هڪ ڊراما ليکڪ جي پيڙُهن تي ڊرامون"ويچارو ليکڪ"

'سنڌي ادب' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 فيبروري 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    هڪ ڊراما ليکڪ جي پيڙُهن تي ڊرامون "ويچارو ليکڪ" جيڪو مُعاشري جي حالتُن جي چٽسالي ڪري ٿو پر پاڻ؟
    توهان سان شيئر ڪندو هلان ته ادبي مُعاشري ۾ هڪ ڊراما ليکڪ ٻين اديبن ۽ ليکڪن جي ڀيٽ ۾ مڙئي گهڻو اهم پر حساس ٿئي ٿو ڇو جو هُوٻين ڪلاڪارن جي مُقابلي ۾ مُعاشري ۾ رهندڙ هر فردن جي اند ر ۾ جهاتي پائي اُن جي ڪيفيتن کي منظر تي آڻي چٽسالي ڪري ٿو ۽ اُن سان گڏوگڏ اُنهن جي نفسانفسي حرڪتن ۽ ڪششن کي به نروار ڪرڻ جي حساسيت ڄاڻڻ جو فن ڄاڻي ٿو جيڪو ڪنهن ڪهاڻي ڪار ۾ گهٽ هوندو آهي ۽ اُن واڌ سان ئي هو مُعاشري جي هر مُختلف طبقي جي طبيعتن، مزاجن، ٻولي کي گُفتگو جي انداز ۾ ٻاهر ڪڍي نروار ڪري ٿو، ۽ اُن جون ئي ڪاوشون ۽ ڪوششون آهن جنهن تي عمل ڪندي موُومينٽ يا حرڪتن جي ڊائريڪٽر فلمبندي ڪرائي ٿو ۽ ايڪٽر اُن ليکڪ جي سوچين کي سمجهي پرفارم ڪري ٿو۔ ڪا ڪهاڻي ڪو، ڊرامون، ڪو ڊائريڪٽر، ڪو ٽيڪنيڪي ماهر، ڪو اداڪار ايستائين ڪُجهه به ناهي جيسين ڪه هڪ ڊرامان ليکڪ هُن کي نه منظر ڪشي جو ماحول ڏسي گُفتگو جو انداز نه لکي سمجهائي۔ تڏنهن ته چوندا آهن ته ڊرامان رائيٽر هڪ رُوح جي مانند آهي، ڊراما ڊائريڪٽر هڪ جسم جي جنهن ۾ روح ناهي ۽ اداڪار جسم جي حصن جي هي سڀئي تڏنهن ئي پرفارم يا حرڪت ڪندا جڏنهن درامي جو خالق اُن ۾ گوفتگو جو رُوح نٿو وجهي ۔

    ويچارو ليکڪ به ان سلسلي جي هڪ سمجهاڻي آهي ۽ اسان جي اردگرد ماحول سان مُطابقت رکندڙ ڪهاڻي، جنهن منظرڪشي جي پس منظر ۾ هي ڪهاڻي احساسات سان لکي وئي اهي، اوتي ئي ڪم ڪندڙ هن جي پرک رکي سگهن ٿا، ڄڻ ته هي هر فرد جي ڪهاڻي آهي جن کي هتي ڪيٽاگيرائيز ڪيل آهي۔ ته اچو ته پڙهون ۽ پڙهڻ کان پو توهان جو تنقيد جو حق به برقرار آهي جنهن سا آئنده اهڙي قسم جا درامان وڌيڪ حقيقت پسند ٿي توهانجي سوچن جي ترجماني ڪندا۔ را واڌو هُجي يا ڪاٽو، اظهار ڪرڻ ۾ ڪنجوس پائي هرگز نه ڪجو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو