سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي عوامي آواز جي ڇرڪائيندڙ خبر تي شايد ئي ڪنهن ڌيان ڏنو هجي۔ ڇا سنڌي ماڻهن جا ڪمپيوٽرائيزڊ ڪارڊ ٺهيل آهن ؟؟؟ مان سمجهان ٿو سنڌين جو هڪ وڏو تعداد ان کان محروم آهي۔

    سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو: سنڌ اسيمبليءَ کي ڄاڻ

    [justify]
    ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار واهوچو) سنڌ اسيمبلي غيرقانوني آيل پرڏيهين کي گهر ۽ آدم شماري ۾ شامل نه ڪرڻ، مال چاريندڙ لاڏائو ماڻهن، سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ڍنڍن اندر رهندڙ ملاحن، ڪچي، ڪاڇي جي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي گهر ۽ آدم شماري ۾ شامل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، جڏهن ته وفاقي شماريات کاتي ۽ چيف سينسز ڪمشنر جي گهر ۽ آدم شماري بابت ڏنل بريفنگ تي بي اعتماديءَ جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف هڪ الڳ ٺهراءُ ۾ اسيمبلي وفاقي سرڪار کان گهر ڪئي ته بنا دير ليڊي ورڪرن جو معاملو حل ڪيو وڃي. جڏهن ته جنهن وقت اسيمبلي ميمبرن کي گهر ۽ آدم شماريءَ بابت بريفنگ ڏني پئي وئي ته ان وقت پ پ سان تعلق رکندڙ 92 اسيمبلي ميمبرن مان صرف 16 ميمبر ايوان ۾ موجود هئا. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي ايوان ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. جنهن ۾ هن گهر ڪئي ته سنڌ ۾ غيرقانوني آيل پرڏيهين کي گهر شماري ۽ آدم شماري ۾ شامل نه ڪيو، سمنڊ جي ٻيٽن، ڍنڍن، ڍورن اندر رهندڙ ملاحن، ڪچي ۽ ڪاڇي جي ماڻهن ۽ مال چاريندڙ لاڏاڻو ماڻهن کي گهر ۽ آدم شماري واري عمل ۾ شامل ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ ايوان اتفاق راءِ سان ٺهراءُ کي منظور ڪري ورتو، جڏهن ته هڪ ٻئي ٺهراءُ ۾ سنڌ اسيمبلي وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته بنا دير هيلٿ ورڪرز واري معاملي کي حل ڪيو وڃي. ٺهراءُ ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو جنهن ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام ۾ 50 هزار ليڊي ورڪرز کي ڀرتي ڪيو. قانون واري وزير اياز سومري ايوان کي يقين ڏياريو ته ڪنهن کي بي روزگار نه ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت وفاقي سرڪار اڳيانا هو معاملو اٿاريندي ۽ اهو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ پڻ آهي. روڊ بلاڪ ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، صحت واري وزير ڊاڪٽر صغير چيو ته سنڌ ۾ 24 هزار ليڊي هيلٿ ورڪز آهن. ايترن کي مستقل ڪرڻ لاءِ اهو ڏسڻو پوندو ته ناڻي تي ڪيترو وزن پوندو. هيلٿ کاتو صوبن حوالي ٿيندو ته ڏسڻو پوندو ته صوبو اضافي مالي ٻوجهه برداشت ڪري سگهندو يا نه، ان کان پوءِ وفاقي سيڪريٽري شماريات آصف باجوا ۽ چيف سينسز ڪمشنر حبيب الله خٽڪ جڏهن سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کي گهر ۽ آدم شماري بابت جڏهن بريفنگ ڏني ته سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙي، سينيئر وزير تعليم پير مظهرالحق، سسئي پليجو، رفيق انجنيئر ۽ ٻين ميمبرن سوال ڪيا ۽ انهن سندن بريفنگ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪراچي ۾ لکين غيرقانوني آيل پرڏيهي رهن ٿا ۽ انهن پنهنجي گهر جوڙي ورتا آهن ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرايا آهن، انهن جي رجسٽريشن ڪرڻ سنڌ سان ناانصافي آهي ۽ سڄي صوبي ۾ صرف 20 هزار عملي کي ناڪافي پڻ قرار ڏنو ۽ انهن چيو ته ريگستان، جبلن، ڍنڍن، ڍورن، سمنڊ جي ٻيٽن، ڪچي ۽ ڪاڇي وارن علائقن ۾ رهندڙ ۽ مال چاريندڙ لاڏائو ماڻهن ۽ ٻوڏ سبب ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن جي گهر ۽ آدم شماري ۾ شامل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ تي زور ڏنو. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻ صوبائي وزير سيد سردار احمد، صوبائي وزير فيصل سبز واري، وڏي وزير جو صلاحڪار اظهارالحسن ۽ ٻين ميمبرن ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن هڪ ٻيڙي، غار کي به گهر شماري ۾ اسٽرڪچر تصور ڪيو وڃي ٿو ته پوءِ هزارين فليٽن تي ٻڌل اپارٽمينٽ کي هڪ اسٽرڪچر تصور ڪرڻ زيادتي آهي، جنهن تي وفاقي سيڪريٽري شماريات آصف باجوا ۽ چيف سينسز ڪمشنر حبيب الله خٽڪ ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي اسان جو اهو ڪم نه آهي ته ڪنهن کي پاڪستاني يا غير پاڪستاني قرار ڏيون. جنهن وٽ به پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ هوندو، اهو اسان جي نظر ۾ پاڪستاني آهي ۽ اسان جو اهو مسئلو به ناهي ته هن سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن ۽ ڪٿان ٺهرايو. جنهن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهي اهو غير پاڪستاني شمار ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪو شڪل سان افغاني لڳي ٿو ۽ ٻولي به افغاني ڳالهائي ٿو پر هن وٽ پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ آهي ته ان کي پاڪستاني شمار ڪيو ويندو، هنن چيو ته گهر شماري 5 کان 19 اپريل تائين ٿيندي. ان کان پوءِ آگسٽ يا ڊسمبر ۾ آدم شماري ڪئي ويندي. تاريخ اڃا مقرر نه ڪئي وئي آهي. گهر شماري لاءِ سمورا انتظام ڪيا ويا آهن. پاڪستان اندر هر جڳهه ۽ گهراڻن ۽ ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي. هڪ ٻيڙي، جهوپڙي، غار، پڪي گهر ۽ عمارت کي هڪ اسٽرڪچر تصور ڪيو ويندو، هڪ اسٽرڪچر ۾ هر گهر، گهر ۾ هر گهراڻي کي ڳڻپ ۾ شامل ڪيو ويندو، هڪ گهر ۾ جيڪڏهن ٻه ڀائر رهن ٿا ۽ انهن جا الڳ الڳ بورچي خانه آهن ته اهي الڳ الڳ گهر تصور ٿيندا، هر گهر گهٽ ۾ گهٽ 5 ڄڻن تي ٻڌل هوندو، هن چيو ته جيڪي غير ملڪي پناهه گير نوٽيفائيڊ ڪمپنين ۾ رهن ٿا انهن جي ڳڻپ نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ صوبي ۾ هر تعلقي ۽ ٽائون کي سينسز ڊسٽرڪٽ قرار ڏنو ويو آهي. 7 هزار 194 سينسز سرڪل ۽ 35 هزار 296 سينسز بلاڪ جوڙيا ويا آهن. 20 هزار عملو مقرر ڪيو ويو آهي. جيڪو تعليم روينيو، مڪاني ادارن ۽ ٻين کاتن مان کنيا ويا آهن. هن چيو ته اهو عملو ناڪافي ناهي. 6 هزار مانهن کي اضافي تربيت ڏني وئي آهي. اهو عملو هنگامي طور تي تيار آهي، جتي ضرورت پوندي اتي انهن موڪليو ويندو.

    سنڌ جي ڊي سي اوز جو اڄ چيف سيڪريٽري آفيس ۾ اجلاس طلب
    ڪراچي (هه آ): سنڌ جي چيف سيڪريٽري عبدالسبحان ميمڻ سمورن لاڳاپيل صوبائي کاتن ۽ ضلعي ڪوآرڊينيشن آفيسرن کي هدايت ڪئي آهي ته ڇهين آدم شماري جي انعقاد جي سلسلي ۾ تنظيم آدم شماري، شماريات ڊويزن حڪومت پاڪستان سان ڀرپور تعاون کي يقيني بڻائين. هو خميس ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ وفاقي سيڪريٽري شماريات آصف باجوه ۽ آدم شماري سان لاڳاپيل آفيسرن جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ گهر ۽ آدم شماري جي سلسلي ۾ پريزنٽيشن/بريفنگ ڏني وئي. چيف سيڪريٽري يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڀرپور تعاون ڪندي هن چيو ته اڄ لاڳاپيل ڊي سي اوز جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس ۾ سينس ڪمشنر حبيب الله خان، جوائنٽ سينس ڪمشنر سنڌ طارق احمد بلوچ، ڊي جي پي سي او اڪرام جنجوعه ۽ صوبائي سيڪريٽرين پڻ شرڪت ڪئي.[/justify]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو

    ادا سليمان وساڻ‌ هي ته اصل صفا وڏي ڳالهه آهي

    بلڪل به ادا مون جي ته طرف خيال ئي نه ويو

    معلومات ونڊ ڪرڻ‌تي توهان جي مهرباني ادا
    سدائين گڏ
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو

    اردو جو هڪ شعر آهي
    مسجد تو بنادي شب ڀر ۾ ايمان ڪي حرارت والون ني
    من اپنا پرانا پاپي هي برسون سي نمازي بن نا سڪا

    اسان سنڌين زور لڳائي شناختي ڪارڊ سنڌي ٻولي ۾ ته ڪرائي ورتا پر اسان کان اهو ڪارڊ ٺهرائڻ نه ٿو ٿئي ۔۔۔ ان جو سبب ڪاهلي هجي يا وري غربت ۔۔۔ پر آيل هاڻوڪي ٻوڏ جتي اسان کي نقصان ڏنا اتي ڪجهه فائده به مليا جنهن مان هڪ اهو به آهي ته ڪافي ماڻهن پهريون دفعو ڪارڊ ٺهرايا۔۔۔ ۽ جي ڪارڊ کان سواء امداد ملي ها ته شايد اها به تڪليف نه ڪن ها۔۔۔
    هتي ڌاريا اچي ڪارڊ به ٺهرائي ويا پر اسان اهو ئي پٺتي جو پٺتي ۽ هميشه اليڪشن اچڻ جي انتظار ۾ ته پاڻهي اليڪشن جي دوران پارٽين وارا ايندا ۽ پنهنجن خرچن تي ڪارڊ به ٺهرائي ڏيندا۔۔۔
    دوستو جي مٿين ڳالهه درست آهي ته پوءِ پاڻ کي وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو ان ڪري وارو ڪيو ۽ پنهنجن پنهنجن وسندين ۾ ماڻهن کي زور ڀريو ته اهي قومي مفاد خاطر سجاڳي ڪن ۽ ڪارڊ ٺهرائين۔۔۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو

    ادا عبدالرشيد صاحب اوهان جون ڳالهيون سو سيڪڙو درست آهن ۽ مان به اهيو ئي چوندس ته دوستو وارو ڪيو اها پنهنجي پنهنجي حصي جي کوٽ پوري ڪريو، ته جيئن اهي ماڻهون به آدمشماري ۾ شامل ڪري سگهجن،نقصان کان پاڻ بچايون
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو

    کوٽيو پهاڙ نڪتو ڪوئو

    ماشاء الله جڏهن اپريل اچي مٿان پيو آهي ۽ هاڻ چون ٿا ته ان ماڻهون کي آدمشماري ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن وٽ شناختي ڪارڊ آهي ۔۔۔ ٻاهران آيل ماڻهون سڀ کان اول شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ به ٺهرائيندا آهن ته جيئن وقت سر ڪليم ڪري سگهن ۔۔۔ پر سنڌ جا سادا ماڻهون هزارن سالن کان هن ڌرتي تي رهڻ وارا ان طرف سوچيندا ئي ناهن ته ڪو انکي ڪليم ڪرڻو آهي، پر هو ته وارث آهن هن ڌرتي جا ۔۔۔۔

    واه هن ملڪ جو انصاف ۽ انجا قانون ۔۔۔ مٿان وري سوال اهو آهي ته حڪومت ۾ ويٺل اسانجا پنهنجا گنجا موالي ڪهڙي مرض جي دوا آهن؟ ڇا هو وقت کان اڳ سنڌين کي ان عمل لا اڀاري نٿا سگهن يا اهو ڪم حڪومتي بنيادن تي ڪرائي نه ٿي سگهيا ۔۔۔؟؟؟؟

    انڌير ننگري چرٻٽ راجا

    دوستو! پنهنجن علائقن ۾ اهو اعلان ڪرايو ۽ پنهنجن ماڻهن کي جلد شناختي ٺهرائڻ جا جتن ڪريو، ائين نه ٿئي ته وقت گذري وڃي ۽ پو هٿ هڻڻا پون ۔۔۔۔ همٿ هارڻي ناهي ۔۔۔ سازشون اڃان گهڻيون ٿينديون ۔۔۔

    همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔
     
  6. نجم الدين ڪنڀر

    نجم الدين ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ تي پاڪستانيءَ کي آدم شماريءَ ۾ پرڏيهي لکيو ويندو

    ادا اها به هڪڙي سازش آهي جيڪا هري هري ظاهر پئي ٿئي اڃان اڳتي گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو