کجي جو وڻ

'مختلف موضوع' فورم ۾ سلطان طرفان آندل موضوعَ ‏15 آگسٽ 2009۔

  1. سلطان

    سلطان
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2009
    تحريرون:
    165
    ورتل پسنديدگيون:
    79
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جيڪب آباد کان جنگي سر تائين جاءِ ٺاهيندڙ ڌاريو وڻ کجي
    نواز ڪنڀر​

    جيئن ته ڪيترا ئي ڌاريا انسان سنڌ کي پنهنجو مسڪن بڻائي، هتي جا ٿي ويا آهن، ائين ڪافي وڻ به ڪٿان ڪٿان ڪهي اچي، جهڙوڪر مقامي ٿي ويا آهن. جن ۾ کجي به هڪ آهي. سنڌ ۾کجي سان عقيدت ۽ احترام جو رشتو پڪ سان 1400 سالن جو ته چئي سگهجي ٿو، انهيءَ جو ثبوت جهر جهنگ ۾ بيٺل اهي کجي جا وڻ آهن، جيڪي عربستان مان آندل ۽ هتي انتهائي احترام سان کاڌل کجي جي ککڙين کي بي ادبي کان بچائڻ لاءِ انهن کي مناسب جاءِ تي پوکيو ويو. کجي جا وڻ جيڪي سنڌ ۾ جيڪب آباد کان جنگي سر تائين، هر هنڌ ۽ هر جاءِ ڏسي سگهجن ٿا.
    هونئن ته کجي پوکڻ جي مناسب مند فيبروي ۽ آگسٽ ٻڌائي وڃي ٿي، پر هن جي کيکڙي کي جڏهن به پوکبو آهي ته پاڻي ملڻ تي اها نرم ٿي ڦٽي پوندي آهي. اها به عجيب ۽ تحقيق طلب ڳالهه آهي ته، کيکڙين مان ڦٽل کجين مان وڏي اڪثريت نر کجي جي هوندي آهي. نر ۽ مادي کجي جي سڃاڻپ ۾ جيئن ته پنج سال لڳي ويندا آهن ۽ پوءِ نر کجي کي زمين مان پٽي ڪڍڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي، ان ڪري نئين کجي پوکڻ لاءِ مادي کجي جي آس پاس ٻچن کي اتان ڪڍي ٻي پاسي لڳائڻ کي ئي ترجيح ڏبي آهي. زرعي لوڪ ڏاهپ جي ماهرن جو چوڻ آهي ته، کيکڙي مان ڦٽل فوٽ کن جي ٿيل کجي جي پاڙ مان جيڪڏهن کيکڙي ڪڍي ڇڏجي ته پوءِ اها گهڻو ڪري مادي ٿي پوندي آهي.
    ڪجهه وڻ جيڪي موسم مٽجڻ جو اهڃاڻ آهن، انهن ۾ کجي به شامل آهي. هن وڻ پاران سپ ڪڍڻ بهار اچڻ جي پهرين نشانين مان هڪ سمجهي ويندي آهي. نر کجي جو سپ يا چهو ماده کان پندرهن ويهه ڏينهن اڳ ۾ ڦٽندو آهي. نر جي سپ ۾ پائوڊر هوندو آهي، جنهن جو ماده سپ تي صحيح نموني ڪِرڻ لازمي هوندو آهي، ٻي صورت ۾ ٿيل کجون سڪل ۽ بغير کيکڙين جي بي سواديون ٿي پونديون آهن. اهو پائوڊر هونئن ته هوا ۽ ٻين جيتن ذريعي ماده تائين پهچي ٿو، پر ماکي جون مکيون اهو ڪم سڀ کان بهتر نموني سر انجام ڏينديون آهن، ان ڪري جتي ماکي ويٺل هوندي آهي، اتي جون کجيون جلد ۽ بهتر نموني واسجي وينديون آهن، پر جي کجي جو قد گهڻو وڌي وڃي ته، پوءِ نه ته ان تائين هوا ٿي پهچي، نه ئي ماکي جون مکيون.
    کجي گهٽ پاڻي تي گذارو ڪري وٺندي آهي، ان ڪري ئي هي روهڙي جي پٿريلي زمين کان وٺي اڇڙي ٿر جي ڀٽن تائين ۽ سنڌ جي ميداني علائقن کان ويندي سامونڊي علائقن ۾ به بيٺل نظر اچي ٿي. جڏهن ڪو سيلاني مسافر اڇڙي ٿر جي واڪا ڪندڙ سڃ لتاڙيندو، اولهه اوڀر وارين اڙانگين ڀٽن کي پاسو ڏئي، اتر ڏکڻ کان اُڪرندو، پگهر وهائيندو، منزل کٽائيندو هلندو ويندو آهي ته هن کي پري پري تائين ڪيتري دير تائين ماڻهو ۽ جانور ته رهيا پري، پر پکي پکڻ به نظر نه ايندو آهي، ان وقت مسافر ڀٽن ۽ برپٽن جا ساڳيا منظر ڏسي بيزار ٿي پوندو آهي ته، اهڙي سفر ۾ جڏهن اچانڪ کجين جو نخلستان نظر اچي وڃي ته ٻيو ڇا گهرجي! اهڙا نخلستان اڇڙي ٿر ۾ موکٽ جي تاريخي قبرستان، حضرت نوح عه جي ٻيڙي لهڻ جي حوالي سان مشهور ڍنڍ پور چنڊ ڀرسان، حر تحريڪ دوران اسلحو ٺاهڻ واري هنڌ دٻي لڳ کاروڙي ۾، جبو ڪوٽ وٽ ۽ جبو ڪوٽ کان گرهوڙي صاحب ۽ سامي واري مقابلي جي جاءِ تائين سڄي پٽي ۾ کجيون بيٺل آهن، جن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي کجيون ميرن جي دور جون ٿي سگهن ٿيون، جو اهو علائقو ميرن جي زيرِ اثر، انهن جي سير سفر ۽ شڪار لاءِ مشهور رهيو آهي، ان ڪري ممڪن آهي ته اهي کجيون ميرن جي راکن يا انهن جي ٻين ماڻهن يا مير صاحبن پاڻ منزل دوران کجي کائڻ بعد اتي ئي کيکڙيون اڇليون يا لڳايون هجن، بهرحال انهيءَ ڳالهه تي وڌيڪ تحقيق ۽ دوستن جي رهنمائي جي ضرورت آهي. ڇا به هجي، پر ان سان اها ڳالهه واضع ٿئي ته اڇڙي ٿر جي تراين ڀرسان کجي پوکي، اڇڙي ٿر جي زندگي جي بنيادي سهولتين کان بغير زندگي گذاريندڙن کي هڪ ته پيرُن ۽ سڱر کان سواءِ ڪو ٻيو ميوو گهر ويٺي ڏئي سگهجي ٿو ۽ ٻيو ته وڌيڪ پوکي سندن مالي حالت کي بهتر بنائڻ سان گڏ ملڪي معيشت کي به ڪنهن حد تائين هٿي ڏئي سگهجي ٿي.
    جيتوڻيڪ جو جڳ مشهور شاعر ڀڳت تلسي داس کي کجي ڇانو کان ويندي ميوي تائين ڪيتريون ئي شڪايتون رهيون آهن، بقول تلسي جي:
    تلسي ايسي پريت مت ڪريو، جيسي لمبي کجور، ڌوپ لگي ڇائون نهين، ڀوڪ لگي ڦل دور.
    پر مقامي ماڻهن وٽ کجي جي ڇانو جيتري به آهي، اها ٿڌي ڇانو طور مشهور آهي. (ڪجهه وڻن جي ڇانو گرم به هجي ٿي جيئن ٻٻر وغيره). سنڌ ۾ کجي جي ٿڙ کان ويندي ڦرهن تائين ۽ ٽارين کان ويندي پنن تائين جا به ڪيترائي استعمال آهن. (ٻي دنيا ۾ کجي سان ڇا ٿو وهي واپري ۽ ”نيشنل جاگرافڪ“ کجي جي باري ۾ ڇا ٿي ٻڌائي ۽ ڏيکاري، اهو وڃي ڀلي ڪو ٽي وي يا نيٽ تي ڏسي، پاڻ پکين کان ويندي کجي تائين مقامي ماحول جي مناسبت سان مقامي ڏاهن جي علم جي ڳالهه ٿا ڪريون.) سو ڀلي ڀڳت تلسي کي کجي جي وڏي قد مان ڪيتريون به شڪايتون ڇو نه هجن، پر مقامي ماڻهن کي اهو وڏو قد ٻيو ڪجهه نه ته به ”شاخ“ ٽپائڻ جو ڪم ڏئي ٿو ۽ اهو ٿڙ گهرن ۾ لاٽڻ طور به استعمال ڪبو آهي، ان کان علاوه هن جي ٽارين کي مڇرن جا ماريل ماڻهو مهارين ۾ به استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته کجي مان واڻ، دٻڪيون/ڇٻيون، تڏا، وڃڻا، ٻهارا، ٽوڪرا، ڇڪا، پات وغيره ٺاهي به پنهنجون ڪيتريون ئي ضرورتون پوريون ڪن ٿا ۽ مزدوري ڪري چلهه به ٻارين ٿا. مقامي طور کجي مان ماکي به ٺاهي وڃي ٿي ته ڪيتريون ئي مختلف ”ڊشون“ تيار ڪيون وڃن ٿيون ۽ صفا گوڏا کوڙي ويٺل کي به کارڪون کارايون وڃن ٿيون.
    کجي جو ميوو جيڪو عمر جي حساب سان داڻ، ڏڪو، ڏنگ، ڪتل، ڇوهارا، کارڪون وغيره جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان کي قدرت واري مختلف وقتن ۾ مختلف ساهه وارن لاءِ غذا بڻايو آهي. شروع ۾ داڻ ٿيڻ وقت هي ڪُوئن ۽ نوريئڙن جو کاج ٿئي ٿو. ڏوڪي ۽ ڏنگ مهل هن تي ڪٻرون، ڪانوَ، طوطا، ڀورا، وهيا ۽ هيڙا هرکبا آهن ته، رسجڻ بعد ان ۾ مختلف قسم جا ڪيئان اچي ديرو ڄمائيندا آهن، ان کان علاوه ماڪوڙا، ڪيڙيون، ماکي، ڏينڀو ۽ ککر به اچي کجي کائيندا آهن. سُڪل کجي کي وري جهرڪيون شوق سان واپرائينديون آهن.
    کجي حڪمت جي حوالي سان به مشهور آهي ۽ ڪيترن ئي مرضن کي منهن ڏئي ٿي. تلور جي شڪار لاءِ عربن جا رکيل مقامي راکا ٻڌائين ٿا ته، کجي عربن جي دسترخوان جو لازمي آئٽم هوندي آهي، جيڪا کائڻ بعد ئي بلينڪ چيڪ لکبا آهن! کجي جو جتي ڪنڊو خطرناڪ طور مشهور آهي، اتي کجي جو جن پڻ مشهور آهي، جنهن لاءِ مختلف ماڻهن وٽ مختلف ڳالهيون ۽ سبب مشهور آهن. جڏهن ته حڪيم شاعر نسيم بلوچ وٽ اها تڪيل توريل راءِ آهي ته، کجي جي مختلف مرحلن دوران مزدوري گهڻو ڪري عورتون ئي ڪنديون آهن، جنهن دوران هو نسبتاً ٻين عورتن کان وڌيڪ کجي کائي به وينديون آهن، جڏهن کجي پنهنجو اثر هسٽريا جي شڪل ۾ ڏيکاريندي آهي ته ماڻهو نا سمجهي ۾ ان ڳالهه کي کجي جو جن مشهور ڪري ڇڏيندا آهن. سال جي ٽن موسمن بهار، اونهاري ۽ برسات جو اهڃاڻ کجي کي سڀ کان وڌيڪ نقصان برسات ئي پهچائي ٿي. جڏهن کجي پچي تيار ٿيندي آهي ته، برسات جي مند شروع ٿي ويندي آهي ۽ ان ۾ پاڻي لڳڻ ڪري پڪل کجي کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو آهي.
    ڪيتريون انساني ضرورتون پوريون ڪندڙ کجي جو ساٿ انسان سان قبر تائين رهي ٿو. ماڻهو عموماً قبر تي کجي جا پن ۽ ٽاريون رکندا آهن.
    محترم رسول بخش درس جي جهمپير جي آسپاس کجي جا سر جهڪيل ۽ چٻين چيلهن وارا وڻ اتان جي ڀري تاڙيءَ ڪڍڻ جو ڏس ڏين ٿا. اهي سڀ نشانيون اتي جي پياڪن جون آهن، جنهن سان ماڻهو ته ڇا، پر پکي پکڻ به مدهوش ٿي ويندا آهن، پر هاڻ جهمپير ۾ تاڙي جو اهو اوج نه رهيو آهي، پر شڪر جو ٻي پاسي ان جو رواج نه پيو، نه ته اها حالت کجي سان جتي ڪٿي ٿيل نظر اچي ها. بقول آڪاش انصاري جي ته ”جيءُ جهمپير منجهان ڄڻ ته ويون لڏي، سڀ خوشي جون کجيون.“
    کجي جي حوالي سان خيرپور ۾ ٿيندڙ اڄوڪي انٽرنيشنل ڪانفرنس جي موقعي جو فائدو وٺندي اهو عرض ڪندو هلان ته، نه صرف انب ۽ کجي بلڪه هتي ڪيترائي ٻيا اهڙا وڻ ۽ ميوا آهن، جيڪي آهستي آهستي ناياب ٿيندا وڃن. يا جن تي مناسب توجهه نٿي ڏني وڃي، انهن ۾ ليسوڙا، پيرون، ليار، سڱر، توت، ڄاڱري، ٻير، ننڍا ٻير، بِهه، پَٻڻ، ٻوراني وغيره تي مناسب توجهه ڏئي، انهن جون مارڪيٽون ڳولي، انهن مان به پرڏيهي قيمتي ناڻو ڪمائي ملڪ ۽ ملڪ جي ماڻهن کي جتي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو، اتي ملڪ ۾ تيزي سان وڍجندڙ وڻن جي جاءِ تي سرڪاري توڙي غير سرڪاري نرسرين ۾ مقامي ميويدار وڻ پوکي، ماڻهن ۾ وڻ پوکڻ ۽ انهن کي سنڀالي وڏو ڪرڻ جو شوق ۽ شعور پيدا ڪري سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ حڪومت سان گڏ غير سياسي تنظيمن ۽ ادارن کي به ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن ماڻهن سان گڏ ملڪ به سائو ستابو ٿئي ۽ پکي پکڻ کي اجهو ملڻ سان گڏ ماکي ۽ مال کي به فائدو پهچي.


    (روزاني ڪاوش)
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين آرٽيڪل آهي ادا سلطان
    لاجواب
     
  3. مشتاق رند

    مشتاق رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 اپريل 2009
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا فقير ڦلپوٽا صاحب الله اوهان کي ترقي ڏي، ادا جئين ته توهان کي عرض آهي ته مان سنڌ سلامت ۾ نئون آهيان ۽ مان توهان کي عرض ٿو ڪريان ته مون کي ڪمپيوٽر ۾ ارٿانڪ ڪئين اسٽال ڪجي ۽ گڏو گڏ مون کي ڪمپيوٽر جي باري ۾ ٿورو گهڻو ڄاڻ ڏيندا توهان جي مهرباني ٿيندي
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين ادا سلطان جو موڪليل ڪالم تمام بهترين آهي۔۔ پر يار ادا مشتاق رند جي ٻيلي جانچ پڙتال لهه کڻي هو ويچارو اوهان کي عرض پيو ڪري پر فقير سائين جيڪو ادا ارٿانڪ لکيو آهي۔۔۔ انهي جو ڇا مطلب آهي۔۔۔۔ يار اسان کي به سمجهائجانءِshal judy hujeen
     
  5. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    lajwab-sharinglajwab-sharing
    اداسلطان اهڙي معلومات ڏيڻ تي مهرباني پر ادا کجي سنڌ جي ڌرتي تي جنم ورتو اٿس
    فقط سعودي ۾ ته نه آهي پوري دنيا ۾ آهي ڪافي صدين کان آهي
    sadayeen gud
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    ادا سڀ کان پهريائين ته توهان ادا عبدالوهاب جا شاگرد آهيون ان حوالي سان اسان جا تمام پيارا آهيو باقي رهيو سوال ته ارٿانڪ ڪئين انسٽال ڪجي ۽ ڪمپيوٽر جي باري ۾ جيڪا به اوهان کي معلومات کپي اها توهان پڇا ڪري سگهو ٿا پر ان حوالي سان هڪ الڳ سيڪشن آهي فورم تي پڇڻا نه منجهڻا اتي اوهان ڪو به سوال ڪري سگهو ٿا وس آهر جواب ڏيڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪبي.

    وري هڪ دفعو ٻيهر ادي رشيد کي گذارش ڪندو هلندس ته فورم تي هاڻي جلد کان جلد رولز ۽ ريگيوليشن لاڳو ڪيا وڃن ته جيئن ڪنهن به نئي ۽ پراڻي ميمبر کي رهنمائي ملي سگهي .



    shal judy hujeen



    sindhsalamatsaathsal
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو