جولاءِ 5 هڪ سياه ترين ڏينهن

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ

    5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان بدترين ڏينهن هو، هر سال هي تاريخ پاڻ سان گڏ ناخوشگوار يادون کڻي ايندي آهي! هي اهو ڏينهن آهي جڏهن هڪ جنرل اقتدار مٿان قبضي ڪرڻ خاطر ملڪ ۾ آمريت جي نحوست ڦهلائي، آئين کي معطل ڪيو ترقي جي ڦيٿي کي اُبتو گهمائڻ شروع ڪيو ۽ ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳايو! انهيءَ آمريت جي نحوست ايتري ته ڪاراٽيل هئي جنهن جا ڪڪر اڃان به ڇنڊجي ڇڻجي ناهن سگهيا.

    ڊسمبر 1971ع ۾ ملڪ جي ٽٽڻ کانپوءِ جنرل يحيٰ پنهنجي هٿان ئي ڪرايل عام چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي جي باني چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽي کي اقتدار ڏنو ۽ ائين ئي پهريون دفعو ملڪ کي هڪ جمهوري چونڊيل سربراهه نصيب ٿيو. قائد عوام پاڪستان کي پوري دنيا ۾ پنهنجي ڪريل ساک واپس موٽائي ڏيارڻ لاءِ خارجه پاليسي کي وري مرتب ڪيو ۽ سندس ٻين ملڪن ڏانهن وڌايل دوستي جي هٿن کي وڏو مان ڏنو ويو، مسلمان ملڪن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ هن وڏي جدوجهد ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ هو اسلامي سربراهي ڪانفرنس پاڪستان ۾ منعقد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو.

    پاڪ چائنا دوستي به سندس ئي محنتن جو ثمر آهي جيڪا اڄ تائين قائم آهي. هن پاڪستان کي 1973ع ۾ پهريون دفعو متفقه آئين ڏنو جيڪو اڄ تائين بدستور موجود آهي، موجوده حڪومت ڀٽي شهيد کانپوءِ ايندڙ آمرن پاران جمهوريت ۾ ڪيل تبديلين جو نه رڳو خاتمون آندو آهي پر ان کي 1973ع واري اصل صورت پڻ ڏني آهي. پاڪستان جي دفاع کي ناقابلِ تسخير بنائڻ لاءِ شهيد ڀٽي ائٽامڪ پروگرام جو بنياد رکيو جنهن کي سندس سياسي وارث ۽ پياري ڌي محترمه بينظير ڀٽو مڪمل ڪيو.

    پاڪستان ۾ ائٽمي توانائين جي منصوبن، ڪهوٽاريسرچ ليبارٽريز ۽ چشما ائٽمي بجلي گهر جهڙا ڪيئي منصوبا شهيد ڀٽي جي دور ۾ شروع ڪيا ويا، عالمي ڪارنامن سان گڏ ڀٽي صاحب ملڪ جي غريب ۽ هيٺين طبقي جي تحفظ لاءِ هاري ۽ مزدورپاليسين جو آغاز ڪيو، بي زمين هارين کي زمين ڏني ۽ ڪارخانن توڙي فيڪٽرين جي گڏيل اُپت تي مزدورن جو حق پڻ محفوظ ڪيو. ڀٽي صاحب جي اهڙن عظيم ۽ وطن دوست قدمن جي ڪري عالمي فسطائيت ڀٽي صاحب جي رستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ انهي ڪوشش لاءِ انهن ضياءُ الحق کي خريد ڪيو جنهن 5 جولاءِ 1977ع تي ڀٽي صاحب جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا نافض ڪئي، نه رڳو ايترو پر ان وقت جي پاڻ مرادو جوڙيل عدليا پاران کيس ڦاهي جي سزا پڻ ڏياري.

    اڄ ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ريفرنس، صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران آزاد ۽ خودمختيار عدالت ۾ موڪليو ويو آهي جنهن جي سماعت جاري آهي. ضياءُ جي آمريت نه رڳو آئين کي دفن ڪيو پر پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن مٿان انتهائي گهڻو تشدد پڻ ڪيو هن ملڪ ۾ لساني ۽ فرقي واراڻي انتها پسندي کي هٿي وٺرائي ملڪ ۾ هٿيارن جو واهپو عام ڪيو ۽ هيروئن ڪلچر کي قوم جي رڳن ۾ داخل ڪيو نه رڳو ايترو پر ڀٽو ۽ پيپلز پارٽي دشمني ۾ هن لساني جماعتن جو قيام پڻ عمل ۾ آندو جن پيپلز پارٽي جي جمهوري قدرن کي وڏو نقصان پهچايو. ضياءُ الحق ۽ ان جي سياسي پونئيرن جي پيدا ڪيل 34 سالن واري ناسور کي ٽن سالن ۾ ختم ڪرڻ ڪو گهڻو آسان ڪونهي پر پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت پنهنجي عزم تي قائم آهي ۽ ملڪ کي سياهه دور مان ڪڍي خوشحالي ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ پراُميد آهي.

    موجوده حڪومت جناب آصف علي زرداري ۽ سيد يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ هر وقت انهيءَ ڪوشش ۾ آهي ته ماضي جي آامراڻين باقيات مان جلد کان جلد ڇوٽڪارو حاصل ڪجي ۽ عوام کي جمهوريت جو ڦل مهيا ڪجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو