آدمشماري: واويلا بدران عملي ڪم جي ضرورت!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏9 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آدمشماري: واويلا بدران عملي ڪم جي ضرورت!

    ارشد شاهه

    [justify]
    1998ع کانپوءِ ملڪ ۾ ٻيهر آدمشماري ڪرڻ لاءِ پهرئين مرحلي ۾ گهر شماري جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. گهر شماري عملي ۾ شامل استاد گهرن جي ڳڻپ لاءِ نمبر سازي ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ خاص طور تي شهري علائقن ۾ رهندڙ ڌرتي ڌڻين ۾ ان مهم دوران سخت مايوسي ڇانيل آهي. شهري علائقن جن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعن سميت سکر، نوابشاهه، ميرپورخاص، ڪوٽ غلام محمد، ڊگهڙي، جهڏو ۽ ٻين شهرن ۾ هڪ مخصوص ڌر سان واڳيل استادن کي گهر شماري ۾ شامل ڪري سنڌي ڳالهائيندڙ استادن کي اٽي ۾ لوڻ برابر شامل ڪري اتي جهڙي نموني ڪم ڪيو پيو وڃي، اهو ڪم ئي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي محسوس ٿي رهيو آهي. ان لاءِ باقاعده منصوبابندي ڪئي ويئي آهي ۽ گهر شماري عملي کي پابند بڻايو ويو آهي ته اهي ڪم دوران پاڻ سان گڏ موجود هڪ شهري تنظيم جي ذميوارن جي هدايتن کي مڃڻ جا پابند آهن ۽ اهي سياسي پارٽي جا ذميوار جهڙي نموني ڪم ڪري رهيا آهن، ان ڪم جا نتيجا ڪجهه ڏينهن ۾ ظاهر ٿيندا ۽ يقينن اهي نتيجا سنڌين جي لاءِ منفي هوندا.

    حيدرآباد شهر ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادين ۾ هڪ ئي گهر تي 10 کان وڌيڪ نمبر لڳايا پيا وڃن. هڪ گهر مالڪ وٽ چار دڪان، گهر جا ٻه دروازا ۽ اوطاق آهي ته ان کي الڳ الڳ نمبر الاٽ ڪيا پيا وڃن ۽ اتي ئي سنڌين جي آبادين ۾ پراڻي ڪلچر تحت ويڙهو ٺاهي رهندڙ ڪيترن ئي خاندانن کي هڪ نمبر الاٽ ڪري سندن دڪانن، اوطاقن ۽ ڪارخانن کي ان ڳڻپ ۾ شامل نٿو ڪيو وڃي ۽ جڏهن اتي رهندڙ سنڌي اعتراض ڪن ٿا ته اهو عملو ڪم بند ڪري اڳيان روانو ٿي وڃي ٿو. تعلقي ۽ ضلعي سطح تي موجود عملدار به سفارش تحت مقرر ڪيا ويا آهن، جن جو تعلق به شهري سياسي جماعت سان آهي ۽ اهي پنهنجي جماعت جي پاليسي تي عمل پيرا آهي ۽ کين سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ ائين ڪرڻ به گهرجي. اهو سندن سياسي فرض به آهي.

    سنڌين جي نمائندگي ڪندڙ سياسي تنظيمون ريليون ڪڍڻ، سيمينار ڪرائڻ، مظاهرا ڪرڻ ۽ علائقن ۾ پهچي رهواسين جي شڪايتن تي ڪم بند ڪرائڻ تائين محدود آهن ۽ ان کي ئي پنهنجو فرض سمجهي نڀائي رهيا آهن.
    سنڌ جي قومپرستن، مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ادبي ڌرين گڏجي آدم شماري ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو پر ان به سنڌين جو وجود بچائڻ لاءِ بيانن کانسواءِ ڪو به عملي قدم نه کنيو آهي. ان آدمشماري ڪميٽي کي اصل ۾ هي مهم شروع ٿيڻ کان اڳ سياسي اختلاف پاسيرا رکي متحده قومي موومينٽ جي قيادت سان هڪ ڀيرو ڳالهائڻ گهرجي ها پوءِ ڀلي هو مثبت موٽ نه ڏين ها پر وري جڏهن هو پاڻ کي سنڌي سڏين ها ته کين جواب ڏيڻ انتهائي آسان ٿي پوي ها. متحده قيادت جيڪا پاڻ کي سنڌي سڏي ٿي ۽ بار بار چوي ٿي ته سنڌ جي حقن لاءِ اسان جهڙي جدوجهد ڪنهن به نه ڪئي آهي ۽ اسين سنڌ جي حقن لاءِ لوهي ديوار بڻجي سازشن جو مقابلو ڪنداسين. ان لاءِ هو سنڌين کان ساٿ ڏيڻ جو مطالبو بار بار ورجائيندا رهن ٿا.

    اسان وٽ اها ڳالهه ماڻهو ڪندو رهي ٿو ته وڏي صوبي ۾ موجود ڪجهه ڌريون ناڻي، پاڻي ۽ وسيلن جي ورڇ ۾ سنڌ کي نقصان ڏيڻ لاءِ اسان کي ڳڻپ ۾ گهٽ تعداد ۾ شامل ڪرڻ جون سازشون ڪنديون رهن ٿيون ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿي وڃن ٿيون. اهڙي طرح سنڌ کي ناڻي، پاڻي ۽ وسيلن جي ورڇ ۾ جائز حصو نٿو ملي. اهي ڳالهيون ٻڌي سنڌين جا ڪن پچي پيا آهن ۽ هاڻي عام سنڌي ماڻهو به اهو سوال ڪري ٿو ته سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشون ٿينديون رهيون آهن اهي ڪامياب به ٿينديون رهيون آهن ته پوءِ سنڌ ۾ عوامي سطح تي اڳواڻي ڪندڙ سياسي ڌريون، ادبي لڏو، سماجي ڪارڪن ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ ڪامورا اڄ تائين انهن سازشن کي روڪڻ لاءِ ڪو قدم ڇو نه کڻي سگهيا آهن؟

    سنڌ ۽ سنڌين جي بدقسمتي آهي ته اسين وڏي صوبي ۽ سنڌ ۾ شهري جماعت تي الزام ته هڻون ٿا پر پنهنجي وجود جي بقاءَ لاءِ اڄ تائين هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي سگهارو آواز اٿارڻ يا جامع لائحه عمل ٺاهڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ويا آهيون.

    جيڪڏهن وڏو صوبو ۽ سنڌ جي شهري جماعت سنڌين جي وجود کي مسلسل ميسارينديون رهيون آهن ته ان پويان سندن صفن ۾ ٻڌي جو واضح عنصر شامل آهي جيڪو اسان وٽ پري پري تائين نظر نٿو اچي. جڏهن هن اهم قومي ڪاز دوران عملي قدم کڻڻ بدران الزام بازي ۽ بيانن جو سهارو وٺي ڪم کان پاسيرا رهنداسين ۽ وقت گذرڻ بعد اهو ڍنڍورو پٽڻ شروع ڪنداسين ته اسان سان ظلم آهي، ناحق ۽ ناانصافي ٿي آهي ته پوءِ يقينن اسان جي ان عمل کي اسان جي لاپرواهي قرار ڏيئي اهو ئي ڪيو ويندو، جيڪو 60 سالن کان اسان (سنڌ/ سنڌين) سان ڪيو پيو وڃي.
    ان لاءِ اڃا وقت ويو نه آهي، اسان ايم ڪيو ايم سان نه ڳالهائڻ جي غلطي ڪري چڪا آهيون، هاڻ اسان کي ذاتي ۽ سياسي مفاد هڪ پاسي رکي سنڌين جي وجود کي بچائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو، جي نه ڪيو ويو ته پوءِ اسان جي احتجاج جو ڪو به کڙتيل نه نڪرندو ۽ اسين اڳ وانگي مايوسي، احساس محرومي ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل رهنداسين ۽ انهن جا ذميوار به پاڻ ڳڻيا وينداسين.

    شهري آبادين جي گهر شماري ۽ آدمشماري جيئن جيئن وڌائي پئي وڃي، ان مان لڳي ٿو ته ڪجهه سالن اندر ئي اسان (سنڌين) لاءِ پنهنجي صوبي ۾ پنهنجو وجود بچائڻ به ڏکيو ٿي ويندو. ان سڄي ناانصافي ۾ پيپلزپارٽي کي ڪنهن به صورت ۾ آجو قرار نٿو ڏيئي سگهجي. ڇو ته سنڌ جي ماڻهن هميشه پ پ کي اقتدار ۾ آندو آهي هاڻ جڏهن موجوده پ پ حڪومت گهر ۽ آدم شماري ڪرائي رهي آهي ته پوءِ ان کي سنڌين جو حقيقي انگ منظرعام تي آڻڻ لاءِ سنجيده ٿي اپاءَ وٺڻا پوندا، ڇو ته سنڌ ۽ سنڌين جو نقصان پيپلزپارٽي جو عوامي نقصان هوندو، جيڪڏهن پيپلزپارٽي سياسي مصلحتن جي ڪري خاموش رهي ٿي ته پوءِ مستقبل ۾ پيپلزپارٽي کي تمام ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو.

    هي دور اهو ناهي جڏهن صرف پي ٽي وي هلندي هئي، جنهن جون خبرون ٻڌي ماڻهو ڏاڍو پرسڪون ٿي ويندو هو، اهي خبرون ٻڌڻ بعد ته عام پاڪستاني به اهڙي پرامن، ترقي يافته ۽ عوامي ملڪ جا شهري هئڻ جو سوچي فخر محسوس ڪندا هئا پر هاڻ دنيا هڪ ڳوٺ بڻجي ويئي آهي. معمولي واقعي جي به هڪدم ڪروڙين ماڻهن کي خبر پئجي ويندي آهي. اهڙي مواصلاتي ترقي ماڻهن جا ذهن بلڪل تبديل ڪري ڇڏيا آهن، هاڻ 90 جي ڏهاڪي واري ذهنيت رکندڙ پاڪستاني هرگز نه آهن، هاڻ عام ماڻهو وٽ به ايتري معلومات موجود آهي، جيتري سياسي اڳواڻن وٽ به موجود نه آهي.

    هڪ صوبي ۾ موجود هڪ گهر کي 10 گهر ڳڻيو ويندو ۽ اتي ئي ويڙهو ٺاهي ويٺل ڪيترن گهرن کي هڪ گهر تصور ڪيو ويندو ته پوءِ جيڪو نتيجو نڪرندو، اهو اڳواٽ ئي ذهن لڳائي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    منهنجي ڪالم نويس دوست امداد سومري وڏي واڪي چيو ته آدمشماري ۽ گهر شماري سڄي ملڪ ۾ ٿي رهي آهي پر سنڌ مان ان لاءِ تمام وڏيون خبرون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن، ٻين صوبن جا ماڻهو ان مهم کان بي خبر آهن ڇا؟ سندس اها ڳالهه ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. هڪ ته لڳي ٿو ته ٻين ٽن صوبن جي ماڻهن کي ان بابت ڪا ڄاڻ نه آهي. ٻيو ته انهن ٽن صوبن جي ماڻهن کي اها پڪ آهي ته اسان جا سياسي، سماجي، مذهبي، ادبي اڳواڻ، چونڊيل نمائندا ۽ ڪامورا، خاموشي ۾ اسان جو ڪم ڪري ڇڏيندا پوءِ اسين ڇو واويلا ڪريون!

    ان مان ظاهر آهي ته اسين سنڌ جا ماڻهو ڪو به ڪم نه پاڻ ڪريون ۽ نه ٻي کي ڪرڻ ڏيون. پوءِ آخر ۾ رڳو دانهون ڪري، مظاهرا، ڌرڻا ۽ بک هڙتالون ڪري جذباتي تقريرون ڪري سنڌي عوام کي اهو ٻڌائينداسين ته اهو عمل ان سازش جو تسلسل آهي، جيڪي 64 سالن کان اسان سان ٿينديون رهيون آهن. اهڙي ذهنيت رکندڙ اسان جي اڳواڻن کي اها پڪ آهي ته بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻين مسئلن ۾ جڪڙيل سنڌ جو ماڻهو ڪڏهن به اسان کي اهو نه چوندو ته ”ڀائو ان ۾ اوهان جو به ڏوهه آهي.“ ته پوءِ هاڻ اسان جي اڳواڻي جي دعوى ڪندڙ ڌرين کي پراڻي ڪرت ڇڏي سنڌ ۽ سنڌين سان سچائي جو عملي ثبوت ڏيڻو پوندو. هونئن به منصوبابندي، غور ويچار ۽ ٻڌي کانسواءِ ٿيندڙ ڪو به ڪم مثبت نتيجا نه ڏيئي سگهندو آهي. ان لاءِ هاڻ سنڌ جي عام ماڻهو کي سجاڳ ٿي پنهنجي ۽ ڌرتي جي جائز حقن لاءِ هڪ هڪاڻي ڪرڻي پوندي يا اسٽيج سياست جي کيڏارين جي پراڻي ڊٻڪي تي روايتي رقص جاري رکي ظلم، ناانصافي ۽ استحصال کي برداشت ڪرڻو پوندو.[/justify]

    روزانه عبرت جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو