دل ۾ سوراخ جي علاج لاءِ صدائون ڪندڙ ڪرن ۽ وس وارن ۾ لڳايل اميدون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ پسر شهيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 اپريل 2011۔

  1. پسر شهيد

    پسر شهيد
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مارچ 2011
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ايران " قم
    ”منهنجي زندگي بچايو، مان مرڻ نٿي چاهيان“، اکين مان لڙڪ هاريندي اها صدا ! ملير جي هڪ معصوم نياڻي ڪرن سومرو جي آهي جيڪا گذريل پنج سالن کان دل ۾ سوراخ جي بيماري ۾ مبتلا هجڻ ڪري بستري تي پيل آهي، ڪرن سومرو هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ۽ گلشن حديد فيز ٽو جي رهواسي آهي، سندس والد گهٽي ۾ گهر آڏو چپس کپائي گذر سفر ڪندو آهي، غربت جي جهان ۾ پيڙهيل ڪرن سومرو جو والد سڪندر علي سومرو ۽ سندس امڙ مايوس ناهن ۽ هو پراميد ۽ پرعزم آهن ته هڪ ڏينهن هنن جي نياڻي صحتياب ضرور ٿيندي، ڪرن سومرو کان جڏهن مرض بابت پڇا ڪئي ته هن لڙڪ هاريندي چيو ته ”مان پنجين ڪلاس ۾ هئس ته گهر جون ڏاڪڙيون چڙهندي مون کي تڪليف ٿي ۽ دم گهٽجڻ لڳو، جنهن بعد مان بيهوش ٿي ويس، اسپتال ۾ اينجيو گرافي ڪرائي ته معلوم ٿيو ته منهنجي دل ۾ سوراخ آهي، ان ڏينهن کانپوءِ مون اسڪول وڃڻ به ڇڏي ڏنو، ٿورو گهمندي آهيان ته بيهوش ٿي ويندي آهيان، سمورو ڏينهن کٽ تي ويهي گذاريندي آهيان، پڙهائي تي منهنجي دل ڏاڍو ڪندي آهي، ننڍپڻ کان ڊاڪٽر ٿيڻ جو ارادو رکان ٿي، مون پهرين ڪلاس کان پنجين ڪلاس تائين اسڪول ۾ ٽاپ ڪيو آهي، منهنجي پڙهائي بند ٿيڻ تي منهنجي اسڪول ٽيچر ۽ ساهيڙين کي مون کان وڌيڪ ڏک آهي“، ڪرن سومرو چيو ته مان مرڻ نٿي چاهيان، منهنجي زندگي بچايو، مان پڙهڻ چاهيان ٿي، ٻين ڇوڪرين وانگر راند کيڏڻ ۽ گهمڻ چاهيان ٿي، منهنجي مدد ڪئي وڃي، منهنجو والد غريب آهي، ان وٽ علاج جا پئسا ناهن پر هن ملڪ ۾ اهڙا ماڻهو ضرور هوندا جيڪي منهنجو علاج ڪرائي سگهن ٿا، ڪرن سومرو جي والد سڪندر علي سومرو جو چوڻ هو ته مون پاڪستان ، انڊيا، سنگاپور ۽ آئرلينڊ جي اسپتالن مان اي ميلز ذريعي علاج جي ڪوشش ڪئي پر سڀني اسپتالن مان اهو جواب مليو ته دل ۾ سوراخ جي مرض جو علاج ٽرانس پلانٽ آهي ۽ اهو آمريڪا يا لنڊن ۾ ٿيندو، آمريڪا ۽ لنڊن مان علاج ڪرائڻ لاءِ لکين رپيا گهرجن، مان غريب آهيان مون وٽ ايتري حيثيت ناهي، هن ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي نارٿ آمريڪا ايسوسيئيشن ۽ ٻين وس وارن ماڻهن ۽ حڪومت سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا سندس ڌيءَ جي جان بچائڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي،

    ڪاوش
     
  2. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: دل ۾ سوراخ جي علاج لاءِ صدائون ڪندڙ ڪرن ۽ وس وارن ۾ لڳايل اميدون

    اهڙا کوڙ ٻار سنڌ ۾ موجود آهن سڀني ٻارن لا ڪا حڪمت عملي سوچڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو