بلڊپريشر گردي جي ڪري

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏17 آگسٽ 2009۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مزمن سوزش گرده جي ڪري هاءِ بلڊ پريشر
    حڪيم محمد يوسف کتري
    عام طور تي بلد پريشر جي سببن تي غور نٿوڪيو وڃي جيئن ئي بلڊ پريشر زياده ٿيو ته حڪيم ۽ ڊاڪٽر بلد پريشر گھٽائڻ جون دوائون ڏيڻ شروع ڪري ڏيندا آهن جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو بلڊپريشر گھٽائيندي ڪڏهن ته مريض کي ڪافي نقصان ٿي ويندو آهي اهڙو بلڊ پريشر گردن جي ڪري به ٿيندو آهي جيڪڏهن گردي جو اهو مرض ختم ڪيو وڃي ته بلڊ پريشر گھٽ ٿي ويندو. مريض کي لاڳيتو دوائن کائڻ جي ضرورت محسوس نه ٿيندي آهي اهڙي بلڊ پريشر جي مريض ۾ اڳ بخار جي تاريخ ضرور هوندي آهي انهيءَ سان گڏ جسم تي ورم به هوندو آهي پيشاب به گھٽ ايندو آهي ان۾ البيومن ۽ رت به ڪڏهن ڪڏهن مشاهدو ڪيو ويندو آهي.جيڪڏهن اهڙن مريضن ۾ اسين گردي تي نظر وجھنداسين ته تشخيص آسان ٿي ويندي آهي . اهڙي صورت ۾ تيز مزمن سوزش مان اندازو نٿو لڳائي سگھجي ته اهو بلڊ پرشر ان جي ڪري آهي پر ان ۾ مزمن سوزش گرده جو هجڻ ضروري آهي .ڪڏهن اهو به هوندو آهي ته ماضي ۾ گردي جي پراڻي سوزش هوندي آهي.جيڪا هلڪي هوندي اها گھڻو ڪري بغير دواجي ختم ٿي ويندي آهي گھڻو ڪري مريضن کي ڪلين جي ورم جي سوزش به هوندي آهي جلدي جلدي ٿڌ ٿيڻ انفلوائنز جو باربار حملو به انجا ڪارڻ ٿي سگھن ٿا ساه جي مٿئين نظام جون گھڻوڪري خرابيون هونديون آهن ساه جون اهي تڪليفون سوزش گرده جوسبب ٿين ٿيون . انهيءَ ابتدائي بلڊپريشر ۾ اهي سڀ سوال ڪري صحيح تشخيص ڪرڻ گھرجي .هن ۾ بلڊ پريشر اڪثر انقباضي دٻاؤ 160 کان 180 تائين رهندو آهي جڏهن ته انبساطي دٻاؤ100 کان 120 تائين هوندو آهي  ڪڏهن ڪڏهن انتهائي زياده به ٿي سگھي ٿو. اڪثر مريضن کي پيشاب م ڪابه تڪليف نه هوندي آهي جي گھڻو ٻڌائين ته اهو ٻڌائيندا ته شفاف پيشاب زياده مقدار ۾ اچي ٿو. انهيءَ مان جي تشخيص ڪجي ته اهو اندازو ضرور لڳائجي ته روز پيشاب ڪيترو خارج ٿي رهيو آهي ۽ پيشاب جو وزن مخصوص ڪيترو آهي . هن مرض ۾پيشاب وڌي ويندو آهي ۽ وزن مخصوص به گھٽجي ويندو آهي انهن علامتن مان اها ڳالهه واضع ٿي ويندي ته گردي ۾ ڪو نه ڪو نقص ضرور آهي .انهيءَ کان پوءِ معائنو ڪرائجي ان مان خبر پوندي ته پيشاب ۾ البيومن وڌيل آهي ممڪن آهي ته معمولي رت جا ڳاڙها جزا به خارج ٿيندا هجن ۽ گند جا جزا به ٿي سگھن ٿا.اهي ٽئي نشانيون پيشاب جي گھڻائي ، وزن مخصوص جو وڌڻ ۽ البومن خارج ٿيڻ اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن بلڊ پريشر زياده هجي ته پڪ گردي جي نقص ڪري بلڊ پريشر وڌيل آهي گردي جي علاج ڪرڻ سان مرض جو ڪلي خاتمو ٿي ويندو معالج جي غلطي ڪري جي لاڳيتو بلڊ پريشر گھٽائڻ جون دوائون ڏيندا رهند ا ته مرض پخته ٿي لا علاج ٿي ويندو.انهيءَ کان سواءِ جسم ۾ ورم به هن جي هڪ خاص علامت آهي اڪثر ڪيسن ۾ ورم معمولي ۽ عارضي هوندو آهي جيڪو اکين جي هيٺين پپوٽن تي صبح جو اٿڻ وقت هوندو آهي ڪڏهن اهو ورم ختم به ٿي ويندو آهي ته ڪڏهن وري انتهائي وڌي ويندو آهي اڪتسابي فشارخون جنهن کي انگريزي ۾ Essential Hypertention چيو وڃي ٿو هاءِ بلد پريشر جو علاج ڪرڻ وقت اهو ضروري آهي ته مريض کي خبر هئڻ گھرجي ته هي گردي جي ڪري بلڊ پريشر آهي بهرحال بار بار بلڊ پرشر چيڪ ڪجي ۽ مريض کي آرام ڏجي صحيح تشخيص ڪرڻ گھرجي.جڏهن هاءِ بلڊپرشر هجي پر گردا پنهنجو ڪم صحيح ڪري رهياهجن ته ان کي غير خبيث هاءِ بلڊ پريشر چئبو جڏهن بلد پريشر گُردن جي خرابي ڪري هجي ته ان کي خبيث فشارخون چئبو. آهي مريض والدين ۾ ڪنهن هڪ ۾ هجڻ ڪري به ٿي سگهي ٿو اهڙا به ڪافي مثال آهن جن جي خاندان ۾ هي مرض نه هو.اڪتسابي فشار خون يعني گردن جي ڪري هجي ته مريض گھڻو ڪري ٺيڪ ٺاڪ هوندو آهي هن جو مرض اوچتو ظاهر ٿيندو آهي هي مرض گھڻو ڪري ٽيهن کان 50 سالن جي ۾ ٿيندو آهي . غيرخبيث اڪتسابي فشار خون ۾ گردن جو فعل بظاهر تندرست هوندو آهي پر تڏهن به سندس وزن مخصوص گھٽ وڌ ٿيندو رهندو آهي مريض کي پيشاب جي زيادتي جي تڪليف هوندي آهي رات جو به پيشاب لڳندو اٿس ليبارٽري ٽيسٽ ۾ صرف معمولي البومن هوندي اٿس انهيءَ کان وڌيڪ گھڻوڪري تڪليف نه هوندي آهي  جڏهن مرض خبيث ٿي وڃي ته گردن ۾ خرابي ٿي وڃي ٿي جنهن جي ڪري پيشاب جي ڪثرت رات جو پيشاب اڃ جي گھڻائي ۽ البومن به ايندي آهي ايستائين جو اسينشل نائٽرٽ بلڊ پريشر گھٽ نه ڪري سگھندو آهي.
    هاءِ بلڊ پريشر جون علامتون
    اها ڳالهه ذهن نشين هئڻ گهرجي ته جيستائين بلڊ پريشر زياده نه ٿئي ته علامتون ظاهر نه ٿينديون آهن . بلڊ پريشر به آهستي آهستي وڌندو آهي انهيءَ جو مريض کي علم هي نه هوندو آهي . جڏهن اوچتو ڪنهن ڊاڪٽر بلد پريشر چيڪ ڪيو ته خبر پوندي آهي ته همراه جو وڌيل هوندو آهي جڏهن بلڊ پريشر پنهنجي حد عبورڪندو آهي ته ان کي خبر پوندي آهي اهڙي صورت ۾ اعصابي علامتون ظاهر ٿينديون آهن مريض جا دوست احباب ۽ مائٽ محسوس ڪندا آهن ته  همراه جي مزاج ۾ ڪاوڙ ذهني سوچ ڪمزور مزاج ۾ تبديلي مٿي جو سور ننڊ نه اڄڻ چڪر ابتدائي علامتن ۾ هوندا آهن نظر جو تيزي سان گھٽ ٿيڻ ايستائين جو شبڪيه ۾ رت وهڻ جي ڪري نظر ٺپ ختم ٿي ويندي آهي اها بلڊ پريشر جي اهم علامت هوندي آهي گردي کي نقصان ٿيڻ کان پوءِ پيشاب جون علامتون صبح جو اکين تي سوڄ ٿي ويندي آهي
    جڏهن ٻاهريون دٻاؤ وڌي ويندو آهي ته دل جي تڪليف به ٿي ويندي آهي معمولي حرڪت سان به ساه جي تڪليف ٿي ويندي آهي۽ کنگھ شروع ٿي ويندي آهي انهيءَ کان پوءِ شام جو جڏهن ماڻهو ڪم ڪار کان واندو ٿي ايندو آهي ته مُرين تي سوڄ ٿي ويندي آهي اها سو ڃ صبح جو اٿڻ مهل نه هوندي آهي دل ۾ سور به شروع ٿي ويندو آهي دل جي حرڪت ختم ٿيڻ وقت حالت سڪون ۾ به ساه جي تنگي ۽ کنگھ ضرور هوندي آهي ، استسقا ۽ بلغم ۾ رت اچڻ به شامل هوندو آهي جسم جي گوشت ۾ پاڻي جمع ٿي ويندو آهي جنهنکي طبي زبان ۾ استسقا لحمي چوندا آهن قلمي گهري رنگ جو پيشاب به اچڻ شروع ٿي ويندو آهي .هن ۾جسم جي مختلف حصن مان رت به خارج ٿيندو آهي نڪ ۽ مهارن مان رت ته عام ڳالهه آهي هي رت اچڻ سٺي علامت آهي .جيڪڏهن اهو رت اچڻ بند ٿي وڃي ته ماڻهو يڪدم مري سگھي ٿو.ڦڦڙن ماڻ خون ايندو ته اهو واتان نڪرندو دماغ ۾ جريان خون هوندو ته بيهوشي ٿي ويندي آهي موت مار نشاني آهي انهيءَ سان شڊيد قسم جو فالج به ٿي ويندو آهي . جي مرض ٺيڪ به ٿي وڃـي ته اپاهجن واري زندگي بسر ڪندو آهي
    احتياطي تدابيرون
    هن مرض ۾ جيڪڏهن ماڻهو خيال ڪندو ته مرض جي نقصانن کان ڪافي بچي سگهي ٿو جي صرف دوائن تي ڀاڙيندو ته کيس دوائون ئي موت ڏانهن وٺي وينديون. ياد رکڻ گھرجي ته هن قسم جو بلڊ پريشر عام بلد پريشر کان مختلف آهي انڪري هن ۾ دوائڻ کان زياده عملي زندگي جي تبديلين جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. انهيءَ ڪري بي چيني، ڊپ خوف سخت مزدوري ،ذهني بيماريون هن مرض تي تمام گھڻو اثر انداز ٿيندا آهن . انهيءَ کان سواءِ خوراڪ جي مناسبت به هن مرض کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.انهيءَ کان پوءِ تمام گھٽ اهڙا مريض هوندا جن کي دوائن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن ته مرض گردي جي ڪر ي ٿئي ٿو ان ڪري جيڪڏهن گردي جو فعل صحيح ٿي ويو ته مرض به ختم ٿي ويندو انهيءَ ڪري لاڳيتو دوائن کان به پرهيز ڪرڻ گھرجي هن مرض ۾ سڌو سنئون بلڊ گھٽائڻ وارين دوائن جي مقابلي ۾ سڪون آور دوائون وڌيڪ فائدو ڪن ٿيون.هن مرض ۾ نه صرف دماغي آرام جي ضرورت آهي پر جسماني آرام جي به شديد ضرورت هوندي آهي اختلافي مسئلن يا بعث مباحثي کان بچڻ ضروري آهي . ڪنهن به ڪم ۾ جلدي نه ڪرڻ گهرجي پنهنجو مزاج هميشه ٿڌو رکڻ گھرجي هلڻ ، سائيڪل هلائڻ گولف، گهوڙي سواري يا درمياني نموني جي ورزش جو معالج کان پڇي پوءِ ڪرڻ گھرجي  ڪاسوس ڪرڻ مهل جي قبض هجي ته گھڻو زور نه لڳائجي جلدي نه ڪرڻ گھرجي جيئن ڪاڪوس ازخود خارج ٿي وڃي. گھڻي زور لڳائڻ سان دماغ تي زور اچڻ ڪري نقصان ٿي سگھي ٿو. کاڌي کائڻ کان پوءِ ڪلاڪ کن آرام ڪرڻ ضروري آهي
    غذا
    هن مرض ۾ غذا جو وڏو ڪردار آهي جيڪڏهن اوهان مرض جي مناسبت سان غذا کاڌي ته اوهان کي دوائڻ جي ضررورت محسوس نه ٿيندي .پهرين اها ته روغني مصالحي دار غذائن کان پرهيز ڪرڻ گهرجي جن۾ سنبوسه پڪوڙا پيٽيز حليم ۽ان قسم جي ٻين غذائن کان پرهيز ڪرڻ گھرجي کاڌو يڪو ڍؤ ڪري نه کائڻ گھرجي .اڄڪلهه اها ڳالهه وڏي شد مد سان چئي وڃي ٿي تيل کائڻ سان دل يا گردن جا مرض نٿا ٿين اها غلط ڳالهه ان جي مقابلي ۾ هن وقت به اصلي کير مکڻ سان پاڻ انهن بيمارين کان بچي سگھجي ٿو هر چيز جو اعتدال سان واهپو ڪجي باقي ضرورت کان زياه کائڻ سان ته هر شئي نقصان ڪندي آهي ڊالڊا ته ڪهڙي به صورت ۾نه واپرائجي گوشت مڪمل بند ڪري ڇڏجي ميون ۽ ڀاڄين جو استعمال وڌ کان وڌ ڪجي جيڪڏهن گوشت تي دل چوي ته مڇين ۽ پکين جو گوشت کائجي مرض شڊيد نه هجي ته ٻاڪرو گوشت به کائي سگھجي ٿو.گردي واري بلد پريشر ۾ ته چانهه تمام گھڻو فائدو ڪندي انهيءَ ڪري ته اها پيشاب آور هوندي آهي باقي ڪافي کان پرهيز ڪرڻ گھرجي . ٿوم جو استعمال به تمام مفيد آهي انهيءَ لاءِ ته ٿوم نه صرف بلد پريشرگھٽائي ٿي پر پيشاب آور به آهي ان ڪري گردي جي سوزش ۾ به مفيد آهي آنورا ن تازن جورس به انتهائي مفيد آهي جي اهونه ملي ته سڪل جو هڪ چمچو صبح وشام کائڻ گھرجي . ليمون ۽ انجي کل به کارائڻ گھرجي انهيءَ لاءِ ته ليمون ۾ وٽامن پي آهي هي وارنلين ۾ رت جي وهڻ کي روڪي ٿو ڇانهين به بلد پريشر روڪڻ ۾ انتهائي مفيد آهي منهنجي خيال ۾ مغز تربوز کائڻ سان اهي فائدا آسانيءَ سان حاصل ڪري سگھجن ٿااهڙِيءَ طرح ڪدو ونگو به کارائي سگھجي ٿو جيڪڏهن ڪو شراب پيئندڙ آهي ته ان کي سختي سان منع ڪرڻ گھرجي انهيءَ لاءِ جنهن شئي کي خدا ۽ انجي رسول حرام قرار ڏنو هجي ته ان مان فائدي جي اميد عبث اهي انهيءَ ڪري اهڙي مرض جو مرڳو علاج ئي نه ڪجي انهيءَ ڪري ته اهو ماڻهو نه صرف پاڻ جان وڃائيندو پر طبيب جي بدنامي جو باعث به ٿي سگھي ٿو . کا ڌو هميشه وقت تي کائڻ گھرجي .خاص ڪري انتهائي چٻاڙي پوءِ کائجي ۽ لوڻ جو واهپو گھٽائي ڇڏجي پر اهو به ڏٺو ويو آهي ته جن مڪمل طور تي لوڻ بند ڪر ڇڏيو ته انهن کي الٽيون اٻڙڪا ڪمزوري ،۽ بيهوشي تائين به ٿي ويندي آهي انهيءَ ڪري ڪجھ ڏينهن مڪمل بند ڪرڻ کان پوءِ اهوضروري آهي ته معمولي لوڻ ضرور کائجي. جن مريضن جي پيشاب جو وزن مخصوص 1015 هجي ته اهڙن ماڻهن کي مرڳولوڻ کارائڻ ئي فائديمند هوندو آهي .ڊاڪٽر خالد غزنوي پنهنجي هڪ ڪتاب م لکيو ساڻس هڪ اعلى تعليميافته دوست ڊاڪٽر وٽ هڪ مريضه آئي ان جي لواحقين چيو ته دوائن کائڻ جي باوجود بلڊپريشر تي ڪنٽرول نٿو ٿئي . ڊاڪٽر صاحب رپورٽو ن ڏسي چيو ته هن کي لوڻ کارايو لواحقين پريشان ٿيا انهن چيو ته ڊاڪٽر صاحب، هر ڊاڪٽر لوڻ بند ڪيو آهي اوهان کارايو ٿا ڊاڪٽر چيو ته هن جي جسم ۾ سوڊيم جي کوٽ آهي جيستائين اها پوري نه ٿيندي هي ٺيڪ نه ٿيندي لاچار مريضن لوڻ کارائڻ جي حامي ڀري خدا جي مهرباني سان مريض کي ترت فائدو ٿي ويو .انهيءَ ڪري هن مرض ۾ مڪمل لوڻ بندڪرڻ به صحيح نه آهي بهرحال ٻنپهرن جو آرام موڪل واري ڏينهن سڄو ڏينهن آرام ۽ گرمين ۾ سرد علائقي جو سفر مرض ۾ معاون ثابت ٿي سگھي ٿو
     
     
    عبدالقيوم. هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    السلام عليڪم سائين حڪيم محمد يوسف کتري صاحب

    سائين اهڙو معلوماتي ڄاڻ ڏيڻ تي توهان جس لهڻو ان مضمون پڙهڻ سان ڪافي دوستن کي فائدو رسندو .
    توهان جي اهڙي ٻئي تحرير جو انتظار رهندوshal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا حڪيم صاحب، ڪجه ڏينهن اڳ مونکي به ڊاڪٽرن بلڊ پريشر جو مريض قرار ڏنو آهي ... جو دل جي ڌڙڪن ڪجه عام نه هئي ڪجه تيز هئي ... بهرحال ڪجه گوريون آهن جي کاوان پيو، پر هڪ ڳالهه ته بلڊ پريشر جا سڀ مضمون پڙهڻ شروع ڪيا اٿم ... ۽ هي اوهان جو مضمون پڻ معلوماتي آهي ... مهربانيون
    نثارابڙو
    مڪه
    shal judy hujeen
     
  4. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثار ابڙو صاحب مضمون پڙهڻ جي مهرباني اوهان جنهن بلڊ پريشر جي ڳالهه ڪئي آهي اهو ۔ شريانن جي سوڙهي ٿيڻ ڪري ٿيو هوندو ۔ هن مضمون ۾ صرف ان بلڊ پريشر جو ذڪر آهي جيڪو گردن کان ٿيندو آهي هي انفرادي مضمون آهي يا ايئن کڻي چئجي ته عام بلڊ پريشر کان مختلف آهي
     
  5. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا وحيد ڦلپوٽا شال سدائين سرها هجو اوهان منهنجو مضمون پسندڪيو ان جي مهرباني انشاٌٌءَالله ترت مفيد مضمون موڪليا ويندا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو