عورتن جو عالمي ڏهاڙو - هڪ صديءَ جو سفر

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [​IMG]

    عورتن جو عالمي ڏهاڙو-هڪ صديءَ جو سفر

    شبنم بلوچ

    [JUSTIFY]8 مارچ تي دنيا جي تقريببن سڀني ملڪن ۾ عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي اهو ڏينهن آهي، جڏهن دنيا جون تمام عورتون بنا ڪنهن نسلي، زباني، ثقافتي، معاشي، مذهبي، قومي ۽ سماجي فرق جي پنهنجي ڪاميابين ۽ Contributions جي مڃتا ماڻينديون آهن. هي اهو موقعو آهي، جڏهن نه صرف ماضي جي جدوجهد ۽ ان ۾ ملندڙ ڪاميابين تي، پر حال ۽ مستقبل ۾ به عورتن جي معاشي، سماجي ۽ سياسي ڪاميابين ۽ ڪردار جي مڃتا ڪئي ويندي آهي. سڀ کان وڌيڪ اهم ته انهن سڀني صلاحيتن، موقعن ۽ وسيلن تي ڀرپور نظر وڌي ويندي آهي، جيڪي نه صرف اڄ جي، پر مستقبل جي عورت جون به منتظر آهن.

    عورتن جي عالمي ڏهاڙي جو بنياد نارٿ آمريڪا ۽ يورپ ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ مزدور تحريڪ جي سرگرمين کان پيو. 28 فيبروري 1909ع تي آمريڪا ۾ عورتن جو پهريون قومي ڏينهن ملهايو ويو. اهو ڏينهن نيويارڪ جي ڪپڙن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ انهن ورڪرن جي اعزاز ۾ هو، جن 1908ع ۾ پورهئي واري هنڌ جي انتهائي خراب ۽ ناموافق حالتن تي احتجاج ڪيو هو. دي سوشلسٽ انٽرنيشنل 11-1910ع ۾ ڪوپن هيگن ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ملڪن جي 100 کان وڌيڪ عورتن يڪراءِ ٿي ڪري عورتن جي عالمي تحريڪ کي سپورٽ ڪيو. نتيجي ۾ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 19 مارچ تي آسٽريا، ڊينمارڪ، جرمني ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ عورتن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ 10 لک کان وڌيڪ عورتن ۽ مردن مختلف ريليون ڪڍيون، انهن ريلين ۾ شريڪ ماڻهن عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي حق ۽ حڪومت ڪرڻ جي حق سان گڏوگڏ ڪم ڪرڻ، هنري تربيت (Vocational training) ۽ ڪم دوران صنفي امتياز کي ختم ڪرڻ جي گهر ڪئي.

    14-1913ع دوران عورتن جو عالمي ڏينهن عالمي جنگ جي خاتمي لاءِ احتجاج جو هڪ ذريعو بنجي ويو. امن تحريڪ جي حصي طور روسي عورتن فيبروريءَ جي آخري آچر تي پهريون دفعو عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو، جنهن کان پوءِ 8 مارچ کي عورتن جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 1914ع ۾ تقريباً سڄي يورپ ۾ عورتن جنگ جي خلاف ريليون ڪڍيون ۽ عورتن جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. 1917ع ۾ فيبروري جي آخري آچر تي روسي عورتن 20 لک روسي فوجين جي جنگ ۾ مارجي وڃڻ تي احتجاج ڪيو ۽ “Bread and peace”، ”ماني ۽ امن“ جو نعرو هنيو. سياسي رهنمائن جي شديد مخالفت باوجود انهن عورتن 4 ڏينهن لڳاتار پنهنجو احتجاج جاري رکيو. مسلسل احتجاج بلآخر روسي زار کي جهڪڻ تي مجبور ڪري وڌو ۽ صوبائي حڪومت عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو. ان وقت روس ۾ استعمال ٿيندڙ جولين ڪيلينڊر مطابق 23 فيبروري جي تاريخ هئي، جڏهن ته دنيا ۾ باقي هنڌن تي استعمال ٿيندڙ جارحين ڪيلينڊر مطابق اها تاريخ 8 مارچ جي هئي.

    سوشلسٽ موومينٽ جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حيثيت دنيا جي گولي تي هڪ اهڙو ڏينهن جي آهي، جنهن ۾ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل ملڪن ۾ هڪ ئي وقت عورتن جي اهميت ۽ مڃتا کي تسليم ڪيو وڃي ٿو. گڏيل قومن جو عالمي ادارو (United nations) هر سال عورتن جي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائيندو آهي، جنهن جو بنيادي مقصد ميمبر ملڪن پاران عورتن جي حقن جي تحفظ، سندن ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ٿيندڙ مختلف ڪوششن سان گڏوگڏ سندن سياسي، سماجي ۽ معاشي زندگي ۾ ڀرپور ڪردار ۽ شموليت کي يقيني بنائڻ لاءِ ورتل عملي قدمن جو مڪمل طور تي جائزو وٺڻ هوندو آهي. ان سلسلي ۾ يونائيٽيڊ نيشنز سال 1975ع کي عورتن جي عالمي سال جو درجو پڻ ڏنو هو.

    پاڪستان ۾ جڏهن اسان عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته صورتحال ڪنهن کان ڳجهي ناهي. باوجود ان جي ته پاڪستان هن وقت انساني حقن جي مختلف قومي ۽ بين الاقوامي معاهدن ۽ قانونن تي صحيحون ڪري چڪو آهي، جن ۾ سرفهرست انساني حقن جو عالمي پڌرنامو UDHR، عورتن سان هر قسم جي امتيازي سلوڪ جو خاتمو، CEDAW ۽ ملينيم ڊولپمينٽ گول MDG (2000) آهن. نه صرف اهو، پر عورتن جي حقن کي يقيني بنائڻ لاءِ مختلف قانون به موجود آهن، پر عملي طور صورتحال جو جائزو وٺڻ سان صورتحال تمام گنڀير نظر اچي ٿي. پاڪستاني حڪومت ان سلسلي ۾ جولاءِ 2000ع ۾ عورتن جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ عدد نيشنل ڪميشن جو به بنياد وڌو، جنهن جا 3 بنيادي مقصد آهن.

    (1) حڪومت طرفان عورتن جي ترقي ۽ سڌاري سان گڏوگڏ زندگي جي تمام شعبن ۾ برابري کي يقيني بنائڻ لاءِ کنيل عملي قدمن جو باقائده جائزو ورتو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ عملي قدمن لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون وڃن. ان ڏس ۾ سمورين پاليسين ۽ پروگرامن جو تجزيو ڪري لاڳاپيل اختيارين کي سفارشون ڪرڻ.

    (2) عورتن متعلق سڀني ملڪي قانونن جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ عورتن کي انهن قانونن سان ڪهڙو رليف ملندو، ان جو جائزو وٺڻ ۽ اهڙن سڀني قانونن کي رد ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ، جيڪي عورتن سان امتيازي سلوڪ ڪن ٿا. نه صرف اهو، پر اهڙن نون قانونن جي سفارش ڪرڻ، جيڪي عورتن جي برابري واري حيثيت کي يقيني بنائين.

    (3) عورتن جي مسئلن تي مڪمل تحقيق ڪرائڻ ۽ ان تحقيق جي بنياد تي قومي پاليسيون ۽ اسٽراٽيجڪ پلاننگ جي عمل کي همٿائڻ. حڪومتي ادارن، وزارت ۽ ڪميشن کان علاوه مختلف سماجي ادارا ۽ غير سرڪاري تنظيمون به سماج ۾ عورتن جي برابري واري حيثيت ۽ سندن بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙي رهيون آهن. حڪومت جي انهن سڀني قانونن، پروگرامن، غير سرڪاري تنظيمن جي پيروڪاري، سول سوسائٽي جي پريشر گروپس ۽ بين الاقوامي تنقيد باوجود پاڪستان ۾ انساني حقن جي صورتحال عمومي طور تي ۽ عورتن جي حقن جي صورتحال خصوصي طور تي ڏينهون ڏينهن بد کان بدتر پئي ٿئي.

    1911ع ۾ عورتن جو پهريون عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ 2011ع ۾ هن کي هڪ صدي مڪمل ٿي آهي. پر اڄ به عورتون پنهنجا مڪمل حق ۽ آزادي حاصل ناهن ڪري سگهيون. اڄ به عورت کي مرد جي برابر اجورو نٿو ملي، اڄ به عورتن جو تعداد بزنيس ۾، سياست ۾، تعليم ۾، صحت ۾ ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي فورمز تي مرد جي برابر نه آهي. عورتن جي تشدد جي صورتحال اڄ به بدترين آهي. اڄ به عورت پنهنجي حيثيت ۽ اهميت کي مڃرائڻ لاءِ اڳ کان وڌيڪ پاڻ پتوڙي ٿي. اچو ته اڄوڪي ڏينهن تي ان حقيقت کي تسليم ڪريون ته ڪل انسان ذات جي مجموعي ڀلائي، ان جي حقن جي مڪمل پورائي، سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ عالمي امن جو حصول عورتن جي مڪمل ۽ آزاد شموليت کان سواءِ ممڪن ڪونهي. ضرورت آهي ته هڪ بهتر، بامعنى ۽ بامقصد تبديلي لاءِ گڏيل جدوجهد جي ابتدا ڪجي، جنهن ۾ اڄ جي هر عورت کي هڪ باوقار، پر اعتماد ۽ مڪمل برابري واري حيثيت ڏيڻ لاءِ سڀ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.[/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: عورتن جو عالمي ڏهاڙو - هڪ صديءَ جو سفر

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو