شايد !

'مقالا' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏25 جولائي 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شايد ... ڪنهن صحيح ماڻهونءَ جي ملڻ کان اڳ اسانکي ڪنهن غلط ماڻهونءَ سان واسطو پيو هجي ها ، ته جڏهن اسانجي ملاقات صحيح ماڻهونءَ سان ٿئي ته ان جي اهميت تي شڪرگذار ٿي سگهون ها ...

    شايد ... اسانکي ڪا خبر ناهي ته پاڻ وٽ ڇا آهي، جيستائين اها گم نه ٿئي ... پر اها به حقيقت آهي ته اسانکي ڪا خبر ناهي ته اسانجي زندگيءَ ۾ ڪهڙي ڪمي آهي جيستائين اها ملي نه هجي ...

    شايد ... سون جهڙو آئيندو هميشه وساريل ماضيءَ تي بيٺل هجي ها، آخرڪار، اوهين ڪاميابيءَ سان نه ٿا وڌي سگهو، جيستائين ماضيءَ جي ڪيل غلط ڪارين، ناڪاميابين ۽ دلي ڏکن کي نظر ۾ نه رکندا هجو ...

    شايد ... اوهين اميد رکندا هجو ... گهڻين خوشين جي ته جيئن زندگي پياري ٿئي ... گهڻو تجربو ته جيئن اوهان سگهارا ٿي سگهو ... گهڻو ڏک ته جيئن سٺا انسان ٿي سگهو ... گهڻي اميد جا اوهانکي خوش رکي ...

    شايد ... دنيا جي خوش ترين ماڻهونءَ کي ضروري ناهي ته هر شئي لاجواب ملي هجي؛ انهيءَ رستي ۾ ايندڙ هر شئي کي پاڻ سهڻو ٺاهيو هجي ...

    شايد ... سٺي دوست جو قسم اهو هجي جنهن سان اوهين ڪڏهن ڪٿي ڪنهن ورانڊي ۾ جهولي تي ويهي لڏيا هجو ۽ ڪو لفظ به نه ڳالهايو هجي ۽ جڏهن جدا ٿيا هجو ته ايئن محسوس ڪيو هجيوَ ته ڪچهري تمام مذيدار ٿي ...

    شايد ... خوشي سڀ جو انتظار ڪندي هجي، انهن لئه جي گهڻو رنا هجن، انهن لئه جي گهڻو ڏکيارا هجن، انهن لئه جي ڳولها ۾ هجن، ۽ انهن لئه جن ڪوشش ڪئي هجي، انهن لئه جي ماڻهن جي اهميت جي تعريف ڪندا هجن جن سندن زندگيءَ جي ڪنهن هڪ ڀاڱي ۾ ساٿ ڏنو هجي ...

    شايد ... اوهين ڪجهه سٺو ڪندا هجو، اهڙن ماڻهن لئه جن لئه ڪجه نه ڪرڻ ۽ کين اڪيلو ڪري ڇڏڻ به اوهانجي وس ۾ هوندو هجي ...

    شايد ... اهڙا لمحا ۽ گهڙيون به هجن جن ۾ اوهان ڪنهنجي تمام گهڻي ڪمي محسوس ڪندا هجو ... والدين جي ... زال جي ... دوست جي ... ٻارن جي ... اوهان چاهيندا هجو ته انهنکي پنهنجن خوابن مان ڪڍي حقيقي ڀاڪر پايو، چميون ڏيو ... ۽ پر جي ڪجهه اهڙا رشتا هن وقت اوهانجي ويجهو هجن ته انهن جو وڌيڪ قدر ڪريو ...

    شايد ... پنهنجو سمورو پيار ڏئي به پيار موٽ ۾حاصل ڪرڻ جي ڪا پڪ نه هجي .. ڪنهنجي موٽ واري پيار جي اميد به نه ڪجي، صرف اهو انتظار ڪجي ته سندس دل ۾ پيار پئدا ٿي پوي ... پر جي نه به ٿئي ته ڇا اهو ڪافي ۽ خوشيءَ جي ڳالهه ناهي ته اوهانجي دل ۾ اهو وڌي وڻ ٿيو آهي ...

    شايد ... اوهين اهي خواب ڏسو جي ڏسڻ چاهيو ٿا؛ وڃو گهمڻ جيڏانهن چاهيو ٿا؛ اهو ئي ڪيو جو اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا ... ڇاڪاڻ ته اوهانکي صرف هڪ زندگي آهي ۽ هڪ موقعو آهي انهن شين جي ڪرڻ جو جنهنجا خواب اوهانجي اکين ۾ آهن ۽ اهي اوهين ڪرڻ به چاهيو ٿا ...

    [​IMG][​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ

    دوستي ۽ پيار جا لمحا ئي ياد ايندڙ ۽ دل وندرائيندڙ هوندا آهن ...

    [​IMG]
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    شايد توهان سچ پر سئو فيصد سچ لکيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو