ڪينجهر جا ڪنارا جاڳن ٿا(غزل) محمد رفيق آس لغاري

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ، ڪالهه شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان ۾ روزانو واري حاضري ڀرڻ ويس اتي ادا محمد رفيق آس لغاري سُر ڪماچ ۾ هڪڙي راڳڻي ڇيڙي، جنهن جا ٻول هُئا ،
    غزل
    محمد رفيق آس لغاري
    ڀيڄ ڀٽائيءَ جي ڀُڻڪي تي، چنڊ ستارا جاڳن ٿا
    سنڌڙي جن تي رقص ڪري، سي گيت ڪُنوارا جاڳن ٿا

    ڪالهه نگر جي نِرِڙَ مٿي تي، داغ غُلامِي لاتا ويا،
    فاتح اڄ سُتل آهن، مَڪِلِيءَ جا مُنارا جاڳن ٿا۔۔۔

    شام اسان جي گُذري ٿي، مئخانن جي ايوانن ۾ ،
    پِيرِ مُغان جي نيڻن ۾، جنت جا نظارا جاڳن ٿا،

    لاڙَ لِکِئي جي ليکي ۾ ، ڪو لاڏو بڻجِي ايندو هو،
    نُورِي تُنهنجي نازن ۾، ڪينجهر جا ڪنارا جاڳن ٿا

    ڪارونجهر جا ارڏا توتي، سنڌ سموري ناز ڪري،
    روپا تُنهنجي نگري ۾ ، ڌرتيءَ جا دُلارا جاڳن ٿا۔۔۔۔۔۔۔

    صدين جي تهذيب جا وارث، سنڌو تُنهنجو ساکِي آ
    موهن تُنهنجِي مِٽِيءَ جا، ارمان اُڃارا جاڳن ٿا۔۔۔۔۔۔۔​


    ان شاعريءَ کي ٻُڌي اصل جهومي پيس، ادا رفيق لغاري يار هن ته شاعريءَ مون کي سُرور ۾ آڻي ڇڏيو ، مٺا اهو ته ٻُڌائي ته اها شاعري ڪنهنجي آهي، ادا رفيق آس لغاري هلڪو هلڪو مُسڪرائڻ لڳو، ۽ اکين جي اشاري سان چوڻ لڳو ته اها خوبصورت شاعري سندس ئي آهي ، مان اُٿي سندس هٿ چُمڻ لڳس، يار ايڏي زبردست شاعري، دوستو توهان کي ٻُڌائيندو هلان ته محمد رفيق آس لغاري اسان جي ٽنڊو محمد خان جي پوري ضلعي ۾ بهترين ترين شاعر آهي، ادا محمد رفيق آس لغاري، بهترين راڳي، بهترين موسيقار ۽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي شاعريءَ جو پارکو پڻ آهي، ان کان علاوه پاڻ شاعري واري علم عروض جو ڄاڻو ۽ يارن جو يار آهي، پاڻ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر پڻ آهي دوستو سندس مٿيئن انتهائي شاندار شاعريءَ جي هڪڙي غريباڻي چترڪاري ڪئي اٿم جيڪا توهان سڀني دوستن سان ونڊ پيو ڪريان۔

    نُورِي تُنهنجي نازن تي ڪينجهر جا ڪنارا جاڳن ٿا (محمد رفيق آس لغاري)​


    [​IMG]

    اميد ته سنڌ جي شاعر محمد رفيق آس لغاري جي هيءَ شاعري توهان کي پسندايندي۔
     
  2. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڪينجهر جا ڪنارا جاڳن ٿا(غزل) محمد رفيق آس لغاري

    واه سائين نثار ناز تمام بهترين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪينجهر جا ڪنارا جاڳن ٿا(غزل) محمد رفيق آس لغاري

    سائين محترم نثار ناز، لک لائق جو اوهان سنڌ جي مور شاعر آس لغاريءَ جو سهڻو غزل ونڊ ڪيو، سائينءَ جو غزل ڳوڙهي معني سان دل ۾ ترنم پئدا ڪري ٿو ۽ دل جي دنبوري کي بنا ڇهڻ جي گيت ڳائڻ تي مجبور ڪري ٿو ۔۔۔

    جواهر لعل نهرو هڪ ڳوٺ ۾ هڪ جلسي ۾ ڳوٺاڻن ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو هو ته؛ اوهين جو هند ماتا هند ماتا جا نعرا ٿا هڻو ته خبر اٿوَ ته اها هند ماتا آهي ڪير؟

    ڳوٺاڻن زمين تي هٿ رکي چيو ته ”هيءَ آهي هند ماتا ۔۔۔۔!!!“

    تنهنتي نهرو صاحب، چيو ته ها اهو به هند ماتا جو هڪ حصو آهي پر اصل ۾ هند ماتا جو سڀ کان اهم حصو آهيو اوهين پاڻ، اوهانکان بغير هند ماتا هند ماتا ناهي، اوهين ماڻهون هن ڌرتيءَ جي سونهن به آهيو، مان به آهيو، سگهه به آهيو ته هن هند ماتا جا رکوالا به آهيو، اوهان کان بغير هند مات اڌوري آهي ۔۔۔

    دوست ناز! محترم آس جو هيٺيون بند پڙهي مونکي اهو قصو ياد آيو؛

    ڪالهه نگر جي نِرِڙَ مٿي تي، داغ غُلامِي لاتا ويا،
    فاتح اڄ سُتل آهن، مَڪِلِيءَ جا مُنارا جاڳن ٿا۔۔۔

    انڪري جو سنڌ جي زمين ته زرخيز آهي، سنڌ جي آبهوا ته اڃان به موتئي سان معطر آهي پر سنڌ جا رکوالا ستل آهن، سنڌ جا مالڪ بڇڙي حالت ۾ آهن، جيستائين سنڌ جا مالڪ نه جاڳندا ۽ پنهنجي ملڪ ماتا جي مالڪي نه ڪندا تيستائين ۔۔۔ سڏڪا جاري هوندا ۽ اونده جاري رهندي ۔۔

    لک لائق
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪينجهر جا ڪنارا جاڳن ٿا(غزل) محمد رفيق آس لغاري

    واهه سائين واهه تمام بهترين ونڊ آهي ۔
     
  5. احسان علي رند

    احسان علي رند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 جون 2022
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    Zamindari
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan

هن صفحي کي مشهور ڪريو