نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط

'مختلف موضوع' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط ؛

    [​IMG]


    1. ڇا عبادت ڪندو آهي (مذهبي آهي)
    جيڪو ماڻهون عبادت ڪندو آهي، ان جي معني ته هو پنهنجي خلقڻهار جو شڪرگذار آهي، اعتماد جوڳو ماڻهون آهي.

    [​IMG]


    2. ڇا شادي شده آهي؟
    اهو ماڻهون جيڪو شادي شده آهي، ان جي معني ته هو پنهنجن ڪلهن تي بار کڻڻ جي لائق آهي.

    [​IMG]
    Uploaded with ImageShack.us

    3. ڇا هو پنهنجو ڪجهه وقت پنهنجي خاندان يا بارن سان گذاري ٿو؟
    جيڪو ماڻهون پنهنجي خاندان يا ٻارن سان وقت گذاريند آهي انجي معني ته هو سنڀال ڪندڙ آهي.

    [​IMG]


    4. ڇا هو ڪڏهن موڪلن تي وڃي ٿو؟
    موڪل تي وڃڻ وارو يا گهمڻ ڦرڻ وارو ماڻهون هميشه فن سان چاهه رکندڙ ۽ زنده دل آهي.

    [​IMG]


    5. ڇا هو جسماني ورزش ڪندو رهندو آهي؟
    جيڪو ماڻهون ورزش ڪرڻ وارو يا راندو روند سان دلچسپي رکي ٿو، انجو مطلب ته هو صحتمند ۽ تخليقي صلاحيت رکي ٿو.

    [​IMG]


    6. ڇا هي ڪتابن پڙهڻ جو عادي آهي؟
    جيڪو ماڻهون ڪتاب پڙهي ٿو انجو مقصد ته هو تعليم يافته هجڻ سان گڏ تجربيڪار ۽ ثقافتي ذوق رکندڙ آهي.

    [​IMG]


    7. ڇا هو پڙهيل لکيل ماڻهن جي صحبت (دوستي) رکي ٿو؟
    سٺا دوست سٺو رنگ، انجو مقصد ته هو منظم آهي.

    جيڪڏهن ڪو ماڻهون، رب العالمين جو شڪرگذار، اعتماد جوڳو، سنڀال ڪندڙ، فن سان چاهه رکندڙ ، زنده دل، صحتمند، تخليقار، تعليم يافته، تجربيڪار، ثقافتي ۽ منظم هجي ته ڇا نوڪري حاصل ڪرڻ سندس حق ناهي؟

    آمريڪا جي هڪ کاڌي پيتي (هوٽلن جي مالڪ) ڪمپني پنهنجي اندر هن مٿي ڏنل طريقه ڪار مطابق پنهنجا ملازم ڀرتي ڪندي آهي ۽ آمريڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ وفادار ملازم ان ڪمپنيءَ وٽ آهن .
     
    عاشق سولنگي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط

    سائين

    مان ڪوشش ڪندو آهيان ته توهان جو هر ٿريڊ پڙهان

    ڇو ته ان ۾ مون کي سکڻ لا۽ ڪا به ڪا شي ضرور ملندي آهي

    هاڻي توهان جي هن ٿريڊ ۾ سکڻ لا۽ ڪافي ڪجهه موجود آهي

    لک لائق سائين اهڙي جاندار شيئرنگ پيش ڪرڻ تي

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط

    سائين نثار سلام

    تمام سهڻو وند پر اسان وٽ ته ڪنهن به ڪمپنيء ۾ مٿيي بيان ڪيل هڪ به شرط جي پابندي ناهي۔

    باقي جي شرط هتي لاڳو ٿئي ها ته شايد مان بيروزگار هجان ها ۔۔۔۔۔۔۔۔هاهاها ۔۔۔۔۔۔۔ يا وري ٻه ٽي شاديون ڪري وٺان ها جيئن ٻه ٽي نوڪريون ڪري سگهجن۔۔۔۔۔

    خير تمام سهڻا خيالات آهن ان ڪمپنيء جا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش اسان وٽ به ايئن ٿئي ۔۔ هتي ته اسان کي موڪلن ۾ به آفيس اچڻو پوندو آهي۔ اسان وٽ هڪ عجيب سلسلو آهي ته جيڪو ڪم نه ٿو ڪري ته ان کي ڪم ڏنو به ڪونه ٿو وڃي پر پگهار پوري ٿي مليس ۽ جيڪو ڪم ڪري ٿو ته ان کان گڏهه وانگر ڪم ٿو ورتو وڃي ۽ پگهار به ساڳي ٿي مليس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط

    هن ڪمپني جون مون اڳ به ڪجهه خبرون پڙهيون هيون، هن ڪمپني جي مالڪ هڪ ريسٽورنٽ کان شروعات ڪئي هئي ۽ هاڻ سندس جا ڪي 100 کان مٿي ريسٽورنٽ آهن، هن ڪمپني جي مالڪ انٽرويو ڏيندي هي مٿيون ڳالهيون ٻڌايون هيون ته ”آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جت ماڻهون صرف هفتو نوڪريون ڪندا آهن، مون وٽ 20 سالن جا پراڻا ملازم موجود آهن“ ڇاڪاڻ جو آ مٿيون خوبيون ماڻهون ۾ ڏسي نوڪري ڏيندو آهيان نه ڪي تجربو ۔۔۔ سندس چوڻ هو ته انسان جيترو سهڻو ۽ اخلاقن سان سنواريل هوندو آهي اوترو ئي اهو انسان وفادار ۽ جاندار هوندو آهي، انکي ڪم سکڻ ۾ دير ناهي لڳندي ۽ پنهنجي ڪم سان وفاداري سبب سندس ترقي به جلد ٿيندي آهي، انڪري هو هميشه مٿيان سوال ذهن ۾ رکي ماڻهون ڀرتي ڪندو آهي ۔۔۔

    ممڪن ڪنهن وٽ ڪا هڪ اڌ ڳالهه کٽل هجي پر گهڻي ڀاڱي اهڙين خوبين وارا ماڻهون ڀروسي جوڳا هوندا آهن ۔۔۔ لک ٿورا ليک پسند ڪرڻ جا۔

     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط

    ادا نثار جزاڪ الله تمام ڪارائتو مضمون آهي صرف هڪڙي ڳالھ هن ۾ رهجي وئي آهي ، جئين ته اسين مسلمان آهيون گهربو اهو هو ته اوهان جيڪي شروع واري تصوير ڏني آهي سا هن ۾ عبادت جو جيڪو نظريو نظر ٿو اچي اها باه جي پوجا جي شڪل ۾ آهي ۽ اسين جئين ته مسلمان آهيون جيڪر تصوير ۾ مسلامنن جي عبادت جي عڪاسي نظر اچي ها ته سوني تي سهاڳو ٿي پوي ها ،

    هڪ ڀيري وري به وڏي رهنمائي تي مبني مضمون لاءِ آئون اوهان جي ٿورائيتو آهين ، مهرباني
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نوڪريءَ تي رکڻ لاءَ ڪجهه شرط

    دلبر دوست فقير سائين اوهان جا لک قرب جو اوهان منهنجن ليکن کي مان ڏيو ٿا ۽ پنهنجي اصلاحي نظر مان گذاريو ٿا ۔۔۔ ڪوشش ڪري سنڌي دوستن لا اهڙا ليک ونڊ ڪندو آهيان جن سان ڪنهن تر جيتري به اصلاح ٿي پوي ته هوند مقصد حاصل ٿي وڃي ۔۔۔

    اسان نوڪري يا روزگار حاصل ڪريون يا ڪنهن اهڙي جڳهه تي پهچون جت اسانجي هٿ ۾ ٻين کي نوڪريون ڏيڻ يا انهن کي ڀرتي ڪرڻ جو حق هجي ته اسانجو فرض آهي ته ان حق جو فرض سهي ادا ڪريون ۽ حقدارن تائين حق پهچايون ۔۔۔ ۽ جيڪڏهن پاڻ کي دنيا ۾ اڳتي وڌڻو آهي ته سٺائي۔ چڱائي ۽ حسن سان اڳتي وڌون ته فرض به پورو ٿي ته فطرت جو قرض به ادا ٿئي ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔ سدا سلامت رهو
     
  7. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    سائين بهترين ونڊ

    پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ ڪو اهڙو ادارو موجود ئي ڪون آھي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو