خواهشن جو کڏون

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]
    خواهشن جو کڏون

    هي هڪ اظهر مِن الشمس حقيقت آهي جنهن کان ڪو باشعور انسان انڪار نه ٿو ڪري ته هي جيڪا انسانيت جي تباهي آهي ان جو مرڪزي ڪردار انسان جي اندر خواهشن جي پوڄا آهي جنهن جا سڀ کان وڏا اوزار زر، زمين ۽ زن آهن. جن جي محبت جي ڪري پوري ڪائنات ۾ تباهي ئي تباهي آهي پوءِ انسان شعوري طور تي ان جي پٺيان ڊوڙي ٿو يا غير شعوري طور تي هن جو سفر ان سمت آهي ان لاءِ هر ڪنهنجو پنهنجو پنهنجو نظريو آهي ، سالڪن جو چوڻ آهي ته ڪو به انسان ڄاڻي واڻي پنهنجي پيرن تي ڪهاڙي ناهي هڻندو. ڪڏهن ائين ٿيندو آهي ته انسان جڏهن ڪنهن سفر ۾ نڪرندو اهي ۽ جي هن کي ادراڪ به ٿي وڃي ته هو غلط سمت ۾ وڃي رهيو آهي ته تمام ٿورا اهي ڪردار هوندا آهن جي پنهنجو پاڻ کي موڙيندا آهن ۽ پنهنجي سمت کي تبديل ڪرڻ لاءِ انسان کي وڏي بهادري درڪار هوندي آهي بحرحال هي منجنهو موضوع ناهي. لاشعور ماڻهون جي مثال هي آهي ته هو جنهن ڏاري کي وڍيندو آهي ۽ جي انجو ڌڪ ان ڏاري کي ان طرف کان صحيح ناهي لڳندو جنهن پاسي کان هو ڪرڻ جي انديشي کان محفوظ هوندو آهي ته هو ڪندو ڇا آهي جو ان ڏاري تي اچي بيهندو آهي جنهن ڏاري کي وڍي رهيو هوندو آهي ۽ هن جي ڪهاڙي بنسبت ان جي وڌيڪ استعمال ٿيندي آهي جيڏاهن هو محفوظ هوندو آهي ته هن جو خيال اهو هوندو آهي ته هو ڏاري جي ڪرڻ کان پهريان پاڻ کي تبديل ڪري وٺندو آهي پر گهڻي ڀاڱي اهو ڏٺو ويو آهي ته هو ان ڏاري کي وڍيندي ايترو ته محَِو ٿي ويندو آهي جو ان جي اندر اهو احساس ئي ناهي رهندو ته هو جنهن ڏار تي بيٺو آهي انهي ڏاري کي وڍي رهيو آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي جو ڄنگ ڀنڃرائي کٽ وڃي وٺندو آهي .هي هڪڙي ٻي حقيقت آهي ته انسان کي نه زر سان محبت هوندي آهي نه زمين سان نه زن سان . در اصل اِهي اُهي زريعا آهن جن جي زريعي هن جو خواهشون تڪميل تي پهچنديون آهن ۽ انهن جي محبت انسان کي اهڙو ته انڌو ڪري ڇڏيندي آهي جو هن جو سوچڻ سمجهڻ واريون سڀ صلاحيتون ختم ٿي وينديون آهن اهي صلاحيتون ائين ناهي ته هن وٽ ناهن هونديون اهي صلاحيتون ته هن جي فطرت ۾ هونديون آهن دنيا جو ڪو به ان فطرت انساني کان محروم ناهي پوءِ اهو ڪنهن به ملڪ قوم سان وابسطه ڇو نه هجي ڇو جو هر ٻار فطرت الله تي خلق ٿيل آهي پوِ معاشرا ان جي پرورش ڪندا آهن گهر ان جي پرورش ڪندا آهن جهڙو ماحول هوندو آهي ٻار اهڙو ئي وڏو ٿي ظاهر ٿيندو آهي ان جي مپرورش رهڻ ڪرڻ کان ويندي مذهب تائين ان سوسائٽي جي مرحونِ منت هوندي آهي جنهنن کي سالڪن منهنجو مذهب جو نالو ڏنو آهي جي اسان جي معاشرو اسلامي معاشرو هجي ته هي انسان سوز وارداتون نه هجن ها اسلام جنهنجو بنياد سلامتي تي آهي جيڪو شخصي سلامتي کان ويندي معاشرتي سلامتي جي ضمانت ٿو ڏئي ان مذهب جا پيروڪار آخر هن حد تي ڪيئن پهتا هنن جي تربيت ۾ اسلام جي تعليمات جو اثر ڇو نه ٿو نظر اچي . جي انسان صرف پنهنجي فطرت کي سمجهي ها ته هي هاڃا جنم نه وٺن ها پر انسان هنن فطرتي صلاحيتن جي هوندي به پنهنجي خواهشن ۾ ايترو ته مست ٿي ويندو آهي جو هي پنهنجي هن عنصر جي استعمال نه ڪرڻ جي ڪري هن کان محروم ٿي ويندو آهي جيئن شاھ صاحب جو شعر آهي جنهن جي هڪ سٽ مونکي ياد آهي
    رب رُسي مت کسي هڻي ڪو نه هٿيار
    انسان جڏهن انهن خواهشن ۾ ايترو پري نڪري ويندو آهي ته انهن جي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترو ڪري ٿو سگهي ان جو ڪو پيرا ميٽر(ماپ جو اوزار) دنيا ۾ ڪونهي . مون تازو پنجاب جي ضلعي بکر ۾ ٿيل واردات کان پوِ نيٽ تي جڏهن ان خيال جي حقيقت ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڇا واقعي ائين ٿي ٿو سگهي ته يقين ڄاڻون حيرت جي حد نه رهي ڪا . اڳي ڪجھ عرصو پهريان مون ٻڌو هو ته ڪراچي جي شير شاھ واري علائقي ۾ ڪاساين کي پڪڙيو ويو آهي ته اتي ڪتن جو گوشت ٻاڪرو گوشت ڪري هلايو ويندو هو ته ڪنن تي يقين نه ٿي آيو ته ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو ان کان پوءِ ملتان ۾ گڏھ جو گوشت ڳائو گوشت ڪري کپايو ويو ته يقين نه ٿي آيو. هي انسان جو خواهشن جي کڏن ۾ ڪرڻ جو سفر ڪٿي ختم ٿيندو ۽ هي اڃا ڪهڙيون ڪهڙيون تاريخون رقم ڪندو ان لاءِ ڪجھ چئي نه ٿو سگهجي . مون عرض ٿي ڪيو ته جڏهن مون اها حقيقت ڄاڻڻ لا۽ انٽرنيٽ تي ڏٺو ته هي آهي ڇا ته عجيب منظر جن کي ڏسڻ سان انسان جو سک آرام غارت ۽ عجيب ڪيفيت ٿي ٿي وڃي. انڊيا ۾ موجود شمشان گهاٽن ۾ توري گنگا ۾ اڇلايل انساني لاشن جو گوشت کائيندڙ ماڻهون ڏيکاريا ويا جن جو چوڻ هو ته هن عمل سان انساني شڪتي ۾ اضافو ٿيندو آهي ، هڪ عجيب منظر مون ڏٺو ته جنهن ۾ هڪ همراه انساني کوپڙي ۾ شراب وجهي پي رهيو هو جي ڪنهن دوست کي يقين نه اچي ته
    هن ويب سائيڊ
    Aghori sadhus eating human flash videos very shoking
    منهنجو مقصد آهي ته هي انسان ائين ڇو ٿو ڪري تي ڏسي سگهي ٿو
    هن جا محرڪات ڪهڙا آهن اصل قاتل ڪير آهي زر زمين زن جي مثال ته ڪرائي جي قاتل واري آهي پر اها ڳالھ ته هن پسٽل ۾ جتان ڳولي وڌي وئي يا جنهن اها گولي هڻائي آهي اهو ڪير آهي ان لاءِ مون پنهنجي موضوع جو نالو ئي خواهشن جون کڏون رکيو آهي . اانسان کي نه پيسي سان پيار هوندو آهي نه زر سان نه زمين سان بلڪه هن کي پيار ته پنهنجي خواهشن سان هوندو آهي جن جي پيشِ نظر جتي هن کي پنهنجون خواهشون پوريون ٿينديون نظر اينديون اتي هن کي جهڪندي دير ناهي لڳندي . جي دولت سان پيار هجي ها ته هي ڪنهن نوٽ کي ڪوڙو نه سمجهي ها اهو نوٽ جيڪو ڏسڻ ۾ صحيح نوٽ جيان ئي هوندو آهي ساڳيو قائدِ اعظم ساڳيئي گورنر جي تصوير وغيره پر هي ان کي ڪوڙو چوندو ئي ان لاءِ آهي جو ان مان اها حقيقت آهي يا ها شي جنهن مان هن جي خواهش پوري ٿيندي آهي اها ناهي ملندي ۽جڏهن هن جي خواهش پوري ناهي ٿيندي ته هي هن کي ڪوڙو سمجهندو آهي . جنهن نوٽ مان هن جي خواهش پوري ٿيندي آهي ان نوٽ کي سچو سمجهندو آهي ته اصل محبت جو مرڪزي نڪتو جيڪو آهي اها آهي انسان جي ذات ۾ موجود خواهشات جي محبت جنهن جي پوري ٿيڻ لاءِ هي قتل و غارتگيري کان به وڏا هاڃا ڪندو آهي . جي ڪنهن کي ڪنهنن خواهش پرست جي حالت ڏسڻي هجي ته ان هيروئني کي ڏسي جنهن کي پري لاءِ پيسا نه هجن ان وقت هو ان پري لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربقن ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي هتيٰ ڪه عزت آبرو سڀ ڪجھ. ۽ ان خواهش جي پوري نه ٿيڻ جي ڪري هي ايترو ته بيچين ٿي ويندو آهي جنهن جوثبوت هي حدون اورانگهنيدي هر زماني ۾ واقعا اوهان جي سامهون ٿي رهيا آهن. هي اهي کڏون آهن جن ۾ ڪرڻ جي سفر جي انتها ڪاٿي ختم ٿينددي ان جو دور روزِ آخرت تائين جاري وساري رهندو . ۽ هنن نفس پرستن لاءِ احاڪامِ الاهي ۾ اهو واضع ٿي چڪو آهي ته اي نبي تون انهن جو ڪارساز ڪين ٿو ٿي سگهين جن خواهشاتي نفس کي پنهنجو معبود بڻائي رکيو آهي . حضرت علي عليه السلام جو فرمان آهي ته دنيا ۾ جنهن جي سڀ کان گهڻي بندگي ڪئي وڃي ٿي اهو معبودِ اڪبر خواهشات نفس ئي آهي .هي تازو ٿيل واقعو جنهن جي تفتيش ۾ ڪئي ڳالهيون سامهون آيون آهن ،جن تي جي سرسري نگاه وجهجي ته اهي ڳاالهيون هي آهن، هي بچپن کان يتيم ٻار، گربت ۾ گذر . جنهن کان پوءِ شاديون ٿيون ته طلاقون ٿيون گهر جي بيسڪونيون ٿيون انه جي خاتمي لاءِ ٽوڻا ڦيڻا ،مختلف عاملن وٽ وڃي انه کان جادو سکڻ ، انهن عاملن جا مختلف ٽوٽڪا ٻڌائي انهن زريعي راتو رات مالامال ٿيڻ جا خواب پُراسرار قوتون هٿ ڪرڻ وغيره . جي انهن سڀني شين تي نگاه وجهجي ته هي انسان انهن شين کي چاهي ڇا جي لاءِ ٿو ته ان جو هڪ ئي جواب سامهون ايندواهو آهي نفس پرستي انهن شين جو حصول جن سان خواهشون پوريون ٿين . هي هڪ عليحده موضوع آهي ته انسان جي اڪثريت اها آهي جنهن انهن شين ۾ سڪون جي تلاش ڪئي آهي جن شين انسان جي جي سڪون ۾ مسلسل اضافو ڪيو آهي.
    هاڻي اوهان ڏسو ته هي اهي ماڻهون آهن جن ان سڪون جي خاطر غيرن جا مُردا ڇا پنهنجي ڀاڻيجين توڙي پنهنجن ٻچن تائين کي ديڳڙين ۾ پچائي کاڌو آهي ۽ ان سڄي عمل جي پٺيان آهي اها طاقت جنهن جي خواهش تي دنيا جي اڪثريت سجده ريز آهي . هي خواهشن جون کڏون ڪڏهن ڀربيون يا انسان جي ڪرڻ جي حد ڪاٿي وڃي بيهندي ان جي خبر خدا کي دعا اها آهي ته اسان پنهنجي نفس کي الله رسول جي اتباءِ تي شل قائم رکي سگهون. سالڪن جو چوڻ آهي ته انسان جي اندر هڪ ئي وقت ٻه قوتون معجزن رهن ٿيون هڪ بُري قوت هڪ ڀلائي واري قوت ۽ قرآن ۾ پڻ موجود آهي ته بيشڪ اسان انسان تي ڀلائي ۽ بُرائي کي بلڪل عيان ڪري ڇڏيو آهي ڀلائي ان پاتي جنهن پنهنجي من کي پاڪ ڪيو. جڏهن انسان جي مملڪتِ بدن تي ڀلائي واري عُنصر جي حڪومت هوندي آهي ته هو ڪنهن پٿر کي به ڌڪ ان لاءِ ناهي هڻندو ته هي به خدا جي خلق آهي منهنجو ۽ هن جو خالق هڪ آهي پر جهن تي بُري قوت هاوي رهي ٿي ان جو حال اهو آهي جو ظلم۾ روزانو نئين نواڻ جا نوان نوان واقعات رونما ٿين ٿا ۽ هن جو نيون کڏون ٿيون کوٽجن پيون .
    مغز ڪو باغ ۾ جاني نه ديجيوُ غالب
    ڪه ناحق خون پرواني ڪا هوگا

    جي هن شعر جي تشريح ڪجي ته اُها اِها ٿيندي ته ماکي جي مک کي باغ ۾ نه وڃڻ ڏيو جي اوهان کي پرواني سان پيار آهي ڇو جو جي ماکي جي مک باغ ۾ ويندي ته هلن تي ويهندي گلن تي ويهندي ته رس چوسيندي رس چوسيندي ته ماکي ٺهندي ماکي ٺهي ته ميڻ ٺهندي ميڻ ٺهي ته شمع ٻرندي جي شمع ٻري ته پروانو ايندو ۽ سڙي ويندو ان لاءِ جي اوهان کي پرواني سان پيار آهي ته ماکي جي مک کي باغ ۾ ويحن نه ڏيو ته جيئن شمع جي ٺهڻ جي شروعاتنه ٿي سگهي .مطلب ته بُرائي کي پاڙ کان روڪڻو آهي ته پنهنجي خواهشات کي الله ۽ ان جي رسول جي حڪم جي دائري ۾ رکڻو پوندو ۽ ان لاءِ ڏاهن جو ڏس آهي ته جا خواهش اڀري ان کي الله جي فطرتي علم ۽ رسول صه جي راضگي کي ڏسو .المختصر ته ماقامات عبرت ته تمام گهڻا آهن پر عبرت حاصل ڪرڻ واريون اکيون ٿورڙيون آهن .
    وسلام
    [/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو