علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

    تحرير: محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي مٽي هميشه مها راڳين کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي مخصوص آلاپ ۽ سُر ذريعي ماڻهن کي موهت ڪيو آهي ۽ جهومايو آهي. اڄوڪو ڏينهن 4 جولاء به سنڌ جي هڪ اهڙي درويش راڳي علڻ فقير جي ورسيء جو ڏينهن آهي جنهن پاڻ سان گڏ دنيا کي جهومايو آهي.

    شاهه لطيف جي ڪلام کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندي ۽ پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ سنڌ جي ثقافتي ڊريس اجرڪ جو پٽڪو ۽ هٿ ۾ دنبورو کڻي ڳائيندڙ علڻ فقير 1932ع ۾ سنڌ جي موجوده ضلعي ڄام شورو جي تعلقي مانجهند جي ڳوٺ آمري ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي زندگي جا ننڍپڻ وارا ڏينهن مانجهند ۾ گذاريائين. علڻ فقير جو تعلق هڪ مڱڻهار قبيلي سان هو ۽ سندس والد ۽ ڏاڏو پڻ مڱڻهار هو. سندس وڏا پنهنجي ڳوٺ ۽ پاڙي اوڙي ۾ برادرين جي شادين ۾ دهل وڄائيندا هئا.

    علڻ فقير به پنهنجي وڏڙن جي پيروي ڪئي پر هن کي لطيف سرڪار تي وڃڻ ۽ اتي راڳ ٻڌڻ جو شوق هوندو هو ۽ ايئن علڻ فقير ڀٽائيء جي درٻار تي پهتو. علڻ فقير پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو آهي ته ڀٽائيء جي درٻار تي هڪ پينو فقير هوندو هو جنهن جي صدا ۾ هڪ عجيب ڪيفيت هوندي هئي، مان شام جو سير سفر ڪري سڌو ان فقير وٽ ايندو هوس ۽ کيس ان آلاپ جو عرض ڪندو هوس، اهو فقير جڏهن ”الا.....“ جي سين هڻندو هو ته مونتي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿيندي هئي ۽ مان پنهنجي پونجي ان فقير جي حوالي ڪندو هوس. علڻ فقير ان “الا” جي آلاپ کي اهڙو ته ڳايو جو دنيا دنگ رهجي وئي.

    علڻ فقير جو نرالو لباس به گهڻو مشهور هوندو هو. هٿ ۾ لٺ، مٿي تي اجرڪ جو وڏي طُري وارو پٽڪو، وڏا وار، ڳچيء ۾ مڙڪن وارا ڳانا سچ ته سندس سڃاڻ هئا. علڻ فقير لطيف سرڪار جي سُر ڪيڏارو ۽ سامونڊي سان گڏ رسالي جي ٻين سُرن کي پنهنجي آلاپ ۾ ڳائي گهڻي مشهوري ماڻي. ان کانسواء هن سچل سرمست ۽ سنڌ جي ٻين صوفي شاعرن جي شاعري پڻ سريلي، صوفياڻي ۽ فقيراڻي انداز ۾ ڳائي آهي. جڏهن جيجي زرينه بلوچ ۽ علڻ فقير شيخ اياز جي وائي “ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل الو ميان” ڳائيندا هئا ته ماڻهن کي پاڻ سان گڏ جهومائيندا هئا سندن اهو ڪلام اڄ به اوتروئي مشهور ۽ مقبول آهي. علڻ فقير جي محمد علي شهڪيء سان گڏ ”هما هما ڪر ڀيا“ ۾ جوڙيء کي تمام گهڻي مڃتا ملي. سندس مشهور ڪلامن ۾ هيٺين ڪلامن گهڻي مشهوري ماڻي :

    ٽڙي پوندا ٽارئين جڏهن ڳاڙها گُل، جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، مينهون ڙي ميهار تنهنجو ٻيلي ۾، عشق اسان وٽ آرائين جيئن آيو جهول ڀري، ڇيريان ڪهڙي ڇم ڇم لائي، ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي الا، ڪانگل عجيبن کي، مون ۾ تون موجود، پاڻ تو پيدا ڪيو جهڙا انمول ڪلام ڳايا آهن.

    علڻ فقير پاڪستان جي سفير جي حيثيت ۾ ثقافتي وفدن سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪري سنڌ جي ثقافت ۽ راڳ کي اجاگر ڪيو. سندس جرمنيء جو هڪ واقعو جيڪو هن پاڻ ٻڌايو ته هڪ پروگرام ۾ اڪثريت گورن جي هئي جڏهن اسٽيج تان لطيف سائين جي سُر سامونڊي مان هڪ وائي پيش ڪئي ۽ جڏهن اها وائي ڳائي اسٽيج تان هيٺ لٿم ته ڪنهن به تاڙي ڪانه وڄائي، مونکي گهڻي مايوسي ٿي ۽ جڏهن مان فنڪارن واري ڪمري ۾ پهتس ته مسلسل تاڙيون وڄنديون رهنديون ۽ خبر پئي ته ٻڌندڙ سُر ۽ راڳ جي آلاپ ۾ گم هئا ۽ کين اها خبر ئي ڪانه پئي ته ڪڏهن وائي پوري ٿي ۽ علڻ اسٽيج تان لهي ويو، جڏهن اسٽيج سيڪريٽري مائيڪ هٿ ۾ کنئي ۽ ماڻهو ٽٻيء مان ٻاهر نڪتا ته خوب تاڙيون وڄائيندا رهيا. علڻ فقير جي طبيعت فقيري واري هئي ۽ هميشه اسٽيج تي اچي ماڻهن کي خوش ڪندو هو. ڪڏهن خميسي خان جي الغوزي تي ته ڪڏهن عابده پروين جي هو جمالو تي اسٽيج تي اچي خوب جهمر هڻندو هو.

    علڻ فقير سنڌيء سان گڏ اردو ۾ پڻ ڳايو. سندس فن جي مڃتا عيوض کيس 1980ع ۾ صدارتي ايوارڊ براء حُسن ڪارڪردگي، 1987ع ۾ شهباز ايوارڊ ۽ 1992ع ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. علڻ فقير 4 جولاء 2011 تي پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو.



    [​IMG]





     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

    علڻ فقير: سنڌ جي ثقافت جو سفير

    سنڌ جو لوڪ فنڪار ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جو عاشق امر ڪلاڪار علڻ فقير، جنهن آخري ڏهاڙا بيماريءَ جي حالت ۾ ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا، اهو صدارتي ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ماڻيندڙ عوامي فنڪار هو، جنهن 1932ع ۾ آمري شهر ۾ ڌمالي فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. هن تي سندس ڏاڏي جو نالو ٽونئر فقير رکيو ويو، پيار مان علي بخش به چوندا هئس ۽ پوءِ علي بخش مان علڻ فقير بڻجي ويو. شروعاتي دور ۾ ريل گاڏين، بسن، هوٽلن ۽ محفلن ۾ مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائڻ، مزاحيا ڪچهريون ڪرڻ، ماڻهن کي کلائڻ وارو ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ فقيراڻو ويس ڪري، مٿي تي اجرڪ جو طرو ٻڌي هٿ ۾ ڪشتو کڻي، پنهنجي مرشد لطيف سائينءَ سان تنبوري جي تارن ذريعي نينهن جو ناتو جوڙيائين ۽ لطيف جي وائيءَ کي سنڌ کان به ٻاهر پهچايائين، جيڪو ڪم سنڌ جا محقق نه ڪري سگهيا، انهن ته لطيف تي تحقيق ڪري انهن کي ڪتابن ۾ بند ڪري ڇڏيو، پر علڻ انهيءَ پيغام کي گهر گهر پهچايو. ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا“ جو آلاپ موهي ٿو وجهي، يا وري ”ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“ وائيءَ ۾ اميد آهي، حوصلو آهي. ”مينهون ڙي ميهار تنهنجون ٻيلي ۾“ .... جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت آهي. علڻ فقير جڏهن اجرڪ جو طرو ٻڌي ڳائيندو هو، ته سنڌ جي ثقافت جهومي پوندي هئي. هو سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي فنڪشنن جي سونهن هوندو هو. اڄ انهيءَ فنڪار جي ڏهين ورسيءَ جو ڏينهن آهي ۽ بيحسيءَ جو عالم اهو آهي، جو اڄ هن فنڪار کي سڀني وساري ڇڏيو آهي. ثقافت کاتي وارن سان 13 جون کان رابطي ۾ آهيون، پر رڳو دلاسا، بجيٽ نه هئڻ جا بهانا. ڊائريڪٽر ڪلچر جواب ۾ عجيب قسم جو ليٽر موڪليو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته اسان وٽ بجيٽ نه آهي. علڻ فقير جي ورسي سدائين رولڙي جو شڪار ٿي ويندي آهي، سدائين اخبارون ۽ سنڌي چينل جڏهن ان جي ورسيءَ جي ڏينهن پروگرام نشر ڪندا آهن، يا هن جا مداح هن جي مزار تي حاضري ڀريندا آهن ۽ ثقافت کاتي کي اپيلون ڪندا آهن، تڏهن مس مس ڪو ننڍڙو پروگرام ڪيو ويندو آهي. علڻ فقير سنڌ يونيورسٽي جو ملازم هو. هو هڪ وڏو فنڪار ته هو، پر هو ننڍڙو ملازم هو، ان ڪري علڻ جي ياد ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا به پروگرام ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. علڻ فقير ممتاز مرزا جي ڪوششن سان ريڊيو تي آيو، 1971ع ۾ ٽي وي تان سندس آواز گونجڻ لڳو. ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڳائڻ کانپوءِ شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. ڀٽي صاحب 1978ع ۾ کيس سنڌالاجي ۾ نوڪري ڏياري. علڻ فقير ڪشتو ۽ گهنگهروئن وارو ڏنڊو هميشه ساڻ رکندو هو. هو وڏن مڻين وارو ڪنٺو به پائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن چتين واري ٽوپي به پائيندو هو ۽ اجرڪ جو طرو ته خاص ڪري محفلن ۾ ضرور پائيندو هو، جنهن کي ڪلف ٿيل هوندو هو. جڏهن يڪتارو کڻي وجداني ڪيفيت ۾ هو ”الو ميان“ چوندو هو ته ماڻهن ۾ وجداني رنگ اچي ويندو هو. علڻ فقير سنڌ جي ثقافت جو سفير هو، هن سنڌ جي صوفي شاعرن، ۽ مرشد ڀٽائيءَ جو پيغام آمريڪا، ترڪي، انگلينڊ، جرمني، جاپان، سنگا پور، منيلا، بيلجيم، اٽلي ۽ روس تائين ڳائي پهچايو.

    محمد علي گهانگهرو /ڄامشورو

    روزانه ڪاوش 4 جولاء 2011

    .....................................

    علڻ فقير: سنڌ جي ثقافت جو سفير

    سنڌ جو لوڪ فنڪار ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جو عاشق امر ڪلاڪار علڻ فقير، جنهن آخري ڏهاڙا بيماريءَ جي حالت ۾ ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا، اهو صدارتي ايوارڊ سميت ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ماڻيندڙ عوامي فنڪار هو، جنهن 1932ع ۾ آمري شهر ۾ ڌمالي فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. هن تي سندس ڏاڏي جو نالو ٽونئر فقير رکيو ويو، پيار مان علي بخش به چوندا هئس ۽ پوءِ علي بخش مان علڻ فقير بڻجي ويو. شروعاتي دور ۾ ريل گاڏين، بسن، هوٽلن ۽ محفلن ۾ مزاحيه ٽوٽڪا ٻڌائڻ، مزاحيا ڪچهريون ڪرڻ، ماڻهن کي کلائڻ وارو ڪم ڪندو هو ۽ پوءِ فقيراڻو ويس ڪري، مٿي تي اجرڪ جو طرو ٻڌي هٿ ۾ ڪشتو کڻي، پنهنجي مرشد لطيف سائينءَ سان تنبوري جي تارن ذريعي نينهن جو ناتو جوڙيائين ۽ لطيف جي وائيءَ کي سنڌ کان به ٻاهر پهچايائين، جيڪو ڪم سنڌ جا محقق نه ڪري سگهيا، انهن ته لطيف تي تحقيق ڪري انهن کي ڪتابن ۾ بند ڪري ڇڏيو، پر علڻ انهيءَ پيغام کي گهر گهر پهچايو. ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا“ جو آلاپ موهي ٿو وجهي، يا وري ”ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“ وائيءَ ۾ اميد آهي، حوصلو آهي. ”مينهون ڙي ميهار تنهنجون ٻيلي ۾“ .... جنهن ۾ سنڌ جي ثقافت آهي. علڻ فقير جڏهن اجرڪ جو طرو ٻڌي ڳائيندو هو، ته سنڌ جي ثقافت جهومي پوندي هئي. هو سنڌ جي ثقافتي ۽ قومي فنڪشنن جي سونهن هوندو هو. اڄ انهيءَ فنڪار جي ڏهين ورسيءَ جو ڏينهن آهي ۽ بيحسيءَ جو عالم اهو آهي، جو اڄ هن فنڪار کي سڀني وساري ڇڏيو آهي. ثقافت کاتي وارن سان 13 جون کان رابطي ۾ آهيون، پر رڳو دلاسا، بجيٽ نه هئڻ جا بهانا. ڊائريڪٽر ڪلچر جواب ۾ عجيب قسم جو ليٽر موڪليو آهي، جنهن ۾ لکيل آهي ته اسان وٽ بجيٽ نه آهي. علڻ فقير جي ورسي سدائين رولڙي جو شڪار ٿي ويندي آهي، سدائين اخبارون ۽ سنڌي چينل جڏهن ان جي ورسيءَ جي ڏينهن پروگرام نشر ڪندا آهن، يا هن جا مداح هن جي مزار تي حاضري ڀريندا آهن ۽ ثقافت کاتي کي اپيلون ڪندا آهن، تڏهن مس مس ڪو ننڍڙو پروگرام ڪيو ويندو آهي. علڻ فقير سنڌ يونيورسٽي جو ملازم هو. هو هڪ وڏو فنڪار ته هو، پر هو ننڍڙو ملازم هو، ان ڪري علڻ جي ياد ۾ سنڌ يونيورسٽي انتظاميا به پروگرام ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي. علڻ فقير ممتاز مرزا جي ڪوششن سان ريڊيو تي آيو، 1971ع ۾ ٽي وي تان سندس آواز گونجڻ لڳو. ڀٽي صاحب جي حڪومت دوران اسلامي سربراهي ڪانفرنس ۾ ڳائڻ کانپوءِ شهرت جي بلندين تي پهچي ويو. ڀٽي صاحب 1978ع ۾ کيس سنڌالاجي ۾ نوڪري ڏياري. علڻ فقير ڪشتو ۽ گهنگهروئن وارو ڏنڊو هميشه ساڻ رکندو هو. هو وڏن مڻين وارو ڪنٺو به پائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن چتين واري ٽوپي به پائيندو هو ۽ اجرڪ جو طرو ته خاص ڪري محفلن ۾ ضرور پائيندو هو، جنهن کي ڪلف ٿيل هوندو هو. جڏهن يڪتارو کڻي وجداني ڪيفيت ۾ هو ”الو ميان“ چوندو هو ته ماڻهن ۾ وجداني رنگ اچي ويندو هو. علڻ فقير سنڌ جي ثقافت جو سفير هو، هن سنڌ جي صوفي شاعرن، ۽ مرشد ڀٽائيءَ جو پيغام آمريڪا، ترڪي، انگلينڊ، جرمني، جاپان، سنگا پور، منيلا، بيلجيم، اٽلي ۽ روس تائين ڳائي پهچايو.

    محمد علي گهانگهرو /ڄامشورو

    روزانه ڪاوش 4 جولاء 2011
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,871
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

    سنڌ جي سٻاجهڙي فقير علڻ کي رب العالمين جنت ۾ اعلا مقام عطا ڪري ۔۔۔ آمين

    سچ پڇو ته علڻ فقير سنڌي راڳ کي ۽ خاص ڪري لطيف کي ڳائي سنڌي ماڻهن ۾ لطيف جي پيغام کي عام ڪرڻ جي جيڪا فقيري پڳ پاتي هئي، تنهن سان هن سٻاجهڙي انسان توڙ تائين نڀايو ۔۔۔ سندس لڇڻ ۽ سندس معصوميت ڏسڻ وٽان هوندي هئي ۔۔۔

    علڻ فقير پنهنجي مخصوص انداز سان ڪهڙو به گيت ڳايو، اهو گيت ئي امر ٿي ويو ۔۔۔

    سنڌي چهرو ۔۔۔ صوفي چال ۽ فقيري انداز علڻ جو، نه ڪنهن ٻي کي نصيب ٿيو ۽ شايد نه ٿيندو، هي فقير سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجي مخصوص جڳهه ٺاهي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو پر اڄ به اسانجي دلين ۾ جيئرو جاڳندو موجود آهي ۔۔۔ بند يا کليل اکين سان علڻ جو چهرو ائين گهمي ٿو جيئن سنڌ جو نقشو اسانجي حواسن ۾ ڦرندو آهي ۔۔۔

    سلام سنڌ جا سڄڻ انسانو سلام ۔۔۔ لک سلام

    ٿورا سائين وساڻ ۔۔۔ ڳائي ڪيترا ڳائبا ۔۔۔ اوهانجي قلم مان هاڻ سنڌي ادب ائين ڦٽي نڪري ٿو جيئن سنگ ۾ ساريون نسرنديون آهن ۔۔۔ چميون قبول پون ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت


    .....................................
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,068
    ورتل پسنديدگيون:
    3,016
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

    ڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين
    علڻ فقير جي هي ڳايل وائي تمام وڻڻدي آهي فقير ماڻهون فقيري خيال فقيري طبيعت اسان فقيرن کي تمام سرور ڏيندي آهي جڏنهن به اها وائي ٻڌندو آهيان علڻ فقير جي هڪ عادت ته هو روح سان ڳائيندو ۽ ۽ ن تي هڪ وجد جي ڪيفيت طاري هوندي هئ اهڙن فنڪارن جي هاڻي ڪمي ٿيندي پئي وڃي ادا سليمان علڻ فقير کي ان جي ورسي تي ڀيٽآ ڏيڻ جي تمام گهڻي مهرباني ادا

    .....................................

    ڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين
    علڻ فقير جي هي ڳايل وائي تمام وڻڻدي آهي فقير ماڻهون فقيري خيال فقيري طبيعت اسان فقيرن کي تمام سرور ڏيندي آهي جڏنهن به اها وائي ٻڌندو آهيان علڻ فقير جي هڪ عادت ته هو روح سان ڳائيندو ۽ ۽ ن تي هڪ وجد جي ڪيفيت طاري هوندي هئ اهڙن فنڪارن جي هاڻي ڪمي ٿيندي پئي وڃي ادا سليمان علڻ فقير کي ان جي ورسي تي ڀيٽآ ڏيڻ جي تمام گهڻي مهرباني ادا
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي



    سائين نثار سلام ۔۔۔

    علڻ فقير جو انداز فقيري هئڻ سان گڏ عام ماڻهن وارو هو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس سنڌ الاجي ۾ نوڪري ڏني هئي جيئن ڳائڻ وڄائڻ کانسواء به سندس ڪمائيء جو ڪو ذيعو هجي۔ سندس شاهه جي وائيء کي ڳائڻ يا وري اسٽيج تي اچي مڻهن کي جهومائڻ ته وري ڪڏهن مزاح به دلچسپ هوندي هئي۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,871
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: علڻ فقير : شاه لطيف جي بيتن کي مخصوص آلاپ ۾ ڳائيندڙ سدا حيات راڳي

    ادا سليمان شهيد ڀٽي صاحب جون اهي ئي ته خوبيون هيون جو فقيرن ۽ مسڪينن سان سخاوتون ڪندو رهندو هو، انڪري ته اڄ به سندس نالي تي ڪيترائي چور ۽ ڌاڙيل پنهنجا پيٽ ڀرن ٿا ۔۔۔ ويا مور مري
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سدا حيات آواز علڻ فقير جي اڄ ٻارهين ورسي آهي۔ سنڌ سلامت جو سٿ کيس عقيدت ڀريو سلام پيش ڪري ٿو۔​
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,871
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    شاه جو ڪلام ۽ علڻ جو آواز ... پنهنجي وجود ۾ ائين سمايل آهي جيئن امڙ جي ستي ... هن سهڻي نماڻي ۽ من موهيندڙ فقير جي انداز ۽ آواز ۾ لطيف جون وايون ٻڌندي عبادت جو سرور ملندو آهي ...

    ڪي ماڻهون قومن جا اهڃاڻ ٿي ويندا آهن، تئين علڻ به سنڌي قوم ۽ سنڌي راڳ جو هڪ سدا حيات اهڃاڻ آهي ..

    رب العالمين کيس جنت ۾ جايون ڏي ... آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا سليمان سن 2000 عيسوي ۾ جڏهن مان ڄامشوري پيرا ميڊيڪل انسٽيٽيوٽ ۾ پڙهندو هيس ان وقت روز شام جو اسان ڪجھ دوست ڄامشوري ڦاٽڪ تي واڪنڪ ڪندي ويندا هئاسين جتي مرحوم علڻ فقير سان ڪڏهن ڪڏهن ڪچهري نصيب ٿيندي هئي ۔ هڪ دفعي مون کانئس پڇيو ته چاچا اوهان ڀلا دنيا جي ڪهڙن ملڪن جو سير ڪيو آهي؟ جواب ڏنائين ته سعوديه ۽ بنگلاديش کان علاوه پوري دنيا جو سير ڪيو آهي ۽ ڪٿي به ڪهڙي به ملڪ ويندو هيس ته جمعي جي رات جو ضرور موٽي اچي مرشد لطيف جي روضي تي گذاريندو آهيان۔ سنڌ جي هن سريلي فنڪار ۽ شاه جي عاشق کي لکين سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    4 جولاءِ 2013 جي روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيل مضمون​
    [​IMG]
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    روزانه ڪاوش ۾ ڇپيل پروفائيل

    [​IMG]

    ٽڙي پوندا ٽارئينءَ جڏهن ڳاڙها گُل...

    سنڌ جي نامياري فنڪار مرحوم علڻ فقير جي آواز ۾ اهڙي ته ڪيفيت هوندي هئي، جو پنڊال ۾ ويٺل ماڻهو به ساڻس نَچڻ ۽ جُھومڻ شروع ڪندا هئا. علڻ فقير پنهنجي آواز جي ڪيفيت جي ڪري نه صرف پاڪستان پر سڄي دُنيا ۾ مشهور ٿيو. علڻ فقير جڏهن اَجرڪ جو پَٽڪو ٻڌي، ثقافتي رنگن ۾ رنگجي اسٽيج تي ڳائيندو هو، ته پنڊال ۾ ٻڌنڌڙن جو من موهي ڇڏيندو هو. علڻ فقير کي اسٽيج تي ڳائڻ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. علڻ فقير سن 1932ع ڌاري سنڌ جي تاريخي ڳوٺ آمري ۾ ان وقت جي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ پيدا ٿيو، علڻ فقير کي ڳائڻ وڄائڻ ورثي ۾ مليل هو. مرحوم علڻ فقير جي زندگيءَ جو ڪجھه حصو دادوءَ کان حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي هلندڙ بسن ۽ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي لطيفا ۽ بيت ٻڌائي، پنهنجو گذر سفر ڪندي گذريو. هن پنهنجي زندگيءَ جا تقريبن 20 سال ڀٽائي گهوٽ جي مزار تي حاضري ڀريندي ۽ ڳائيندي گذاريا، علڻ فقير جڏهن لولي ڳائيندو هو، ته سڀني جو ڌيان علڻ فقير ڏانهن هوندو هو. قدرت واري هن آواز ۾ اهڙي ته ڏات رکي هئي، جو ٻڌڻ وارا حيران رهجي ويندا هئا. علڻ فقير ۽ محمد علي شهڪي جو گڏ ڳايل ڪلام ”الله الله ڪر ڀيا“ ۽ جيجي زرينا بلوچ سان گڏ ڳايل شيخ اياز جي شاعري ”ٽڙي پوندا ٽارئين“ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي. علڻ فقير جي گائڪيءَ ۾ صوفي ازم جو گھڻو اثر هو، علڻ فقير ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج کان سواءِ سنڌي فلم ”طوفان“ جا ڪلام به ڳايا، علڻ فقير سنڌي، سرائڪي ۽ اردو زبانن ۾ ڳايو. علڻ فقير پاڪستان کان علاوه دبئي، روس، اٽلي، جرمني، انگلينڊ، جاپان، ترڪي، سنگاپور، منيلا ۽ بيلجيم ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. علڻ فقير کي پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، لال شهباز ايوارڊ، شاهه عبداللطيف ايوارڊ سميت ٻيا به ايوارڊ مليا. سنڌ جو هي ناميارو فنڪار تاريخ 4 جولاءِ 2000ع تي لياقت اسپتال ۾ وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي ئي گھر هائوسنگ سوسائٽي ڄامشوري ۾ مدفون آهي. مرحوم علڻ فقير پاڻ ته هاڻي اسان سان گڏ ناهي رهيو پر سندس آواز صدين تائين گونجندو رهندو.

    حاڪم علي جسڪاڻي/گڏيجي/ راڻيپور
    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    علڻ فقير
    وفا رضا
    [​IMG]
    علڻ فقير جي ڳائڻ جو انداز نرالو هو. علڻ فقير کي مون سڀ کان پهرين تڏهن ڏٺو هو جڏهن آئون پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهندو هئس. هڪ ڏينهن موڪل مهل آئون جڏهن اسڪول کان گهر پئي ويس ته مون هن کي ٽنڊوآدم شهر ۾ هڪ دوڪان تي ويٺل ڏٺو، کيس اجرڪ جو پٽڪو ٻڌل هو ۽ پوءِ مون ڊوڙي وڃي کيس هٿ ڏنو هو، ائين ئي وقت گذرڻ سان گڏ منهنجون سنڌ جي هن مٺڙي راڳي سان کوڙ ملاقاتون ٿيون. مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافي ۽ فائن آرٽس شعبي جي ڇٻر تي ساڻس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهريون ٿينديون هيون، جتي هو ڪانڀ ٻڌي پنهنجي مخصوص انداز ۾ جڏهن شاهه جي وائي جهونگاريندو هو ته واهه واهه ٿي ويندي هئي. اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي اسٽيج تي جڏهن هو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو هو ته سڄو پنڊال علڻ سان گڏ جهومڻ لڳندو هو. علڻ پنهنجي آواز جيان مٺڙو ماڻهو به هو.

    ڳوٺ آمري ۾ ۱۹۳۲ع ۾ جنم وٺندڙ علڻ فقير جو اصلي نالو علي بخش هو، چون ٿا ته هُو شروعاتي ڏينهن ۾ بسن ۽ ريل گاڏين ۾ ڳائيندو هو ۽ کيس ريڊيو ۽ ٽي وي تي ممتاز مرزا متعارف ڪرايو.
    اڄ علڻ سان گهاريل ساروڻين مان اُهو سفر به ياد پوي ٿو جيڪو اسان گڏجي ڄامشوري کان نوابشاهه تائين ڪيو هو، انهن ڏينهن ۾ مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نوابشاهه ۾ ڪو فنڪشن هو، جنهن جي دعوت لاءِ ڪجهه دوست سنڌ يونيورسٽي آيا ۽ پوءِ اسان گڏجي علڻ جي رهائشگاهه تي وياسين، جتي هن سنڌ جي روايتن موجب اسان جي کيڪار ڪئي ۽ مون کي چيائين ته نوابشاهه هلبو پر تون به مون سان گڏ هوندين.
    مون هائوڪار ڪئي، فنڪشن واري ڏينهن آئون هاسٽل مان سڌو علڻ وٽ پهتس، جتي هُو اڳ ئي سنبريو ويٺو هو. اسان ٻئي ڄڻا سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل وٽان ڪراچي کان ايندڙ بس ۾ سوار ٿي پٺاڻ ڪالوني پڳاسين، بس هر ڪنهن جي اِها خواهش هئي ته جيڪر هُو ساڻن گڏ سفر ڪري. ائين ئي ڪجهه منٽن ۾ اسان پٺاڻ ڪالونيءَ جي بس اسٽاپ تي پهتاسين، جتان اسان کي نوابشاهه لاءِ سواري ملڻي هئي، ويگن جي روانگيءَ ۾ اڃان ڪجهه وقت هو، جنهن تي اسان ويهي رهياسين هوٽل تي چانهه پيئڻ. چانهه اڃان ڪوپن ۾ ئي هئي ته ڪنڊيڪٽر هوٽل تي اچي پڳو ۽ علڻ فقير کي چيائين سائين هلو ويگن تيار آهي. خير سان اسان جو نوابشاهه ڏانهن سفر شروع ٿيو، حيدرآباد مان ٻاهر نڪرندي ئي اسان جي وين بيهي رهي، سبب اِهو هو جو ٽريفڪ پوليس وارا گاڏين جا ڪاغذ جانچي رهيا هئا، وين جي بيهندي ئي ڊرائيور سان گڏ علڻ فقير اِهو چوندي هيٺ لٿو ته هل ته انهن ڪاغذ چيڪ ڪندڙ همراهن کي ڏسون، اسان جيئن ئي ٽريفڪ پوليس وارن جي ويجهو پهتاسين ته هنن علڻ کي ڏسي کيس ويهڻ جي آڇ ڪئي، جنهن تي علڻ کين چيو بابا هينئر ويهڻ جو وقت ڪونهي، اسان جي منزل اڳتي آهي ۽ پوءِ هن کلندي چيو ڪاغذ آهن تڏهن ته ڊرائيور ويگن هلائي پيو، جنهن تي ٽريفڪ وارن نه رڳو اسان واري ويگن پر ٻين گاڏين جي ڊرائيورن کي به چيو ته هلو بابا.
    ائين اسان جي ويگن مٽياري، بائوديرو، سيکاٽ، کنڊو، ڀٽ شاهه، هالا، نيوسعيدآباد ۽ سڪرنڊ کان ٿيندي اچي نوابشاهه پهتي، ان وچ ۾ جڏهن اسان لطيف جي نگري ڀٽ شاهه ۽ سرور نوح جي نگري هالا وٽ پهتاسين ته علڻ فقير دعا لاءِ هٿ کنيا ۽ اهڙي ئي دعا هن سڪرنڊ جي ڀرسان به گذري گهري ۽ چيائين هتي به سنڌ جون عظيم هستيون دفن ٿيل آهن. سنڌ جي مٽيءَ سان محبت ڪندڙ علڻ فقير جڏهن شاهه لطيف جي شاعري ڳائيندو هو ته سانت ڇانئجي ويندي هئي.
    علڻ فقير جيڪو جيتوڻيڪ جسماني طور اڄ اسان وٽ موجود ناهي پر سندس ڳايل گيت، وايون ۽ ڪلام هن مهل به جهرجهنگ مشهور آهن، اِهو ئي ڪارڻ آهي جو ريڊيو تي پروگرام ڪندي جڏهن ڪو واقفڪار يا ٻڌندڙ ملندو آهي ته هُو ڪچهري ڪندي اِهو ضرور چوندو آهي ته بس ڪنهن مهل علڻ فقير جو آواز ضرور ٻڌرايو. علڻ ٻاهرين ملڪن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو. مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. سنڌي، سرائيڪي توڙي اردوءَ ۾ ڳائيندڙ علڻ فقير جڏهن لاکيڻي لطيف جو سر سامونڊي ڳائيندو هو ته وهه واهه ٿي ويندي هئي. ڀٽائيءَ کان وٺي اياز تائين هن شاعريءَ جي چونڊ به واهه جا ڪئي.

    علڻ فقير ۽ جيجي زرينا بلوچ شيخ اياز جو گيت ”ٽڙي ٽارئين جڏهن ڳاڙها گل، تڏهن ملنداسين“ ڏاڍي خوبصورت انداز سان ڳايو آهي. ۴جولاءِ ۲۰۰۰ع تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل علڻ فقير کي سنڌ واسي ڪٿي ٿا وساري سگهن، سندس محبتون، ڳائڻ جو انداز، هلڻ، گهمڻ ۽ اسٽيج تي جهمريون هڻڻ سدائين ياد رهنديون. پڇاڙي ۾ رڳو اِهو ته علڻ فقير جي آواز ۾ ڳايل ڪلامن مان جيڪڏهن اوهان کي ”ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي ناهيان خان کٽيائي“ ۽ ”صبح ملندم سومرا وٺي جون واڌايون“ ڪلام هٿ اچي وڃن ته ٻڌي ڏسجو ته علڻ فقير انهن ڪلامن کي به ڪهڙي نه خوبصورت انداز سان ڳايو آهي.
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,791
    ورتل پسنديدگيون:
    27,192
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄوڪي عوامي آواز ۾ ڇپيل


    [​IMG]


     
  14. هالار ياسين آرائين

    هالار ياسين آرائين
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2015
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    زبردست سائين
    علڻ فقير بابت تمام گهڻي معلومات ملي.
     
  15. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    188
    [​IMG]
    سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ عظيم فنڪار علڻ فقير 4 جولاءِ تي 17

    ورسي جي مناسبت سان


    ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل تڏهن ملنداسين

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سونهاري سنڌ کي قدرت واري کان اهيو به شرف حاصل آهي صدين کان وٺي ڪيترن عظيم انسان ، اهل علم ،اديبن ، شاعرن، فنڪارن ، ولين، بزرگن ، درويشن کي وقت به وقت پنهنجي هنج ۾ پيدا ڪيو آهي اهڙن فنڪارن جي موتين مالها ڏانهن نظر ڪبي ته سر ۽ سنگيت جي مالها منجهان هڪ هيرو علڻ فقير فنڪار جي نالي سان نظر ايندو علڻ فقير سال 1932ع ڌاري ڌمالي فقير مڱڻهار دهلاري جي گهران جمعي جي ڀلاري ڏينهن تي دادو ضلعي جي تاريخي ڳوٺ آمري منجهان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو سندس امڙ جو نالو بانو خاتون هو سندس ڇٽي جو نالو والد صاحب (ٽونئر ) رکيو هو. ڇو جو اهو نالو سندس پياري ڏاڏي جو نالو هوندو هو .سنڌي سماج اندر عورت پنهنجي ور (مڙس ) جو نالو کڻڻ عيب سمجهندي آهي تنهن ڪري سندس ڏاڏيءِ کي پنهنجي مڙس جو نالو کڻڻ ڏکيو پئي لڳو . ان ڪري هن پنهنجي پوٽي جو نالو (علي ڏنو ) رکيو ويو. جنهن مان ڦري وري (علي بخش) ٿيو . سندس ڏاڏيءِ پيار ۽ سڪ ، لاڏ منجهان (علڻ ) چوڻ لڳي . جيڪو بعد ۾ هميشه لاءِ علڻ فقير سڏجڻ لڳو .سندس والد پنهنجي ابي ڏاڏي واري ڪرت ڪري يعني دهل وڄائي پنهنجو پيٽ پاليندو هو . سندس ننڍي هوندي ئي امڙ ۽ ڏاڏيءِ هي جهان ڇڏي ويون هيون . هن جي والد ڌمالي فقير وري ٻئي شادي ڪئي . علڻ فقير جا ناناڻا لڪي جا رهاڪو هوندا هئا ، جتي سندس والد پڙهڻ لاءِ ڇڏيو مگر پڙهڻ سان ايتري دل نه لڳي ان زماني دادو ۽ ڪوٽڙي وچ ۾ ريلون هلندويو هيو .علڻ فقير انهن ۾ ماڻهن کي مسخري واري شاعري ۽ ڳالهيون ٻڌائي پئسه ڪمائيندو هو ۽ ان زماني ۾ وري پاڻ کي (علڻ آزاد ) جي نالي سان سڏائيندو هو .جئين تي ڳائڻ وڄائڻ سندس ابي ڏاڏي جي ڪرت (پيشو) هو .تنهن ڪري هن بچپن ۾ دهل وڄائڻ سکيو ۽ دهل وڄائي نچندو هو .تر جي ڳوٺن ميلن ملاکڙن کان علاوه پنهنجي سڄي ضلعي دادو جي پيرن فقيرن جي ميلن ملاکڙن تي دهل جي مختلف ساز ڪڍي ماڻهن جي دلين کي جهومائڻ تي مجبور ڪندو هو. علڻ فقير راڳ جي شروعات هن هڪ ڏنڊي ۾ گهنگرو ٻڌي ڪئي تنهن بعد علڻ فقير اسٽيج ۽ ميلن تي مزاحيه اداڪاري جي فن سان سلهاڙجي ويو . جتي ڪٿي پنهنجي فن جو مظاهرو پيو ڪندو هو . هڪ ڏينهن سنڌ جي مشهور مسخري محمد بخش کيس صلاح ڏني ته هن فن کي ختم ڪري ، پوءِ واقع ٿيو به ائين علڻ فقير مسخري واري فن کي الوداع ڪري ڇڏيو . پوءِ سنجيده طور باقاعده طور ڳائڻ جي فن ۾ محو ٿي ويو . هن ڳائڻ جي سکيا مولچند مهراج مانجهند واري کان ۽ زوار قربان علي لنجواڻي کان ورتي هئي .علڻ فقير کي قدرت واري اهڙي ته مٺڙي ۽ مڌر آواز سان نوازيو هو جو سندس آواز منجهه غصب جي اداسي ۽ ميٺاج ۽ سحر سمايل هو هن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي وائي کي جديد رنگ ۽ انداز ۾ عام ماڻهن ۾ معتارف ڪرايو. اهو علڻ فقير مشڪرو پوءِ اڳتي هلي (شاهه جي وائي) جو اڳواڻ سڏجڻ لڳو .هن جڏهن پنهنجي دنبوري کي اڱرن سان ڇيڙي پنهنجي گلي منجهان الوو ميان ۽ الله هو لله هو جي سرن جا الاپ ڪڍندو هو ته سندس پرستارن جي جسم منجهان سيئٽون نڪرڻ شروع ڪنديون هيون.هن شاهه سائين جي بيت وائي کي پنهنجي نرالي انداز سان نه رڳو سنڌ منجهه پر سڄي دنيا منجهه معتارف ڪرايو .علڻ فقير عمومن ڪاري رنگ جو لباس پهريندو هو ،ليڪن مٿي تي هميشه اجرڪ جو پٽڪو وڏو لاجواب (طري) سان پڻ ٻڌندو هو .هٿ منجهه دنبورو کڻي ان تي چوٽ هڻي ڳائيندو هو سندس لباس ٻين سڀني فنڪارن کان نمايا هوندو هو سندس لباس جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ، سندس لباس ٺيٺ سنڌي قسم جو هوندو هو ،جنهن ۾ مٿي سان ٻڌل اجرڪ هميشه ڏسڻ وٽان هوندو هو سندس لباس سنڌي ثقافت سان سر شار پري کان نظر ايندو هو . ڪڏهن ڪڏهن علڻ فقير جوڳين واري ٽوپي به پائيندو هو .هن شيخ اياز جي وائي ( ٽڙي پوندا ٽارئين ،جڏهن ڳاڙها گل )هڪ نرالي انداز سان ڳائي مشهوري ماڻي علڻ فقير اسٽيج جو بادشاهه ڳائڻو هوندو هو، جڏهن به اٿي جهمر هڻندو هو ته ويٺل ماڻهو سندس اٿي ساٿ ۽ داد پڻ ڏيندا هئا . شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو ٿيو هو ته هن علڻ فقير کي يونيورسٽي منجهه 8 گريڊ جي ( آرٽسٽ آف دي ڪئمپس ) جي نوڪري سان نوازيو هو . مگر ڪم وري پٽيوالي جو ورتو ويندو هويس .سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪڏهن سنڌياالاجي ، ڪڏهن فائين آرٽس، ۽ ڪڏهن وري رجسٽرار جي آفيس ۾ ڪم پيو ڪندو هو سندس ان زماني سنڌ جي گورنر ڪمال اظفر گريڊ به وڌايو هو .علڻ فقير کي ريڊيو پاڪستان تي معتارف ڪرڻ جو سهرو ماياناز براڊڪاسٽر مرحوم ممتاز مرزا صاحب ڏي وڃي ٿو ، ممتاز مرزا علڻ فقير کي سال 1961ع ڌاري ريڊيو تي ان زماني ۾ وٺي آيو هو. جڏهن هو سنڌي پروگرام (ساڻيهه جا سينگار ) ۽ عوامي مقبول پروگرام (ڪچهري ) ڪندو هو علڻ فقير جيڪو پهريو ڪلام ريڊيو پاڪستان تي رڪارڊ ڪرايو هو تنهن جا ٻول هئا ( آءَ مارن لاءِ ماندي ،مارو مون لاءِ ماندا ) ريڊيو کان علاوه علڻ فقير ٽي_ وي تي به خوب ڳايو ٽيليويزن پاڪستان تي کيس ان زماني ۾ عبدالڪريم بلوچ صا حب وٺي وڃي اتي پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو ، جيڪو علڻ فقير ڳايو هو . سو هو ( نانگا ننڊ نه ڪن، لوچين لاءِ پرين جي) تنهن کانسواءِ ٽيليويزن تي (ٻولي منهنجي ٻانڀياڻي ) خوب ۽ بار بار پڻ ڳايو هو .علڻ فقير جي مقبوليت صرف سنڌي ڪلام نه هئا بلڪه هن سنڌي کان علاوه سرائڪي اردو پنجابي زبانن ۾ پڻ ڳائي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيندو هو .سندس لباس ،ڳائڻ ، هلڻ نج سنڌي ثقافت جو نمونو سمجهو ويندو هو .علڻ فقير نه صرف ريڊيو ، ٽي _وي ، اسٽيج کانسواءِ هن سنڌي فلم ( طوفان) منجهه نغما پڻ ڳايا انکان علاوه هن پنهنجي زماني جي عظيم فنڪارن سان گڏجي هڪ هڪ دو گانو پڻ ڳايو جنهن ۾ جيجي زرينه بلوچ،.ماسٽر محمد يوسف ،سهراب فقير ، امينه ،زيب النساءِ، ۽ محمد علي شهڪي سان سر ۽ ساز ۾ ساٿ نڀايو هو محمدعلي شهخي سان گڏ ڳايل گيت ( الله الله کر بهيا ، هما همان کر بهيا ) جهر جنهگ مشهور ٿيو .هر سال علڻ فقير 14 آگسٽ ۽ 23 مارچ قومي ڏينهن تي پاڪستان جي گاڌي واري هنڌ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سرڪاري تقريبن منجهه سنڌ فلوٽ تي پنهنجي فن جو مظاهرو نرالي انداز ۽ لاجواب نموني سان پڻ ڪندو هو علڻ فقير سر سنگيت جي فن ۾ رڳو پنهنجي ملڪ ۾ مشهوري نه ماڻي هئي مگر اوترو هو پرڏيهه ۾ به مقبول هو . سونهاري سنڌ جي هن عظيم فنڪار کي ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾ جيڪا شهرت عزت ملي سا ڪنهن ٻئي لوڪ فنڪار جي حصي منجهه اڃا تائين نه ملي سگهي آهي هن لوڪ فنڪار جن ملڪن ۾ پنهنجي فن جو شاندار نموني سان مظاهرو ڪيو تن منجهه آمريڪا ،جرمني ،منيلا ، روس ، ترڪي ، انگلينڊ، جپان ، سينگارپور، دبئي ،اٽلي،بيلجيم وغيره ۾ فن جو مظاهرو ڪري داد حاصل ڪيو .علڻ فقير کي سر سنگيت جي فني خدمتن عيوض ڪيترن ئي انعامن اعزازن سان نوازيو ويو .جن منجهه سال 1987ع پاڪستان سرڪار پاران مليل صدارتي ايوارڊ حسن ڪارڪردگي انکان علاوه لطيف ايوارڊ سال (1992 ۽ 1996 ) پي _ٽي _وي ايوارڊ سال (1987 ۽ 1997 ) شهباز ايوارڊ سال (1996 ) گورنر سنڌ (اچيومنٽ ايوارڊ سال 1991 )سنڌ فنڪار ايوارڊ سال 1997 شهيد فاضل راهو ايوارڊ سان گڏ قلندر لعل شهباز ايوارڊ سان نوازيو ويو هن لوڪ فنڪار جي شادي به عجيب قصو هو علڻ فقير شادي لاءِ پنهنجي مامي کان نياڻي جو سڱ گهريو هو مگر سندس مامي فنڪار هجڻ جي ناتي هن کي پنهنجي نياڻي جو سک ڏيڻ کان انڪار ڪيو هي اللهه لوڪ فنڪار سترهن ارڙهن سال شادي لاءِ بيتاب هو مگر نيٺ ڀاڳ جاڳي پيس سنڌ جي عظيم براڊڪاسٽر ممتاز مرزا جي ڪوششن سان وڃي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو. سندس اولاد منجهه( ٻه )نياڻيون فرزانه ۽ سوهانا جڏهن تي (ٽي) پٽ ۾ فيروز علڻ ،محترم فهيم علڻ ۽ وسيم علڻ شامل آهن سندس پيءِ جي ڪرت سر ۽ سنگيت سان هڪ پٽ فهيم علڻ سلهاڙيل آهي .عمر جي پڇاڙي وقت ۾ موضي مرض فالج حملو ڪري هن لوڪ فنڪار جي جسم کي نپوڙي بيماري جي بستري تي سمهاري ڇڏيو جنهن سبب سر سنگيت جا سڀ ساز بند ڪري هي لوڪ فنڪار علڻ فقير 68 سال 6 مهنيا جي عمر ۾اڱاري ڏينهن اسان کان هميشه لاءِ 4 جولاءِ 2000ع تي لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري سنڌ واسين کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو . هيترو وقت گذري وڃڻ باوجو سندس ڪلام ۽ فن کي اڄ به ساراهيو ۽ ياد ڪيو پيو وڃي .سندس مزاز ڄامشوري جي ڪالوني ۾ واقع آهي .سندس ياد ۾ اڄ 4 جولاء 2017تي سترهين ورسي ملهائي پئي وڃي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو