تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد _جوکيو شفيق احمد

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ جوکيو شفيق احمد طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2011۔

  1. جوکيو شفيق احمد

    جوکيو شفيق احمد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 جنوري 2010
    تحريرون:
    113
    ورتل پسنديدگيون:
    223
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    ڪراچي،سنڌ
    تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد
    املاء ڪندڙ _مسڪين سنڌي عرف @};-جوکيو شفيق احمد
    فاتح قوم ، مفتوح قوم جي ملڪ وٺڻ بعد ، سڀ کان پهريون انهن جي ملڪي زبان جون پاڙون ڪپيندي آهي ، تاڪه زبان کي ختم ڪري ، قوم جون قومي خصوصيات ۽ انجو علمي سرمايو ناس ڪري ختم ڪري ڇڏي ، جنهن تي انهي , قوم جي غيرت ، فڪر ، تخيل ۽ قومي ڪردار جو بنياد هوندو آهي ، انهن مٿان ڌاري زبان مڙهي انهن کي ذهني غلاميء ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي ، تاڪِ (ته جيئن) ان قوم جو روح فنا ٿي وڃي ، غيرت ۽ حميت هلي وڃي ، ۽ هو فاتح قوم جي مقابلي ۾ ڪڏهين به اسري ۽ اڀري نه سگهي.
    اهو مسلمه اصول آهي ته جسماني غلامي ، قومن کي ختم ڪري نه سگهندي آهي؛ جيڪڏهن قوم کي ڪابه غلامي هميشه لاءِ نيست نابود ڪري ڇڏيندي آهي ته اها ذهني غلامي آهي، جا (جيڪا) محض زبان جي بدلائڻ ذريعي آڻي سگهبي آهي.
    صفحه _257 موجوده سياسي مسئلا_ سائين جي ايم سيد.
    سنڌي زماني جي سردين گرمين ۾ پاڻُ جهلي جُداگانه زبان جي حيثيت حاصل ڪري ويئي، جڏهن ٻيون سندس همنسل زبانون گهڻو ڪِري پيون.ديباچو !_2
    تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت.
    مضمونَ جي شروع ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته قومي ۽ زباني مسئلي تي اسلامي تهذيبَ ۽ تمدن جي نقطي نگاهه کان پڻ سوچيو وڃي ٿو ، ۽ ان نقطي نظر کان صرف عربيءَ کي ئي قومي زبان بنجڻ جو حق حاصل ٿي سگهي ٿو. مگر اردو جا طرفدار جي اسلامي جذبي کي اردو زبان جي خاطر استعمال ڪرڻ چاهين ٿا، سي دعويٰ ڪن ٿا ته اردو زبان اسلامي تمدن جي جي پيداوار آهي ۽ ِاها ئي مسلمانن جي بنايل زبان آهي انهيءَ ڪري انهي کي قومي زبان بنايو وڃي. مگر تواريخ شاهد آهي ته جيڪڏهن هن برِعظيم هندوستان جي ڪنهن به زبان تي صحيح اسلامي فڪر جو اثر پيو ۽ جنهن کي سڀ اول مسلمانن پنهنجو ، ڪري سمجهو (سمجهيو) سا فقط سنڌي زبان ئي آهي. هيٺيون حقيقتون انهي نظريي جي تائيد ڪن ٿيون:-
    الف_ سنڌي ٻولي انهي ملڪ جي زبان آهي جو برعظيم ۾ سڀ کان اول مسلمانن جي حڪومت هيٺ آيو. اهي قُرُونُ اُولَي ا جا عرب مسلمان هيا جن اصحاب، تابعين ۽ تبع تابعين (هئا)هيا ۽ اهي صحيح اسلامي فڪر ۽ ڪردار سان سان سنڌ ۾ داخلا ٿيا ۽ انهي ڪري سنڌ باب الاسلام بني ۽ سنڌ جي ٻوليءَ تي پڻ صحيح اسلامي فِڪِرَ ۽ تَمَدُن جو اثر پيو.
    ب_ انهن عَرَبَ مسلمانن پنهنجي رواداريءَ، صحيح علمي ڄاڻ ۽ ملڪ جي ڀلي خاطر سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺايو، ايتري قدر جو سنڌي زبان جي شاعرن کي عرب دنيا سان روشناس ڪرايائون.چوٿِين صدي هجريءَجي هڪ عرب عالم پنهنجي ڪتاب ”روضَةُ العُقَلا“ ۾ سنه187 هه کان به اڳ جو هڪ تاريخي واقعو بيان ڪيو آهي ته ڪيئن هڪ سنڌي شاعر عباسي خليفن جي مشهور وزير يحيٰ بن خالد برمڪِي کي پنهنجو سنڌي زبان ۾ چَيَلُ قصيدو ٻڌايو ، جنهن تي کيس هڪ هزار دينار انعام طور مليا. مطلب ته عربن سنڌي ٻوليءَ کي زور وٺرايو ۽ انکي ساڳيو عربيءَ جھڙو درجو ڏنو. چوٿين صدي هجريءَ ۾ جڏهين سنڌ ۾ عربي دورِ حڪومت قائم هو ، تڏهن مشهور عرب سياح ،ِابنِ حوقل ، لکي ٿو ته ملڪ جي خاص زبانون سنڌي ۽ عربي آهن. هن حوالي مان ظاهر آهي ته عربن ، عربيءَ سان گڏ سنڌيءَ کي به ملڪي ٻوليءَ جي درجي تي پھچايو.
    (ج) ھن برعظيم ۾ سنڌي پهرين زبان هئي ، جا عربي خط ۾ لکي ويئي . ”روضة العقلا“ جي مصنف سنه 187ھه کان اڳ انھي سنڌي شاعر جي سنڌي ۾ چيل قصيدي جو هڪ شعر عربي خط ۾ نقل ڪيو آهي ، جو هن اڳين ڪتابن تان نقل ڪيو هوندو: جنھنجي معنيٰ ته اھو سنڌي قصيدو بروقت عربي خط ۾ نقل ڪيو هو. هيءَ حقيقت ثابت ڪري ٿي ته سنڌي ٻولي ٻي صدي هجريءَ جي آخر کان وٺي ،عربيءَ خط ۾ لکجڻ شروع ٿي ۽ اڄ ڏينھن تائين انھيءَ خط ۾ لکجي پئي.هن وقت به سواءِ عربيءَ جي ، فقط سنڌي ٻولي دنيا جي مکيه ٻولين مان هڪ واحد زبان آهي، جا انهيءَ اوائلي اسلامي تمدن جي اثر هيٺ خَطِّ نَسَخَ ۾ لکي وڃي ٿي.
    انھن مٿين حقيقتن مان ظاهر آهي ته هن برعظيم جي مڙني ٻولين ۾ فقط سنڌي ٻوليءَ کي اسلامي تمدن جي نقطي نظر کان اهم درجو آهي. انجي ڀيٽ ۾ اردوخ ته ڪنڌ کڻڻ جي قابل ئي قابل ئي نه آهي. اردو مغلن جي تنزل جي دور جي پيدائش آهي ، جنهن وقت قُرون اُوليٰ وارو اسلامي فڪر ۽ تمدن ختم ٿي چڪو هو. عربن سنڌيءَ کي عملا ۽ ارادتا (عملن ۽ ارادتن) ترقي ڏني ،مگر مغلن اردو کي عملا ۽ ارادتا( عملن ۽ ارادتن) زور ڪونه وٺايو ، بلڪ اها فوجي ضرورت سبب (سببان) پيدا ٿي . مغلن جي فوج ۾ هندو ، مسلمان سڀ شامل هئا ، انهيءَ ڪري اردو کي اصلا يا اصولن مسلمان جي ٻولي چوڻ به حقيقت جي برعڪس ٿيندو . جيئن عربن جي دور ۾ سنڌيءَ کي ملڪي ٻولي جو درجو حاصل هو. تيئن اردو کي مغلن جي دور ۾ ملڪي ٻوليءَ جو درجو ڪٿي به حاصل ڪونه هو. اردو فقط هڪ کچڻي (کچڙي) هُئي جا شاهي لشڪر جي بورچيخاني(رَڌڻي) تائين محدود هُئي . سنڌي هن برعظيم ۾ اسلامي طاقت جي بنيادجي بنيادي ٻولي هُئي ۽ انهيءَ ڪري اها خود داري ، غيرت ، مردانگي ۽ صحيح اسلامي فڪر جو آئينو بني. اردو مغلن جي زوال وقت زور ورتو ۽ اها هندوستان ۾ مسلمانن جي زوال جي نمايان نشان (سڃاڻپ) آهي. مسلمانن جي زوال جي پيدا ڪَيَل ٻوليءَ کي دورِ آزاديءَ جي ٻولي بنائڻ نفسياتي طور غلط آهي. جيئن ته غلامانه دور ۾ هن ٻوليءَ ترقي ڪئي . انھيءَ ڪري انجي افڪار (فِڪر) تي به غلاميءَ جو رنگ چڙهيل آهي : مرثيه خواني ، شڪسته ذهنيت ، نااميدي ، طعنه زني ، مدح سرائي ، مُشاعِرن جي دماغي عياشيءَ ۾ ڀٽن واري واھ واھ_ اردو جي شاعريءَ جون نُمايان (واضح) خصوصيتون آهن . اردوءَ جي نثر جو وڏو حصو اڌارن خيالن ۽ ترجمي بازيءَ جو ڀنڊار آهي . خيالن جي علاوه (کانسواءِ) ٻين ٻولين مان ورتل لفظن ۾ رڳو تذڪير ۽ تانيث( مذڪر ۽ مئونث) جو صحيح فرق به قائم نه ڪيو ويو آهي ؛ نتيجو اِهو آهي جو اردوءَ ۾ ” ڪتاب“ مونث ، ”شرم“ مونث ته ”عَقُل“ به مونث آهي ، ۽ ”اخبار“ مذڪر آهي . ظرف زمان جو اِهو حال آهي ”ڪَلَّھ“ (ڪالھ) به ”ڪَلَّ“ آهي ته سُڀاڻي به ”ڪَلَّ“ آهي. باوجود ڪِن حضرات جي وَڏِين دعوائن جي ، اردو جي ترقيءَ جو معراج اِهو آهي!!
    سائين جيم سيد جي ڪتاب جو مضمون پورو ٿيو.
    (سنڌ جا موجوده سياسي مسئلا)
    لیيکڪ :- سائين جي ايم سيّدُ_ تان ورتل
    صفحه _ (257 ، 269 ،270 ، 271) هي مواد
    اصل ڪتاب ۾ سائين جيم سيد جي هٿن
    مبارڪ سان لکيل آهي
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد _جوکيو شفيق احمد

    سائين محترم جوکيا صاحب، انتهائي اهم موضوع ونڊ ڪرڻ جا لک ٿورا ۔۔۔ افسوس جو ايترن مهينن کان هي ليک اسانجي نظر کان گم رهيو آهي ۔۔۔ محترم جي ايم سائينءَ جون ڪيل تحقيقون سنڌ جي تاريخ تي سندون آهن ۔۔۔ ۽ سندس ڪيل پورهئي کي سنڌ دشمنن اهڙي ته منظم انداز سان کڏ حوالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جو سنڌين جو نسل جي ايم سيد جي ڪتابن کي پڙهڻ يا انهن کي سمجهڻ کان عاري آهي ۔۔۔

    اوهانکي لک شاباسون جون سنڌي ٻوليءَ جي اهميت تي اهڙو شاندار ليک ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔

    بيشڪ سنڌي برصغير جي پهرين اسلامي ٻولي آهي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جيترو اسلام شرعي ڪم ٿيل آهي تنهنجو مقابلو هند جي ڪا زبان ڪرڻ جي لائق ناهي ۔۔۔

    رب اوهانکي خوشين سان مالا مال ڪري ۔۔۔ آمين
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تمدن اسلاميءَ ۾ سنڌيءَ جي اهم حيثيت ۽ سائين جي ايم سيد _جوکيو شفيق احمد

    ادا سائين تمام بهترين ء معلوماتي ونڊ پيش ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو