15 مئي تي ايڊز جي حوالي سان ميڻ بتيون ٻاري جاڳرتا پکيڙي ويندي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ يونس ملڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2011۔

  1. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    ايڊز جي حوالي سان عالمي سطح تي ڪم ڪندڙ اداري گلوبل نيٽ‌ورڪ فار پيوپل لائيونگ وٿ ايڇ آئي وي پاران ايڊز جي حوالي سان عالمي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ عالمي سطح تي 15 مئي تي ميڻ بتيون ٻاري ايڊز جي ٻاري ۾ 28 هين سالياني جاڳرتا پکيڙي ويندي، ان سلسلي ۾ اداري پاران جاري ڪيل پريس رليز موجب اهو ڏڻ 75 ملڪن ۾ مختلف تنظيمن جي سهڪار سان ملهايو ويندو هي ڏڻ انهن ماڻهن جي ياد ۾ آهي جيڪي ايڊز ۾ مبتلا ٿي پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن هن سال هي ڏڻ " حياتيون دا تي لڳل آهن" جي نعري هيٺ ملهايو پيو وڃي، اداري موجب دنيا ۾ ايڊز جا ٽي ڪروڙ ٽيهه لک مريض موجود آهن جن مان 60 لک مريضن جو علاج هلندڙ آهي پر وري به هڪ وڏو ڊپ موجود آهي ڇوته گهٽ آمدني واري ملڪن ۾ هر سال ٽي لک 37 هزار ٻار ايڊز کڻي پيدا ٿي رهيا آهن جڏهن ته ترقي يافته ملڪن ۾ اها شرح گهٽ آهي ۔ اداري موجب هي ڏڻ ايڊز بابت عالمي ڪانفرنس کان صرف ٽي هفتا اڳ ملهايو پيو وڃي جنهن سان ايڊز جي مرض جي روڪ ۽ مريضن جي علاج ۾ ڪافي مدد ملندي۔ اداري موجب 1983 کان هر سال ميڻ بتيون ٻاري اهو ڏينهن ملهايو پيو وڃي هن سال 28 هين ڏڻ جي موقعي تي دنيا ۾ ڏهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو ميڻ بتيون ٻاريندا ان حوالي سان دنيا ۾ مهم هلائي وئي ۽ 75 ملڪن جي 500 کان وڌيڪ سماجي تنظيمن سان رابطا ڪيا ويا، سنڌ ۾ اداري جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر تنظيم دي فائونڊرس ڊيولپمينٽ‌آرگنائيزيشن بدين آهي جنهن طرفان 15 مئي تي يادگار ڏڻ جي حوالي سان ميڻ بتيون ٻاريون وينديون ان ڏ‌ڻ جي حوالي سان اداري جي ويب سائيٽ www.candlelightmemorial.org وزٽ‌ڪري وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي يا دي فائونڊرس بدين سان .thefounders.badin@gmail تي رابطو ڪري سگهجي ٿو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو