صدي جي پهرين مڪمل چنڊ گرهڻ۔۔۔ گوگل ويو۔۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    رات لوڊ شيڊنگ ڪري جڏهن ٻاهر واڪ تي نڪتم ته چانڊوڪي ڪجهه ٿڌي ٿڌي ٿي لڳي ۔۔۔ مٿي چنڊ ڏانهن نهاريم ته چنڊ مڪمل نه لڳو۔۔۔ سوچيم شايد اڃان تاريخون پوريون نه آهن ۔۔۔ پر ياد آيو ته تاريخون ته پوريون آهن۔۔۔ پوءِ ائين ڇو؟ ڪاٿي چنڊ گرهڻ ته نه آهي۔۔۔؟

    اڄ صبح گوگل کوليندي ئي گوگل جو منظر مٽيل نظر آيو ۔۔

    [​IMG]

    تحقيق ڪرڻ سان خبر پئي ته رات هن صدي جي پهرين مڪمل چنڊ گرهڻ هئي ۔۔۔ يقينن ميڊيا تي ويهندڙ يا ڏسندڙ دوست ان ڳالهه کان واقف هوندا پر پاڻ ساڳيائي موڳا مٽر۔۔۔
    خير گوگل جو مڪمل لوگو ته توهان گوگل ڊاٽ ڪام تي ڏسي سگهو ٿا ۔۔۔ پر ان کي يادگار رکڻ لاءِ هتي وڊيو به لڳائي رهيو آهيان۔۔۔


    ڪائنات جي اهڙن رازن ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن کي گذارش آهي ته هن واقعي بابت ڪجهه پنهنجا رايا ضرور موڪلين۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: صدي جي پهرين مڪمل چنڊ گرهڻ۔۔۔ گوگل ويو۔۔۔

    رات دير سان سائين نثار ابڙو سان اسڪائيپ تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ کيس ٻڌايم ته مڪمل چنڊ گرهڻ ٿيڻي آهي۔ ٻاهر نڪتس ته جهڙ هيو ۽ چنڊ به واضح نظر ڪونه پي آيو۔ اهو سوچي سمهيس ته رات جو دير سان بجلي به ويندي هلي ۽ پوء اٿي نظارو ڪندس۔۔۔۔۔ پر بجلي ساٿ نڀايو ۽ سمهڻ کانپوء صبح جو الارم جي گهنٽيء تي اک کُلي۔۔۔۔۔۔


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو