سنڌ جو امر آواز محمد يوسف

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سڄڻن جا ساريو سانگ.....

    سنڌ جو امر آواز محمد يوسف

    نورمحمد خاصخيلي

    [JUSTIFY]سنڌ جي موسيقي جي تاريخ به ايتري پراڻي آهي جيتري سنڌ جي تاريخ آهي. هر دل کي ڇهندڙ ساز ۽ هر دل کي ڇهندڙ آواز کي موسيقي چئبو آهي مطلب ته موسيقي جو تعلق دل ۽ دماغ سان آهي ڇو جو موسيقي جو اثر به دل ۽ دماغ تي ئي پوي ٿو. شيڪسپيئر چواڻي. ”جنهن ماڻهو ۾ موسيقي ناهي ۽ نه ئي مٺڙن آوازن کان متاثر ٿئي ٿو. اهو ماڻهو غدارن جي اٽڪل بازين ۽ خرابين لاءِ موزون آهي، اهڙي ماڻهو تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي“ سنڌ ۾ سر تار جا ڄاڻو فنڪار کوڙا سارا آهن. انهن ۾ امر عظيم فنڪار محمد يوسف به رهيو آهي. جنهن سنڌي موسيقي جي وڏي خدمت ڪئي. هن جي آواز ۾ سوز هو. سندس آلاپن ۾ عشق جو طوفان سمايل هو. پاڻ ڪيترن ئي ناميارن شاعرن جي شاعري ڳائي پنهنجو پاڻ ملهايو.

    محمد يوسف هڪ روشن ڏيئو هو. محمد يوسف مشهور معروف استاد منظور علي خان جو شاگرد هو، محمد يوسف کي سنڌي راڳ جو راڻو چئجي ته ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي هو ڏکئي کان ڏکيو. سُر به ڳائي ويندو هو. هي ناميارو فنڪار 14 جنوري 1940ع ۾ حيدرآباد جي ٽنڊي طيب ٽئين تلاءَ جي دين علي شاهه محلي ۾ پيدا ٿيو. سندن والد جو نالو. لونگ فقير هو. جيڪو مشهور ڍولڪ نواز هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ملازم هو، محمد يوسف کي ننڍ پڻ کان وٺي ڳائڻ سان دلچسپي هوندي هئي. اُن ڪري هو اسڪول مان گسائي مختلف درگاهن ۽ اوتارن ۾ ٿيندڙ راڳ جي محفلن ۾ وڃي شريڪ ٿيندو هو. والد صاحب کيس سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول ۾ داخل ڪرايو، مشڪل سان پرائمري جا درجا پاس ڪري هن هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي پر آخرڪار تعليم کي اڌ ۾ ئي ڇڏي هن راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو، آخرڪار سندس والد صاحب کيس ٽنڊي آدم ۾ رهندڙ اُن وقت جي مشهور ۽ معروف خانصاحب استاد منظور علي خان وٽ راڳ جي سکيا لاءِ ڇڏي آيو.

    اُتي به هن پهريان گسايو پر آخرڪار والد صاحب جي سمجهائڻ تي هن مڪمل طور تي خانصاحب کان راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. محمد يوسف نيم ڪلاسيڪي راڳ جو پڻ ماهر هو. هن 13 سال راڳ جي سکيا حاصل ڪئي. محمد يوسف سنڌي فلمن لاءِ جيڪي گيت ڳايا اهي اڄ تائين مقبول آهن، ۽ مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان وقت به وقت نشر ٿيندا رهن ٿا.

    محمد يوسف لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ موسيقيءَ جي مقابلي ۾ حصو ورتو. اُن موسيقي مقابلي جو خاص مهمان پير علي محمد شاهه راشدي هو. جيڪو اُن وقت جو وزير هو. محمد يوسف اِن مقابلي ۾ حصو وٺي ڪاميابي ماڻي. اِن مقابلي ۾ کيس انعام به مليو. جنهن سندس قسمت ئي بدلائي ڇڏي. محمد يوسف ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ جڏهن حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڪم شروع ڪيو ته هن اتي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

    محمد يوسف راڳ جي هر صنف ڳائي ۽ پاڻ مڃايو. هُن ٻارڙن لاءِ نغما ڳاتا. سندس پسنديده راڳ راڻو هو. هن جرمني، روس، چين، انگلينڊ، دبئي، بيلجم وغيره ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو. محمد يوسف کي ٻه ڀيرا پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ. ٽي ڀيرا سچل سرمست ايوارڊ، چار ڀيرا شاهه لطيف ايوارڊ ۽ چار ڀيرا قلندر شهباز ايوارڊ مليا. پر سڀ کان پهريون شاهه لطيف ايوارڊ به محمد يوسف کي ئي نصيب ٿيو. محمد يوسف جي زندگي بابت ممتاز مرزا هڪ ڪتاب لکيو ”سپريان سندي ڳالهڙي“ محمد يوسف شادين ۾ به خوب ڳايو، ماڻهو شادين جون تاريخون به محمد يوسف جي ڏسيل تاريخن تي مقرر ڪندا هئا. هي املهه ماڻڪ گلوڪار اسان کان 14 فيبروري 1997ع تي هميشه جي لاءِ موڪلائي ويو. سندس امر آواز اڄ به ڌرتيءَ واسين جي ڪنن ۾ گونجي ٿو ۽ سدائين گونجندو رهندو[/JUSTIFY]

    عوامي آواز تان ورتل

    http://www.youtube.com/watch?v=BlLKbLwkBEU

    http://www.youtube.com/watch?v=u9l4nU-k6Os

    http://www.youtube.com/watch?v=XXLz4KOTrxo

    http://www.youtube.com/watch?v=J4qcAz_LxJc

    http://www.youtube.com/watch?v=kVST2AFciwQ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو