سنڌي ادبي سنگت مختصر تعارف۔۔۔۔۔۔ (ادل سومرو)

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

    سنڌي ادبي سنگت مختصر تعارف۔۔۔۔۔۔ (ادل سومرو) ​

    جهڙي ريت سماجي سرشتي ۾ تنظيم جي اهميت ۽ افاديت آهي، تيئن ادب جي اؤسر ۽ ڦهلاءَ ۾ به تنظيم اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. ”سنڌي ادبي سنگت“، سنڌي اديبن جي اها اڪيلي اثرائتي تنظيم آهي، جنهن نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو ورتو آهي پر سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي بچاءَ لاءِ عملي جدوجهد پڻ ڪئي آهي. هونئن ته جميعت شعراءِ سنڌ، بزم طالب المولى، پاڪستان رائٽرس گلڊ، سنڌي ادبي انجمن ۽ ٻين ڪيترن ئي بزمن جي پليٽ فارم تان سنڌي ليکڪن پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو اظهار پئي ڪيو آهي، پر ترقي پسند ۽ روشن خياليءَ جي لحاظ کان ڪابه تنظيم ”سنڌي ادبي سنگت“ سان برابري ڪري نه سگھي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ”سنڌي ادبي سنگت“ جو مقام سندس ڪارڪردگيءَ جي لحاظ کان ڏينهون ڏينهن بلند ٿي رهيو آهي. ”سنڌي ادبي سنگت“ جي پهري شاخ جو بنياد پاڪستان ٺهڻ کان ڪجھه مهينا اڳ (يعني 1947ع جي وچ ڌاري) ڪراچيءَ ۾ پيو. جنهن جا بنيادي ڪارڪن هئا: گوبند مالهي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ حفيظ، جمال ابڙو، شيخ اياز، نورالدين سرڪي، شيخ راز ۽ احسان بدوي. گوبند مالهيءَ کي سنگت جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. سنگت جي انهيءَ شاخ قائم ڪرڻ کان اڳ، 1946ع ۾ پروفيسر گربخشاڻي جي سربراهيءَ ۾، ڊي جي سنڌ ڪاليج ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ قائم ٿي هئي. جنهن ۾ انهن اديبن کان علاوه نارائڻ شيام، ارجن شاد، سندري اتم چنداڻي ۽ روشن مغل حصو وٺندا هئا. ورهاڱي کان پوءِ ٿيندڙ لڏپلاڻ ۽ فسادن جي ڪري ادبي سرگرميون متاثر ٿيون. هندوستان ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ تنظيم کان متاثر ٿي سنڌي ليکڪن سنڌ ۾ انهيءَ نالي سان سنڌي ادبين ۽ شاعرن جي جماعت قائم ڪئي، جنهن ۾ ”سنڌي ادبي سرڪل“ جي ساٿين کان سواءِ اتم، محمد ابراهيم جويو ۽ سوڀوگيانچنداڻي جن شامل ٿيا. 1954ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش هڻڻ کان پوءِ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“جي سرگرمين کي پڻ روڪيو ويو. انهيءَ صورتحال ۾ سنڌي ليکڪن ”سنگت“ جون نئين سر گڏجاڻيون شروع ڪري ڏنيون. اهڙي قسم جا ميڙ احسان بدوي ۽ نورالدين سرڪيءَ جي هاسٽلن وارن ڪمرن، واقع جناح ڪورٽس ۽ ميٺارام هاسٽل کانسواءِ اياز قادريءَ جي جاءِ تي ٿيڻ لڳا. اهڙي ريت ورهاڱي کان پوءِ سنگت جي پهرين شاخ سکر ۾ ساڳئي سال يعني 1954ع ۾ رشيد ڀٽِيءَ قائم ڪئي ۽ هُو ئي ان جو پهريون سيڪريٽري ٿيو. سنگت جي شروعاتي ميڙ ۾ مولائي شيدائي، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، قادربخش ميمڻ، ولي دائودپوٽو، جامي معصومي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. حيدرآباد ۾ جميعت الشعراءِ سنڌ کان ڌار ٿيل شاعرن ۽ اديبن جي هڪ تنظيم ”سنڌي ادبي انجمن“ جي نالي سان هئي، جنهن ۾ مولانا غلام محمد گرامي، محمد عثمان ڏيپلائي، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، ابن حيات پنهور، ع.ق شيخ، مصطفى قريشي، بيگم زينت چنا، مقبول ڀٽي، مراد علي مرزا ۽ ٻيا شامل هئا. 1954ع جي آخر ڌاري رشيد ڀٽيءَ جي ذاتي ڪوششن سان انهن دوستن، ”سنڌي ادبي انجمن“ ختم ڪري ان جي جاءِ تي ”سنڌي ادبي سنگت“ قائم ڪئي، جنهن جو سيڪريٽري مقبول ڀٽي ٿيو. انهن ٽن شاخن، ڪراچي، سکر ۽ حيدرآباد جي قائم ٿيڻ کان پوءِ سنگت جي مقبوليت وڌندي ويئي ۽ 1956ع تائين، جيڪب آباد، نوابشاهه، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻي، ٽنڊي محمد خان، جھمپير ۽ مير پور بٺوري ۾ سنگت جون شاخون ڪم ڪرڻ لڳيون. سنگت جي مقبوليت کي ڏسندي، جميعت الشعراءِ سنڌ وارن، اپريل 1956ع ۾ ٿيندڙ پنهنجي 18 ”سنڌي ادبي ڪانفرنس“ ۾ ترقي پسند ليکڪن کي انفرادي ڪوٺ ڏيڻ سان گڏ سنگت کي جماعت جي حيثيت سان ميڙ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. انهيءَ موقعي تي گڏ ٿيل سنگت جي سڄاڻ ساٿين، سنگت جي مرڪزي تنظيم واسطي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي، جنهن جو ميڙ 5 جولاءِ 1956ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. انهيءَ ميڙ ۾ 7 آڪٽوبر 1956ع تي ”آل سنڌ سنگت ڪنوينشن“ ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. اهو سنگت جي تاريخ جو نهايت يادگار ڏينهن هو، جو انهيءَ ڪنوينشن جي پهرين اجلاس ۾ (جنهن جي صدار ع.ق ـ شيخ ڪئي) جوڙجڪ منظور ڪرڻ کان پوءِ، مرڪزي سنگت جون چونڊون ٿيون ۽ اياز قادري ذاتي مصروفيتن سبب استعيفا ڏئي ويو، جنهنڪري جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري اهو عهدو سنڀاليو. شمشيرالحيدريءَ کان پوءِ اياز قادري ذاتي مصروفيتن سبب استعيفا ڏئي ويو، جنهنڪري جوائنٽ سيڪريٽري شمشيرالحيدري اهو عهدو سنڀاليو. شمشيرالحيدريءَ کان پوءِ ترتيب وار تنوير عباسي، رشيد ڀٽي، تاج بلوچ، تاج جويو ۽ غلام حسين رنگريز سنگت جا مرڪزي سيڪريٽري جنرل رهيا. تازو 1990ع وارين چونڊن ۾ تاج جويو ٻيهر سنگت جو سيڪريٽري جنرل چوندجي آيو آهي. سنگت جي رجسٽريشن 1965ع ۾ ڪرائي وئي ۽ 24جنوري 1990ع تي سکر ۾ شيخ اياز جي صدارت هيٺ ٿيل سنگت جي ڪنوينشن ۾ دستور جي ترميم، پيٽي قاعدن ۽ پڌرنامي سان گڏ، سنگت لاءِ موجوده موني گرام جي منظوري ڏني وئي. سنگت، پنهنجي قيام کان وٺي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اؤسر ۾ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، سو ادب جي تاريخ ۾ سدائين يادگار رهندو. هن وقت افساني، شاعريءَ، تحقيق وغيره جي حوالي سان جيڪي اهم ۽ مشهور نالا آهن، انهن مان گھڻن جي تربيت سنگت جي پليٽ فارم تان ئي ٿي آهي. سنگت نه صرف ادب جي آبياري ڪئي آهي، پر سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ سماجي مامرن ۾ به وقت به وقت حق جو آواز بلند ڪيو آهي. 1954ع ۾ جڏهن ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته ٽن سالن کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽِيءَ ۾ سنڌي ميڊيم آف انسٽرڪشن (Sindhi Medium Of Instruction) ۽ سنڌي ميڊيم آف ائنسرنگ پيپر (Sindhi Medium Of Answering Paper) جي حيثيت ختم ڪئي ويندي ۽ صرف سنڌي شاگردن لاءِ مادري زبان جي مضمون طور پاڙهي ويندي. انهيءَ سوال تي پهريون احتجاجي بيان ۽ ٺهراءُ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جاري ڪيو هو. سنڌي ٻوليءَ کي آئين ۾ سرڪاري ٻولي مڃائڻ واسطي، 1975ع ۾ سنگت حيدرآباد پاران دستخطي مهم شروع ڪئي وئي. سڄيءَ سنڌ ۾ انهيءَ هلچل سبب سجاڳي پيدا ٿي. سنڌي اخبارن انهيءَ تحريڪ جو پرچار ڪيو. سڄي پاڪستان مان دانشورن اديبن، استادن، تعليمدانن، سماجي ڪارڪنن وغيره کان اٽڪل 50هزار صحيون، سنگت جي ڇاپيل فارمن تي ورتيون ويون. انهيءَ قسم جو رڪارڊ هن وقت سنڌالاجي ۾ محفوظ آهي. 1968ع جي پڇاڙيءَ ۾ جنوري 1969ع ۾، جي ايم سيد، شيخ اياز، حيدربخش جتوئي، رسول بخش پليجي ۽ غلام محمد لغاري وغيره جي گرفتاريءَ ۽ سنڌي ڪتابن تي بندش خلاف، سنگت حيدرآباد جي اديبن 144 قلم جي ڀڃڪڙي ڪندي احتجاجي جلوس ڪڍيو، جنهن جي اڳواڻي بيگم زينت چنا، زرينه بلوچ ۽ ڊاڪٽر قمر تنوير عباسيءَ ڪئي. اهڙو ئي هڪ احتجاجي جلوس سکر ۾ رشيد ڀٽيءَ جي آفيس وٽان، مولائي شيدائي ۽ عبدالڪريم گدائيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتو. ان کان سواءِ سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي شامون ۽ لطيف ۽ سچل جا ڏينهن ملهائي سنڌي ماڻهن ۾ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ سان محبت وارن جذبن ۽ قومي شعور کي بيدار ڪيو ويو. ”سنڌي ادبي سنگت“ هڪ خالص ادبي جماعت آهي، جنهن جا متا ۽ مقصد هي آهن:
    1. سنڌي ٻوليءَ، ادب ۽ ثقافت جي بقا ۽ بهبوديءَ لاءِ هر ڪا ڪوشش وٺڻ.2. سنڌي اديبن، شاعرن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان قرب رکندڙن کي وقت به وقت گڏ ڪرڻ.3. پراڻي سنڌي ادب کي ٻيهر ڇپائي پڌرو ڪرڻ.
    4. سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ادبي جماعتن سان ناتا قائم ڪرڻ.5. سنڌ جي بزرگ هستين، شاعرن ۽ اديبن جون ورسيون ملهائڻ.6. سنڌ جي جدا جدا شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي لائبريريون قائم ڪرڻ.
    7. سنڌ جي جدا جدا شهرن، ڳوٺن ۽ بستين ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخن قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ.۔۔۔۔ سنڌي ادبي سنگت جي قائم ٿيڻ کان وٺي هيل تائين جي سفر ۾ اسان جي بزرگ اديبن توڙي نوجوان ليکڪن جون محنتون ۽ محبتون شامل آهن. 1947ع ۾ لڳايل اهو ٻوٽو، اڄ هڪ سگھاري گھاٽي وڻ جي صورت ۾ موجود آهي. جيئن اسان جن بزرگن مختلف دؤرن ۽ حالتن ۾ ان جي آبياري پئي ڪئي آهي، تيئن اسان سڀني جو به فرض آهي ته اسين ان جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ متحد ٿي ڪم ڪريون. ذاتي رنجش ۽ سياسي وابستگين کي پاسيرو رکي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪوشش ڪريون، ڇوته سنگت اسان اديبن ۽ ادب دوستن جو اجتماعي محاذ آهي. انفرادي طرح اسين ڪجھه به نه آهيون. سنگت اسان جي سڃاڻپ آهي ۽ انهيءَ گھاٽي وڻ جي ڇانوَ هيٺيان اسان سڀ هڪجهڙا آهيون.
    مددي ڪتاب تاج جويو ـــ سنڌي ادبي سنگت مقالو. ماهوار نئين زندگي آڪٽوبر 1968ع. رشيد ڀٽي ـــ سنڌي ادبي سنگت جا 22سال. مقالو (1947ع کان 1970ع تائين). سنڌ سنگت ــ ڪتاب 27ع ڊسمبر 1985ع.
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو