ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن

'مقالا' فورم ۾ khadim ghirano طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2011۔

  1. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    19 نومبر 2011ع
    ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن
    خادم گھراڻو
    هر ڪنهن جي پنهنجي ثقافت هوندي آهي دنيا ۾ جيڪي به قومون آهن انهن جي پنهنجي ثقافت آهي اهي انهيءَ ثقافت جي ڪري سڃاتا وينديون آهن جاپاني هجي روسي هجي آمريڪي هجي عرب هجي هر ڪنهن جي پنهنجي ثقافت هوندي آهي پر ڪي ملڪ اهڙا آهن جن جي اندر رهندڙ ماڻهن جي پنهنجي صوبي يا علائقي جي ثقافت هوندي آهي جنهن سان خبر پوندي آهي ته هيءُ ڪير آهي . جنهن وٽ ثقافت نه آهي اهو ائين آهي ثقافت اسان جو سرمايوآهي . اسان جو صوبو سنڌ آهي سنڌ هڪ قديم ديس آهي هن جي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ثقافت آهي جنهن جو دنيا ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي . سنڌ صوبي جي باري چون ٿا ته ٻه هند ۽ سند حضرت نوح عليه السلام جا ٻه پٽ هئا جن جي نالن سان هڪ ملڪ هند سڏيو ٻيو سنڌ سڏيو سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيل آهي ڌرتيءَ جي علم جا ڄاڻو چون ٿا ته نهايت قديم زماني ۾ اتر هندستان وارو پاسو گھڻو ڪري سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو پوءِ سمنڊ پري هٽي ويو زمين ظاهر ٿي هن اهو حوالو ايم بي پٿاولا جي ڪتاب مارويلس آف دي ارٿ صفحي 51 تان ڏنو آهي مسٽر واديا سيولاجي آف انڊيا صفحي 5 جو به حوالو ڏنو آهي هن جي چوڻ موجب جن هن زمين کي آباد ڪيو انهن جا لاش موئن جي دڙي مان لڌا آهن اها ڳالهه هن آرڪيالاجي جي ماهر سر جان مارشل جي باري ۾ لکي آهي ته هن اهو ذڪر پنهجي ڪتان موئن جو دڙو ۾ ڄاڻايو آهي .سنڌ اسان جي قديم آهي جنهن جا چٽا آثار موئن جي دڙي مان مليا آهن سنڌي قديم قوم آهي جنهن جي پنهنجي ثقافت آهي دنيا اڄ ترقيءَ تي آهي اها ترقي ڦيٿي جي ڪري ٿي آهي دنيا ۾ پهريون دفعو ڦيٿو سنڌ وارن ئي ٺاهيو هو جنهن جو ثبوت موئن جي دڙي مان مليل بيل گاڏي آهي . اڄ دنيا ڪپڙي جي صنعت ۾ اڳتي آهي ڪپڙي جي لاءِ اهم فصل ڦٽي آهي جنهن جي باري ۾ سڪندر اعظم چيو هو ته هتي ته وڻن ۾ به چاندي ٿئي ٿي ڪپهه کي چاندي جي تند چيو ويندو آهي . اسان سنڌين جي پنهنجي ٻولي آهي جيڪا پياري ٻولي آهي جنهن ٻولي ۾ شاعرن جو سرتاج شاھ عبداللطيف ڀٽائي آهي مصري شاھ ، شيخ اياز ،قائم شاھ بخاري . ميون شاھ عنايت رضوي ، سچل سرمست وغيره عظيم شاعر پيدا ٿيا آهن هن ڌرتيءَ تان عظيم شاعر جنم وٺي رهيا آهن اسان سنڌ واسين جو پنهنجو خوبصورت لباس آهي . اجرڪ اسان جو شان آهي اسان جو مان آهي اجرڪ ائين آهي جيئن گل آهي گل ڏک سک ۾ گڏ آهي اجرڪ به ڏک سک ۾ گڏ آهي اجرڪ اسان جي قديم آهي جنهن جا نشان موئن جي دڙي مان مليا آهن ڪنهن جي شادي هجي يا ڪو مهمان اچي اسين ان کي عزت ڏيڻ جي لاءِ اجرڪ ڍڪائيندا آهن جيڪڏهن ڪنهن جي سام ڏيڻي هجي ته اسين اجرڪ ڏيندا آهيون اجرڪ اهڙو لباس آهي جيڪو اکين کي راحت دل کي سڪون ڏئي ٿو اجرڪ ۾ ماڻهو خوبصورت لڳندو آهي . اجرڪ اسان جي ڪافي شهرن ۾ نصرپور مٽياري ٽنڊو محمد خان وغيره ۾ ٺهندي هئي ۽ ٺهي رهي آهي جديد مشين تي اجرڪ آئي آهي پر اسان جي اصل اجرڪ وري به سهڻي اجرڪ آهي اسان جي سنڌي ٽوپي جنهن جي اڳيان محراب وارو نشان ڏاڍو خوبصورت لڳندو آهي ٽوپي اسان جي پڳ آهي اسان جي عزت آهي اسان جي ٽوپي جيڪو پائيندو اهو خوبصورت لڳندو آهي شادين ۾ اجرڪ ۽ ٽوپي جو استعمال گھڻو ٿيندو آهي انهن کان سواءِ ڄڻ شادي بي رونق ٿيو وڃي . اسان جو سنڌي لباس عظيم لباس آهي جنهن سان اسان جي سڃاڻپ آهي جيڪڏهن سنڌي ڪپڙا پهريل هجن ڪلهي تي اجرڪ هجي مٿي تي ٽوپي هجي هٿ ۾ ڪهاڙي هجي ته ڪيڏو سهڻو لڳندو آهي اسان جو سنڌي ان لباس ۾ .جتي اسان جي ثقافت جو حصو اسان جي ٽوپي اجرڪ ڪهاڙي ۽ پٽڪو آهي اتي اسان جي ثقافت جو حصو گربي کيس کاڌي به آهي اڳ سنڌي عورتون گربي پائينديون هنيون پر هاڻ ان جو استعمال گھٽ آهي اسان کي گربي کي زنده جاويد رکڻو آهي اها اسان جي ثقافت جو حصو آهي کيس به اسان جي ثقافت جو حصو آهي ڪنهن دور ۾ ٺٽي ۽نصرپور ۾ ڪورين جا گھر هئا جيڪي اهو ڪم ڪندا هئا ايسٽ انڊيا سنڌ جو ڪپڙو گربي کيس کاڌي ململ موٺڙُو وغيره ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليندي هئي ان وقت نصرپور گمبٽ ڪنڊيارو درٻيلو ڪپڙي جي صنعت ۾ مشهور هوندا هئا . رلي به اسان جي ثقافت جو حصو آهي رلي ڀرت جو اهڙو قسم آهي جيڪو دنيا ۾ سنڌين کان سواءِ ٻيو ڪير ٺاهي نٿو سگھي هن ۾ ڪٽ ۽ ڪور سان اهڙيون ته سهڻيون ڊزائيون ٺاهيون وينديون آهن جو ماڻهو ڏسڻ سان دنگ رهجي ويندو آهي هيءُ ڀرت جو هڪ اعلى قسم آهي هيءُ اهو ڀرت جو قسم آهي جيڪو اسان جي سنڌ جي هر سنڌيءَ جي گھر ۾ ٿئي ٿو ، رلي جو هنر ڪو گھر هوندو جتي اهو هنر نه ٿيندو هوندو ، سنڌي اڳٺ ۽ پٽاڙ به اسان جي سنڌ جي ڀرت جو هڪ قسم آهي ڀرت جا ٻيا به اعلى قسم آهن جيڪي اسان جي ثقافت جو حصو آهن . سنڌي سهرا هو جمالو ۽ همرچو به اسان جا سنڌي راڳ آهن اهي سنڌ جي ثقافت جو حصو آهن جديد دور ۾ جتي شادين مرادين ۾ انڊيا جا گانا جڳهه والاري ويا آهن پر سنڌين جي گھرن ۾ وري به رونق سنڌي سهرن سان ئي آهي جتي خوشي جو ڪاڄ هوندو اتي سنڌي سهرا هوندا اهي به اسان جي ثقافت جو حصو آهن انهن کي ن ڇڏيون چار ڊسمبر اسان جي ثقافت جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي گذريل سال به اهو ڇهه ڊسمبر تي ملهايو ويو هو سنڌ اسيمبلي هن ڏينهن ملهائڻ جي قرا داد منظور ڪئي هئي هن ڏينهن کي هر سال ملهايو ويندو . هن ڏينهن کي قومي ڏينهن جو درجو ڏنو وڃي اسان سال جي ڪئلنڊر ۾ ڏسنداسين هر ڏينهن تي ڪونه ڪو ڏينهن ملهايو وڃي ٿو ان نموني هر سال چار ڊسمبر تي ثقافتي ڏينهن ملهايو وڃي هيءُ ڏينهن دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اهي شاندار نموني ملهائي رهيا آهن اهي پنهنجي ٻولي ثقافت کي زنده جاويد رکي رهيا آهن اسان جيڪي به سنڌي آهيون هن ڏينهن کي عيد جي ڏينهن وانگر شاندار نموني ملهايون اهو ڏينهن اسان جي جيون جو ڏينهن آهي اسان جي سڃاڻپ جو ڏينهن آهي هن ڏينهن تي اسان پنهنجي ثقافتي ورثي کي زنده رکڻ جو وچن ڪريون هر قوم جو جياپو ان جي ثقافتي ورثي سان هوندو آهي اسان پنهنجي سنڌي ثقافت کي قائم دائم رکون اسان سنڌي ٽوپي اجرڪ پايون . رڳو هن ڏينهن تي نه پر آئون چوندس ته هر وقت اسان جي مٿي تي سنڌي ٽوپي هجي جيڪا اسان جي ثقافت آهي اسان جي سڃاڻپ آهي سنڌي لباس پايون . اسان کي هن سال به هيءُ ڏينهن شاندار نموني ملهائڻ گھرجي جتي به هجون پنهنجي ثقافتي ڏهاڙي کي اهڙي نموني ملهايون جو دنيا وارن جون اکيون کلي وڃن انهن کي ڏندين آڱريون اچي وڃن اسان جي ثقافت اسان جي پهچان آهي اسان پنهنجي ثقافت سان ئي دنيا ۾ سڃاتا ويندا آهيون ، واهڻ واهڻ وستي ۾ هر ماڳ مڪان تي سنڌي ٽوپي اجرڪ هجي سنڌي ڀرت وارا ڪپڙا هجن مون محسوس ڪيو آهي ته ننڍڙن ٻارن ۾ وڏو جذبو آهي انهن هن ڏينهن کي ملهائڻ جي لاءِ ائين تياري ڪئي آهي جيئن عيد جي تياري ڪبي آهي اسان سنڌين جي لاءِ هيءُ عيد جو ڏينهن آهي هن ڏينهن تي جتي نظر ويندي اتي اسان کي سنڌي ٽوپي اجرڪ نظر ايندي . اسان کي پنهنجي ثقافت کي هميشه جي لاءِ زنده رکڻو آهي سنڌي ماڻهو ڪڏهن به پنهنجو ثقافتي ورثو نه ڇڏيندو اسان جي ڳوٺ جو هڪ نوجوان برطانيه ۾ جڏهن هڪ پروگرام شهزادي چارلس مليو هو ته ان کي وقت سنڌي ٽوپي اجرڪ پاتل هئي جنهن سان هن پنهنجي سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪيو شهزادي چارلس کي به اجرڪ جو تحفو ڏنو دنيا ۾ جتي به سنڌي آهن اتي سنڌي ٽوپي اجرڪ سنڌي لباس هوندو . جيڪو اسان جي سڃاڻپ آهي . اسان هن ڏينهن کي تمام شاندار نموني ملهايون ،هن کي دنيا جي عالمي ڏينهن جي چارٽ ۾ به شامل ڪرايون جيئن ٻين ڏينهن وانگر هيءُ ڏينهن به هر سال ملهايو وڃي ،اڄ هن ڏينهن تي جيڪي به پروگرام ٿي رهيا آهن اهي شاندار نموني سان ٿي رهيا آهن جنهن سان دنيا کي خبر پوندي ته سڀ سنڌي هڪ آهن اهي ڪڏهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي وساري نٿا سگھن سنڌ جي ثقافت هزارين سال قديم ثقافت آهي جن وٽ ثقافت آهي اهي ئي دنيا ۾ قومون زنده آهن اسان کي پنهنجي سنڌي ٻولي هر هنڌ ڳالهائڻ گھرجي شاھ جي رسالي کي پڙهڻ گھرجي جيڪو اسان جو وڏو سرمايو آهي . اسان هيءُ ڏينهن هر سال ملهائيندا رهون سنڌي ثقافت جا ميلا مچائيندا رهون . آئون انهن کي جس ڏيان ٿو جن هن ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو پوري سنڌ ان جي حمايت ڪئي اسان سنڌين جي ثقافت جو شاندار ڏينهن ملهائجي رهيو آهي هر سنڌي کي هيءُ تاريخ دل ۾ هنڊائي ڇڏڻ گھرجي ته هر سال هن تاريخ تي اسين سڀ سنڌي پنهنجي ثقافت جو ثقافتي ڏينهن ملهائيندا رهنداسين .
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن

    سنڌي ثقافت تي ننڍو ئي صحي پر مڪمل مضمون لکي اسانجي سڄڻ دوست خادم گهراڻي، سنڌيت جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۔۔۔ مختصر ۽ جامع معلومات سان ٽمٽار هي مضمون سنڌ سلامت جي زينت بڻيو ته ڄڻ اسانجي هن موچاري اوطاق جو آسمان چمڪي اٿيو آهي ۔۔۔۔ سلام انهن دوستن کي جيڪي سنڌ ۽ سنڌيت جو مان مٿاهون رکنٿا ۽ قومي فرض نڀائن ٿا ۔۔۔

    اميد ته اسين سڀ سنڌي پنهنجا ويڇا وساري ايڪتا ڏينهن ۽ ثقافتي ڏينهن ملهائي پنهنجو فرض ادا ڪنداسون ۽ دوست خادم گهراڻي جي ڳالهه کي مان ڏيندي دنيا کي باور ڪرايون ته سنڌي هڪ تاريخي ۽ ثقافتي رنگن سان سنواريل قوم آهي ۔۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. فقير بخت شر

    فقير بخت شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    جواب: ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن

    سائين خادم گھراڻي جي فائديمند معلومات ڏيڻ جي مهرباني
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن

    تمام سهڻو مضمون

    سنڌ سدائين آباد رهندي۔ اسان کي پنهنجي ثقافت کي پاڻ اجارڻو پوندو نه ته ٽيڪنالاجي جي هي دنيا گهڻو ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندي۔ سڀ سنڌي هڪ هوندا پر سچ پڇو ته هي ايڪتا وري ايڪتا ناهي رهي۔ هن الڳ پروگرامن سچ ته منجهائي وڌو آهي۔
     
  5. khadim ghirano

    khadim ghirano
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    118
    ورتل پسنديدگيون:
    118
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    نصرپور سنڌ
    جواب: ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن

    سڀني ساٿين جي مهرباني جن منهنجي ڪاوش کي پسند ڪيو
     
  6. Mohammad Jan Balooch

    Mohammad Jan Balooch
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏15 مارچ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    لڪي آٽو سينٽر پير پکڙوئي لعل
    ماڳ:
    پير پکڙوئي لعل پوسٽ آفيس يارو لنڊ تعلقو مير پور ما
    جواب: ثقافتي ڏينهن سنڌين جي جيون جو ڏينهن

    [SCRIBD][/SCRIBD]
    پي ايچ پي:
    ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي تمام ڏاڍي خوبصورت تحرير آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو