هرگز نه ڪجو، اسلامي ملڪن ۾ قومي ۽ مذهبي تفرقا نهايت گهڻا آهن ۽ هي ڪير نٿو ڄاڻي ته اهو ملڪ جو قومي مذهبي تفرقن ۾ مبتلا آهي، انهيءَ تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڪيتري قدر آسان آهي، ڏسو اهو موقعو هٿان وڃڻ نه ڏجو، مسيحي سلطنتن مان هر هڪ جو فرض آهي ته اسلامي ملڪن جو هڪ هڪ ٽڪر ورهائي کڻن ۽ انهن تي قابض ٿي وڃن، ٽيونس ۽ الجيريا تي فرانس قبضو ڪري چڪو آهي، هالونوفرانس جو وزير، صاف چٽو چئي رهيو آهي ته انهن مسلمانن کي عيسائي بنائڻ اسان جي واسطي مشڪل نه آهي ۽ اها ئي ڳالهه آهي جنهن کي اسين ڳوليون ٿا! انگلستان جي ماتحت هندستان ۾ مسلمانن جو تعداد گهڻو آهي، لارڊڪرومر (وزير انگلستان) پنهنجي تقرير جيڪا لنڊن جي هائوس آف لارڊز ۾ ڪئي هئي، بيان ڪيو ته مسلمانن کي پنهنجي مذهب سان جيتري قدر محبت ۽ عقيدت آهي، اها ڏسي آءُ حيران ٿي ويس، اسان تيستائين انهن کي مسيحيت جو اصطباغ ڏئي نٿا سگهون، جيستائين اسان انهن جي ڪتاب آسماني يعني قرآن کي انهن جي هٿن مان کسي پرزا پرزا نه ڪري ڇڏيون، مان سمجهان ٿو ته اوهان هن کي وساريو نه هوندو ته اسان انهن کي يورپ مان ڪڍي ڇڏيو آهي! هاڻي اسين انهن کي افريقه (مصر) مان ڪڍڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسين انهن کي فقط ايشا ۾ بند ڪري سگهون، انهيءَ وقت بلفاني رياستون انهن جي حمله آور ٿينديون ۽ پنهنجي ملڪ مان ڪڍي انهن کي ڪڍي ڇڏينديون ۽ انهيءَ وقت مڪي ۽ مدينه کان سواءِ ٻيو ڪو به شهر انهن جي قبضي ۾ نه رهندو ۽ مون کي پڪو يقين آهي ته زمانو اوهان کي انهن ٻنهي شهرن تي قبضي ڏيارڻ جو ضامن آهي، هي به ياد رکو ته دولت عثمانيه اوهان جي سڀ کان وڏي دشمن آهي، اوهين انهن جي گذشته سلاطين کان واقف هوندا، جن اوهان کي فنا ڪرڻ گهريو هو، انهي ڪري اوهان جو فرض اولين هي آهي ته پنهنجي کير پياڪ ٻارن تائين سڀني جي دلين ۾ انهي قوم کان نفرت پيدا ڪريو! جا جيڪڏهن قوت وٺي وئي ته اوهان کي نابود ڪري ڇڏيندي. آخر ۾ آءُ پطرس روسل جو حڪم ٻڌايان ٿو : مسيح انهيءَ واسطي آيو هو ته پنهنجي تعليمات کي دنيا ۾ عام ڪري، سواءِ هن جي ته ڪو به هن جي مزاحمت ڪري، انهيءَ جو مطلب هي آهي ته اسين مذهبي دعوت کي سياسي صورت ۾ ظاهر ڪريون ٿا ته ماڻهو غافل رهن ۽ هلال جي روشني رفته رفته جهڪي ٿي وڃي، ان جي جاءِ تي صليب نمودار ٿئي.“ (زميندار جلد 3 ص 14)
    معزز دوستو! مٿين مضمون مان اوهان صاحبن کي قرآن شريف جي نابود ڪرڻ ۽ مسلمانن کي زوريءَ عيسائي بنائڻ ۽ انهن جي مال، دولت، معصوم نياڻين ۽ عورتن تي قبضو ڪرڻ ۽ اسلامي ملڪن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي کڻڻ بابت يورپ جي پراڻن منصوبن جي حقيقت روشن ٿي چڪي آهي ۽ ان مان صاف طرح هي معلوم ٿيو ته اهي منصوبا رڳو پاڳل پادرين جا نه آهن، بلڪ لاڙد ڪرومر، وزير انگلستان، هندستان جي مسلمانن کي عيسائي بنائڻ لاءِ مسلمانن کان قرآن ڪريم کسي ان کي پرزا پرزا ڪرڻ ٿو گهري، ساڳي طرح هانولو، وزير فرانس جنهن پيرس جي عجائب خانه تي “لوفر” نالي کي خالي ڪري ڪعبه جي شڪل ۾ آڻڻ ۽ مڪه مبارڪ مان حجر اسود کي اتي منقتل ڪرڻ ۽ ان کي حج جو مرڪز بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي هئي، تيونس، الجيريا جي مسلمانن کي عيسائي بنائي آسان سمجهي، پنهنجي دلي تمنا ظاهر ٿو ڪري ۽ انگريز قوم جو وزير اعظم، گيلڊ سٽون چوي ٿو ته “هي ڪتاب (قرآن حڪيم) مسلمانن جي هٿن مان کسي ساڙي ڇڏڻ گهرجي، اهو ڪتاب جيستائين مسلمانن جي هٿ ۾ هوندو تيستائين يقيناً اهي بدبخت سڀ ترقين ۽ سڌارن جي مخالف ۽ عيسائيت جا دشمن رهندا”
    ساڳيو مسٽر گيلڊسٽون چوي ٿو ته دنيا ۾ جيستائين قرآن نالي ڪتاب موجود آهي، تيستائين وحشت جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪا به تدبير ڪارگر ٿي نه ٿي سگهي. (الهلال 4 جولاءِ 1913 جلد 3 نمبر 2)
    مٿين مسٽر جي نظر ۾ اسلام هڪ وحشت آهي، جنهن جي پاڙ پٽڻ لاءِ قرآن ڪريم جو نابود ڪرڻ ضروري آهي، لارڊ ڪچنر، جا دل آزار ڪلمه، ڪعبته الله شريف متعلق اوهان کان وسري نه ويا هوندا، لارڊ ڪرزن، لارڊ رابرٽ سيسل ۽ لارڊ پرائيس جو تعصب اوهان کي ياد هوندو، مسٽر ايليڪنٿ اڳوڻي وزير اعظم انگلستان، جون ڦيريون گهيريون اوهان کي معلوم آهن، مسٽر لائيڊ جارج موجوده وزير اعظم برطانيه، جو لارڊ ايلني کي آخري مذهبي جنگ جو فاتح سڏڻ ۽ گذريل مارچ ۾ نئين سال جي شروعات ۾ رعايائي انگلستان کي موڪلڻ، ته دنيا ۾ امن، عيسائيت قبول ڪرڻ سان ٿي سگهندو، اهو مذهبي جنون جو پڌرو ثبوت آهي، ڇا انهن واقعن هوندي ڪو چئي سگهندو ته انگلستان ۾ اسلام جي خلاف جوش خروش رڳو مذهبي حلقن ۾ آهي؟ هرگز نه! اسلام ڪشي جو خيال سياسي حلقن ۾ موجود آهي، مگر اهو بقول جول ڪلارٽي ۽ پطرف رسول جي زرين حڪم موجب، مسلمانن کي غافل رکڻ لاءِ مذهبي دعوت کي سياسي رنگ ۾ ظاهر ڪن ٿا، جهڙي طرح هن منحوس جنگ ثابت ڪري ڏيکاريو، اوائل ۾ ملڪي جنگ ظاهر ڪري، مسلمانن کان جاني مالي مددون حاصل ڪري پوءِ ان کي مذهبي صليبي جنگ سڏڻ ۽ اسلامي ملڪن ۽ پاڪ جاين تي دست درازي ڪرڻ، صاف طرح قرآن شريف جي هن آيت جي تصديق ٿو ڪري “ولن ترضيٰ عنڪ اليهودولاانصاريٰ حتيٰ تتبع ملتهم”. يعني يهود ۽ نصاريٰ تيستائين اوهان کان هرگز راضي نه ٿيندا، جيسين اوهين انهن جو دين قبول نه ڪندؤ، ترڪن کي هن جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪهڙا سبب هئا، اهي ڊيگهه جي خوف ۽ وقت جي تنگي سبب بيان ڪري نٿا سگهجن، جول ڪلارٽي جي مٿين مضمون مان اوهان کي معلوم ٿي ويو هوندو ته اسلام جي پاڙ پٽڻ ۽ قرآن شريف جي نابود ڪرڻ لاءِ سلطنت عثمانيه کي برباد ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه کي برباد ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو، ڇاڪاڻ ته سلطنت عثمانيه جي موجودگي ۾ يورپ جا ملعون مقصد حاصل ٿيڻ مشڪل هئا، جيئن ته هڪ انگريزي اخبار “گرينڪ” نالي، مسئله مشرقيه تي پنهنجا خيال ظاهر ڪندي آخر ۾ لکي ٿو ته ترڪن کان نجات حاصل ڪريو ته هر چيز ٺيڪ ٿي ويندي (الهلال 6 آگسٽ 1913ع جلد 3 صفحه 113)
    ترڪي سلطنت وانگر ايران ۽ افغانستان به اسلامي حڪومتون هيون ۽ اهي به قرآن حڪيم جي تباهي اکين سان ڏسڻ نه گهرن ها، مگر يورپ جي، ترڪي سلطنت تي خاص طرح نظر رهڻ جو سبب هي اهي ته انهيءَ خاندان کي خلافت جي عزت حاصل آهي، ازانسواءِ اهو ئي خاندان آهي جو يورپ جي مقابلي ۾ طاقت رکي ٿو، 2 جولاءِ 1913ع جي ٽائمز آف انڊيا ۾ ڪرنيل بيٽ، جنگ بلقان ختم ٿيڻ تي مضمون لکندي آخر ۾ لکي ٿو ته “ترڪن سلطنت ۽ ايران حڪومت جي بلڪل ختم ٿي وڃڻ بعد جيستائين 30 لک مسلمان هيئن نه چون ته امير افغانستان اسان جو خليفو ۽ پيشوا نه آهي تيستائين انهن جي حڪومت قائم رهڻ ڏجي.” (الهلال 13 جولاءِ 1913ع جلد 3 صفحه 71)
    هن مان ظاهر ٿيو ته يورپ جي، خلافت سان جنگ آهي ۽ خدانخواسته ترڪي سلطنت ۽ ايراني حڪومت جي تباهيءَ سان گڏ اتي ڪو به مسلمان ڏسڻ نٿو گهري ۽ انهي کان پوءِ روءِ زمين تي جيڪي 30 لک مسلمان بچن، سي به جيڪڏهن امير افغانستان کي پنهنجو خليفو ۽ پيشوا ڪري مڃن ته پوءِ انهن جي به صفائي ڪري ڇڏجي، هن مان هي ڳالهه به معلوم ٿي ته (خاڪش بدهن) ترڪي سلطنت ۽ ايراني حڪومت بلڪل ختم ٿي وڃڻ بعد افغانستان جي 30 لک مسلمانن کان سواءِ ٻيو ڪو به مسلمان نه رهندو، نه هندستان ۾، نه ڪنهن ٻئي هنڌ. هن منحوس جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ صلح جي وقت ۾ انگريزن جو ترڪن سان ڪهڙو سلوڪ رهيو؟ اهو اوهان صاحبن کان مخفي نه آهي، غزوه طرابلس جي شروعات ۾ انگريزن ٻي طرفي جو اعلان ڪيو، مگر عملي حالت هي هئي جو اٽليءَ وارن کي بار برداري واسطي اٺن ۽ خچرن جي ضرورت پئي ته جزيره عدن مان ضرورت پوري ڪئي وئي، ليڪن ترڪن جي امداد واسطي جڏهن مرحوم نيازي بي طرابلس الغرب جي قصد سان ويس بدلائي مصر ۾ پهتو ته انگريزن جي بي طرفي جي دعويٰ، ان کي نظر بندي ۾ وٺي قسطنطنيه ڏانهن واپس ڪري ڇڏيو، ترڪي جنگي جهاز حميديه ڪجهه پيرا بندرگاهه سعيد ۽ اسڪندريه جا چڪر لڳايا هئا، جتي ان لاءِ ڪوئلن جو ذخيرو گڏ ڪيو ويو، بي طرفي ان جي مخالفت ڪئي ۽ اهو سلسلو بند ڪيو ويو، بي طرفي ان جي مخالفت ڪئي ۽ اهو سلسلو بند ٿي ويو، مگر يوناني ٻيڙي 18 اپريل 1913ع جي جڏهن سويز جو چڪر لڳايو تڏهن پورٽ سعيد ۾ ان جي واسطي ڪوئلن جي فراهمي، پوليس جي امداد ۽ اعانت طرفداري نه سمجهي وئي. ترڪن هندستان ۾ غدر جي وقت انگريزن کي مصر مان لشڪر لنگهائڻ جي موڪل ڏني، سلطان المعظم، بحيثيت خليفة المسلمين سلطان ٽيپو ۽ سرحدي ماڻهن کي انگريزن جي مخالفت بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي انگريزن جي جان بچائي، مگر ان جي عيوض انگريزن، ترڪن کي مصر مان جو سندن ملڪ هو، لشڪر لنگهائڻ جي روڪ ڪئي، طرابلس ۾ مسلمان مردن، عورتن ۽ ٻارن سان جيڪي ظلم ٿيا آهن، ان تي انگريزن جي رڳ انسانيت کي ڪو جوش ڪو نه آيو، مگر جڏهن بهادر ترڪ طرابلس مان اٽليءَ وارن کي پٺتي هٽائي اڳتي وڌڻ لڳا تڏهن انگريزن ترڪن کي صلح ڪرڻ لاءِ زور رکيو، جڏهن انهن قبول نه ڪيو، تڏهن انگريزن پنهنجي جنگي جهازن جي نمائش ڪري ڌمڪي ڏئي ترڪن کي صلح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنگ بلقان کان ٿور اڳي ترڪن کي غافل رکڻ لاءِ يورپ اعلان ڪيو ته مسئله بلقان بابت جنگ نه لڳندي مگر يورپ هي عذر ڪيو ته سان جنگ کي روڪڻ گهريو مگر بلقاني رياستون راضي نه هيون، ڇا ڪو به معمولي عقل وارو آدمي هي فرض ڪري سگهي ٿو ته هڪ ڇوٽي رياست دول يورپ جي ڪنهن به هڪ مشوري کي نامنظور ڪري ٿي سگهي؟ بهر نوع اعلان جنگ ٿيو، ان کان پوءِ ستت ئي موسيو پوانيڪر وزير خارجه فرانس جي تجويز ۽ روس ۽ انگلستان جي اتفاق سان، هي اعلان ڪيو ويو ته خواهه نتيجو ڪهڙو به نڪري مگر فتحياب کي پنهنجي ملڪ وڌيڪ زمين ڳنڍن جو حق نه رهندو، يا ٻين لفظن ۾ ڌرين جي ملڪ ۾ جابرانه تغير نه ٿيندو، اهو اعلان هن ڪري ڪرڻ ۾ آيو ته يورپ کي خيال هو ته جنهن وقت بهادر ترڪي فوج، پنهنجي پايه تخت کان هلندي ته سڌو صوفيه جي پايه تخت بلغاريه ۾ هلي دم کڻندي، کين معلوم هو ته يوناني فوج جڏهن ان سان جنگ ڪندڙ هئي تڏهن ان جو ڪهڙو حشر ٿيو هوندو، پر فتح ۽ شڪست جي تقسيم بلڪل اميد خلاف هئي، هواز جو مزاج بدليل ڏسي خيالات جو رخ به بدلجي ويو، سڀ کان اول ۾ اخبارن هي سوال کنيو، بلقانين کي انهيءَ فتح جي فائدن کان نفتعو وٺڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جنهن واسطي ان جون فوجون ڪم آيون آهن، اعلان جنگ کان اڃا اڌ مهينو به نه گذريو هو ته روس مان هي آواز بلند ٿيو ته “نهايت بي انصافي ٿيندي جيڪڏهن بلقاني رياستن کي فتوحات کان فائدي وٺڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي جنهن واسطي انهن پنهنجون عزيز جانيون ڏنيون آهن” انهن جو اواز انگلستان مان آيو، مسٽر اسڪنٽ وزير انگلستان ۽ موسيو پوانيڪر وزير فرانس اهو ئي چوڻ لڳا جو روس چئي رهيو هو، جاج موجوده وزير اعظم انگلستان ۽ مسٽر ماسٽرين وزير مالي شهنزم، بلقاني رياستن جي واسطي هڪ انجمن قائم ڪئي هئي، جنهن جا ميمبر پارليمينٽ جا ميمبر هئا، انهيءَ انجمن جي ميمبرن چيو ته بلقاني، انهيءَ جنگ ۾ حق بجانب آهن، تنهن ڪري کين ضرور آباد ڪيو وڃي، فيصلو ٿيو ته پبلڪ ۾ عام طور جوش پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ عام جلسو ڪيو وڃي، مسٽر ناڪل مڪائن ميمبر پارليمنٽ برطانيه صوفيا، پايه تخت بلغاريه ۾ ويو ۽ اعلان ڪيائين ته “سٺي انگريز قوم کي بلقان سان هن جنگ ۾ به پوري همدردي آهي ۽ گهڻائي انگريز والنٽير طور ميدان جنگ ۾ اچڻ وارا آهن”
    برادران اسلام! ڇا هن کان پوءِ اوهان صاحب اهو خيال ڪري سگهو ٿا ته ترڪي خواه مخواه انگريز سان جنگ ڪئي ۽ رڳو جرمني جي شورش تي پيش قدمي ڪئي. مسلمانو! يقين ڪريو ته توڻي اوهين اسلام کان غافل ٿي وڃو مگر عيسائيت ڪڏهن به اوهان کان غافل نه رهندي، اوهين عيسائين جون ان ترانيون وساري ڇڏيو، مگر هي اوهان جون بي خياليون نه وساريندا، اوهان جا زخم ڇٽي وڃن، مگر توهان جون خرچ لڳايل چوڪون هي هميشه تازيون رکندا، ايران، طرابلس ۾ عيسائين جي خونريزي، غارت گري ۽ عصمت دري اوهان کان وسري وڃي، مگرعيسائي، فلسطين، شام ۽ مقدونيه کي نه وساريندا، اوهين اندلس، طرابلس جون ڊاٺل مسجدون وساري ڇڏيو، مگر عيسائين هميشه جمع ابا صوفيه ۽ بيت المقدس کي ياد رکندا. اي عزيزان ملت! توهان کي معلوم آهي ته اندلس جي مسلمانن جي ڪهڙي حالت ٿي؟ اوهان کي معلوم آهي ته ڪهڙي طرح مسجدون ڊاٺيون ويون؟ مسلمان زوري عيسائي ڪيا ويا ۽ جيڪي عيسائي نه ٿيا، اهي جلايا ويا، هي سچ آهي ته اوهان سان اڃا تائين اهو سلوڪ نه ٿيو آهي مگر توهان کي ڪهڙي طرح تسلي ڏني وئي آهي ته جڏهن توهان جي سياسي هستي جو بلڪل خاتمو ٿي ويندو ۽ دنيا ۾ آزاد اسلامي سلطنت نه رهندي تڏهن ان وقت اهڙا ماڻهو پيدا نه ٿيندا، جي مسٽر گيلڊ سٽون ۽ ڪرنل بيسٽ جي حڪم جي تعميل ڪن، حضرات! اوهان صاحبن کي خاص حالتن سان چڱي طرح معلوم ٿي ويو هوندو ته اسلام جي تباهي جو ٺيڪو رڳو انگلستان کنيو آهي، ڇاڪاڻ ته فرانس ۽ اٽلي، ترڪن کي قسطنطنيه مان ڪڍڻ نٿا گهرن ۽ نڪي ترڪي يا ايشيا ڪوچڪ جي ڪنهن ڀاڱي جا طلبگار آهن جيئن ته پريس جي اخبار ٽيمس لکي ٿي ته فرانسيسي، ترڪن کي قسطنطنيه مان ڪڍڻ نٿا گهرن، جو انهن کي ترڪيءَ يا ايشيا ڪوچڪ جو ڪو به حصو مطلوب نه آهي، سيورينيٽي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اٽلي ترڪن کي ڪوچڪ جو ڪو به حصو وٺڻ نٿو گهري، انگريزن سان ترڪن وانگر جرمن، آسٽريا ۽ بلغاريا به جنگ ڪئي هئي، مگر نه انهن جي تخت گاهن تي قبضو ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهن جي شهزادن ۽ پارليمينٽ جي ميمبرن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهنجي مذهب جي پيشوائن کي جلا وطن ڪيو وڃي ٿو ۽ نڪي انهن جي عبادتگاهن بابت ڪو پهه پچايو وڃي ٿو، ڇو ته اهي عيسائي آهن، باقي مظلوم ترڪن کان سندن دارالخلافت کسيو وڃي ٿو، انهن جي شهزادن ۽ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ستر هي تعداد ۾ گرفتار ڪيو وڃي ٿو، شيخ الاسلام کي جلا وطن ڪري مالٽا ۾ موڪليو وڃي ٿو، جامع ابا صوفيه کي جا پنجن سون ورهين کان مسلمانن جي عبادگاهه رهي آهي تنهن کي ديول بنائڻ جو منصوبو ٿيو، ڇاڪاڻ ته اهي مسلمان آهن، يورپ ۾ مسلمانن سان انصاف ڪرڻ جو جيڪو دستور آهي، ان بابت هڪ منصف مزاج انگريز جو خود پارليامينٽ جو ميمبر آهي، تنهن جو قول نقل ڪريان ٿو، مسٽر سائڪس پارليمينٽ ۾ اعلان ڪيو آهي ته مسلمانن سان انصاف ڪرڻ جا يورپ ۾ ٻن مختلف قسمن جا قانون هلندڙ آهن، هڪ اهو هڪ قانون وقاعي، جو مسلمان مدعي جي خلاف عيسائي مدعاليه جي حق ۾ فيصلو ٿئي ٿو، ٻيو اهو قانون جو عيسائين مدعي جي فائدي ۾ مسلمان مدعا عليه جي خلاف عمل ۾ ايندو آهي. (الهلال صفحه 172، جلد 12، 23 جولاءِ 1913ع)
    اخوان ملت! يورپ جي چالبازين ۽ ڍڪوسلن تي گهڻا ڏينهن لڳا گهڻيو ئي خوشنما وعدن ۽ دلفريب دلاسن سان اميد تي وڃايو، آزمائي کي جو آزمائي سو ڌوڙ منهن ۾ پائي، مڪه مڪرمه، مدينه طيبه، تثلش جي زير اثر رهي چڪو آهي، بصره، بغداد، ڪاظمين شريفن، نجف اشر، ڪربلا معليٰ تي صليب جو جهنڊو لهرون ڏئي رهيو آهي، بيت المقدس تان توحيد جو سايو گم ٿي ويو، اسلامي ملڪن دارالخلافت قسطنطينه تي ڪافرن جو قبضو ٿي چڪو آهي، شيخ الاسلام مالٽا ۾ جلاوطن ڪيو ويو، 70 ستر کان زياده شهزاده ۽ شاهي خاندان جا ماڻهو گرفتار آهن، تيرنهن سون اسلامي تاريخ جي يادگار خلاف، ميٽجڻ تي آهي، خليفة المسلمين محصور آهي، ڇا اڃا انهن کان يا زياده اسلامي تباهي جا منظر ڏسڻ جا منتظر آهيو؟ آه! اوهان جا بي حسي تي، آه و بڪا اوهان جي غدلت شعاري تي، ڇا انهيءَ حال سان اوهان مسلمان سڏائڻ جا حقدار آهيو، ڇا انهيءَ حال سان اوهان خدا ۽ رسول وٽ سرخرو ٿيندا. افسوس! “عار داد ڪفر از ايمان ما”
    ڀائرو! هن وقت شرع شريف جي حڪم موجب پاڪ جاين کي ڪفر جي چنبي کان بچائڻ ۽ خليفة المسلمين جو دنيوي اقتدار قائم رکڻ ۽ مظلوم ڀائرن جي مدد ڪرڻ، اسان تي فرض آهي، اسان هن بنسبت پنهنجي مذهبي جذبات ۽ شرعي مطالبات کان سرڪار کي وقت بوقت جلسن جي رستي، تارن جي رستي، وفدن جي رستي، آگاهه ڪري چڪا آهيون ته جيڪڏهن فيصلو اسان جي مذهب جي برخلاف ٿيو ته پوءِ اسين مذهبي حڪمن موجب وفادار رهي نه سگهنداسين، پر هن وقت تائين ڪو خاطر خواه نتيجو ڪو نه نڪتو آهي ۽ نڪي اميد آهي. مولانا محمد علي صاحب خلافت جي وفد جي پاران سيٺ ڇوٽاني صاحب کي جيڪو خط تاريخ 25 مارچ 1920ع لنڊن مان موڪليو آهي، تنهن ۾ لکيو اٿس ته لارڊ جاج وزيراعظم جو وفد کي ڏنل جواب نه رڳو مايوس ڪندڙ آهي، پر سندس جواب ۾ ڪيترو ئي ڪوڙ بدڙو آهي، غرض ته اڻندو اها ئي جا ڪوري جي هٿ ۾ هوندي، انهي ڪري اوهان تي جهاد فرض آهي، مگر جڏهن ته اوهان وٽ هٿيار پنهوار ۽ ٻيا ضروري اسباب موجود نه آهن، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ هجرت ڪري وڃڻ کانسواءِ ايمان جي بچاءَ جو ٻيو ڪو رستو ڪو نه آهي، خدا جو شڪر آهي جو سخت پريشاني جي وقت ۾ امير افغانستان غازي امان الله خان خلد الله ملڪه و سلطنته هندستان مان هجرت ڪري ويندڙ مسلمانن کي پنهنجي خداداد وسيع سلطنت ۾ هر طرح مالي ۽ جاني مدد ڪرڻ جو وعدو فرمايو آهي، اُميد ته جيڪي صاحب جهاد جي طاقت نٿا رکن ۽ ايمان بچائڻ ۽ خدا تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪرڻ واسطي هجرت فرض ٿا سمجهن سي پاڻ ۾ ملي گورنمينٽ کي درخواست ڪندا ته افغانستان ۾ هجرت ڪري وڃڻ لاءِ رستي ۾ ڪو روڪ نه ڪري ۽ اهڙي پاس ملي، پر جيستائين اهڙو ڪو بندوبست ٿئي تيستائين ڪو به مسلمان سرڪار کي ڪا به مدد نه ڏئي، نڪو ماڻهو فوج ۾ ڀرتي ٿئي، نڪو نوڪري ڪري، نڪو چندو ڏئي يا قرض ڏئي، نه انهن جي ڪورٽن ۾ فرياد ڪري، جيڪڏهن پاڻ ۾ خدانخواسته ڪو تڪرار ٿي پوي ته ان کان درگذر ڪري ڇڏجي، نه ته شريعت موجب ان جو فيصلو ڪنهن مولوي يا عالم کان ڪرائي، غرض ته سرڪار سان سمورا تعلق ٽوڙي ڇڏجن ۽ پنهنجا سڀئي تعلق خدا ۽ رسول ﷺ سان قائم ڪجن. وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين. والصلواة والسلام عليٰ سيد المرسلين۔۔۔۔۔۔ بشڪريه۔۔۔ گوگل، ڪاوش اخبار، عوامي اخبار، فيس بڪ ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي ذاتي بلاڪ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح

    ادا ممتاز اوهان جا لک ٿورا جو مضمون جو جواب سان گڏ هن بزرگ جي زيارت ڪرائي ڇڏئي ۔

    يقينن سائين آزادي جا امام هئا ۔ سائين تي جيترو لکجي گهٽ آهي ۔

    مهرباني
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح

    تمام بهترين ونڊ سائين
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سائين تاج محمود امروٽي صاحب ر ح


    ادا هماگير مهرباني ، الله تعالى اوهان کي خوش رکي
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مولانا تاج محمود امروٽي:

    ناميارو ديني عالم مولانا تاج محمود امروٽي ولد سيد عبدالقادر عرف ڀورل شاهه، خيرپورميرس ضلعي جي پريالوءِ شهر لڳ، هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”ديواني“ ۾ 28 ذوالقعد 1260هه مطابق 22 مارچ 1841ع ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي والد مولانا سيد عبدالقادر وٽان حاصل ڪئي. عربي تعليم مولانا عبدالقادر پنهواريءَ (تعلقي روهڙيءَ) کان ورتائين. جوانيءَ ۾ حافظ محمد صديق جي خدمت ۾ ڀرچونڊي شريف پهتو ۽ کانئس بيعت ورتائين. سندس ئي هدايت تي اباڻي ڳوٺ ”ديوانيءَ“ کي ڇڏي، ڳڙهي ياسين (ضلعي شڪارپور) جي ڳوٺ ”امروٽ“ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين. هن بزرگ امروٽ ۾ اچي اتي موجود بدعتون ختم ڪرايون. مولانا امروٽي، وڏو متوڪل ۽ فنا في الله بزرگ هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻه ٻه وقت فاقا به ڪڍندو هو. سندس خانقاهه، ”صفه“ جو نمونو ۽ روحاني فيض جي ڳولائن لاءِ تمام اهم دارالعلوم هئي.

    مولانا تاج محمود جي شادي سندس چاچي سيد مهر علي شاهه جي نياڻيءَ سان ٿي، کيس ”حسن شاهه“ نالي پٽ به ڄائو، جيڪو ٻارهن ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ٻه شاديون ٻيون به ڪيائين، پر انهن مان به کيس اولاد نه ٿيو. مولانا صاحب کي پنهنجي پٽ ”حسن شاهه“ سان پيار هو، جنهن سبب پنهنجو تخلص ”حسن“ اختيار ڪيائين. سڄي زندگي اسلامي تبليغ ۽ عوامي فلاح جي ڪمن ۾ حصو ورتائين. مولانا صاحب ديني درس تدريس سان گڏ سياسي ميدان ۾ به خدمتون سرانجام ڏنيون. خاص طرح ” خلافت تحريڪ “، ” هجرت تحريڪِ“، ”ترڪَ موالات تحريڪِ“ ۽ ”ريشمي رومال تحريڪ“ ۾ حصو ورتائين. پاڻ امروٽ ۾ دارالعلوم قائم ڪيائين، جنهن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي پڻ ستن سالن تائين درس ڏنو. هن مدرسي مان مولانا حماد الله هاليجوي ۽ مولانا احمد علي لاهوريءَ جهڙا عالم پيدا ٿيا. شيخ الهند مولانا محمود الحسن پڻ امروٽ شريف ايندو رهندو هو. مولانا تاج محمود، امروٽ ۾ ديني ادب جي اشاعت لاءِ هڪ پرنٽنگ پريس ”محمود المطالع“ قائم ڪري، ماهوار سنڌي رسالو ”هدايت الاخوان“ شايع ڪيو. مولانا امروٽي انگريزن جو سخت مخالف هو ۽ ڪنهن به انگريز جو منهن ڏسڻ پسند نه ڪندو هو.

    مولانا امروٽي سنڌي ٻوليءَ جو قادرالڪلام شاعر به هو. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير سندس اهم ۽ يادگار تصنيف آهي. سنڌيءَ ۾ سندس منظوم رسالو ”پريت ناما“ ۽ سورة ياسين جو منظوم ترجمو پڻ گهڻا مقبول آهن. سندس موهيندڙ شخصيت ۽ حسن اخلاق، هندو توڙي مسلمان، ننڍي توڙي وڏي، ٻار توڙي ٻڍي، هر فرد کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ ڪيترن غير مسلمانن کي اسلام جي دائري ۾ آندو. جمعي جي نماز لاءِ شهر جي جامع مسجد ڏانهن ويندي، گهٽين ۾ هندو مرد، عورتون ۽ ٻار، دعا يا پاڻي پڙهائڻ لاءِ ٿانوَ کنيو سندن انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا. ان وقت سنڌ ۾ ”شڌي“ پرچار به زور شور سان جاري هو ۽ ڪن متعصب هندن، مولانا امروٽيءَ خلاف شور مچايو ۽ مٿس ڪيس به ڪيا، جيڪي سالن جا سال هلندا رهيا. 1922ع ۾ انگريز سرڪار، بئراج جي واهن جي کوٽائي شروع ڪئي، تڏهن کيس اطلاع مليو ته واهن کوٽڻ جي رِٿ مڪمل ٿي رهي آهي. جنهن ۾ ڪي مسجدون به شهيد ٿينديون. اها خبر ٻڌڻ وقت، علالت جي بستري تي هوندي به هڪدم اٿي ويهي رهيو ۽ بلند آواز سان فرمايائين ته ”آهن ڪي مرد مجاهد، جي الله جي گهرن کي تباهيءَ کان بچائين، جن الله جي گهرن جي حفاظت ڪئي، انهن لاءِ آخرت ۾ گهر ٺهندو.“ کانئس بيماري وسري وئي ۽ جماعتين کي گهرائي، مسجدن جي تحفظ لاءِ پيغام موڪليائين. هن ڪوشش پٺيان هڪ پاسي شعائرالله (قديم آثار/ خدا جا نشان) کي بچائڻ ۽ انگريز سامراج سان ٽڪر کائڻ ۽ ملڪ کي آزاد ڪرائڻ مقصود هو. هن مقصد ۾ مولانا امروٽيءَ کي آخر فتح حاصل ٿي ۽ ڪيتريون مسجدون بئراج جي زد کان بچايون ويون. مولانا امروٽيءَ کي سلوڪ جي چئني طريقن قادري، نقشبندي، چشتي ۽ سهرورديءَ جي فيض جي تلقين مليل هئي، پر قادري سلسلي تي خاص عبور حاصل هو ۽ اڪثر تلقين به قادري طريقي جي ڪندو هو. چون ٿا ته انگريزن مولانا تاج محمد امروٽيءَ کي ڳجهيءَ طرح زهر ڏياريو هو، جنهن جي اثر کان ڪمزور ٿي، پاڻ 5 نومبر 1929ع تي وفات ڪيائين.


    [​IMG]

    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل
    ___
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ممتاز علي وگهيو ادا ممڪن هجي ته توهان جيڪا سائين تاج محمود امروٽيءَ رحمت الله عليه جي تصوير اپلوڊ ڪئي هئي اها موڪلجو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو