سال 2011ع واري آدم شماري ۽ سنڌ جي جياپي جي جنگ

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سال 2011 واري آدم شماري ۽ سنڌ جي جياپي جي جنگ

    جي اين مغل

    [justify]حڪومت بار بار ملتوي ٿيندڙ آدم شماري هلندڙ سال ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. آدم شماري جو پهريون مرحلو گهر شماري ايندڙ مهيني يعني اپريل کان شروع ٿي رهي آهي. اطلاعن مطابق حڪومت پنهنجون تياريون ڀرپور نموني ڪري رهي آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جو هر طبقو آدم شماريءَ ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ لاءِ جنگي بنيادن تي تياريون ڪري انهن طبقن ۾ سياسي پارٽيون، اين جي اوز، استاد، ادبي سنگت، سنڌ دوست تنظيمون، جهڙوڪ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سگا) ۽ سنڌ جي ميڊيا پنهنجي پنهنجي حوالي سان ڀرپور ڪردار ادا ڪري.

    آدم شماري جو سنڌ جي جياپي سان سنڌو تعلق آهي، ڪنهن به ملڪ يا خاص طور سنڌ لاءِ آدم شماريءَ جي ڪيتري اهميت آهي، ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته نيئن آدم شماري جي نتيجي ۾ سنڌ جي آباديءَ جو جيڪو نئون انگ حاصل ٿيندو ان جي حوالي سان نه فقط سنڌ جي اندر هڪ سال واري، پنجن سالن واري ۽ 25 سالن واري ترقياتي رٿابندي ٿي سگهندي، ان جي نتيجي ۾ قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي سيٽن ۾ ڪمي يا واڌارو ٿي سگهندو، ملڪ جي ملازمتن جي ڪوٽا ۾ سنڌ جي حصي ۾ به واڌارو يا ڪمي ٿي سگهندي، قومي مالياتي ايوارڊ تحت ملڪي سطح تي آبادي جي بنياد تي سنڌ جي لاءِ مخصوص ٿيندڙ رقمن ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي ته ڪمي به ٿي سگهي ٿي. اهڙي طرح سنڌ اندر صوبائي مالياتي ايوارڊ تحت سنڌ جي مختلف حصن ۾ ترقياتي رقمن جي حوالي سان سنڌ جي پٺتي پيل ٻهراڙين لاءِ ترقياتي رقم گهٽائي سگهي ٿي پر سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هن ڀيري سنڌ جي وجود جو دارو مدار به ان ڳالهه تي آهي ته آدم شماري ڪهڙن اصولن تي ڪرائي وڃي ٿي، ڪيئن ڪرائي وڃي ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ سنڌ جي اصل باشندن جو انگ ڪيترو هجي ٿو ۽ ٻاهران يلغار ڪري آيل ايندڙن جو انگ ڪهڙو هجي ٿو.

    ڪو وقت هو جڏهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي ته ڪراچي جي دوري ۾ ان وقت جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ڄام صادق علي کي پاڻ وٽ سڏايو ۽ کيس چيائين ته آئون سنڌ ۾ آدم شماري واري ڪم جو انچارج ان اميد سان توکي ٿو بڻايان ته تون اکيون کولي رکجان ۽ آدم شماري ۾ سنڌين سان نا انصافي نه ٿئي، انهن اطلاعن مطابق ڀٽي صاحب ڄام کي چيو ته آدم شماري جي ان سموري عمل دوران سنڌ جي پارت اٿئي. ان وقت اهڙي بصيرت ته فقط ذوالفقار علي ڀٽي وٽ هئي ته آدم شماري سنڌ لاءِ ڪهڙي اهميت آهي. بعد ۾ جڏهن ڄام صادق سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ته پاڻي وارو سنڌ کي نقصان پهچائيندي ٺاهه ته ڪرايائين پر هن آدم شماري جي عمل دوران سنڌ جي مفادن جي نگراني ڪئي. ٻئي طرف سنڌ ڊيموڪريٽس گروپ جي سهڪار هيٺ سنڌ جي ساڃاهه وندن جي هڪ اهڙي ٽيم تيار ڪئي جنهن پرائمري ٽيچرس ايسوسيئيشن ۽ استادن جي ٻين تنظيمن سان گڏجي نه فقط سنڌ جي مڙني حلقن کي آدم شماريءَ جي اهميت کان آگاهه ڪيو پر هنن گهر شماري ۽ آدم شماري ڪندڙ فردن سان سڌو تعلق قائم ڪري هنن کي تربيت به ڏني ته هنن سان وقت به وقت تعلق قائم ڪري خيالن جي ڏي وٺ جو سلسلو به برقرار رکيو. ان جي نتيجي ۾ ٿيل آدم شماري جي آخر ۾ سنڌ جي آدم شماري جو جيڪو انگ اڳيان آيو تنهن کي ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف قبول نه ڪيو، ان دوران نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ۽ مرڪز ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿي، پنجاب ۾ نواز شريف مسلم ليگ جي حڪومت قائم نه ٿي سگهي پر پيپلز پارٽي جي حمايت سان آزاد ميمبرن جي مدد سان پنجاب ۾ جيڪا حڪومت قائم ٿي تنهن جو وڏو وزير هڪ غير سياسي شخص عارف نڪئي هو، جنهن کي مذاق مان ”بابا نڪئي“ سڏيو ويندو هو پر سنڌ جو انگ تسليم نه ڪرڻ بابت بابا نڪئي جو موقف به اهو هو جيڪو نواز شريف جي پارٽيءَ جو هو، مون کي رپورٽر جي حيثيت ۾ اها معلومات حاصل ٿي ۽ وقت به وقت مون رپورٽ ڪيو ته ان وقت جي وزير اعظم بينظير ڀٽو مسلسل ڪوشش ڪئي ته پنجاب سنڌ جي ان انگ کي تسليم ڪري پر پنجاب جا ننهن جانو ڪوٽ قائم رکيا، ان دور ۾ آخرڪار ان وقت جي وزيراعظم لاهور ۾ گورنر ڪانفرنس منعقد ڪئي، ان جي ايجنڊا تي مک اسم آدم شماري ۽ ان تحت سنڌ جي انگ کي تسليم ڪرڻ هو. گورنر ڪانفرنس ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو پورو زور ڏنو ته سڀ صوبا ان وقت نواز شريف حڪومت ۾ ڪرايل آدم شماري کي تسليم ڪن، جڏهن ته بينظير ڀٽو تمام گهڻو زور ڏنو ته پنجاب جي وڏي وزير پنجاب جي آفيسر شاهي جي طرفان پڙهايل سبق مطابق موقف اختيار ڪيو ته انهيءَ آدم شماريءَ کي ڀلي قبول ڪيو وڃي پر ان شرط تي ته آدم شماريءَ جي ان انگ کي قومي اسيمبلي جي سيٽن ملازمتن جي ڪوٽا ۽ قومي مالياتي ايوارڊ سان de-link ڪيو وڃي. ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ لاءِ وزيراعظم بينظير ڀٽو راضي نه ٿي، اها ڇڪتاڻ جاري هئي ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ٿي وئي، ان کان پوءِ نواز شريف وري اقتدار ۾ آيو ۽ هن ڀيري هن سندس اڳوڻي حڪومت طرفان ڪرايل آدم شماريءَ کي رد ڪري وري نئين سر آدم شماري ڪرائي، ان کان پوءِ ٿيل آدم شماري وقت ملڪ جي اسٽيٽسٽڪس ڊويزن جو وفاقي سيڪريٽري سنڌ جو هڪ محب وطن بيورو ڪريٽ فضل الله قريشي هو جنهن جي نگرانيءَ ۾ ٿيل آدم شماريءَ دوران سنڌ دشمن قوتون سنڌ جي مفادن خلاف راتاهو هڻڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب نه ٿي سگهيون.

    هن ڀيري جيئن آدم شماري ڪرائڻ جو اعلان ٿيو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن جو هڪ اجلاس گذريل هفتي حيدرآباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ ضروري تياري ڪرڻ ۽ سنڌ جي عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ مختلف فني پهلوئن بابت آگاهي ڏيڻ جي سلسلي ۾ هوم ورڪ ڪيو ويو، انهن ساڃاهه وندن طرفان سنڌ جي محب وطن اين جي اوز، استادن جي تنظيمن، ٻين محب وطن تنظيمن، سياسي رهنمائن ۽ سنڌي ميڊيا جي سرواڻن سان گڏجاڻيون ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي پر اصل ذميواري هر سنڌي ۽ هر سنڌي خاندان جي وڏي جي آهي ته نه فقط آدم شماريءَ بابت ضروري ڄاڻ رکي وڃي، سنڌي اخبارن ۽ سنڌي ميڊيا تي ان سلسلي ۾ جيڪا ڄاڻ فراهم ڪئي وڃي تنهن کان چڱيءَ ريت آگاهي اختيار ڪئي وڃي، ان روشنيءَ ۾ نه فقط پنهنجن خاندانن ۽ گهرن کي گهر شماري ڪندڙ عملي وٽ رجسٽرڊ ڪرايو وڃي پر محلا ڪميٽيون ٺاهي خود بعد ۾ چڪاس جو سلسلو به شروع ڪيو وڃي ته داخل صحيح ڪيو پيو وڃي يا ڪا ڪوتاهي ٿي رهي آهي. سياسي پارٽين جو ڪردار سنڌ جي سياسي جماعتن ۽ خاص طور تي قوم پرست جماعتن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته نه فقط ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته گهر شماري ۽ آدم شماري صحيح رُخ ۾ ٿي رهي آهي يا ان لاءِ انهن مڙني پارٽين جو فرض ٿئي ٿو ته جيسين آدم شماري جو عمل جاري آهي تيسين انهن جا سڀ ورڪر ڪل وقتي طور آدم شماري جي نگراني ڪن ۽ سنڌ جي هڪ هڪ گهر ۽ هڪ هڪ فرد جي ڳڻپ رجسٽر ڪرائي وڃي، ان مرحلي تي اهو به ضروري آهي ته اهي تنظيمون حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته نه فقط ٻاهرين ملڪ کان اچي سنڌ جي ڪنهن به حصي ۾ خاص طور ڪراچي ۾ رهندڙ غير قانوني رهندڙن کي آدم شماري ۾ حصو وٺڻ نه ڏنو وڃي پر ٻاهرين صوبن کان اچي هتي رهندڙن کي به هتي رجسٽر ٿيڻ کان روڪيو وڃي ۽ لازم ڪيو وڃي ته هر هڪ پنهنجي پنهنجي صوبي ۾ آدم شماري واري عملي وٽ رجسٽر ڪرائي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ صحيح طرح آدم شماري نه ٿي سگهندي، جيسين ان جي ذميواري فوج کي نه ڏني وڃي، اسان جي سياسي پارٽين، فني ماهرن ۽ دانشورن جو فرض ٿئي ٿو ته ان مطالبي جو سنجيدگيءَ سان جائزو ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن اتفاق راءِ ان مطالبي جي حق ۾ آهي ته پوءِ گڏجي ان سلسلي ۾ دٻاءُ وڌو وڃي. هن وقت آدم شماري ان وقت ٿي رهي آهي جڏهن ٻوڏ جي ڪري اسان جا لکين سنڌي بي گهر ٿي چڪا آهن، جيڪي پنهنجي اصل گهرن کان تمام پري حيدرآباد ۽ ڪراچي تائين خيمن ۾ رهيل آهن، تمام ضروري آهي ته ٻوڏ جي ڪري اهي ڏتڙيل جتي به ترسيل آهن اتي انهن کي رجسٽر ڪرايو وڃي، ماضيءَ ۾ ٿر ۽ ڪاڇي جا اڪثر ماڻهو آدم شماري جي ڳڻپ کان رهجي ويا هئا، ان سلسلي ۾ هن ڀيري خاص انتظام ڪرڻا پوندا ته هنن مان ڪو به رجسٽر ٿيڻ کان رهجي نه وڃي، منهنجي خيال ۾ آدم شماري جي جنگ کٽڻ لاءِ ميڊيا جو تمام اهم ڪردار آهي، جيڪڏهن اسان جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪيو ته اسين هيءَ جنگ کٽي سگهون ٿا، ميڊيا کي ماڻهن ۾ گهر شماري توڙي آدم شماريءَ بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻي پوندي، پرنٽ ميڊيا ۾ اها جاڳرتا اشتهارن، ادارين، خبرن، مضمونن ۽ ڪالمن ذريعي پيدا ڪري سگهجي ٿي. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اها جاڳرتا اشتهارن، ليڪچرن، ٽاڪ شوز وسيلي انتهائي ڪاميابي سان پيدا ڪري سگهجي ٿي، اسان کي اميد آهي ته سنڌي ميڊيا جون واڳون جن وٽ به آهن اهي سنڌ جا حلالي پٽ آهن ۽ هن جنگ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽائيندا، اسان جي ميڊيا جا ڪجهه هائوسز ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ تي سيمينار ڪرائڻ ۽ خاص ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ ڪافي سٺو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، اميد آهي ته هن جنگ ۾ هو ڪنهن به ٻئي کان پوئتي نه رهندا ۽ پنهنجو تاريخي ڪردار ادا ڪندا.[/justify]

    روزانه عوامي آواز
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 2011ع واري آدم شماري ۽ سنڌ جي جياپي جي جنگ

    سائين محترم سليمان وساڻ صاحب، هي انتهائي اهم مهم آهي، اچو ته اسان سڀ سنڌي سڄڻ ان مهم ۾ پنهنجي سموري سگهه استعمال ڪريون ۽ سنڌين جي ٻچي ٻچي کي ان ڳڻپ ۾ شامل ڪرايون ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اوطاق وسيلي، سڀني سنڌين کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ٿو ڪجي ته هو پنهنجو ڪردا ڀرپور نموني ادا ڪندي سنڌين جي ڳڻپ پوري ڪرائي قومي فرض نڀائن۔

    اچو ته اسين سڀ ان مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺون ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: 2011ع واري آدم شماري ۽ سنڌ جي جياپي جي جنگ

    سنڌ سلامت جي فورم ۽ ساٿين جي اها ذميواري آهي ته پنهنجي اردگرد هن مهم کي زور پڪڙائن ۽ سنڌ جي حلالي پُٽ هئڻ جو ثبوت ڏين۔ مغل صاحب جو ڪارائتو مضمون آهي۔ اسان کي نعرا هڻڻ وارن بدران عمل ڪرڻ وارن مان هئڻ کپي۔

    سنڌ سلامت ۽ ان جي ميمبرن کي کپي ته پنهنجي پاران پمفليٽ ۽ اشتهار ڇپرائي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائي۔ ادا نثار ابڙو اسان اوهان کي عرض ٿا ڪيون ته سهڻي نموني هڪ مضمون لکو جيڪو پمفليٽ جي صورت ۾ ڇپائڻ گهرجي۔

    خبر ناهي ڇو سنڌ سلامت جا سرواڻ ۽ سرپرست اڃان تائين سنڌ جي جياپي واري هن موضوع تي پنهنجي راء نه ٿا ڏين۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 2011ع واري آدم شماري ۽ سنڌ جي جياپي جي جنگ

    سائين نثار سلام

    انشاء الله سنڌ سلامت به چڱي ڪم ۾ پوئتي نه هوندي۔ سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ سگا ، سنڌ ڊيموڪريٽڪ فورم ۽ ٻين پارٽين پنهنجو عملي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ انشاء الله اسان به ان ڪم ۾ ڀرپور ساٿ ڏينداسون۔

    مان سنڌ سلامت جي سموري ساٿ کي اهو عرض ڪندس ته ويڇا وساري هن عملي ڪم ۾ اڳڀرا هجو ۽ قوم جي چڱائيء واري هن عمل ۾ سڀ گڏ ٿي هڪ ٿي وڃون۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 2011ع واري آدم شماري ۽ سنڌ جي جياپي جي جنگ

    مهرباني سائين

    اوهان جي راء جو احترام آهي ۽ اوهان جا سٺا خيال آهن۔ اسان اوهان جي راين کي سنڌ سلامت گڏجاڻيء ۾ رکيو آهي جيئن ڪو عملي ڪم ڪري سگهجي

    لک ٿورا اوهان جي سهڻين صلاحن جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو