نوان ۽ پراڻا سنڌي وارا لفظ پسند نه ٿو ڪريان، سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن (ذوالفقار ڀٽو)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 فيبروري 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نوان سنڌي ۽ پراڻا سنڌي وارا لفظ پسند نه ٿو ڪريان، سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جون سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي 1969ع ۾ ايل ايم سي ۽ 1972ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ ڪيل تاريخي تقريرون


    [​IMG]

    [JUSTIFY]پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان قرار ڏيڻ لاءِ آندل سنڌي ٻولي ايڪٽ جي پس منظر جي حوالي سان ڪيترن ئي هنڌن تي تقريرون ڪيون، خاص طور تي ٻولي وارن جهيڙن کان پوءِ هن سڄي سنڌ جو دؤرو ڪيو پر هن جون ان حوالي سان ٽي تقريرون تمام تاريخي آهن، جن ۾ هڪ تقرير سندس وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ جي آهي، جيڪا هن 1969ع ۾ ايل ايم سي ۾ ٿيل شاهه لطيف ڊي جي حوالي سان ڪئي ۽ ان تقريب جو پس منظر به سنڌي ٻولي هو ان کان پوءِ هن هڪ تاريخي تقرير ٻولي بل جي منظوريءَ کان پوءِ لساني جهيڙن ۾ شهيد ٿيل سنڌين جي وارثن سان تعزيت وقت جولاءِ 1972 ۾ ٽنڊي ڄام ۾ ڪئي. اهي ٻئي تقريرون هن سنڌيءَ ۾ ڪيون. سندس ٽين ۽ سڀ کان اهم تقرير اها آهي. جيڪا هن سنڌي ٻوليءَ جي معاملي تي قومي اسيمبليءَ ۾ ڪئي اسان هتي. سندس ٻه اهم تقريرون جيئن جو تيئن ڏئي رهيا آهيون.

    ( قاسم)

    1969ع تي ايل ايم سي ۾ لطيف ڊي تي ڪيل تقرير


    ايوب خان دؤر ۾ به تعليمي ڪميشن جي رپورٽ ۾ اهو نه ڏٺو ويو ته شروعات کان وٺي هتي سنڌ ۾ انگريزن جي زماني کان وٺي سنڌ ۾ تعليم سنڌيءَ ۾ هئي، جڏهن سنڌ بمبئي جو حصو هئي ته سنڌيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. ڇو جو سنڌي زبان ڏاڍي ترقي ڪئي آهي. اها هڪڙي مڪمل زبان آهي، ان ۾ ڪا ڪمي پيشي ناهي، ڪا ڪمزوري ناهي، هڪڙي ضخيم زبان آهي. هڪڙي سٺي زبان آهي. هڪڙي لائق زبان آهي، ته پوءِ انگريزن به ڏٺو ته اها نا انصاف ٿيندي نه ڇڙو هڪ زبان سان پر هڪ تهذيب سان - ان ڪري هنن تهذيب جي عزت ڪئي. انگريز سامراج به محسوس ڪيو ته اها ڳالهه غلط ٿيندي ته ان وقت کان وٺي سنڌ ۾ تعليم سنڌيءَ ۾ ڏني وئي. پنجاب ۾ ايئن ناهي، پنجاب ۾ تعليم اردو ۾ آهي. گهڻو ڪري فرنٽيئر ۾ اردو ۾ آهي پر هتي ته اسان وٽ شروع کان وٺي يونيورسٽيءَ تائين تعليم سنڌيءَ ۾ آهي. سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ سان بنگالين پنجابين ۽ پٺاڻن کي ڪا تڪليف نه ٿيندي. هن ايوب خان جي دؤر ۾ تعليمي ڪميشن جي رپورٽ ۾ به ترميم ڪرائي پر وري ساڳيو غلط فيصلو ڪيو اٿن. ڇو ته ان سان تهذيب کي نقصان آهي. هتان توهان جي نمائندي شايد ان ڳالهه تي توجهه نه ڏياري آهي ۽ اسان جو فرض آهي ته اسان ان طرف توجهه ڏياريون پوءِ ڪهڙو به نتيجو ٿئي. منهنجو توهان سان واعدو آهي ته ان صحيح مقصد، واجب مقصد، نيڪ مقصد ۾ مان توهان سان گڏ آهيان. مان توهان سان ڪڏهن به غداري نه ڪندس. سنڌ سان انصاف ڪرڻو آهي ۽ ٿيندو آهي. وقت ايندو ته مان ثابت ڪندس ته هن توهان سان غداري نه ڪئي آهي. اهو ڏينهن نه ايندو جو توهان کان اکيون هيٺ ڪريان. منهنجي سياست اصولن جي آهي. مون هڪ ئي وصيت ڪئي آهي ته جيڪڏهن مان مري وڃان ته مونکي ڀٽ شاهه ۾ دفن ڪرجو. اها آهي منهنجي شاهه لطيف سان محبت ۽ جيڪڏهن شاهه لطيف جي نيڪ خيالن ۽ اصولن تي اسين هلون ها ته اسان اڄ هنن تڪليفن ۾ نه هجون ها.

    2 جولاءِ 1972ع ۾ ٽنڊوڄام ۾ ڪيل تقرير

    مان چار پنج ڏينهن ڪراچي ۾ رهيس، ان کان پوءِ نوابشاهه، سکر، جيڪب آباد، خيرپور، دادو ۽ هاڻي حيدرآباد ضلعي جو دؤرو ڪري رهيو آهيان. جتي به ويو آهيان، تقريران (تقريرون) ٿيو آهن، ان ڳالهه تي ٻوليءَ جي مسئلي تي، ڪافي ڪجهه ٿي چڪو آهي ۽ مان ڳالهه کي وڌائڻ نه ٿو گهران، مختصر سوال اهو آهي مان سڀني دوستن کي جيڪي به اسان جا ڀائر آهن، نوان سنڌي پراڻا سنڌي، وچولا سنڌي، مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته نئون سنڌي ڪير آهي ۽ پراڻو سنڌي ڪير آهي. 25 سال گذري ويا آهن ۽ اڃان اسان نون سنڌين ۽ پراڻن سنڌين ۾ تفاوت پيا ڪريون، اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. مان اهي لفظ پسند به نه ٿو ڪريان، جيڪي ماڻهو پنجاب ۾ رهن ٿا، اهي پنجابي آهن، پاڪستاني آهن، جيڪي سرحد ۾ رهن ٿا، اهي پٺاڻ آهن ۽ پاڪستاني آهن، جيڪي بلوچستان م رهن ٿا اهي ٻروچ به آهن ۽ پاڪستاني به آهن، ايئن جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا اهي سنڌي به آهن ۽ پاڪستاني به آهن. انهن تفاوتن اسان کي هن منزل تي پهچايو آهي. شروع ۾ انهن ڳالهين تي ڌيان ڏيون ها ته هن منزل تي ۽ هنن تڪليفن ۾ نه اچون ٿا. اسان اهڙا فيصلا ڪياسين، اسان جو ارادو ئي نه هو اهڙن فيصلن جو اسان بنيادي مقصد حاصل نه ڪيا، نه دستور ٺاهيوسين نه سياسي ڍانچو ٺاهيوسين، نه اقتصاديات کي مناسب ڍانچي ۾ رکيوسين. نه قانون جو احترام ڪيوسين، مک فيصلا نه ڪري سگهياسين. هڪڙي ڌر کي چيوسين ته هيئن ڪنداسين، ٻي ڌر کي چيوسين ته هونئن ڪنداسين. ته سوال اهو آهي ته جيڪي به مسئلا ۽ ڳالهيون آهن، آهي توهان جي عوامي حڪومت جي هٿن ۾ آهن. اسان به ساڳئي ڳالهه ڪريون ٿا، جتي 25 سال گذري ويا آهن، اتي 5 سال ٻيا به گذري وڃن ها پر اسان چيو ته ڇا به ٿئي فيصلو ڪرڻو آهي ان ناسور کي وڌائڻو ناهي. ناسور کي ڪٽڻو آهي، اسان درست فيصلو ڪيوسين، حق جو فيصلو ڪيوسين، سچ جو فيصلو ڪيوسين، ان فيصلي تي ڪوبه ڏک ناهي، ان فيصلي ۾ ڪابه خرابي ناهي ۽ هاڻي اهو فيصلو ٿي چڪو آهي، انهن کي ڳالهين وسارڻ گهرجي ۽ ملڪ کي ٺاهڻ گهرجي. اهو ته سوال رهيو سنڌي زبان جو جيڪو بل صوبائي اسيمبليءَ پاس ڪيو. هاڻي مان اوهان کي چوان ٿو ته بل پاس ٿي چڪو آهي ۽ حالتان (حالتون) وڃي معمول ٿي پهچنديون. جيتري خدمت هن حڪومت اردو جي ڪئي آهي. مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ٻي ڪنهن حڪومت نه ڪئي آهي. هيءَ پهرئين حڪومت آئي جنهن جي وقت ۾ اردو زبان دستور ۾ قومي زبان تسليم ڪئي وئي آهي. اهو فيصلو اسان انصاف ۽ حق تي ڪيو آهي، سنڌ جون حالتان (حالتون) پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کان مختلف هيون، جيڪي ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجهي سگهن، پڙهي لکي سگهن ته پوءِ انهن کي ان جي فرق جي خبر پوندي، مان ڇاڪيان جو ماڻهن کي تاريخ پڙهڻ ۽ سکڻ جو شوق ئي نه رهيو آهي. ماڻهو ڪتاب ۽ اخباران (اخبارون) به نه ٿا پڙهن، فقط هينڊنگ ڏسي ڦٽي ٿا ڪن، شوق ئي ناهي پڙهڻ جو، شوق ئي ناهي تاريخ ۾ ڏسڻ جو ته ڀلا ڇو ايئن ٿيو آهي، انهن جو فرق ٿو رهي، انگريز جڏهن سنڌ ۾ آيو ته هن به سنڌ جي تاريخ پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي مياڻي جي جنگ ختم ڪري نيپيئر لائبريريز ۾ ويو. هن ڪتب خانن ۾ وڃي هتان جي ماڻهن جي حالت، تهذيب ۽ زبان ڏٺي، ان ڪري سنڌ جون حالتان (حالتون) مختلف هيون، توهان ڄاڻو ٿا ته ڪهڙيون حالتان (حالتون) هيون بلوچستان جي حڪومت ڇا چيو آهي. بلوچستان جي حڪومت چيو آهي ته في الحال اسان اردو کي قومي زبان تسليم ڪريون ٿا جيستائين اسان بلوچستان کي ترقي ڏيون. بلوچي زبان اسان لکنداسين، پوءِ اسيمبليءَ ۾ ايندي ۽ قانون ٺاهينداسين ۽ پوءِ بلوچي ڪنداسين. سرحد وارن به ساڳئي ڳالهه ڪئي. پنجاب ۾ به شروع کان وٺي تعليم اردو ۾ هئي ۽ فرنٽيئر ۾ به ايئن پرائمري کان وٺي تعليم اردو ۾ هئي پر هتي سنڌ ۾ اردو ۾ تعليم نه ڏني ويندي هئي، هتي اهو سوال نه هو، هتي شروع کان وٺي انگريزن کان اڳ به تعليم سنڌي زبان ۾ هئي. ان ڪري جڏهن انگريز آيو ته هن چيو ته ٺيڪ آهي توهان سنڌي زبان ۾ بمبئي يونيورسٽي ۾ امتحان ڏئي سگهو ٿا. هن انگريز ۾ به ايتري دور انديشي هئي ته ڇڙو سنڌي نه پر بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ سڄي بمبئي پريزيڊنسي ۾ ايم اي تائين سنڌي پڙهائي ويندي هئي. انگريز ته جابر هو، سامراج هو، قابض هو، بادشاهه هو، پوءِ انهن اهڙو قانون ڇو پاس ڪيو. سڄي برصغير تي حڪومت ڪيائين پر ڏٺائين ته حقيقت مختلف هئي ۽ شروع کان وٺي هتي سنڌيءَ جون جڙان (جڙون) ڏاڍيون مضبوط آهن ۽ ڇو ختم ڪن ته ان ڪري جيڪي اهي فيصلا ٿيا آهن، صحيح فيصلا ٿيا آهن، انصاف تي ٻڌل فيصلا ٿيا آهن. تنهن ڪري اها فيصلا (سنڌي ٻولي سنڌ جي سرڪاري ٻولي هوندي) حقيقي فيصلا آهن ۽ انشاءَ الله تعاليٰ هميشه رهندا. هاڻي مان نوجوان دوستن کي سنڌين کي مهاجرن کي ٻنهي کي اپيل ڪريان ٿو ته ٿورو وڌيڪ ڌيان تعليم تي ڏيو، ڇو ته توهان جلدي ۾ گهڻو ڌيان نه ڏيندؤ پر اها عادت سڌاريو، آڳ اڌ ڪلاڪ پڙهندا هئا ته هاڻي ٻه ڪلاڪ پڙهو، ڇو ته تعليم سان توهان جو شوق بنهه ناهي. سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي، ٻيا مسئلا ايندا ويندا. تعليم تي ڪروڙن جا ڪروڙ خرچ ٿا ڪريون پر توهان کي تعليم سان دلچسپي ناهي، ڇڙو ڪاليج ۾ وڃون ٿا ۽ پوءِ نڪري ٿا وڃون ته پوءِ انهن ڪروڙن جي خرچ مان ته اسان ڪارخانا به ٺاهي ٿا سگهون[/JUSTIFY]

    عوامي آواز ميگزين تان ورتل
     
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نوان ۽ پراڻا سنڌي وارا لفظ پسند نه ٿو ڪريان، سنڌ ۾ رهندڙ سڀ سنڌي آهن (ذوالفقار

    ادا بهترين چونڊ ڪئي اٿو ۔ مهرباني سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو