سنڌ سلامت جو ميمبر محمد امين سمون نئي ٽيلي فلم دونالي ۾ هيرو جي ڪردار ۾

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏10 نومبر 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا دوستو ايندڙ نئين ٽيلي فلم دونالي ۾ اسان جي سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر محمد امين سمون هيرو جو رول ادا ڪندو ، سندس انهي ايندڙ فلم جو پرومو انتهائي خوشي سان ونڊ پيو ڪريان اسان جون دعائون محمد امين سمون سان آهن الله سائين کيس زندگي جي هر موڙ تي ڪاميابيون ۽ ڪامرانيون عطا ڪري آمين۔

    محمد امين سمون جي نئين ايندڙ ٽيلي فلم دونالي جو پرومو

     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ سلامت جو ميمبر محمد امين سمون نئي ٽيلي فلم دونالي ۾ هيرو جي ڪردار ۾

    پيش آهن محمد امين سمون جون ڪجهه تصويرون واقعي هيرو لڳي ٿو يا نه

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    امين سمون جو ايندڙ گانو جنهن ۾ هُن بهترين اداڪاري ۽ ماڊلنگ ڪئي

    [​IMG]

    [​IMG]
    امين سمون سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز سان گڏ ۽ هڪ تصوير ۾ امين سمون سان گڏ نثارناز ۽ سنڌ جي عظيم شاعره محترما زيب نظاماڻي نمايان آهي۔​
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جو ميمبر محمد امين سمون نئي ٽيلي فلم دونالي ۾ هيرو جي ڪردار ۾

    اسان انهن سڀني دوستن کي هٿ ادب جا ٻڌي عرض ڪنداسون ته خدارا پنهنجي ٽيلي فلمن ٺاهڻ جي شوق کي پورو ڀلي ڪريو پر ان کان سواءِ ٻيا به ته هزارين موضوع آهن خدارا انهن بيمار ذهن رکندڙن جا پوئلڳ نه بڻجو ۽ مهرباني ڪري صرف ڌاڙيلي ڪلچر تي فلمون ٺاهي ۽ ڌاڙيلن کي هيرو ڪري پيش ڪرڻ کان پاسيرا ٿي وڃو ۽ سنڌ جي غريب ۽ اٻوجه قوم کي مغلوب رکڻ ۽ هيسائي رکڻ لاءِ ڌاڙيل ته پيرن، ميرن، شاهن، رئيسن، وڏيرن، جاگيردارن جو هڪ وڏو هٿيار آهي جنهن کي هو پالي به پاڻ ٿو ۽ مارائي به پاڻ ٿو ۽ انهيءَ هٿيار کي توهان جي ذهن ۾ وجهي حقيقت ۾ توهان جي سوچن کي غلام بڻائي ٿو .خدارا سنڌ ڌرتيءَ تي قابض وڏيرا ۽ ڪامور شاهي سان سنڌ جي تهذيب و تمدن ۽ ڪلچر کي انهن فرسوده خيالن کان بڇايو. الاهي اهڙا موضوع آهن جنهن تي توهان ٽيلي فلمون ٺاهي ماڻهن جا دل وندرائي پنهنجي ڪمائيءَ جو ذريعو پڻ بڻائي سگهو ٿا. ٿورڙو انسانيت ۽ سنڌيت جي نالي سوچيو ته ڇا ڪارڻ آهن جو هيڏي مسلسل جستجو کان پوءِ به هي شاهوڪاري تهذيب ۽ تمدن رکڻ واري ست هزار سال پراڻي قوم اڳتي ڇو نٿي وڌي؟ مهذب ڇو نٿي ٿئي هي قتل عام، ڪارو ڪري ڇو نٿو بند ٿئي ڪٿي توهان پاڻ ته ان جو ڪارڻ ناهيو. جو توهان انهن وڏيرن جي خود تخليق ڪيل ڌاڙيلي ڪلچر کي پروان پيا چاڙهيو. ائين ڪرڻ سان توهان پاڻ به سنڌي سماج جا ايترائي دُشمن آهيو جيترا هي رهزن، قاتل ۽ ڌاڙيل. خدارا پنهنجي ايندڙ نسلن تي رحم ڪريو.
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جو ميمبر محمد امين سمون نئي ٽيلي فلم دونالي ۾ هيرو جي ڪردار ۾

    محترمه سنڌي ميڊيا!

    اوهان سان اسان به متفق هجون پر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!

    • ڇا اوهان اِها گارنٽي ڏيو ٿيون ته اڄ ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي يا آواز ٽي وي تي هٿين گلين ميندي يا مور اڏاڻا مور جهڙي ڪا سيريل هلي ته ماڻهو ڏسندا؟
    • ڇا اوهان اهو اعتراف نه ڪندؤ ته ڪي ٽي اين تي هڪ نِج فئملي سيريل ”فاصلا“ هلي پر انهي کان وڌيڪ ”پٿر دنيا“ کي پسند ڪيو ويو۔
    • ڇا اوهان اهو به نه مڃيندؤ ته ڌاڙيل سنڌ لاءِ مصيبت رهيا آهن ۽ انهن کي منفي ڪردارن ۾ پيش ڪيو پيو وڃي؟


    سو ڀيڻ ڳاله هي آهي ته دڪاندار وکر اُهو رکندو جيڪو وڌيڪ وِڪامي۔ اها به انهن ٽي وي وارن جي مهرباني آهي جو انهن ڪردارن کي منفي ڪري پيش ٿا ڪن۔

    هاڻي اهڙن خيال رکندڙ تقريبًاً هر ماڻهو جيان اوهان به چونديؤ ته پوءِ سنڌي چئنل پنهنجي ڪمائي لاءِ اسان جو ڪلچر وساري ٿا ويهن۔ رُڳو ڌاڙيلي ڊراما پيش ڪري ڪمائي جو سٺو ٺاهيو وي آهي۔ ته ڀيڻ ڳاله هي آهي ته سنڌ جي ڪلچر جي حفاظت ۽ رونمائي جي ٺيڪو ڪنهن به پنهنجي خرچ تي اڄ تائين نه کنيو آهي نه کڻندو۔ سو اها ميار سنڌي چئنل هلائينڙن تي به ن ڏجي۔ ڪنهن ۾ همت آهي ته گهر جا پئسا ڏيئي ويهي اجرڪ پاتل هيرو جو گج پاتل ناري سان معاشقو پنهنجي خرچ تي ڏيکاري۔ جڏنهن ڏسڻ وارو ڪوئي نه هُجي ۽ اشتهار ڳولئي نه مِلي۔

    تنهنڪري بهتر ٿيندو ته ماڻهن جو ذهن مٽيو۔ انهن ۾ سڄاڳي آڻيو۔ ماڻهو ڊرامن ۾ ڌاڙيل ڏسڻ بند ڪن ته ڊرامن مان ڌاڙيل هليا ويندا!
     
  5. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت جو ميمبر محمد امين سمون نئي ٽيلي فلم دونالي ۾ هيرو جي ڪردار ۾

    لغاري صاحب! سنڌي ميڊيا آهي ۽ (نه ميڊي) مُذڪر ۽ پلورل۔ خير! ڀا !اسان تنقيد برائي تنقيد نه پيا ڪريون پر اسان ان کي هڪ اصلاحي پاسي کان به پيا ڏسون ۽ سنڌي ذهنيتن کي ان ڏانهن ئي موڙڻ جي ڪوشش پيا ڪريون ۽ يقين سنڌ سلامت جو به اهوئي منشور، متو ۽ مقصد هوندوک نه ئي ڪو چئنلن يا ان جي ڊرامن جي ڀيٽ ڪرڻ اُهي ته ڪمرشيل ادارا آهن هڪ سُپر مارڪيٽ وانگر هر شي رکن ٿا ته جيئن وڪامجي ۽ ڪمرشيلز ملن پو اگهاڙپ ئي ڇو نه هُجي۔ بيشڪ اهي مذڪوره سڀ خاميون ، خوبيون هر شڪلين ۾ ۽ اسان ۾ پيڙهين سان هڪ اڻ ٽڙ بُخار وانگر اسان کي وڪوڙي ويون اهن ۽ بلآخر جي انت نه آيو ته اهو ڊينگي بُخار گهڻي ڀاڱي اسان جي موت سان ئي ٽرندو اهي جو هاڻ اسان جي رت جا سڀ سيل سُفيد ٿي پيا آهن حالات ته توهان ڏسو پيا نه اسان جو مُعاشرو دهونس، داداگيري، ظلم خود نمائي ۾ ڪاهجي پيو اهي۽ اسان ڀلي پاسي ڏانهن گهٽ ڇڪ پيا رکون جو مرڪز ثقل اسانکي پاڻ وٽ گهلي رهيو آهي۔

    پر ڇا ڪجي! ادب ۽ اديب جي اهائي تقاضا آهي ته ماڳ کي فطرت طرف موڙڻ جي ڪوشش ڪيون جيڪو يقينن مشڪل مرحلو آهي۔ پهرئين پئرا گراف ۾ جن ڊرامن طرف توهان ڏيک ڏنو اُن کي به ماڻهن ئي پسند ڪيو هو ۽ اڃا به ڪندا اچن جڏنهن اهو رپيٽ ٽيلي ڪاسٽ ٿئي ٿو۔

    رهي ڳالهه "دونالي" جي ته ادا ڊرامي جا ڪلپ ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ن جي سليڪشن ۽ انهن ڪردارن جي پرفارمنس ، ڪهاڻي جي ڪردارن جي سليڪشن جي ڀيٽ ۾ ۽ انهن کان ڪم وٺندڙن، ۽ ڪلپن جي ٽيڪنيڪلٽي ۽ منظرڪشي جي ايڊٽ پوائنٽس کي مد نظر رکندي ئي ۽ مُشاهدي ڪرڻ کان پو اسان سمجهيو ته هي يقينن شوقين دوستن جي ڪاوش آهي جيڪي هن فيلڊ ۾ اچي ڇائجڻ جو رُجهان رکن ٿا پو ڀلي ان ۾ مُهنجا سيئنيئر اداڪار دوست به ڇو نه هُجن، ۽ اسان ڀليڪار به ڪئي ته جيئن ٻيا دوست به اڳيان وڌي اچن ۽ ڇو جو يقينن هن ٽيلي فلم کي ڪمرشيل ۽ پروفيشنل طريقي سان نه ٺاهيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪمائي  جي مقصد ۽ سبب کان۔ الهائين جهولن جي ڪري ۽ شايد جي چينل تي موڪلجي به ها ته هو آن ايئر جي اپروول به نه ڏين آ۔ پر ظاهر آهي ته خرچ ٿيو ته هوندو، ان ڪري اسان شوقين دوستن کي عرض ڪيو ته شوق به پورو ڪيو ۽ اصلاحي پهلو به رکي قوم کي ڌاڙيلي ڪلچر کان پري ڪيو۔

    ادا سنڌ ۾ آرٽ تمام گهڻو آهي ۽ شدت سان پسند به ڪيو ويندو، مان سمجهان ٿو ته ڌاڙيل ڪلچر کي ڇڏي، آرٽ ٽيلي فلمون ٺاهي ۽ پيش ڪجن ته مارڪيٽ به ڪنديون ۽ ماڻهو پسند به ڪندا اسان پنهنجي آرٽ ڪلچر به خود ڪفيل آهيون۔ اسان وٽ ٿر آهي، جابلو علائقا آهن، اوڏ آهن، باگڙي آهن، ڪڇ اهي ڪولهي آهي مُختلف تاريخي پس منظر رکڻ واريو ذاتيون آهن، ولي آهن، بُزرگ اهن، ۾ذهب جو رُجهان اهي، شاه لطيف آهي، مورڙيو اهي، شهباز قلندر آهي، ڇا ڇا ناهي پر آهي ته اسان جو رُجهان ڌاڙيل تي ۽ اهو به هُن کي هيرو ڪري سامهون آڻڻ تي؟

    پورو مُڪمل سنڌ پراپس سان ڀريل آهي، سنڌي جوڌا اهن اسان انهن تي قلم کڻي ٽيلي فلمون ٺاهيون ته شوق به پورو ٿيندو، ماڻهو به پسند ڪندا، مارڪيٽ به ٿيندي ۽ ڪلچر جي ساراه پڻ ۽ قوم کي ڌاڙيل ڪلچر کان پري به ڪري سگهبو جنهن اسان کي دُنيا اڳيان بدنام ڪري ڇڏيو آهي، اسان وٽ ڌاڙيل ڪهڙن روپن ۾، آهن، وڏيرن جي روپ ۾، ڪمدارن جي روپ ۾، پوليس جي روپن ۾، بيوروڪريسي جي روپ ۾، آفيسرن جي رُوپ ۾، پو به ڌاريل ڪلچر؟

    پٿر دُنيا کي يا فاصلا کي پسند ڪيو ويو يا نه اهو بحث ناهي، اسان جي سنڌ به الاهين موڊن ۽ مستين واري آهي آهي، هر ٿلائقي جي ماڻهن جي پنهنجي سوچ ۽ مستي آهي ،جي پٿر دُنياکي اُترادين گهڻو پسند ڪيو ته يقينن لاڙين ان کي بلڪل پسند نه ڪيوهو ۽ ان تي اسان وٽ الاهي تنقيد ٿي ۽ پٿر دُنيا لاڙ ۾ ته ڏسندا ئي ڪونه هُئا اها هلي ايتري ڇو اها ان ڪري به ته اسان جي ڪي ٽي اين جي انتظاميه جو تقريبا" 90 سيڪڙو اترادين تي مُشتمل آهي ۽ انهن جي سوچ به ساڳي۔ان ڪري انهي سوچ سان اهو هليو ۽ آخر بور ٿي بند ٿي ويو۔

    جي فاصلا کي لاڙين ڪن حصن ۾ پسند ڪيو ته اُترادين کي بلڪل نه وڻيو يقين ڪريو ته فاصلا جي ڪهاڻي تي به هتي اعتراض ڪيو ويو جيڪا اسانجي مذهبي تهذيب جي خلاف هُئي۔ پر بحث اهو ته آهي ئي نه! اسان کي صرف هڪ نقطي ته ملي جُلي ڪم ڪرڻو اهي، هي اهو ته اسان ست هزار سال اڳ کان سنڌي قوم هڪ بهترين سولائيزڊ مُهذب قوم هُئي جنهنجا نشان موئن جي دڙي مان به ملن ٿا ته اسان ان تهذيب تي واپس اچون۔

    باقي جي اشو رُڳو وکر وڪڻڻ جو آهي ته پو ادا هتي ته مٽي به وڪجو وڃي دوکي ۽ دولاپن سان، مرچ، ڌاڻا به ملاوٽ سان وڪجي وڃن ٿا اسان ته تڏنهن ڌيان ڇڪايو جو اهو اسان جي سنڌ سلامت جي موضوع هيٺ هن پليٽ فارم تي آيو جنهن جو بُنيادي مقصد ڪاروبار يا وکر وڪڻڻ يا شوق پورو ڪرڻ نه پر سنڌين کي آگاهي ڏئي اُڀارڻ آهي ته جيئين هو سنڌ جي هر شي جو دفاع ڪري سگهن۔
     
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت جو ميمبر محمد امين سمون نئي ٽيلي فلم دونالي ۾ هيرو جي ڪردار ۾

    ادا هي ڳالهيون ورهائڻ واريون آهن نه ڪجن ته بهتر آهن۔ اڳي به دوست چون ٿا ته جيئن پاڪستان هڪ قوم ڪري ملڪ "اهيو ويو پر هاڻي 4 کان 5 قومون آهن ۽ هر قوم الڳ ٿي پنهنجي حساب سان پنهنجي رياست هلا؟ڻ چاهي ٿي۔ سو سڀاڻي سنڌ به الڳ ٿي ته اترادي ۽ لاڙي پنهنجي پنهنجي راءِ ڪري الڳ ٿيڻ جي ڳاله ڪندا۔ سو بهتر آهي ته انهي کي هتي ئي بند ڪجي۔

    باقي اوهان جي ڳاله وکر وڪڻڻ واري سان متفق آهين۔ صحيح ٿا چئو ته گند نه کپائجي۔ پر يار اسان الاءِ ڇو اها توقع سنڌي ميڊيا کان وڌيڪ ٿا رکون۔ پوءِ ڀلي پنهنجو ڀاءُ ئي نقلي دوائون ڇو نه ويٺو وڪڻي۔ بهرحال اوهان جي سوچ مثبت آهي۔ اسان جي به دعا آهي ته ماڻهن جو ذوق ۽ ٽيسٽ تبديل ٿيئي۔ ۽ هو اُهو پسند ڪن جيڪو سندن سُڃاڻ آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو