سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون
    خادم گھراڻو
    اڄ سال جي ٻئي مهيني جي 21 تاريخ آهي هن ڏينهن جي عالمي ليول تي تمام گھڻي اهميت آهي هن ڏينهن تي دنيا جا جيڪي به ملڪ آهن انهن ملڪن ۾ جيڪي ماڻهو رهندڙ آهن اهي اڄ پنهنجي مادري ٻولي جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن مادري ٻولي اها آهي جيڪا اسان پنهنجن گھرن ۾ پنهنجي ملڪ ۾ ڳالهايون ٿا دنيا ۾ جيڪي به ملڪ آهن انهن ۾ رهندڙن جون پنهنجويون مادري ٻوليون آهن . جيئن دنيا جي ٻيا ملڪ پنهنجي مادري ٻولي جو ڏينهن ملهائين ٿا ان نموني اسان جي ملڪ ۾ به اڄ مادري ٻولي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي اسان جي ملڪ ۾ سنڌي پنجابي پشتو بلوچي براهوي گجراتي مارواڙي ، اردو۽ سرائيڪي وغيره ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون . جيئن ته اسان جي ملڪ جا چار صوبا آهن هر صوبي جي پنهنجي پنهنجي ٻولي آهي هن وقت هر جاءِ تان اهو نعرو لڳي رهيو آهي ته جيڪي صوبن جون ٻوليون آهن انهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي جيئن ته اسان جي ٻولي سنڌي آهي جنهن جي هزار سال پراڻي هڪ تاريخ آهي جنهن جي پنهنجي رسم الخط آهي پنهنجا اکر آهن جنهن کي سنڌ جا اديب اهل قلم قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي جيئن ته اڄ مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن آهي تنهن ڪري اسان سڀ سنڌي گڏجي اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي پياري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ اهڙي ته جدوجھد ڪريون جو ايوانن ۾ ويٺل هن اسان جي پياري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو بل پاس ڪن جيڪي به ٻين صوبن جون ٻوليون آهن انهن کي به قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي . اسان سنڌ واسي جڏهن به ڪنهن سان ڳالهايون ته پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهايون اسان هڪ نظر ڪنداسين ته اسان جا جيڪي ماڻهو ايس ايم ايس ڪرڻ جا شوقين هوندا آهن اهي ميسيج گھڻو ڪري اردو ۾ لکن ٿا سنڌي ۾ ڇو نٿا لکن جيڪڏهن رومن ٻولي کي استعمال ڪن ٿا تڏهن به اردو ۾ ميسيج لکن ٿا سنڌي ۾ ڇو نٿا لکن انهن کي سنڌي ۾ ميسيج لکڻ گھرجن ڇاڪاڻ ته سنڌي اسان جي پياري ٻولي آهي ماءُ جي ٻولي آهي لطيف جي ٻولي شيخ اياز جي ٻولي . هر سنڌي جي پنهنجي مادري ٻولي آهي اسان جا جيڪي نوجوان انٽر نيٽ استعمال ڪن ٿا انهن کي سنڌي استعمال ڪرڻ گھرجي اسان جي سنڌي اديب علي حسن ملاح سماجي ڀلائيءَ واري ويب سائيٽ فيس بوڪ تي لکيو ته پهريون جملو سنڌي ۾ ڳالهايو ۽ سنڌي ۾ لکو جنهن سان اسان مڪمل طور تي سهمت آهيون اسان جا مهان ماجد ڀرڳڙي ۽ علي حسن ملاح جنهن نموني سنڌي ٻولي کي ترقي ڏيارڻ جي لاءِ ڪوشس ڪري رهيا آهن ان تي کين جس آهي اسان جو کين سلام آهي اهڙي نموني اسان سڀني سنڌين کي جدوجهد ڪرڻ گھرجي پنهنجي پياري سنڌي ٻولي ءَ جي لاءِ اسان کي پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گھرجي ، اسان سڀني کي خبر آهي ته جڏهن هن خطي تي انگريز قابض هئا ته انهن سنڌي ٻولي جي حيثيت کي قبول ڪيو باقاعده اهو حڪم جاري ڪيو ته هر لکت سنڌي ۾ ڪئي وڃي جيڪڏهن ڪوبه فارسي ۾ لکي ٿو ته ان جو متن سنڌي ۾ لکي جڏهن ان دور ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو حاصل هو ته اڄ ڇو نه آهي اسان کي ان لاءِ سنڌي ادبي سنگت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻي آهي ۽ پنهنجي پياري ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻو آهي اسان جي ٻولي اڄ جي ٻولي نه آهي پر پنج هزارن سالن کان به مٿي جي پراڻي ٻولي آهي موئن جو دڙو کان به اڳ جي اسان جي پياري ٻولي آهي هر اها ٻولي سگھاري هوندي آهي جيڪا ٻين ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ جذب ڪندي آهي اسان جي سنڌي ٻولي هر ٻولي کي پنهنجو ڪندي آهي . تنهن ڪري اسان اهو مطالبو ڪريون ٿا ته جيڪي به صوبائي ٻوليون آهن انهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي اسان جتي به سنڌي رهون ٿا پنهنجن سنڌين کان سنڌي ٻولي ۾ ڳالهايون . پنهنجن ٻارن کي سنڌي ٻولي پڙهايون سنڌي ٻولي سيکاريون . گھڻن جو اهو رايو آهي ته انگريزي ٻولي ضروري آهي انگريزي ٻولي به ضروري آهي ڇاڪاڻ ته اها انٽرنيشنل ٻولي جي حيثيت رکي ٿي دنيا جو ڪاروبار ان تي آهي انٽر نيٽ ان ٻولي تي آهي ڇا پوءِ ان ٻولي جي ڪري اسان پنهنجي ٻولي کي ڇڏي ڏينداسين جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته پوءِ ان شاعر جا اها جملا ڪتابن ۾ پڙهبو ته هئي ڪا سنڌ سنڌ وارن جي ٻولي اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي جدوجهد ڪرڻ گھرجي جتي به هجون اتي سنڌي ٻولي کي فخر سان ڳالهايون هتي اها ڳالهه به غور طلب آهي ته اسان ڪنهن محفل ۾ ويٺا هوندا آهيون اتي ڪو ٻي ٻولي ڳالهائڻ وارو ڀلي هڪ هجي اسين ويهه هجون پر اسان ان جي ٻولي ڳالهائڻ شروع ڪندا آهيون اهو ائين ٿيڻ نه گھرجي ڀلي اهي ويهه هجن اسان ٻه هجون ته به اسان پنهنجي ٻوليءَ ۾ انهن سان ڳالهايون جيئن پوءِ اهي به اسان کان اسان جي ٻولي ۾ ڳالهائين . اڄ مادري ٻولين جو ڏينهن آهي اسان جي مادري ٻولي سنڌي آهي اڄ اسين جتي به هجون سنڌي ٻولي ڳالهايون اڄ ڇا پر هر وقت جتي به هجون سنڌي ٻولي ۾ ڳالهايون ۽ نيٽ تي سنڌي ٻولي کي استعمال ڪريون . منهنجي اها عادت آهي ته آئون گھڻو ڪري فيس بوڪ تي سنڌيءَ ۾ لکندو آهيان جيئن اسان جا ساٿي عبدالرزاق ميمڻ ، علي حسن ملاح وغيره جن لکندا آهن ته مون کي دوست چوندا آهن ته توهان سنڌي ۾ ڇو ٿا لکو يا سنڌي رومن ۾ لکو آئون انهن کي چوندو آهيان ته سنڌي لکڻ جو سافٽ ويئر آهي توهان به ان کي پنهنجي سسٽم ۾ انسٽال ڪري سنڌيءَ ۾ چيٽ ڪريو سنڌيءَ ۾ لکو جيئن دنيا ۾ جتي به اسان جا سنڌي آهن اهي اسان کان پنهنجي پياري سنڌي ٻولي ۾ چيٽ ڪن . اسان جي سنڌي ٻولي پياري ٻولي آهي اڄ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي اچو ته گڏجي سنڌ جي اديبن سان گڏ جدوجهد ڪريون ته اسان جي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي اسان اهو به چئون ته اسان سنڌي کي وڌ کان وڌ استعمال ڪنداسين دنيا ۾ هر جاءِ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجن سنڌين سان ميسيج ڪنداسين ۽ چيٽ ڪنداسين ۽ سنڌيءَ ۾ ميسيج لکنداسين . اڄ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي هر ڪنهن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ڇاڪاڻ اها اسان جي مادري ٻولي آهي اسان جي قومي ٻولي آهي . اسان اهو به مطالبو ڪريون ٿا سنڌي ٻولي ۽ ٻين صوبائي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون

    سائين خادم گهراڻي جا سهڻا انسان، اڄ جيڪڏهن منهنجي سامهون هجو ها ته اوهانجي نراڙ تي هڪ مٺي ڏيان ها ۔۔۔ بيشڪ اوهانجو پيغام اسانجي سر اکين تي اسين اڳ به ان ئي اوهانجي هدايتن تي عمل ڪري رهيا آهيون ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي هي اوطاق اسانجي دوستن سجائي ئي انڪري آهي ته سنڌي لکڻ پڙهڻ کي عام ڪريون ۽ هن اڱڻ ذريعي دنيا جي سنڌين کي سنڌ ۽ سنڌيت جي باري ۾ آگاهي ڏيندا رهون ۔۔۔ ۽ اهو به پهه ٿيل آهي ته سنڌي ٻولي کي سنڌ جي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ پنهنجون سڀ سگهون استعمال ڪبيون ۔۔۔ انشاء الله

    اسين اوهان سان گڏ آهيون، هر ميدان تي، هر سک ۽ ڏک ۾ ۔۔۔

    جيجل جي ٻولي ۔۔۔ جنهن ۾ ملي لولي

    زنده آباد
     
  3. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون

    ادا مهرباني سنڌي ٻولي پنهنجي پياري ٻولي آهي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي آهي
     
  4. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    جواب: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪريون

    ادا خادم صاحب اسان توهان جي ڳالهه سان بالڪل متفق آهيون، اسان سنڌين جو قانوني حق آهي ته اسان پنهنجي پياري ۽ دنيا جي عظيم ٻولي کي قومي ٻولي طور منظور ڪرايون۔ الله سائين دوستن جي هن تحريڪ کي ڪامياب ڪري، آمين۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو