گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

'گوگل جا راز' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏20 فيبروري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    گوگل بابت ڪاوش‌جي اسپيشل ايڊيشن ۾ ڇپجندڙ‌هڪ معلوماتي آرٽيڪل جيڪو توهان کي تمام گهڻو پسند ايندو۔۔۔ ۽ توهان جي ڄاڻ‌۾ انٽرنيٽ‌جي هن مها ويبسائٽ جي باري ۾ اضافو پڻ‌ٿيندو۔۔

    [JUSTIFY]

    گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟
    انجنيئر عبدالفتاح
    Google اها واحد ويب سائيٽ آهي، جيڪا انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ کولي وڃي ٿي، گوگل هر موضوع تي مواد ۽ تصويرون فراهم ڪرڻ سان گڏ ٻيون سهولتون ۽ نقشا به فراهم ڪري ٿي، اها ويب سائيٽ اڄڪلهه انٽرنيٽ تي تمام گهڻي مشهور ويب سائيٽ آهي، باوجود ان جي جو هن ويب سائيٽ جي مقابلي ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ويب سائيٽون آيون آهن، گوگل کي وڏي تعداد ۾ شاگرد اسٽڊي لاءِ به استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته ريسرچ يا رڪارڊ جو ڪم ڪندڙ به هن ويب سائيٽ مان ڪافي مدد حاصل ڪن ٿا، گوگل ويب سائيٽ اصل ۾ هڪ سرچ انجڻ آهي، اها ويب سائيٽ کولڻ سان سڀ کان پهرين توهان کي جيڪو آپشن ملي ٿو، اهو ويب سائيٽس جو هجي ٿو، مطلب ته توهان مختلف موضوعن تي ويب سائيٽ سرچ ڪري سگهو ٿا، ٻئي نمبر تي اميجز جو آپشن آهي، جنهن ۾ توهان پنهنجي ڪم جا اميج ۽ تصويرون توڙي نقشا حاصل ڪري سگهو ٿا، انهيءَ کانسواءِ ٽئين نمبر تي نيوز جو آپشن آهي، جنهن کي ڪلڪ ڪرڻ سان توهان جي سامهون دنيا جهان جون خبرون اچي وينديون، ان کانپوءِ ڪتابن بابت هڪ آپشن به آهي جنهن ۾ توهان پنهنجي پسند جا ڪتاب کولي سگهو ٿا، بوڪس ۾ مختلف ٻولين ۾ هزارين ڪتاب پيل آهن، گوگل تي ٽرانسليشن جي به سهولت آهي، مطلب ته توهان ڪنهن به ٻولي جو لفظ لکو ۽ پوءِ اهو جنهن ٻولي ۾ توهان چاهيو ترجمو ٿي ويندو، ان ۾ اردو، انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون به شامل آهن، جنهن ۾ توهان لفظن جو ترجمو ڪري سگهو ٿا، جي ميل جو آپشن به اهم آهي، جنهن ۾ توهان پنهنجي اي ميل ٺاهي سگهو ٿا، آخر ۾ more جو آپشن آهي، جنهن ۾ ٻيون ڪافي سهولتون آهن، گوگل جي مين پيج تي ٽائيٽل تصويرون تبديل ٿينديون رهنديون آهن، گوگل جي شروعات جنوري 1996ع ۾ ريسرچ پروجيڪٽ طور ٿي، اهو پراجيڪٽ ڪيليفورنيا شهر جي اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ٻن شاگردن نالي ليري پيج ۽ سرجي برن شروع ڪيو، انهن ان نئين ٽيڪنالاجي کي پيج رينڪ جو نالو ڏنو، جنهن ۾ لاڳاپيل ويب سائيٽ ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل هجي ٿي ۽ انهن صفحن جي خاصيت اها آهي ته ان لنڪ سان اسان اصلي ويب سائيٽ کي ڳوليون ٿا،
    رابن لي 1996ع ۾ آءِ ڊي ڊي انفارميشن سروس پاران هڪ ننڍي سرچ انجن ٺاهي، جنهن کي رينڪ ڊڪس سڏيو ويو، ان کانپوءِ پيج ۽ برن پنهنجي نئين سرچ انجن کي بيڪ رب جو نالو ڏنو، ان کانپوءِ انهن ان جو نالو تبديل ڪري گوگل (Google) رکيو، جيڪو googol مان ورتو ويو هو، گوگل نالي کي 15 سيپٽمبر 1997ع ۾ رجسٽرڊ ڪيو ويو ۽ ان کي 4 سيپٽمبر 1998ع ۾ ڪمپني سان لاڳاپيل قرار ڏنو ويو. گوگل پروڊڪشن کي مهانگي هارڊ ويئر سان ٺاهيو ويو هو، گوگل لاءِ پهرين فنڊنگ آگسٽ ۾ سال 1998ع ۾ ٿي، جيڪا 100،000 آمريڪي ڊالر ڊالر جي ٿي هئي، جيڪا اينڊي بيڪٽوليشيئم ۽ ڪو- فائونڊر سن مائڪرو طرفان ڪئي وئي. 7 جون 1999ع تي 25 ملين ڊالر جي فنڊنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ڪمپني ڪل 19،605،052 جي شيئرز جي آفر ڪئي، جنهن ۾ هڪ شيئر جي قيمت 85 ڊالر رکي وئي، انهن شيئرز جي نيلامي آن لائن ڪئي وئي، ان 1.67 ارب ڊالرن جي سيل گوگل کي مارڪيٽ ۾ مٿي آندو، گوگل (IPO) جي ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته ان جي ڪمپني ڪلچر کي تبديل ڪيو وڃي، شيئر هولڊرز تي پريشر هو ته هو ايمپلائيز جي فائدي کي گهٽ ڪن پر ان تي ڪو فائونڊر سرجي برن ۽ ليري پيج پنهنجن سيڙپڪارن سان واعدو ڪيو هو ته ڪمپني جو ڪلچر تبديل نه ڪيو ويندو، سال 2005ع ۾ نيويارڪ ٽائيمز ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته گوگل پنهنجو اينٽي ڪارپوريٽ وڃائي رهي آهي. گوگل جي چيف ڪلچر آفيسر جيڪو هيومن ريسورسز جو به ڊائريڪٽر آهي. ڪمپني ۾ چيف ڪلچر آفيسر رکڻ جو مقصد اهو آهي ته هو ڪلچر کي وڌيڪ ترقي ۽ هٿي وٺرائي ۽ ان کي برقرار رکي ته جيئن ڪمپني جون اهي ويليوز قائم رهن، جيڪي ڪمپني ٺهڻ وقت هيون. آءِ پي او کانپوءِ 31 آڪٽوبر 2007ع ۾ گوگل جي اسٽاڪ پرفارمنس 700 ڊالر کي پهريون ڀيرو پهتي، ان جو سبب آن لائن ايڊورٽائيزنگ مارڪيٽ مان پئسو ڪمائڻ آهي. مارچ 1999ع ۾ ڪمپني ڪيليفورنيا ۾ آفيسون قائم ڪيون، سال 2001ع کان وٺي گوگل ڪيترين ئي ڪمپنين وٽ رهي، ڪجهه ته ننڍيون ڪمپنيون پڻ هيون،
    2004ع ۾ گوگل کي ڪي هول آنڪ ڪمپني خريد ڪيو، ان ڪمپني 3-D ارٿ ويو پهريون دفعو ڪيو، گوگل جي سروس کي 2005ع ۾ نئون نالو گوگل ارٿ ڏنو ويو، ان جي ٻن سالن کانپوءِ گوگل آن لائين ويڊيو سائيٽ يو ٽيوب 1.65 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪئي، 13- اپريل 2007ع تي گوگل هڪ معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ڊبل ڪلڪ کي 3.1 بلين ڊالرن ۾ وڪرو ڪيو ويو، سائيٽ کي وري گوگل وائس ۾ تبديل ڪيو ويو، 5 آگسٽ 2009ع ۾ گوگل پهرين پبلڪ ڪمپني هئي، جنهن ويڊيو سافٽ ويئر ميڪر آن ٽو ٽيڪنالاجيز 106.5 ملين ڊالرن ۾ خريد ڪئي. آرڊورڪ جيڪا سوشل نيٽ ورڪ سرچ انجن آهي، ان کي گوگل 50 ملين ڊالر ۾ خريد ڪيو، گوگل ڪيتريون ئي ڪمپنيون خريد ڪيون ۽ ڪيترين ئي ڪمپنين سان ڀائيواري پڻ ڪئي، 2005ع ۾ گوگل ناسا اميس ريسرچ سينٽر سان ڀائيواري پڻ ڪئي، انهيءَ سال گوگل مائڪروسافٽ سسٽم سان ڀائيواري ڪئي، جنهن ۾ هن ان سان ٽيڪنالاجيز وغيره پڻ شيئر ڪيون، ڪمپني اي او ايل آف ٽائيم وارنر سان پڻ ڀائيواري ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي پنهنجي ويڊيو سروس جي ڪارڪردگي کي وڌائڻو هو، 2005ع ۾ گوگل مختلف موبائيل ڪمپنين سان پڻ معاهدا ڪيا، جن ۾ نوڪيا ۽ سوني اريڪسن شامل آهن، آڪٽوبر 2006ع ۾ گوگل ويڊيو شيئرنگ ويب سائيٽ يو ٽيوب کي 1.65 بلين ڊالر ۾ خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ اها ڊيل 13 نومبر 2006ع ۾ فائنل ٿي، 2010ع ۾ گوگل انرجي پنهنجي پهرين سيڙپڪاري انرجي پروجيڪٽ ۾ ڪئي، گوگل جا انڊيڪس بلين ويب پيجن تي مشتمل آهن، جيئن استعمال ڪندڙ پنهنجي مرضي مطابق ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. هن جي مشهوري هجڻ باوجود هن کي مختلف آرگنائيزيشن طرفان تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو.
    جڏهن ته ويب سرچ سورسز ۾ گوگل گذريل ڪجهه سالن کان آن لائن پروڊڪٽيوٽي ٽولز ريليز ڪيا ويا، آهن، جن ۾ جي ميل فري ويب ميل سروس به گوگل طرفان متعارف ڪرائي وئي آهي، جيڪا پهرين اپريل 2004ع ۾ ٿي، ان سروسز کي بيٽا اسٽيٽس مان 2009ع ۾ اپ گريڊ ڪيو ويو، ان وقت هڪ مهيني ۾ هن جا 146 ملين ماڻهو استعمال ڪندڙ هئا، اها پهرين آن لائن اي ميل سروس هئي، جيڪا گيگا بائيٽ اسٽورج تي مشتمل هئي. گوگل فيبروري 2002ع ۾ انٽر پرائيز مارڪيٽ ۾ آيو ۽ هن گوگل سرچ اپلائينز لائونچ ڪيو. ان جو مقصد وڏي آرگنائيزيشن کي ٽارگيٽ ٽيڪنالاجيز سرچ ڪرائڻ هو، هڪ ٻي انٽر پرائيزر پروڊڪٽ گوگل ايپس پريميئر ايڊيشن آهي، گوگل ٽرانسليٽر سرور سائيڊ مشين ٽرانسليشن سروس آهي، جيڪا 35 مختلف ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح 2004ع ۾ گوگل فلين ٿروپڪ گوگل ڊاٽ آرگ جي شروعات هڪ بلين ڊالر جي فنڊ سان ڪئي، هن آرگنائيزيشن جي ٺاهڻ جو مقصد ماڻهن ۾ ماحوليات بابت ڄاڻ ڏيڻ آهي. گوگل جي 99 سيڪڙو آمدني ايڊورٽائيزنگ پروگرامن ذريعي ٿئي ٿي. 2006ع ۾ گوگل ڪمپني ايڊورٽائيزنگ جي مد ۾ 112 ملين آمريڪي ڊالر آمدني حاصل ڪئي.
    ڪاوش 19 فيبروري 2011 اسپيشل ايڊيشن مان ورتل
    [/JUSTIFY]
     
  2. ImamBux

    ImamBux
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    95
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Employee
    ماڳ:
    Kotri, District Jamshoro
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    اما م بخش جو ڻيحو ڪو ٺڙ ي
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    ادا امام بخش جوڻيجو صاحب... ! توهان کي سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي.. ڪوٽڙي منهنجو پاڙيسري شهر آهي بلڪه مان به انهيءَ تعلقي ۾ پيو رهان...
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    ادا اسد تمام بهترين ۽ جامع ونڊ آهي گوگل جي باري ۾، مهرباني اوهان جي،،،،
    ٻن پي ايڇ ڪندڙ شاگردن جو هي هڪ وڏو ڪمال چئبو، جن ساري دنيا جي شاگردن جي لاءِ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    ادا اوهان کي ڀليڪار۔۔۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    گوگل اسان لاء آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون آهن۔ گوگل جون مفت ۾ مهيا ڪيل سهولتون ڪنهن به تعريف کان مٿي آهن۔

    مهرباني
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    واھ سائين گوگل جي ڇا ڳالھ ڪجي..تمام بهترين سهولتون گوگل اسانکي ڏنيون آهن.
     
  8. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: گوگل انٽرنيٽ استعمال ڪندڙن کي ڪهڙا فائدا ڏئي رهي آهي؟

    سائين گوگل جو بهترين آرٽيڪل شيئر ڪيو اٿئو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو