انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نئين ويب سائيٽ

'ويب سائيٽس' فورم ۾ فهد حسين ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 جنوري 2012۔

  1. فهد حسين ميمڻ

    فهد حسين ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2012
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ساٿين کي سلام

    ساٿيو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران انسائيڪلوپيڊيا جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا ويا آهن، چوٿون جلد تياريءَ جي مرحلن ۾ آهي، جيڪو پڻ جلد ئي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو، گڏو گڏ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ويب سائيٽ http://www.encyclopediasindhiana.org تي رکي وئي آهي۔ اوهان سڀني علم دوست ساٿين کي اپيل ڪجي ٿي ته جيئين ته هي پراجيڪٽ هڪ وڏي ماپ وارو پراجيڪٽ آهي، ان لا وقت به وقت پنهنجن راين کان آگاهه ڪندا رهو، گڏ ئي جيڪڏهن اوهان وٽ ڪو مواد آهي يا توهان نمائندگي چاهيو ته پڻ هن پراجيڪٽ ۾ شموليت حاصل ڪرڻ لا اداري سان لهه وچڙ ۾ اچو۔ هن سائيٽ تان ڀيرو ڀرڻ لا ائڊوانس ۾ مهرباني،

    نيڪ تمنائن سان
    فهد حسين ميمڻ
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نئين ويب سائيٽ

    ادا فهد ميمڻ، اوهانکي واڌايون هجن جو اوهان اهڙي سهڻي اداري ۾ ڪم ڪيو ٿا، جنهن وٽ علم ۽ علمي کوجنا جو ادارو هجي ته ان کان وڌيڪ خوشنصيبي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ۔۔۔ ٻي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه ته سنڌيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا جو جڙي راس ٿيڻ اسان قوم لئه هڪ تحفو ۽ خوشخبري آهي، انکان وڌيڪ خوشي ان ڳالهه جي ته اها انسائيڪلوپيڊيا هاڻ آنلائين به موجود آهي، جنهن مان اسان جهڙا پرديسي پڻ مستفيض ٿي سگهندا ۔۔۔

    جزاڪ الله خئير ۔۔۔

    تمام سهڻو ڪم ٿيل آهي ۽ اميد ته اڃان جيئن جيئن معلومات ملندي ويندي ۽ وقت سان گڏ واڌارو ٿيندو رهندو تيئن تيئن هي انسائيڪلوپيڊيا ڪارائتي ٿيندي رهندي ۔۔۔ منهجي لئه ته احترام ۽ خوشي ان ڳالهه جي به ته منهنجي استاد محترمه فهميده ميمڻ پڻ ان اداري جي سربراهه جي حيثيت سان ڪم ڪري رهي آهي ۔۔۔ محترمه فهميده هڪ استاد جي حيثيت سان اسانجي پسنديده شخصيت هئي ۔۔۔

    سنڌ سلامت اوهانجي ٿورائتي آهي جو اهڙو سهڻو ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نئين ويب سائيٽ

    تمام بهترين ونڊ آهي سنڌي ۾ ويب سائيٽو ڏسي تمام خوشي ٿئي ٿي پر جيڪڏهن هيڙيون سٺيون ويب سائيٽون پبلش ٿيندو ته اسان جي تاريخ کي اليڪٽرونڪ آئي پاڊ تي به مقبوليت ملندي ۽ اسانجي ٻولي تمام ترقي ڪندي
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي نئين ويب سائيٽ

    سائين مهربانيون

    سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي وارن کي لک شاباسون هجن جن هي اهم ڪم ڪيو آهي۔ ٻه هفتا اڳ جڏهن تاج جويو صاحب سان ڪراچي ۾ ڪچهري ٿي ته انسائيڪلوپيڊيا تي به گهڻو حال احوال ٿيو هو۔ مون کين عرض ڪيو هو ته اوهان انسائيڪلوپيڊيا جي سڀني جلدن کي سي ڊي تي به آڻيو ۽ ويب سائيٽ تي به آنيو۔ پاڻ چيو هين ته ويبسائيٽ تي ڪم ٿي چڪو آهي باقي سي ڊي به جلد آڻينداسون۔

    هي هڪ ڏکيو ۽ اهم ڪم آهي جيڪو فهميده حسين ۽ تاج جويو جي ٽيم سر انجام ڏئي رهي آهي۔ اميد ته حڪومت هن اهم پراجيڪٽ کي پورو ڪرڻ لاء لينگيوئيج اٿارٽي کي وڌيڪ فنڊ فراهم ڪندي۔ هن اهم پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ هر ٽيم ميمبر کي سلام ۽ اسان پاران واڌايون۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو