يوسف ثاني

'تعارف' فورم ۾ يوسف ثاني طرفان آندل موضوعَ ‏30 نومبر 2011۔

  1. يوسف ثاني

    يوسف ثاني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 نومبر 2011
    تحريرون:
    26
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسلام عليڪم منهنجو نالو يوسف ثاني آهي۔ آئون ، ڪراچي ۾ رهندو آهيان۔
    مهرباني
     
  2. يوسف ثاني

    يوسف ثاني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 نومبر 2011
    تحريرون:
    26
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: يوسف ثاني

    قرآن جو پيغام

    [​IMG]

    ۽ الله جي رسيءَ (قرآن) کي سڀئي چنبڙي وٺو ۽ ڌار ڌار نه ٿيو. (سورة آل عمران -103)
    منهنجو پيغام ماڻهن تائين پهچايو، توڙي هڪ آيت ئي هجي. (صحيح بخاري، ڪتاب الانبياء)

    انتساب جو شرف
    رحمة للعالمين حضرت محمد ﷺ جي نالي،
    جنهن تي قرآن مجيد نازل ٿيو، هن اُميد سان ته
    محشر جي ڏينهن پا ڻ سڳورنﷺ جي هٿان
    آب ڪوثر نصيب ٿيندو. انشاءَ الله تعالى


    ڪتاب جو نالو : قرآن جو پيغام (سنڌيءَ ۾ قرآن جي موضوع وار ورڇ)
    مؤلف : يوسف ثاني (چيف ايڊيٽر: پيغام قرآن ڊاٽ ڪام )
    سنڌي ترجمو : حضرت مولانا تاج محمود امروٽي
    منظور ٿيل : شاهه فهد قرآن پرنٽنگ ڪمپليڪس، مدينه منوره،
    ايڊريس : پيغام قرآن پبليڪيشن، پوسٽ باڪس نمبر 12207
    ڊفينس اٿارٽي، ڪراچي- 7500 - پاڪستان
    اي ميل : yousufsani@hotmail.com;
    ڇاپو : جنوري 2012ع...: 480 صفحا... قيمت : -/250رپيا


    ’قرآن جو پيغام‘ جا سڀ حق ۽ واسطا پڙهندڙن جي نالي محفوظ آهن.
    ڇپائڻ ۽ ورهائڻ جي عام اجازت آهي.


    پيغامِ قرآن پبلي ڪيشنز، ڪراچي
     
  3. يوسف ثاني

    يوسف ثاني
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 نومبر 2011
    تحريرون:
    26
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: يوسف ثاني

    قرآن ۽ مسلمان
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمة الله سرود سرراڳ ۾ قرآن جي سکيا ڏيندي فرمائين ٿا ته :
    ڪوڙين ڀالَ ڪريمَ جا ڪَر سهسين شڪرانا
    فَا ذ ڪُـرُوْ نِـيْ اَذڪُر ڪُم ڪَهي قُرآنا
    واشڪُرُوْ ا ليِ وَلا تڪفرون ڪَڍ تون ڪُفرانا
    حمدُ چئو حڪيمَ کي ، جورَ هَڻِي جانئا
    مسلمانن جي ترقيءَ ۽ پَستيءَ جي ڪَٿا وري علامه اقبال رحمة الله هن طرح بيان ڪئي آهي ته قرآن تي عمل ڪندڙ مسلمان پوري دنيا ۾ مانَ وارا هئا، پر قرآني قانونن کي ڇڏڻ سبب اهي پوري دنيا ۾ ذليل ۽ خوار بڻيا. مطلب ته جيستائين مسلمان هڪ قوم جي حيثيت سان قرآن تي عمل ڪندو رهندو ته کيس دنيا ۾ ترقي ملندي رهندي. دنيا جون مڙئي قومون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻيا علم سکڻ لاءِ مسلمان ملڪن جي درسگاهن ڏانهن ائين ڪَهي اينديون هيون، جيئن اڄ جا مسلمان هن دور جا علم ۽ فن سکڻ لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ويندا آهن. مسلمانن جي انهيءَ ترقيءَ جي دور ۾ اڄ جو ترقي يافته يورپ اونداهين ۾ ٻُڏل هو، جنهن کي هو پاڻ به ”اونداهون دور“ جي نالي سان ياد ڪري ٿو. مسلمانن جو زوال ان وقت کان شروع ٿيو، جڏهن اهي قرآن کان پري ٿيندا ويا. ان جي اُبتڙ اها به حقيقت آهي ته مغربي قومون انهيءَ وقت تائين اونداهين ۾ ٻُڏل رهيون، جيستائين هو پنهنجي مذهب سان ڳنڍيل رهيون، پر جڏهن هنن پنهنجي اڻپوري مذهب کي دنيائي معاملن کان الڳ ڪيو ته هو ترقي ڪنديون رهيون. انهن کي ڏسندي اسان مسلمانن به پنهنجن دنيائي معاملن کي پنهنجي دين کان الڳ ڪري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اسان جي آڏو آهي. اسين ويتر پنهنجي دين کان پري ٿيندا وياسين ۽ زوال جي اونهي کڏ ۾ ڪرندا وياسين. انهيءَ ڪري هن ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته اسين مسلمان قوم هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجا مڙئي ناتا قرآن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪريون.
    اسين مسلمان توڙي ڪهڙي به مسلڪ سان واسطو رکندا هجون، قرآن تي ضرور ايمان رکون ٿا. اسين صبح شام قرآن ته پڙهندا آهيون، پر عربي نه ڄاڻڻ سبب انهن کي سمجهي نٿا سگهون. ”قرآن جو پيغام“ کي انهيءَ ڪري ڇپايو ويو آهي ته جيئن عام مسلمان پڻ قرآن ذريعي اسلام جي اصل روح کي پروڙي سگهن. اهو چوڻ بلڪل غلط آهي ته قرآن کي سمجهڻ هرهڪ مسلمان جي وس جي ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جو فرمان آهي: بيشڪ اسين هن قرآن کي نصيحت لاءِ آسان بڻايو آهي، پوءِ آهي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟ (القمر: 17) الله تعاليٰ نبي ڪريم ﷺ کي سموري انسانيت لاءِ استاد بڻائي موڪليو آهي. صحابہ ڪرام پاڻ سڳورن ﷺ کان ئي دين سکيو. انهيءَ ڪري اسان به قرآن ۽ حديث ذريعي اسلامي علم سکي سگهون ٿا. ”قرآن جو پيغام“ ٻين ترجمن ۽ تفسير جي مقابلي ۾ پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هن ۾ هر سيپاري جي مڙني آيتن کي مختلف پيرائن ۾ ورڇي، ننڍا عنوان قائم ڪيا ويا آهن ۽ سيپاري جي شروع ۾ اهڙن سمورن عنوانن جي فهرست پڻ ڏني وئي آهي. هر پئراگراف جي آخر ۾ سورت ۽ آيت جو حوالو پڻ لکيو ويو آهي، ته جيئن ڪنهن آيت جو مطلب سمجهه ۾ نه اچي ته ان حوالي سان قرآن جي اصل عربي متن کي ڏسي ان جو ترجمو ۽ تفسير پڙهي سگهجي يا ڪنهن عالم سان رجوع ڪري سگهجي. عربي متن نه هئڻ سبب هن کي وضوءَ کان سواءِ پڻ دفتر ۾، گهر ۾ يا سفر دوران آسانيءَ سان پڙهي سگهجي ٿو.
    آخر ۾ پڙهندڙن کان گذارش آهي ته هن ڪتاب ۾ جيڪڏهن ڪٿي پروف جي ڪا غلطي نظر اچي ته اسان کي آگاهه ڪن ته جيئن ان کي ايندڙ ڇاپي ۾ درست ڪري سگهجي. ”قرآن جو پيغام“ جي ڇپائيءَ کان پوءِ انشاءَ الله تمام جلد ”حديث جو پيغام“ پڻ شايع ٿيندو. واضح رهي ته هنن ٻنهي ڪتابن جو اردو ڇاپو اڳ ۾ ئي ڇپجي چڪو آهي ۽ انهن جي انگريزي ڇاپي تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. دنيا ۾ مسلم امت جي ڪاميابي، آخرت ۾ جهنم کان ڇوٽڪاري ۽ جنت ۾ داخلا جو دارومدار قرآن کي سمجهي پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ پوشيده آهي. ڌڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان سڀني کي قرآن پڙهڻ، سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: يوسف ثاني

    يوسف ثاني صاحب کي اڱڻ تي ڀليڪار۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: يوسف ثاني

    مانواري سائين يوسف ثاني صاحب کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔سنڌ سلامت انٽر نيٽ تي سنڌي ٻوليء جي ترقي پرچارڪ لاء ڪوشان آهي۔

    اوهان جون الله پاڪ جي پاڪ ڪتان قرآن ۽ ان جي سمجهاڻي ۽ پيغام بابت خدمتون قابل تعريف آهن۔ ميد ته اوهان پنهنجي خوبصورت لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ اسان جي ڄاڻ ۾ به اضافو ڪندا۔

    [​IMG]
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: يوسف ثاني

    چيف ايڊيٽر، ”پيغام قرآن ڊاٽ ڪام“ ۽ ”قرآن جو پيغام“ جي مؤلف يوسف ثاني محترم کي سنڌ سلامت جي سهڻي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

    سهڻا سائين محترم يوسف ثاني صاحب، اوهانجي ڪيل ڪم جو اجورو ته رب پاڪ وٽ آهي، انسان جي هٿ ۾ ڪجهه به ناهي سوا تاعيد يا تعريف ڪرڻ جي، سڀ تعريفون ان رب العالمين جون جنهن هي جهان ٺاهي ان ۾ انسان کي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو ۔۔۔ اوهان جهڙا انسان جڏهن نظر ايندا آهن ته انسان جي خليفي ٿيڻ وارو مقصد پورو ٿيندي نظر ايندو آهي ۔۔۔ جزاڪ الله

    جيتوڻيڪ اوهانجو تاليف ٿيل ڪتاب ” قرآن جو پيغام“ اسانجي هٿن ۾ ناهي پر اوهانجي محنت ۽ اوهانجي خيالن مان خبر پوي ٿي بيشڪ ڪتاب صراط المستقيم جي طرف رهنمائي طرف هڪ سهڻو قدم هوندو ۔۔۔ رب العالمين ور ور ڪري چيو آهي ته قرآن شريف کي مون آسان ۽ انساني سمجهه مطابق خلق ڪيو آهي ته جيئن انسان سڌي ۽ رباني راهه طرف رهنمائي حاصل ڪري ۔۔۔

    حضرت علي ڪرم الله وجهه جو هڪ قول جو متن ڪجهه هن طرح سان آهي ته؛ انسان الله سان ڳالهائي به سگهي ٿو ته ۽ رب کي ٻڌي به سگهي ٿو، نماز پڙهڻ وقت انسان الله باري تعالا سان ڳالهائي ٿو ۽ قرآن پڙهڻ وقت الله جل جلاله انسان سان ڳالهائي ٿو ۔۔۔“

    رب العالمين اسانکي رب جي آواز ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين

    اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا مونتي ماروئڙن جا، ڀلايون ۽ ڀيرا ڳڻي ڳڻبا ڪيترو ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: يوسف ثاني

    سائين يوسف ثاني صاحب کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون ۔۔۔۔۔۔۔۔تمام بهترين ڪم آهي توهان جو اميد ته اهي ونڊ جاري رهندا

    [​IMG][/center][/img]
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: يوسف ثاني

    محترم يوسف ثاني جي دل جي گهرائين سان آجيان ڪري کيس ڀليڪار ٿا چئون اميد ٿا ڪريو ته سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ سندس لکڻين سان جرڪي پوندو ۔اسان کي ادا يوسف ثاني کان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو ملندو۔ڀلي ڪري آيا ادا۔
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: يوسف ثاني

    سائين يوسف ثاني صاحب سڀ کان پهريائين ته اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائڻ ڪرڻ تي ڀليڪار ٿا چئون

    سائين ثاني صاحب توهان جو ڪم ڏسي اصل دل خوش ٿئي وئي

    جزاڪ الله ادا

    سدائين گڏ
     
  10. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: يوسف ثاني

    سائين يوسف ثاني صاحب اسلام عليڪم۔ادا اسان توهان کي هن پيار ڀرئي اوطاق جو ميمبر ٿيڻ تي لک لک واڌيون ٿا ڏيون ۽ ان سان گڏ ڀليڪار ٿا چئون اسان کي يقين آهي ته سنڌ سلامت جو هي محبتي اڱڻ توهان جي لکڻين سان جرڪي پوندو ۔سائين اڳ ۾ ئي ڪتاب ”قرآن جو پيغام“ لکي هڪ تمام نيڪ ڪم ڪيو آهي۔ بيشڪ جن ماڻهن به قران شريف چڳي طرح سمجهي ان کي ٻين کي سمجهايو ۽ قران شريف ۾ ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو انهن کان جنت پري نه آهي۔ادا هميشه خوش رهو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو