وقت کان اڳ ئي انتظار جو گهڙيون ختم۔۔۔ گوگل کاتي وارن لاءِ گوگل پلس پروفائيل آن۔۔

'گوگل جا راز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڃان ٻه ڏينهن ئي ته ٿيا جو مون سنڌ سلامت جي ساٿين کي اطلاغ ڏنو هو ته جن جا کاتا گوگل تي کُليل آهن اهي 31 جولائي تائين پنهنجي گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ تي پروفائيل سڌو ڪري سگهن ٿا۔۔۔ پر لڳي ٿو گوگل وارا سندن چاهيندڙ جي بي صبري کي محسوس ڪري رهيا هيا۔۔۔ ان ڪري گوگل وارن وقت کان اڳ ئي پنهنجي سمورن جي ميل کاتي جي حامل دوستن لاءِ گوگل پلس عام ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔

    [​IMG]

    پر هڪ اهڙو سوشل نيٽ ورڪ ڪهڙي طرح ڪامياب ٿي سگهي ٿو جنهن ۾ سائين اپ يا رجسٽريشن جو آپشن ئي نه هجي۔۔۔ ۽ نه وري ڪو ڪنهن ٻي ميل کي استعمال ڪندڙ کي دوستن ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت موڪلي سگهي۔۔ ۔ اهو ئي سبب آهي جو ڳالهيون ڪندڙ جيترو گوگل پلس جي اچڻ جي شور کي ٻڌي رهيا آهن اوترو سندن مفروضا وڌي رهيا آهن ته گوگل پلس جو هي پروجيڪٽ به گوگل جي ٻين نيٽ ورڪن گوگل بز ۽ گوگل آرڪٽ وانگر ناڪام ويندو۔۔۔

    بحرحال اهي سمورا رڪن جن کي اڳ ئي گوگل کاتو آهي اهي هتي ڪلڪ ڪري گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ تي پنهنجي پروفائيل کي فعال ڪري سگهن ٿا۔۔۔ ۽ جيڪي دوست جي ميل جو کاتو نه ٿا رکن سي هتي ڪلڪ ڪري پهريان پنهنجو کاتو بڻائي پوءِ مٿيئن لنڪ تان پنهنجو گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ پروفائيل فعال ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    کاتو فعال ڪرڻ لاءِ بس توهان کي جوائين بٽڻ کي ڪلڪ ڪرڻو آهي۔۔۔

    [​IMG]

    ياد رهي ته مون پهريان ئي دوستن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جون ڪهڙيون خصوصيتون هونديون۔۔۔ پر ان باوجود مختصر هي آهن۔۔۔
    Circles
    جنهن ۾ توهان پنهنجي رابطن کي مختلف ڪيٽيگرين ۾ هڪ دلچسپ طريقي سان رکي سگهو ٿا۔۔
    Huddle
    جتي دوستن سان چيٽ ڪري سگهو ٿا۔۔
    Hangouts
    جتي وڊيو چيٽ، وڊيو يا تصويرون اپلوڊ ڪري سگهجن ٿيون۔۔۔
    Sparks
    سرچنگ يا ڳولا لاءِ جڏهن ته ۔۔۔
    Streams
    فيس بوڪ وانگر دوستن جون نيون تازيون ڏسڻ لاءِ۔۔۔

    ان باوجو جو توهان پنهنجي کاتي کي فعال ڪري ڇڏيو هوندو ان باوجود في الحال گوگل پلس سوشل نيٽ ورڪ جو باقائده افتتاح نه ٿيو آهي ۔۔۔ جيڪو گوگل جي گوگل پلس جي اطلاع نامي جي تاريخ 28 جون کان هڪ مهيني تائين يعني 28 جولائي تي متوقع آهي۔۔

    هڪ اهم ڳالهه ته گوگل پلس تي اچڻ لاءِ توهان کي پهريان پنهنجي جي ميل کاتي تان لاگ آئوٽ ٿيڻو پوندو۔۔۔


    سنڌ سلامت جو کاتو پڻ گوگل پلس تي ٺهي چڪو آهي باقي هاڻي ڏسجي ته ماڻهون گوگل پلس کي فيس بوڪ جي مخالف ڪيترو ٿا پسند ڪن۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وقت کان اڳ ئي انتظار جو گهڙيون ختم۔۔۔ گوگل کاتي وارن لاءِ گوگل پلس پروفائيل آن۔

    واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    مطلب ته انتطار نه گوگل کان پيو ٿي نه وري استعمال ڪندڙن کان۔ مون پنهنجو کاتو کوليو ته هي جواب مليو ۔۔۔۔ مطلب ته ماڻهو ڪم سان لڳل آهن ۔۔۔ شايد ٽرائل ورجن تي اڪائونٽ پورا ٿي چڪا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔

    [​IMG]
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: وقت کان اڳ ئي انتظار جو گهڙيون ختم۔۔۔ گوگل کاتي وارن لاءِ گوگل پلس پروفائيل آن۔

    محترم دوست سليمان صاحب ڳالهه اصل اهڙي به ناهي۔۔۔ مون اڳ ئي ڪجهه هن طرح لکيو آهي۔۔۔۔
    توهان جي اسڪرين شاٽ مان صاف نظر اچي رهيو آهي ته توهان پنهنجي جي ميل کاتي تي لاگ ان ٿيل آهيو۔۔۔ مهرباني فرمائي جي مل کاتي تان لاگ آئوٽ ٿيو ۽ پوءِ ٻيهر هن لنڪ تي اچو ۔۔۔ هن دفعي توهان لاءِ نظارو يقينن مختلف هوندو۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: وقت کان اڳ ئي انتظار جو گهڙيون ختم۔۔۔ گوگل کاتي وارن لاءِ گوگل پلس پروفائيل آن۔

    تمام بهترين ڳالهه آهي مان پاڻ پنهنجي سر ڪوشش ڪري چڪو آهيان جواب مليو آهي ته توهان ٿورو انتظار ڪريو

    توهان کي جلد جواب موڪليو ويندو

    لاجواب ونڊ آهي ادا گوگل وارن جو هاڻي ڏسڻو اهو اهي ته گوگل وارن جو هي پروجيڪٽ ڪيترو ٿو ڪامياب وڃي

    جيتري قدر انهن محنت ڪئي آهي گوگل پلس پراجيڪٽ ۾ آئيڊياز ته نوان نوان آهن

    وقت سر معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: وقت کان اڳ ئي انتظار جو گهڙيون ختم۔۔۔ گوگل کاتي وارن لاءِ گوگل پلس پروفائيل آن۔

    واهه سائين واهه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو