تحريڪ طالبان جي بدر منصور گروپ جا اعليٰ تعليم يافته ڪمپيوٽر جا ماهر 4 دهشتگرد گرفتار،

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ mohdesa طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2011۔

  1. mohdesa

    mohdesa
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2011
    تحريرون:
    69
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    حيدرآباد سنڌ
    ڪراچي (بيورو رپورٽ) سي آءِ ڊي پوليس ڪالهه پيرآباد ۾ ڇاپو هڻي تحريڪ طالبان پاڪستان جي بدر منصور گروپ جي 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 3 آپگهاتي جيڪيٽ، راڪيٽ، ايل ايم جي، ڪلاشنڪوفون، وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مادو ۽ ڊيٽونيٽنگ وائر جي بنڊلن سميت بم ٺاهڻ وارو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. سي سي پي ڪراچي موجب گرفتار ٿيل اعليٰ تعليم يافته ۽ ڪمپيوٽر جا ماهر آهن، گرفتار معاذ ڪراچي يونيورسٽي جو شاگرد آهي، گرفتار ٿيل ڪراچي ۾ سي آءِ ڊي، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙن، حساس ادارن ۽ ٻين هنڌن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، سي سي پي او ڪراچي سعود مرزا، ڊي آءِ جي سي آءِ ڊي مشتاق احمد مهر سان گڏ گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ طالبان پاڪستان جي بدر منصور گروپ جي معاذ عرف عرفان، بابر، حبيب الرحمان ۽ حبيب الله کي ڳجهي اطلاع تي پيرآباد ۾ ڇاپو هڻي سي آءِ ڊي گرفتار ڪيو، سي سي پي او موجب هي ٽولو بلديا ٽائون ۾ بم ٺاهيندي ڌماڪو ٿيڻ ۾ مارجي ويل 5 دهشتگردن جا ساٿي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪئفيٽيريا اڳيان ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث آهن ۽ هينئر قانون لاڳو ڪندڙن، حساس ٺڪاڻن، سي آءِ ڊي ۽ پوليس تي حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا، سي سي پي او ڪراچي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل معاذ ڪراچي يونيورسٽي ۾ پڙهي پيو ۽ هن بم ٺاهڻ لاءِ يونيورسٽي جي ليبارٽري مان مواد حاصل ڪيو، سندس ساٿي به پڙهيل لکيل ۽ ڪمپيوٽر جا ماهر آهن، معاذ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاگردن کي فرقيواراڻي نفرت ۽ انتهاپسندي جو تحريري مواد به ڏيندو رهيو آهي. ملزمن جي هن ٽولي جي ڏس تي ۽ سندن ٺڪاڻن تان پوليس کي 3 آپگهاتي جيڪيٽون مليون آهن، جن مان هڪ آپگهاتي جيڪيٽ 20 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادي سان تيار ٿيل ۽ ٻيون 2 ننڍيون آهن. ڊيٽونيٽيڊ تار جا 2 بنڊل، ٽائيم رموٽ ڊيٽونيٽنگ هڪ عدد، 18 اليڪٽرڪ ڊيٽونيٽرز ۽ سائلينسر سميت هڪ لائيٽ مشين گن، 10 لانر گرنيڊ، ٻن قسمن جا 9 ٻيا گرنيڊ، 3 ڪلاشنڪوفون، هڪ ٽي ٽي پستول، 25 ڪلوگرام ڌماڪيدار مادو، هٿيارن کي صاف ڪرڻ واري هڪ ڪٽ ۽ پرائيويٽ سيڪورٽي گارڊن جا 4 يونيفارم هٿ ڪيا ويا آهن، گرفتار ٿيلن جي سياسي يا مذهبي تنظيم سان وابستگي ۽ ٻين سوالن جا سي سي پي او واضح جواب نه ڏنا ۽ چيو ته جاچ اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي، پڇا ڳاڇا دوران وڌيڪ ڳالهيون سامهون اينديون، سي سي پي او ڪراچي دهشتگردن کي گرفتار ڪندڙ سي آءِ ڊي جي ٽيم لاءِ 3 لک رپين جي انعام جو پڻ اعلان ڪيو، جڏهن ته سعودي قونصل خاني تي هينڊ گرنيڊن سان حملي جي جوابدارن جي گرفتاري بابت سوال تي سي سي پي او چيو ته اڃا ڪا گرفتاري ناهي ٿي، جڏهن ته جاچ جاري آهي.

    The Kawish Group of Publication
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تحريڪ طالبان جي بدر منصور گروپ جا اعليٰ تعليم يافته ڪمپيوٽر جا ماهر 4 دهشتگرد گ

    اهڙي خبر ونڊ ڪرڻ تي مهرباني ادا

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تحريڪ طالبان جي بدر منصور گروپ جا اعليٰ تعليم يافته ڪمپيوٽر جا ماهر 4 دهشتگرد گ

    فقير سائين اکَ پٽيو۔۔۔ مٿي ادا نه آهي، ادي آهي۔۔۔۔۔۔
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تحريڪ طالبان جي بدر منصور گروپ جا اعليٰ تعليم يافته ڪمپيوٽر جا ماهر 4 دهشتگرد گ


    مهرباني ادا ونڊڻ لاءِ، ڪنهن مسلمان جو قتل يقينن جهاد نه آهي، باقي سعودي قونصل تي حملو ڪندڙن جو ڪجهه ڪالهه جمعي يا خميس واري امت اخبار پردو فاش ڪيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو